Get Adobe Flash player

1_چاليهه حديثون ياد ڪرڻ جو اجر.        

مَنْ حَفِظَ مِنْ أُمَّتِي أَرْبَعِينَ حَدِيثاً مِمَّا يَحْتَاجُونَ إِلَيْهِ مِنْ أَمْرِ دِينِهِمْ بَعَثَهُ اللَّهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فَقِيهاً عَالِما.[1]

منهنجي امت منجهان جيڪو به اهڙيون چاليهه حديثون ياد ڪري جيڪي سندس دين جي باري هجن ته خدا قيامت جي ڏينهن ان کي فقيهه ۽ عالِم جي ڪري اٿاريندو.

2_ رسول الله (ص) جا خليفا.

اللَّهُمَّ ارْحَمْ خُلَفَائِي ثَلَاثاً قِيلَ يَا رَسُولَ اللَّهِ وَ مَنْ خُلَفَاؤُكَ قَالَ الَّذِينَ يُبَلِّغُونَ حَدِيثِي وَ سُنَّتِي ثُمَّ يُعَلِّمُونَهَا أُمَّتِي‏.[2]

رسول خدا (ص) ٽي ڀيرا فرمايو ته خداوندا منهنجي خليفن تي رحم فرما، پڇيو ويو ته يا رسول الله (ص) توهان جا خليفا ڪير آهن؟ پاڻ فرمايائون: اهي ماڻهو جيڪي منهنجي حديث ۽ سنت جي تبليغ ڪن ٿا ۽ منهنجي امت کي ان جي تعليم ڏين ٿا.

3_علي (ع) جا شيعه ۽ بهشت.

يَدْخُلُ الْجَنَّةَ مِنْ أُمَّتِي سَبْعُونَ أَلْفاً لَا حِسَابَ عَلَيْهِمْ وَ لَا عَذَابَ قَالَ ثُمَّ الْتَفَتَ إِلَى عَلِيٍّ ع فَقَالَ هُمْ شِيعَتُكَ وَ أَنْتَ إِمَامُهُم.[3]

منهنجي امت منجهان ستر هزار ماڻهو (اهڙا آهن جيڪي) بهشت ۾ داخل ٿيندا، جڏهن ته،انهن کان نه ڪو حساب ورتو ويندو ۽ نه ئي وري کين عذاب ڪيو ويندو، پوءِ حضرت علي (ع) جي طرف منهن ڪري فرمايائون: (اي علي ع) اهي تنهنجا شيعه آهن ۽ تون انهن جو امام آهين.

4_بَخيل ماڻهو جي علامت.

إِنَّ الْبَخِيلَ كُلَّ الْبَخِيلِ الَّذِي إِذَا ذُكِرْتُ عِنْدَهُ فَلَمْ يُصَلِّ عَلَي.[4]

سڀني کان وڏو بخيل ماڻهو اهو آهي جنهن جي اڳيان منهنجو ذڪر ڪيو وڃي۽ هو مون تي صلوات نه پڙهي.

5_مومن جي نيت سندس عمل کان بهتر هوندي آهي.

نِيَّةُ الْمُؤْمِنِ خَيْرٌ مِنْ عَمَلِهِ وَ نِيَّةُ الْكَافِرِ شَرٌّ مِنْ عَمَلِهِ وَ كُلُّ عَامِلٍ يَعْمَلُ عَلَى نِيَّتِه.[5]

مومن جي نيت سندس عمل ۽ ڪردار کان بهتر هوندي آهي ۽ ڪافر جي نيت ان جي عمل کان بدتر هوندي آهي، ۽ هر عمل ڪرڻ وارو پنهنجي نيت جي مطابق عمل ڪندو آهي.

6_خوف خدا ۾ روئڻ جو اجر.

يَا عَلِيُّ عَلَيْكَ بِالْبُكَاءِ مِنْ خَشْيَةِ اللَّهِ يَبْنِي لَكَ بِكُلِّ قَطْرَةٍ بَيْتاً فِي الْجَنَّة.[6]

اي علي (ع)! توکي خوفِ خدا ۾ گريو ڪرڻ گهرجي ،(ڇو جو) خدا تنهنجي لاءِ هر هڪ لڙڪ عيوض جنت ۾ گهر ٺاهيندو.

