Get Adobe Flash player


تمام حمد ۽ ثناء ان خدا جي لاءِ آهي جنهن اسان جهڙي گناهگارن کي ولايت اهل بيت (ع) جهڙي عظيم نعمت سان نوازيو آهي، ۽ هزارين درود هجن ان هستي تي جيڪا سببِ تخليقِ ڪائنات آهي، جنهن جو نالو وٺڻ سان يا ٻڌڻ سان صلوات پڙهڻ مستحب ٿي وڃي ٿي، جنهن کي آسمان ۾ احمد ۽ زمين ۾ محمد (ص) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، ۽ هزارين سلام هجن انهن هستين تي جيڪي خدا جا منتخب ٿيل۽ چونڊيل هادي آهن، ۽ حضرت محمد مصطفى (ص) جهڙي عظيم رسول جا حقيقي وصي ۽ نمائندا آهن، اهي سڀ جا سڀ معصوم ۽ بي عيب آهن، ۽ انهن منجهان هر هڪ ڪمال ۽ فضائلن جي اهڙي اعلى درجن تي فائز آهي جن کي چاهڻ جي باوجود به ڳڻي نٿو ڪري سگهجي.


 

انهن منجهان هڪ هستي اهڙي آهي جيڪا ڪائنات جي بقاء جو سبب آهي. جيڪڏهن اهو نه هجي ها ته هيءَ زمين پنهنجي مٿان رهڻ وارن سان گڏ نابود ٿي وڃي ها، ۽ ان ذات جو نالو امام مهدي (ع) آهي، هن مختصر تحرير ۾ اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پنهنجي سگهه آهر امام زمان (ع) جي ڪجهه فضيلتن کي ذڪر ڪيو وڃي، پر ڇو جو انسان ناقص العقل آهي ۽ پنهنجي تمام ڪاوشن جي باوجود به ڪنهن به معصوم امام جي فضيلت جو حق ادا نٿو ڪري سگهي، لهذا ائمه معصومين (ع) جي احاديث کان مدد وٺندي سندس فضائلن جي سمنڊ منجهان ڪجهه قطرا وٺي ڪري قِرطاس ۽ قلم جي زينت بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، اگر امام مهدي (ع) جي زندگي جو مطالعو ڪيو وڃي ته معلوم ٿي ويندو ته مهدي (ع) ڪهڙي باڪمال ۽ بافضيلت ذات جو نالو آهي، سندس فضيلت جي باري ۾ فقط اهو ئي ڪافي آهي ته سندن ولادت کان اڳ ئي ائمه معصومين (ع) منجهان هر هڪ امام مهدي (ع) جي باري ۾ حديثون بيان فرمايون آهن، امام (ع) جي باري ۾ نقل ٿيل روايتون ايتري قدر گهڻيون آهن جو کين شمار ڪرڻ ممڪن نه آهي ۽ نه ئي وري سڀني کي هڪ تحرير ۾ ذڪر ڪري سگهجي ٿو، لهذا انهن منجهان چاليهه حديثن کي ذڪر ڪريون ٿا

1_ مهدي (ع) فرزند رسول خدا (ص) آهي

حضرت علي (ع) کان منقول آهي ته پيغمبر اڪرم (ص) فرمايو:

الْمَهْدِيُّ مِنْ وُلْدِي تَكُونُ لَهُ غَيْبَةٌ وَ حَيْرَةٌ تَضِلُّ فِيهَا الْأُمَمُ يَأْتِي بِذَخِيرَةِ الْأَنْبِيَاءِ فَيَمْلَؤُهَا عَدْلًا وَ قِسْطاً كَمَا مُلِئَتْ جَوْراً وَ ظُلْماً [1]

مهدي (ع) منهنجي اولاد منجهان آهي، ان جي لاءِ غيبت ۽ سرگرداني آهي جنهن ۾ امتون گمراهه ٿي وينديون، هو انبياء (ع) جي ذخيري سان گڏ (حضرت عيسى۽خضر ع )ظهور ڪندو ۽ زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح ته اها ظلم ۽ جور سان ڀريل هوندي

