Get Adobe Flash player

1_ڀلي ۽ بري صحبت جو اثر.

مَنْ جَالَسَ الْعُلَمَاءَ وُقِّرَ وَ مَنْ خَالَطَ الْأَنْذَالَ حُقِّر.[1]

جيڪوانسان علماء سان ويهي ٿو سو عزت وارو۽ جيڪو برن ماڻهن سان ملندو سو خوار ٿيندو

2_ امام رضا (ع) جي زيارت جو ثواب.

سَيُقْتَلُ رَجُلٌ مِنْ وُلْدِي بِأَرْضِ خُرَاسَانَ بِالسَّمِّ ظُلْماً اسْمُهُ اسْمِي وَ اسْمُ أَبِيهِ اسْمُ ابْنِ عِمْرَانَ مُوسَى ع أَلَا فَمَنْ زَارَهُ فِي غُرْبَتِهِ غَفَرَ اللَّهُ ذُنُوبَهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْهَا وَ مَا تَأَخَّرَ وَ لَوْ كَانَ مِثْلَ عَدَدِ النُّجُومِ وَ قَطْرِ الْأَمْطَارِ وَ وَرَقِ الْأَشْجَار.[2]

منهنجي اولاد منجهان هڪ شخص کي خراسان ۾ زهر سان شهيد ڪيو ويندو،سندس نالو منهنجي نالي جهڙو هوندو،سندس والد جو نالو عمران جي پٽ موسي جي نالي جهڙو هوندو، ڄاڻي وٺو ته جيڪو به سندس غربت جي عالم ۾ ان جي زيارت ڪندو ته خدا ان جا اڳيان ۽ پويان سڀئي گناهه معاف ڪري ڇڏيندو جيتوڻيڪ اهي آسمان جي تارن جي، بارش جي قطرن ۽ وڻن جي جي برابر ئي ڇو نه هجن.

3_قرآن چئن حصن ۾ نازل ٿيو آهي.

نَزَلَ الْقُرْآنُ أَرْبَاعاً رُبُعٌ فِينَا وَ رُبُعٌ فِي عَدُوِّنَا وَ رُبُعٌ سُنَنٌ وَ أَمْثَالٌ وَ رُبُعٌ فَرَائِضُ وَ أَحْكَامٌ وَ لَنَاكَرَائِمُ الْقُرْآنِ.[3]

قرآن کي چئن حصن ۾ نازل ڪيو ويو آهي: (جن منجهان) هڪ حصو اسان جي باري ۾ آهي، هڪ حصو اسان جي دشمنن جي باري ۾ آهي، هڪ حصي ۾ سنتون ۽ مثال آهن ۽ هڪ حصو فريضا ۽ احڪام آهن،. قرآن جي سڀ کان بهترين ۽ افضل ترين حصي جو تعلق اسان سان آهي.

4_پنجن وقتن ۾ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن.

يُفْتَحُ أَبْوَابُ السَّمَاءِ فِي خَمْسِ مَوَاقِيتَ عِنْدَ الْغَيْثِ وَ عِنْدَ الزَّحْفِ وَ عِنْدَ الْأَذَانِ- وَ عِنْدَ قِرَاءَةِ الْقُرْآنِ وَ عِنْدَ الزَّوَالِ وَ عِنْدَ طُلُوعِ الشَّمْس.[4]

پنج وقت اهڙا آهن جن ۾ آسمان جا در کوليا ويندا آهن: برسات پوڻ جي وقت، ڪافرن سان جنگ جي وقت، آذان جي وقت، قرآن جي تلاوت وقت ۽ زوال جي وقت يا سج اڀرڻ جي وقت.

5_محبوب ترين عمل ۽ افضل ترين عبادت.