7_قيامت جي ڏينهن هر انسان کان چار سوال ڪيا ويندا.

لَا تَزُولُ قَدَمَا عَبْدٍ يَوْمَ الْقِيَامَةِ حَتَّى يُسْأَلَ عَنْ أَرْبَعٍ عَنْ عُمُرِهِ فِيمَا أَفْنَاهُ وَ شَبَابِهِ فِيمَا أَبْلَاه وَ عَنْ مَالِهِ مِنْ أَيْنَ كَسَبَهُ وَ فِيمَا أَنْفَقَهُ وَ عَنْ حُبِّنَا أَهْلَ الْبَيْت‏.[7]

 قيامت جي ڏينهن ڪو به انسان ايسيتائين وک نه وڌائيندو جيستائين ان کان چئن شين جي باري ۾ سوال نه ڪيو ويندو: 1_سندس عُمر جي باري ۾ ته هن پنهنجي عمر کي ڪئين گذاري آهي،2_ سندس جواني جي باري ۾ ته کيس گذاريو اٿس،3_ سندس مال ۽ دولت جي باري م ته ان کي ڪٿان حاصل ڪيائين ۽ ڪٿي خرچ ڪيائين 4_ اسان اهل بيت (ع) جي محبت جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو.

8_عظمت امام رضا (ع).

سَتُدْفَنُ بَضْعَةٌ مِنِّي بِأَرْضِ خُرَاسَانَ لَا يَزُورُهَا مُؤْمِنٌ إِلَّا أَوْجَبَ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ لَهُ الْجَنَّةَ وَ حَرَّمَ جَسَدَهُ عَلَى النَّار.[8]

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا: منهنجي جسم جو هڪ ٽڪڙو سرزمين خراسان ۾ دفن ٿيندو ۽ جيڪو مومن ان جي زيارت  ڪندوته خداوند متعال جنت کي ان لاءِ واجب ۽ دوزخ  کي حرام ڪري ڇڏيندو.

9_چئن ماڻهن جي دعا ڪڏهن به رد نٿي ڪئي وڃي.

أَرْبَعَةٌ لَا تُرَدُّ لَهُمْ دَعْوَةٌ وَ تُفَتَّحُ لَهَا أَبْوَابُ السَّمَاءِ وَ تَصِيرُ إِلَى الْعَرْشِ دُعَاءُ الْوَالِدِ لِوَلَدِهِ وَ الْمَظْلُومِ عَلَى مَنْ ظَلَمَهُ وَ الْمُعْتَمِرِ حَتَّى يَرْجِعَ وَ الصَّائِمِ حَتَّى يُفْطِر.[9]

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا: چئن ماڻهن جي دعا ڪڏهن به رد نه ٿي ٿئي ۽ انهن جي لاءِ آسمان جا در کوليا ويندا آهن ته جئين سندن دعا عرش تائين پهچي وڃي: 1_ پيءُ جي دعا پنهنجي اولاد جي حق ۾، 2_مظلوم جي دعا ان ماڻهو لاءِ ظالم جي خلاف،3 عمرو ڪرڻ واري شخص جي دعا ايستائين جو (پنهنجي گهر) موٽي اچي 4_ روزيدار جي دعا ايستائين جو افطار ڪري وٺي.

10_ علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي واجب آهي.

طَلَبُ الْعِلْمِ فَرِيضَةٌ عَلَى كُلِّ مُسْلِمٍ أَلَا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ بُغَاةَ الْعِلْم.[10]

 علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي واجب آهي، ڄاڻي وٺو ته! خدا علم جي  ڳولها ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو.

11_روزيدار جي اهميت.

نَوْمُ الصَّائِمِ عِبَادَةٌ وَ نَفَسُهُ تَسْبِيح.[11]

روزيدار جي ننڊ عبادت ۽ سندس هر دم (ساهه) تسبيح آهي.

12_رسول خدا (ص) جي زيارت جو ثواب.