2_ مهدي (ع) جو نالو پيغمبر(ص) جي نالي جهڙو آهي

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:

لَوْ لَمْ يَبْقَ مِنَ الدُّنْيَا إِلَّا يَوْمٌ وَاحِدٌ لَطَوَّلَ اللَّهُ ذَلِكَ الْيَوْمَ حَتَّى يَبْعَثَ فِيهِ رَجُلًا مِنْ وُلْدِي يُوَاطِئُ اسْمُهُ اسْمِي يَمْلَأُهَا عَدْلًا وَ قِسْطاً كَمَا مُلِئَتْ جَوْراً وَ ظُلْما [2]

اگر دنيا ختم ٿيڻ ۾ فقط هڪ ڏينهن باقي وڃي بچي ته خدا ان ڏينهن کي طولاني ڪري ڇڏيندو، ايسيتائين جو ان ڏينهن ۾ هڪ مرد ظاهر ٿيندو جنهن جو نالو منهنجي نالي جهڙو هوندو، هو زمين کي اهڙي طرح عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح اها ظلم ۽ جور سان ڀريل هوندي.

3_مهدي (ع) پيغمبر (ص) جي عترت منجهان آهي

ابو سعيد خدري روايت ڪري ٿو ته مون نبي سڳوري (ص) کان ٻڌو آهي ته پاڻ فرمايائون:

إِنَّ الْمَهْدِيَّ مِنْ عِتْرَتِي مِنْ أَهْلِ بَيْتِي يَخْرُجُ فِي آخِرِ الزَّمَانِ تُنْزِلُ ...[3]

مهدي منهنجي عترت ۽ منهنجي اهل بيت منجهان آهي، هو آخري زماني ۾ ظهور ڪندو.

4_مهدي (ع) قريش منجهان آهي

ابو سعيد خدري نقل ڪري ٿو ته رسول اڪرم (ص) فرمايو:

بُشراکم بالمهدي رجُلٌ من قريش من عترتي، يُبعث في اُمّتي ...”[4]

مان توهان کي بشارت ٿو ڏيان مهدي (ع) جي باري ۾ جيڪو هڪ مرد آهي قريش منجهان ۽ منهنجي عترت مان هو منهنجي امت ۾ ظاهر ٿيندو.

5_مهدي (ع) فاطمه (س) جي اولاد مان آهي

جناب ام سلمه نقل ڪري ٿي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

المَهدي مِن وُلد فاطِمة ع‏.......”[5]

مهدي (ع) فاطمه (س) جي اولاد منجهان آهي.

6_مهدي (ع) امام حسين (ع) جو فرزند آهي.

رسول اڪرم (ص) امام حسين (ع) جي باري ۾ فرمائن ٿا:

هَذَا ابْنِي إِمَامٌ أَخُو إِمَامٍ ابْنُ إِمَامٍ أَبُو أَئِمَّةٍ تِسْعَةٍ وَ تَاسِعُهُمْ قَائِمُهُم [6]

منهنجو هي پٽ ‏امام آهي ۽ امام جو ڀاءُ آهي ۽ نو امامن جو پيءُ آهي جن منجهان نائون شخص سندن قائم (ع) آهي.

7_مهدي (ع) اهل بيت (ع) منجهان آهي

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:

الْمَهْدِيُّ مِنَّا أَهْلَ الْبَيْتِ ع يُصْلِحُهُ اللَّهُ عز و جل فِي لَيْلَةٍ ”[7]

مهدي (ع) اسان اهل بيت (ع) منجهان آهي،خداوندمتعال سندس(ڪمن)جي اصلاح هڪ رات ۾ ڪندو.

8_مهدي (ع) بهشت جي سردارن منجهان آهي

انس بن مالڪ نبي سڳوري (ص) کان روايت ڪري ٿو ته پاڻ فرمايائون:

نَحْنُ وُلْدُ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ سَادَةُ أَهْلِ الْجَنَّةِ أَنَا وَ حَمْزَةُ وَ عَلِيٌّ وَ جَعْفَرٌ وَ الْحَسَنُ وَ الْحُسَيْنُ وَ الْمَهْدِي ”[8]

اسان اولاد عبدالمطلب (جا ست نفر) اهل بهشت جا سردار آهيون، آئون،حمزه،علي، جعفر،حسن، حسين ۽ مهدي (ع).

