Get Adobe Flash player

1_نماز پڙهڻ واري جاءِ جا شرطَ

جنهن جاءِ تي نماز پڙهي وڃي ان ۾ هيٺ ذڪر ٿيل شرط هئڻ گھرجن.

1_مباح هجي (غصبي نه هجي)

2_بي حرڪت هجي (گاڏي وانگر حرڪت جي حالت ۾ نه هجي)

3_سوڙهي ۽ان جي ڇت ايتري هيٺ نه هجي جو نمازي آسانيءَ سان قيام، رڪوع ۽ سجدي کي صحيح طور انجام نه ڏيئي سگھي.

4_سجدي جي حالت ۾ پيشاني رکڻ جي جاءِ پاڪ هجي.

5_نمازي جي جاءِ جيڪڏهن نجس هجي ته ايتري قدر نه هجي جو نجاست بدن يا لباس ۾ سرايت ڪري وڃي.

6_سجدي جي حالت ۾ پيشانيء رکڻ جي جاءِ گوڏن کان ۽ احتياط واجب جي بناء تي پيرن جي آڱرين جي رکڻ واري جاءِ کان چارآڱرين کان وڌيڪ هيٺ يا مٿي نه هجي.

2_نمازي جي جاءِ بابت ڪجهه مسئلا؛

1) غصبي جاءِ تي (مثلا هڪ اهڙي گھر ۾ جتي گھر جي مالڪ جي اجازت جي بغير داخل ٿيو آهي) نماز پڙهڻ باطل آهي.

2) مجبوري جي حالت ۾ متحرڪ شيءِ جيئن هوائي جهاز ۽ ريل گاڏي يا ان جڳھ ۾ جنهن جي ڇت هيٺ هجي يا خود سوڙهي هجي جئين کاهي وغيره ۽ ناهموار جڳھ تي نماز پڙهڻ ۾ ڪو حرج نه آهي.

3) انسان کي ادب ۽ احترام جو لحاظ رکندي نبي سائين ۽ امان پاڪن عليهم السلام جي مزار کي پٺي ڏيئي نماز نه پڙهڻ گھرجي.

4) مستحب آهي ته انسان مسجد ۾ نماز پڙهي ۽ اسلام ۾ انهي ڳالھ جي تمام گھڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي.

5) آئينده ذڪر ٿيندڙ مسائل کي مدنظر رکندي مسجد ۾ وڃڻ ۽ نماز پڙهڻ جي اهميت کي هيٺ بيان ڪجي ٿو.

1_مسجد ۾ گھڻو وڃڻ مستحب آهي.

2_جنهن مسجد ۾ ڪو نماز پڙهڻ وارو نه هجي اتي وڃڻ مستحب آهي.

3_مسجد جو پاڙيسري جيڪڏهن معذور نه هجي ته ان لاءِ مسجد کان ٻاهر نماز پڙهڻ مڪروه آهي.

4_مستحب آهي ته انسان مسجد نه وڃڻ واري شخص سان گڏ کاڌو نه کائي، ان سان صلاح مشورو نه ڪري، ان جو پاڙيسري نه ٿئي،ان کان رشتو نه وٺي ۽ نه وري ان کي رشتو ڏئي.

نماز جي تياري.

وضو،غسل،نماز جو وقت، لباس ۽ نماز جي جاءِ جي باري ۾ احڪام بيان ڪرڻ کان پوءِ هاڻي اسان نماز شروع ڪرڻ لاءِ تيار ٿيون ٿا.

آذان ۽ اقامت؛

هرنمازيءَ تي مستحب آهي ته روزاني نماز کان شروعات ۾ پهريان آذان چئي ۽ ان کان پوءِ اقامت چئي.

.....آذان.......“

الله اڪبر......................................................چار دفعا

اشهد ان لاالٰہ الالله...........................................ٻه دفعا

اشهد انّ محمد رسول الله..............................ٻه دفعا

اشهد ان علي ولي الله................................. ٻه دفعا

حي على الصلاة............................................ ٻه دفعا

حي علي الفلاح............................................ ٻه دفعا

حي على خير العمل....................................... ٻه دفعا

الله اڪبر........................................................ٻه دفعا

لاالٰہ الا الله................................................. ٻه دفعا

..... اقامت.......“

الله الڪبر.............................................ٻه دفعا

اشهد ان لاالٰہ الالله..................................ٻه دفعا

اشهد انّ محمد رسول الله.......................ٻه دفعا

اشهد ان علي ولي الله........................... ٻه دفعا

حي على الصلاة.......................................... دفعا

حي علي الفلاح......................................... ٻه دفعا

حي على خير العمل................................ ٻه دفعا

قد قامت الصلاة.....................................ٻه دفعا

الله اڪبر..................................................ٻه دفعا

لاالٰہ الا الله........................................... هڪ دفعو

آذان ۽ اقامت جا احڪام.