أَحَبُّ الْأَعْمَالِ إِلَى اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ فِي الْأَرْضِ الدُّعَاءُ وَ أَفْضَلُ الْعِبَادَةِ الْعَفَاف.[5]

زمين تي خدا جي نزديڪ سڀني عملن کان بهترين ۽ وڻندڙ عمل دعا آهي ۽ افضل ترين عبادت عِفت ۽ پاڪدامني آهي.

6_فقيه  انبياء جا وارث آهن.

تَفَقَّهْ فِي الدِّينِ فَإِنَّ الْفُقَهَاءَ وَرَثَةُ الْأَنْبِيَاء.[6]

دين ۾ تفقه اختيار ڪر ڇو جوفقيه انبياء جا وارث آهن.

7_سنت جا ٻه قسم آهن.

السُّنَّةُ سُنَّتَانِ سُنَّةٌ فِي فَرِيضَةٍ الْأَخْذُ بِهَا هُدًى وَ تَرْكُهَا ضَلَالَةٌ وَ سُنَّةٌ فِي غَيْرِ فَرِيضَةٍ الْأَخْذُ بِهَا فَضِيلَةٌ وَ تَرْكُهَا غَيْرُ خَطِيئَة.[7]

سنت جا ٻه قسم آهن: هڪ سنت واجبات جي باري ۾ آهي، (پوءِ جيڪو شخص) واجبات کي انجام ڏيندو اهو هدايت پائي وٺندو، ۽ جيڪو انهن کي ڇڏي ڏيندواهو گمراهه ٿي ويندو، ۽ ٻي سنت اها آهي جيڪا واجبات جي باري ۾ نه آهي، (پوءِ جيڪو انسان) انهن کي انجام ڏيندو ان جي لاءِ فضيلت (۽ ثواب) آهي ۽ جيڪو انهن کي ڇڏيندو ان تي ڪو ڏوهه نه آهي.

8_لوڻ جي اهميت.

ابْدَءُوا بِالْمِلْحِ فِي أَوَّلِ الطَّعَامِ فَلَوْ عَلِمَ النَّاسُ مَا فِي الْمِلْحِ لَاخْتَارُوهُ عَلَى التِّرْيَاقِ الْمُجَرَّب.[8]

کاڌي کائڻ جي شروعات لوڻ سان ڪيو، جيڪڏهن ماڻهن کي لوڻ جي خاصيتن جي باري ۾ خبر هجي ها ته ان کي هر فائدي مند دوا تي ترجيح ڏين ها.   

9_غِيبت جو انجام.

كَذَبَ مَنْ زَعَمَ أَنَّهُ وُلِدَ مِنْ حَلَالٍ وَ هُوَ يَأْكُلُ لُحُومَ النَّاسِ بِالْغِيبَةِ اجْتَنِبِ الْغِيبَةَ فَإِنَّهَا إِدَامُ كِلَابِ النَّار.[9]

ڪوڙو آهي اهو شخص جيڪو چوي ٿو ته مان حلال منجهان پيدا ٿيو آهيان جڏهن گلا غيبت جي ذريعي ماڻهن جوگوشت کائي ٿو،گلا غيبت کان پرهيز ڪريو ڇو ته اها جهنم جي ڪتن جو کاڌو آهي.

10_ايمان جا چار رُڪن آهن.

الْإِيمَانُ لَهُ أَرْكَانٌ أَرْبَعَةٌ التَّوَكُّلُ عَلَى اللَّهِ وَ تَفْوِيضُ الْأَمْرِ إِلَى اللَّهِ وَ الرِّضَا بِقَضَاءِ اللَّهِ وَ التَّسْلِيمُ لِأَمْرِ اللَّه.[10]

ايمان جا چار رڪن آهن: خدا تي توڪل ڪرڻ، امر (پنهنجي ڪمن) کي خدا جي حوالي ڪرڻ،خدا جي قضاء ۽ قدر تي راضي رهڻ ۽ خدا جي حڪم اڳيان سر جهڪائڻ.

11_عاقل ۽ احمق انسان جي درميان فرق.