9_مهدي (ع) خدا جو خليفو آهي

ثوبان رسول خدا (ص) کان روايت ڪري ٿو ته پاڻ فرمايائون:

إِذَا رَأَيْتُمُ الرَّايَاتِ السُّودَ قَدْ أَقْبَلَتْ مِنْ خُرَاسَانَ فَائْتُوهَا وَ لَوْ حَبْواً عَلَى الثَّلْجِ فَإِنَّ فِيهَا خَلِيفَةَ اللَّهِ الْمَهْدِي [9]

جڏهن ڏسو ته ڪاري رنگ جا پرچم خراسان جي طرف کان نظر اچي رهيا آهن ته انهن جي استقبال جي لاءِ اٿي بيهو اگرچه توهان کي برف تي ئي ڇو نه هلڻو پوي، ڇو ته (ان جماعت ۾) الله جو خليفو مهدي (ع) آهي.

10_مهدي (ع) جا پيروڪار رسول خدا (ص) جا دوست آهن

امام صادق (ع) کان منقول آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

طُوبَى لِمَنْ أَدْرَكَ قَائِمَ أَهْلِ بَيْتِي وَ هُوَ مُقْتَدٍ بِهِ قَبْلَ قِيَامِهِ يَأْتَمُّ بِهِ وَ بِأَئِمَّةِ الْهُدَى مِنْ قَبْلِهِ وَ يَبْرَأُ إِلَى اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ مِنْ عَدُوِّهِمْ أُولَئِكَ رُفَقَائِي وَ أَكْرَمُ أُمَّتِي عَلَي [10]

خوش قسمت آهي اهو انسان جيڪو منهنجي اهل بيت جي قائم (مهدي عج)کي درڪ ڪري ۽ سندس ظهور کان پهرين ان جو پيروڪار هجي ۽ ان تي ۽ ان کان پهرين وارن امامن جي امامت تي ايمان رکندو هجي ۽ انهن جي دشمن کان بيزار هجي، اهڙا شخص منهنجا دوست آهن ۽ منهنجي امت جا سڀ کان ڀلا ماڻهو آهن.

11_جنت مهدي (ع) جي مشتاق آهي

جابر روايت ڪري ٿو ته رسول خدا (ص) فرمايو:

إِنَّ الْجَنَّةَ تَشْتَاقُ إِلَى أَرْبَعَةٍ مِنْ أَهْلِي قَدْ أَحَبَّهُمُ اللَّهُ وَ أَمَرَنِي بِحُبِّهِمْ عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ وَ الْحَسَنُ وَ الْحُسَيْنُ وَ الْمَهْدِيُّ صَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَيْهِمُ الَّذِي يُصَلِّي خَلْفَهُ عِيسَى بْنُ مَرْيَمَ ع‏ [11]

بهشت، منهنجي اهل بيت (ع) منجهان چئن ماڻهن جي مشتاق آهي، خدا انهن سان محبت رکي ٿو ۽ مونکي پڻ حڪم ڏنو اٿائين ته انهن سان محبت رکان، (اهي چار ماڻهو) علي بن ابي طالب، حسن، حسين ۽ اهو مهدي (ع) آهي جنهن جي پٺيان عيسى بن مريم (ع) نماز پڙهندو.

12_مهدي (ع) خاتم الائمه (ع) آهي

حضرت رسول اڪرم (ص) فرمائن ٿا:

الْأَئِمَّةُ مِنْ بَعْدِي اثْنَا عَشَرَ، أَوَّلُهُمْ أَمِيرُ الْمُؤْمِنِينَ عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ وَ آخِرُهُمُ الْقَائِمُ، طَاعَتُهُمْ طَاعَتِي، وَ مَعْصِيَتُهُمْ مَعْصِيَتِي، مَنْ أَنْكَرَ وَاحِداً مِنْهُمْ فَقَدْ أَنْكَرَنِي ”[12]

مون کان بعد ٻارهن امام آهن، جن منجهان پهريون علي بن ابي طالب (ع) ۽ آخري قائم (ع) آهي، انهن جي اطاعت منهنجي اطاعت آهي ۽ انهن جي نافرماني منهنجي نافرماني آهي، جنهن به انهن منجهان ڪنهن به هڪ جو انڪار ڪيو ڄڻ ته هن منهنجو انڪار ڪيو.