مَنْ زَارَنِي بَعْدَ مَوْتِي كَانَ كَمَنْ هَاجَرَ إِلَيَّ فِي حَيَاتِي فَإِنْ لَمْ تَسْتَطِيعُوا فَابْعَثُوا إِلَيَّ بِالسَّلَامِ فَإِنَّهُ يَبْلُغُنِي.[12]

منهنجي وفات کان پوءِ منهنجي زيارت ڪر ڻ وارو ان شخص وانگر آهي جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ مون ڏانهن هجرت ڪئي هجي، ليڪن اگر توهان (منهنجي زيارت تي اچڻ جي) قدرت نٿا رکو ته مون تي سلام موڪليو بيشڪ اهو مون تائين پهچي ويندو آهي.

13_نماز دين جو ستون آهي.

الصَّلَاةُ عِمَادُ الدِّينِ فَمَنْ تَرَكَ صَلَاتَهُ مُتَعَمِّداً فَقَدْ هَدَمَ دِينَهُ وَ مَنْ تَرَكَ أَوْقَاتَهَا يَدْخُلُ الْوَيْلَ وَ الْوَيْلُ وَادٍ فِي جَهَنَّمَ كَمَا قَالَ اللَّهُ تَعَالَى فِي سُورَةِ أَ رَأَيْتَ فَوَيْلٌ لِلْمُصَلِّينَ  الَّذِينَ هُمْ عَنْ صَلاتِهِمْ ساهُون.[13]

 نماز دين جو ستون آهي، پوءِ جيڪو به نماز کي ڄاڻي واڻي  ڇڏي ڏئي ان ڄڻ پنهنجي دين کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ جيڪو نماز جي وقتن کي ڇڏي ڏئي اهو وَيل ۾ داخل ٿيندو، ۽ وَيل جهنم ۾ هڪ وادي (جو نالو) آهي، جيئن خدا سورت  أَ رَأَيْتَ ۾ ارشاد فرمائي ٿو: “فَوَيْلٌ لِلْمُصَلِّينَ  الَّذِينَ هُمْ عَنْ صَلاتِهِمْ ساهُونَ الَّذِينَ هُمْ يُراؤُنَ وَ يَمْنَعُونَ الْماعُون‏”.

14_علم، عبادت کان افضل آهي.

فَضْلُ الْعِلْمِ أَحَبُّ إِلَى اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ مِنْ فَضْلِ الْعِبَادَةِ وَ أَفْضَلُ دِينِكُمُ الْوَرَع.[14]

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا: خداوند متعال جي نزديڪ علم مرتبو عبادت جي مرتبي کان وڌيڪ آهي، ۽ توهان جي دين جو بهترين(عمل) وَرَع ۽ گناهن کان پرهيز ڪرڻ آهي.

حوالا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔



[1]. الخصال، ج‏2 ص:541 ؛ فيمن حفظ اربعين حديثا

[2]. أمالي الصدوق ، ص:180 ؛ المجلس الرابع و الثلاثون‏

[3]. الارشاد في معرفة حجج الله علي العباد، ج‏1 ص:42

[4]. الارشاد في معرفة حجج الله علي العباد، ج‏2 ص:169

[5]. الڪافي، ج‏2 ص:84 ؛ باب النية

[6]. إرشاد القلوب الي الصواب، ج‏1 ص:96

[7]. أمالي الصدوق ، ص:39 ؛ المجلس العاشر

[8]. أمالي الصدوق ، ص:63 ؛ المجلس الخامس عشر

[9]. أمالي الصدوق ، ص:265 ؛ المجلس الخامس و الاربعون‏

[10]. الڪافي، ج‏1 ص:30

[11]. ثواب الاعمال و عقاب الاعمال، ص:51 ؛ ثواب الصائم‏

[12]. جامع الاخبار، ص:20 ؛ الفصل الثامن في فضائل زيارة النبي ص‏

[13]. جامع الاخبار، ص:73 ؛ الفصل الرابع و الثلاثون في تارڪ الصلاة

[14]. الخصال، ج‏1 ص:4 ؛ خصلة هي أفضل الدين‏