1_ آذان ۽ اقامت نماز جي وقت داخل ٿيڻ کان پوءِ چوڻ گھرجي ۽ وقت کان پهريان چئي وڃي ته باطل آهي.

2_ اقامت،آذان کان پوءِ چئي وڃي جيڪڏهن آذان کان پهريان چئي وڃي ته صحيح نه آهي.

3_ آذان ۽ اقامت جي جملن جي درميان گھڻو فاصلو نه هئڻ گھرجي جيڪڏهن انهن جي درميان معمول کان وڌيڪ فاصلو ٿي وڃي ته اهي ٻيهر ادا ڪرڻ گھرجن.

4_ جيڪڏهن نماز جماعت لاءِ آذان ۽ اقامت چئي وئي هجي ته ان جماعت سان پڙهڻ واري کي الڳ آذان ۽ اقامت نه چوڻ گھرجي.

5_ مستحبي نمازن لاءِ آذان ۽ اقامت نه آهي.

6_ جڏهن ڪو ٻار پيدا ٿئي ته مستحب آهي ته پهرين ڏينهن ان جي ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چئي وڃي.

7_ جنهن کي آذان لاءِ معين ڪيو وڃي مستحب آهي ته اهو شخص عادل،وقت شناس ۽ وڏي آواز وارو هجي.

سبق 15 جو خلاصو.

1_ نماز پڙهڻ واري جاءِ لاءِ هيٺيان شرط هجڻ ضروري آهن؛

v مباح هجي.

v بي حرڪت هجي.

v جاءِ سوڙهي ۽ ان جي ڇت گھڻي هيٺ نه هجي.

v (مسجد ۾) پيشاني رکڻ جي جاءِ پاڪ هجي.

v نماز جي جاءِ هيٺ مٿي (ناهموار) نه هجي.

v جيڪڏهن نماز جاءِ نجس هجي ته نجاست نمازي جي بدن يا لباس ۾ سرايت نه ڪري

2_ غصبي جڳھ تي نماز پڙهڻ باطل آهي.

3_ مجبوري جي حالت ۾ حرڪت واري، ناهموار ۽ سوڙهي جڳھ ۾ نماز پڙهي سگھجي ٿي.

4_ مستحب آهي ته انسان مسجد ۾ نه وڃڻ واري شخص سان گڏ کاڌو نه کائي، ان جو پاڙيسري نه بڻجي پنهنجي ڪمن ۾ ان کان صلاح مشورو نه ڪري ۽ ان کان رشتو نه وٺي ۽ نه ئي وري ان کي رشتو ڏئي.

6_ مستحب آهي نماز جي شروع ڪرڻ کان پهريان آذان چئي ۽ ان کان پوءِ اقامت چئي ۽ پوءِ نماز شروع ڪري.

7_ اقامت آذان کان بعد ۾ چوڻ گھرجي.

8_ جيڪو شخص نماز جماعت ۾ شرڪت ڪري ٿو ۽ ان نماز لاءِ آذان ۽ اقامت چئي وئي هجي ته ان شخص تي پنهنجي نماز لاءِ الڳ آذان ۽ اقامت چوڻ جي ضرورت نه آهي.

9_ مستحب آهي ته ٻار جي پيدا ٿيڻ واري ڏينهن سندس ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ ڪاٻي ڪن ۾ اقامت چئي وڃي.

هيٺين سوالن جا جواب ڏيو ............(؟)

1_ نجس گلم تي نماز پڙهڻ جو ڇا حڪم آهي؟

2_ ڇا ان مصلي تي نماز پڙهي سگھجي ٿي جنهن کي ڪنهن ٻئي پنهنجي لاءِ وڇايو هجي؟ ۽ ڇو؟.

3_ مسجد ۾ حاضري نه ڏيڻ واري شخص سان ڪهڙو سلوڪ ڪرڻ گھرجي؟.

4_ آذان ۽ اقامت ۾ ڇا فرق آهي؟.

5_ ريل، ڪار ۽ هوائي جهاز ۾ نماز پڙهڻ جو ڇا حڪم آهي؟.

6_ ٻه اهڙيون صورتون بيان ڪيو جتي آذان ۽ اقامت نه چوڻ گھرجي؟