13_مهدي (ع) شبيه رسول خدا (ص) آهي.

جابر بن عبدالله انصاري روايت ڪري ٿو ته رسول خدا(ص) فرمايو:

الْمَهْدِيُّ مِنْ وُلْدِي اسْمُهُ اسْمِي وَ كُنْيَتُهُ كُنْيَتِي أَشْبَهُ النَّاسِ بِي خَلْقاً وَ خُلُقاً يَكُونُ لَهُ غَيْبَةٌ وَ حَيْرَةٌ تَضِلُّ فِيهَا الْأُمَمُ ثُمَّ يُقْبِلُ كَالشِّهَابِ الثَّاقِبِ يَمْلَأُهَا عَدْلًا وَ قِسْطاً كَمَا مُلِئَتْ جَوْراً وَ ظُلْما ”[13]

مهدي، منهنجي اولاد مان آهي، ان جو نالو منهنجي نالي جهڙو ۽ ان جي ڪُنيت منهنجي ڪُنيت جهڙي آهي، هو صورت ۽ سيرت ۾ماڻهن منجهان سڀ وڌيڪ مون سان شباهت رکي ٿو، هو ڪجهه وقت لاءِ غائب ٿي ويندو ۽ ان غيبت جي زماني ۾ ماڻهن جو هڪ گروهه گمراهه ٿي ويندو، پوءِ هو چمڪندڙ ستاري وانگر ظاهر ٿيندو ۽ زمين کي اهڙي طرح عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح ظلم سان ڀريل هوندي.

14_مهدي (ع) هلاڪت کان نجات جو سبب آهي

عبدالله بن عباس کان منقول آهي ته رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:

لَنْ تَهْلِكَ أُمَّةٌ أَنَا فِي أَوَّلِهَا وَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ فِي آخِرِهَا وَ الْمَهْدِيُّ فِي وَسَطِهَا [14]

اها امت ڪڏهن به هلاڪ نٿي ٿي سگهي جنهن جي ابتدا ۾ آئون هجان آخر ۾ عيسى (ع) ۽ درميان ۾ مهدي (ع) هجي.

15_امام مهدي (ع) ۽ پرچم توحيد

رفاعه بن موسى جو بيان آهي ته مون امام صادق (ع) کان ٻڌو آهي ته پاڻ هن آيت: وَ لَهُ أَسْلَمَ مَنْ فِي السَّماواتِ وَ الْأَرْضِ طَوْعاً وَ كَرْهاً جي تفسير ۾ فرمايائون:

إِذَا قَامَ الْقَائِمُ لَا يَبْقَى أَرْضٌ إِلَّا نُودِيَ فِيهَا شَهَادَةُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَ أَنَّ مُحَمَّداً رَسُولُ اللَّهِ

جڏهن حضرت قائم (ع) قيام ڪندو ته ان وقت سڄي زمين ۾ ڪا به اهڙي جڳهه نه بچندي مگر ان (جي هرحصي) ۾ لا اله الا الله محمد رسول الله جي ندا ڏني ويندي.[15]

16_مهدي (ع) جو انتظار، عبادت آهي

اميرالمومنين علي (ع) جو فرمان آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

أَفْضَلُ الْعِبَادَةِ انْتِظَارُ الْفَرَج [16]

سڀ کان افضل عبادت انتظار فرج (يعني امام زمان (ع) جي ظهور جو انتظار ڪرڻ) آهي.