لِسَانُ الْعَاقِلِ وَرَاءَ قَلْبِهِ وَ قَلْبُ الْأَحْمَقِ وَرَاءَ لِسَانِه.[11]

داناءَ ماڻهوءَ جي زبان ان جي دل جي پٺيان هوندي آهي ۽ احمق ماڻهوءَ جي دل ان جي زبان جي پٺيان هوندي آهي.

12_بهشت جا خزانا.

مِنْ كُنُوزِ الْجَنَّةِ إِخْفَاءُ الْعَمَلِ وَ الصَّبْرُ عَلَى الرَّزَايَا وَ كِتْمَانُ الْمَصَائِب.[12]

ٽي شيون بهشت جي خزانن منجهان آهن: لڪائي نيڪي ڪرڻ،تڪليف تي صبر ڪرڻ ۽ مصيبتن کي ظاهر نه ڪرڻ.

13_آذان ۽ اقامت جي فضيلت.

مَنْ صَلَّى بِأَذَانٍ وَ إِقَامَةٍ صلاة [صَلَّى خَلْفَهُ صَفٌّ مِنَ الْمَلَائِكَةِ لَا يُرَى طَرَفَاهُ - وَ مَنْ صَلَّى بِإِقَامَةٍصلاة [صَلَّى خَلْفَهُ مَلَك.[13]

جيڪو شخص آذان ۽ اقامت سان نماز پڙهي ٿو ته ملائڪن جي ايتري ته ڊگهي هڪ صف هوندي جو ان جي ٻنهي طرفن کي ڏسي نه سگهجي، ۽ اگر ڪو انسان (آذان کان بغير) فقط اقامت سان نماز پڙهندو ته هڪ فرشتو ان جي پٺيان نماز پڙهندو آهي.

14_اهل بيت (ع) جو ذڪر شفاء آهي.

ذِكْرُنَا أَهْلَ الْبَيْتِ شِفَاءٌ مِنَ الْوَعْكِ وَ الْأَسْقَامِ وَ وَسْوَاسِ الرَّيْبِ وَ حُبُّنَا رِضَى الرَّبِّ تَبَارَكَ وَ تَعَالَى.[14]

امام صادق (ع) کان نقل روايت آهي ته اميرالمومنين (ع) فرمايو: اسان اهل بيت (ع) جو ذڪر بيمارين جي شفاء آهي ۽ شڪ و ترديد کان بچڻ جو سبب بڻجي ٿو ۽ اسان جي محبت خداوندمتعال جي خشنودي جو سبب آهي.

حوالا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



[1]. بحار الانوار، ج‏1 ص:205 ؛ باب 4

[2]. أمالي الصدوق، ص:120 ؛ المجلس الخامس و العشرون‏

[3]. بحار الانوار، ج‏24 ص:305 ؛ باب 67

[4]. جامع الاخبار، ص:132 ؛ الفصل الحادي و التسعون في أوقات الدعاء

[5]. مڪارم الاخلاق، ص:269 ؛ فيما جاء في فضل الدعاء

[6]. بحار الانوار، ج‏1 ص:216 ؛ باب 6

[7]. مشڪاة الانوار في غرر الاخبار، ص:152 ؛ الفصل الثاني عشر

[8]. مڪارم الاخلاق، ص:142 ؛ الفصل الثالث في آداب الاڪل و ما يتعلق به‏

[9]. مشڪاة الانوار في غرر الاخبار، ص:174 ؛ الفصل التاسع عشر

[10]. مشڪاة الانوار في غرر الاخبار، ص:18 ؛ الفصل الرابع‏

[11]. بحار الانوار، ج‏1 ص:159 ؛ باب 4

[12]. بحار الانوار، ج‏67 ص:251 ؛ باب 55

[13]. ثواب الاعمال و عقاب الاعمال، ص:32 ؛ ثواب من صلي باذان و إقامة

[14]. بحار الانوار، ج‏26 ص:227 ؛ باب 1