17_امام مهدي (ع) ۽ سندس شيعن جي خوشحالي

زين العابدين امام سجاد (ع) فرمائن ٿا:

إِذَا قَامَ قَائِمُنَا أَذْهَبَ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ عَنْ شِيعَتِنَا الْعَاهَةَ وَ جَعَلَ قُلُوبَهُمْ كَزُبَرِ الْحَدِيدِ وَ جَعَلَ قُوَّةَ الرَّجُلِ مِنْهُمْ قُوَّةَ أَرْبَعِينَ رَجُلًا وَ يَكُونُونَ حُكَّامَ الْأَرْضِ وَ سَنَامَهَا ”[17]

جنهن وقت اسان جو قائم (ع) قيام ڪندو ته (ان مهل) خدا اسان جي شيعن جون سڀئي پريشانيون ختم ڪري ڇڏيندو، ۽ انهن جي دلين کي فولاد وانگر مضبوط بڻائي ڇڏيندو، ۽ انهن منجهان هڪ مرد جي طاقت چاليهه مردن جي طاقت جي برابر ٿي ويندي، ۽ اسان جا شيعه (سڄي) زمين جا حڪمران هوندا ۽ اهي ئي قومن ۽ قبيلن جا سردار هوندا.

18_امام مهدي (ع) جو گهر

مفضّل جو بيان آهي ته مون امام صادق (ع) کان ٻڌو آهي ته پاڻ فرمايائون:

إِنَّ لِصَاحِبِ الْأَمْرِ بَيْتاً يُقَالُ لَهُ بَيْتُ الْحَمْدِ فِيهِ سِرَاجٌ يَزْهَرُ مُنْذُ يَوْمَ وُلِدَ إِلَى يَوْمِ يَقُومُ بِالسَّيْفِ لَا يُطْفَى [18]

صاحب امر (ع) جي لاءِ هڪ گهر آهي جنهن جو نالو بيتِ حمدآهي، ان گهر ۾ هڪ ڏيئو آهي جيڪو سندس ولادت واري ڏينهن کان وٺي روشن آهي ۽ ان جي مسلح قيام تائين روشن رهندو ۽ اها روشني ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.

19_امام مهدي (ع) ۽ فرشتو

عبد الله بن عمر کان منقول آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

يَخْرُجُ الْمَهْدِيُّ وَ عَلَى رَأْسِهِ مَلَكٌ يُنَادِي هَذَا الْمَهْدِيُّ فَاتَّبِعُوه ”[19]

مهدي (ع) ظهور ڪندو جڏهن ته سندس مٿان هڪ فرشتو هوندو جيڪو ندا ڏئي ڪري چوندو هي مهدي (ع) آهي هن جي اطاعت ۽ پيروي ڪيو.

20_امام مهدي (ع) ۽ عدالت جو نفاذ

امام باقر (ع) فرمائن ٿا:

... إِذَا قَامَ قَائِمُ أَهْلِ الْبَيْتِ قَسَمَ بِالسَّوِيَّةِ وَ عَدَلَ فِي الرَّعِيَّةِ فَمَنْ أَطَاعَهُ فَقَدْ أَطاعَ اللَّهَ وَ مَنْ عَصَاهُ فَقَدْ عَصَى اللَّهَ وَ إِنَّمَا سُمِّيَ الْمَهْدِيُّ مَهْدِيّاً لِأَنَّهُ يُهْدَى إِلَى أَمْرٍ خَفِي... [20]

جڏهن اهل بيت (ع) جو قائم (ع) قيام ڪندو ته هو برابري جي بنياد تي تقسيم ڪندو ۽ عوام جي درميان عدالت قائم ڪندو، بس جنهن ان جي اطاعت ڪئي ڄڻ ته ان خدا جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن ان جي نافرماني ڪئي ڄڻ ته هن خدا جي نافرماني ڪئي، ۽ مهدي جو نالو ان ڪري مهدي (ع) رکيو ويو آهي ڇو جو هو پوشيده ۽ لڪيل امر جي هدايت ڪندو.

21_امام مهدي (ع) ۽ فرشتن جو سندس مدد جي لاءِ اچڻ

ريان بن شبيب روايت ڪندي چوي ٿو ته آئون ماهه محرم جي پهرين تاريخ تي امام رضا (ع) جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته امام (ع) مونکي فرمايو:

...وَ لَقَدْ نَزَلَ إِلَى الْأَرْضِ مِنَ الْمَلَائِكَةِ أَرْبَعَةُ آلَافٍ لِنَصْرِهِ فَلَمْ يُؤْذَنْ لَهُمْ فَهُمْ عِنْدَ قَبْرِهِ شُعْثٌ غُبْرٌ إِلَى أَنْ يَقُومَ الْقَائِمُ ع فَيَكُونُونَ مِنْ أَنْصَارِهِ وَ شِعَارُهُمْ يَا لَثَارَاتِ الْحُسَيْن...[21]

چار هزار فرشته امام حسين (ع) جي مدد جي لاءِ زمين تي موڪليا ويا پر کين اجازت نه ملي، اهي فرشته (اڃان تائين) سندس قبر مبارڪ تي پريشاني۽ غم جي حالت ۾ موجود آهن، ايستائين جو قائم (ع) ظهور ڪري (يعني قائم (ع) جي ظهور تائين اتي هوندا) بس اهي فرشته سندس مددگارن منجهان هوندا ۽ انهن جو نعرو امام حسين (ع) جو انتقام وٺڻ آهي.

22_امام مهدي (ع) ۽ سندس اطاعت

امام محمد تقي (ع) فرمائن ٿا:

إِنَّ الْقَائِمَ مِنَّا هُوَ الْمَهْدِيُّ الَّذِي يَجِبُ أَنْ يُنْتَظَرَ فِي غَيْبَتِهِ وَ يُطَاعَ فِي ظُهُورِهِ وَ هُوَ الثَّالِثُ مِنْ وُلْدِي‏ [22]

بيشڪ قائم (ع) اسان منجهان آهي، هو مهدي آهي ان جي غيبت جي زماني ۾ سندس انتظار ڪرڻ فرض آهي، ۽ جڏهن ظهور ڪري ته سندس اطاعت ڪرڻ واجب آهي، ۽ هو منهنجي اولاد منجهان ٽيون شخص آهي.

23_امام مهدي (ع) ۽ قرآن

اميرالمومنين حضرت علي (ع) جو ارشاد گرامي آهي

يَعْطِفُ الْهَوَى عَلَى الْهُدَى إِذَا عَطَفُوا الْهُدَى عَلَى الْهَوَى وَ يَعْطِفُ الرَّأْيَ عَلَى الْقُرْآنِ إِذَا عَطَفُوا الْقُرْآنَ عَلَى الرَّأْيِ

(جڏهن مهدي (ع) ايندو ته) هو هوا ۽ هوس کي خدا پرستي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ تمام فڪرن ۽ نظرين کي قرآني سوچ ۽ فڪر جي مطابق قرار ڏيندو جڏهن ته ماڻهن قرآن کي پنهنجي فڪرن جي مطابق قرار ڏئي ڇڏيو هوندو.[23]

24_امام مهدي (ع) ۽ سندس دست قدرت

ابو جعفر امام باقر (ع) فرمائن ٿا:

إِذَا قَامَ قَائِمُنَا وَضَعَ يَدَهُ عَلَى رُءُوسِ الْعِبَادِ فَجَمَعَ بِهِ عُقُولَهُمْ وَ أَكْمَلَ بِهِ أَخْلَاقَهُمْ [24]

جڏهن اسان جو قائم (ع) ظهور ڪندو ته هو پنهنجو فيض۽رحمت ڀريو هٿ ماڻهن (مومنن) جي مٿان رکندو جنهن سان سندن فڪر مجتمع (۽ گڏ) ٿي ويندا ۽ سندن اخلاق ڪامل ٿي ويندا (يعني فڪري ۽ عملي ارتقائي منزلون سندس بابرڪت وجود جي وسيلي حاصل ٿينديون).

25_امام مهدي (ع) ۽ علمي انقلاب

امام صادق (ع) فرمائن ٿا:

الْعِلْمُ سَبْعَةٌ وَ عِشْرُونَ حَرْفاً فَجَمِيعُ مَا جَاءَتْ بِهِ الرُّسُلُ حَرْفَانِ فَلَمْ يَعْرِفِ النَّاسُ حَتَّى الْيَوْمِ غَيْرَ الْحَرْفَيْنِ فَإِذَا قَامَ قَائِمُنَا أَخْرَجَ الْخَمْسَةَ وَ الْعِشْرِينَ حَرْفاً فَبَثَّهَا فِي النَّاسِ وَ ضَمَّ إِلَيْهَا الْحَرْفَيْنِ حَتَّى يَبُثَّهَا سَبْعَةً وَ عِشْرِينَ حَرْفاً [25]

علم ستاويهه حرفن تي مشتمل آهي، ۽ تمام انبياء جيڪو علم وٺي آيا آهن اهو (فقط) ٻه حرف آهن، ۽ ماڻهو پڻ اڄ تائين ٻن حرفن کان وڌيڪ نٿا ڄاڻن، پر جڏهن اسان جو قائم (ع) ايندو ته هو (باقي بچيل) پنجويهه حرف به وٺي ايندو ۽ انهن کي ماڻهن جي درميان ظاهر ڪندو، پوءِ انهن پنجويهه حرفن کي (پهرين آيل) ٻن حرفن سان ملائندو ته علم جا ستاويهه حرف ڪامل ٿي ويندا.

26_امام مهدي (ع) سان محبت جو اظهار

امام محمد باقر (ع) (حضرت مهدي (ع) سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي) فرمائن ٿا:

...بِأَبِي وَ أُمِّي الْمُسَمَّى بِاسْمِي وَ الْمُكَنَّى بِكُنْيَتِي السَّابِعُ مِنْ بَعْدِي بِأَبِي مَنْ يَمْلَأُ الْأَرْضَ عَدْلًا وَ قِسْطاً كَمَا مُلِئَتْ ظُلْماً وَ جَوْرا... [26]

منهنجا پيءُ ۽ ماءُ گهور وڃن ان هستيءَ تي جنهن جو نالو منهنجي نالي جهڙو ۽ جنهن جي ڪُنيت منهنجي ڪُنيت جهڙي آهي، هو مون کان بعد ۾ ستين نمبر تي آهي، منهنجو پيءُ قربان ٿئي ان تي جيڪو زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح ظلم و جور سان ڀريل هوندي.

27_امام مهدي (ع) ۽ مومنن جا پاڻ ۾ تعلقات

امام باقر (ع) فرمائن ٿا:

إِذَا قَامَ الْقَائِمُ جَاءَتِ الْمُزَايَلَةُ وَ أَتَى الرَّجُلُ إِلَى كِيسِ أَخِيهِ فَيَأْخُذُ حَاجَتَهُ فَلَا يَمْنَعُه‏ [27]

جڏهن قائم (ع) ظهور ڪندو ته ان وقت حقيقي برادري ۽ دوستي ماڻهن جي درميان قائم ٿي ويندي، (۽ اهو پيار ۽ دوستي جو ماحول ايتري قدر هوندو جو) هڪ مومن ٻئي مومن جي کيسي ۾ هٿ وجهي پنهنجي ضرورت جي مطابق پيسا ڪڍي وٺندو ۽ هو کيس منع نه ڪندو.

28_امام مهدي (ع) جي غيبت ۾ ولايت تي ثابت قدم رهڻ جو ثواب

عمر بن ثابت ناقل آهي ته امام سجاد (ع) فرمائن ٿا:

مَنْ ثَبَتَ عَلَى مُوَالاتِنَا فِي غَيْبَةِ قَائِمِنَا أَعْطَاهُ اللَّهُ أَجْرَ أَلْفِ شَهِيدٍ مِثْلَ شُهَدَاءِ بَدْر [28]

جيڪو به اسان جي قائم جي غيبت جي زماني ۾ اسان جي ولايت (۽ محبت) تي ثابت قدم رهندو ته خدا کيس شهداء بدر وانگر هزار شهيدن جو ثواب ڏيندو.

29_امام مهدي (ع) ۽ مسجد جي تعمير

مفضل بن عمر جو بيان آهي ته مون امام صادق (ع) کان ٻڌو آهي ته پاڻ فرمايائون:

إِذَا قَامَ قَائِمُ آلِ مُحَمَّدٍ ع بَنَى فِي ظَهْرِ الْكُوفَةِ مَسْجِداً لَهُ أَلْفُ بَابٍ وَ اتَّصَلَتْ بُيُوتُ أَهْلِ الْكُوفَةِ بِنَهْرَيْ كَرْبَلَاء ”[29]

جنهن وقت قائم آل محمد (ع) قيام ڪندو ته ڪوفي جي ٻاهران هڪ مسجد تعمير ڪندو جنهن جا هزار دروازا هوندا، ۽ ڪوفي جي ماڻهن جا گهر ڪربلا جي نهر سان وڃي لڳندا.

30_امام مهدي (ع) ۽ قرآن جي تعليم

إِذَا قَامَ قَائِمُ آلِ مُحَمَّدٍ ع ضَرَبَ فَسَاطِيطَ لِمَنْ يُعَلِّمُ النَّاسَ الْقُرْآنَ عَلَى مَا أَنْزَلَ اللَّهُ جَلَّ جَلَالُهُ فَأَصْعَبُ مَا يَكُونُ عَلَى مَنْ حَفِظَهُ الْيَوْمَ .”[30]

جابر کان روايت آهي ته امام محمد باقر (ع) فرمايو:

جڏهن قائم آل محمد (ع) ايندو ته (اچي ڪري) خيمه کوڙيندو ۽ ماڻهن کي اهڙي طرح قرآن جي تعليم ڏيندو جهڙي طرح خدا کيس نازل ڪيو آهي، پر ان ڏينهن اها تعليم انهن ماڻهن جي لاءِ سخت ۽ مشڪل هوندي جن کي قرآن حفظ هوندو.

31_امام مهدي (ع) ۽ انبياء (ع) جون سنتون

امام حسين (ع) فرمائن ٿا:

فِي التَّاسِعِ مِنْ وُلْدِي سُنَّةٌ مِنْ يُوسُفَ وَ سُنَّةٌ مِنْ مُوسَى بْنِ عِمْرَانَ وَ هُوَ قَائِمُنَا أَهْلَ الْبَيْتِ يُصْلِحُ اللَّهُ تَعَالَى أَمْرَهُ فِي لَيْلَةٍ وَاحِدَة [31]

منهنجو نائون پٽ (اهو هوندو جنهن) ۾ يوسف ۽ موسى بن عمران (ع) جون سنتون هونديون، ۽ هو اسان اهل بيت (ع) جو قائم (ع) آهي، خدا سندس ظهور جي مقدما هڪ رات ۾ فراهم ڪندو.

32_امام مهدي (ع) جي پنهنجي شيعن سان گفتگو

امام صادق (ع) فرمائن ٿا:

إِنَّ قَائِمَنَا إِذَا قَامَ مَدَّ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ لِشِيعَتِنَا فِي أَسْمَاعِهِمْ وَ أَبْصَارِهِمْ حَتَّى لَا يَكُونَ بَيْنَهُمْ وَ بَيْنَ الْقَائِمِ بَرِيدٌ يُكَلِّمُهُمُ فَيَسْمَعُونَ وَ يَنْظُرُونَ إِلَيْهِ وَ هُوَ فِي مَكَانِه‏ [32]

جڏهن اسان جو قائم (ع) ظهور ڪندو ته خدا اسان جي شيعن جي اکين ۽ ڪنن کي اهڙي طاقت عطاء ڪندو جو امام (ع) ۽ انهن جي درميان ڪا به رڪاوٽ باقي نه رهندي، امام (ع) انهن سان گفتگو ڪندو ۽ هو سندس آواز کي ٻڌندا ۽ ان کي ڏسندا، جڏهن ته امام (ع) پنهنجي جڳهه تي

33_امام مهدي (ع) ۽ سندس امامت جو انڪار

صفوان بن مهران امام صادق (ع) کان نقل ڪري ٿو ته امام (ع) فرمايو:

مَنْ أَقَرَّ بِجَمِيعِ الْأَئِمَّةِ وَ جَحَدَ الْمَهْدِيَّ كَانَ كَمَنْ أَقَرَّ بِجَمِيعِ الْأَنْبِيَاءِ وَ جَحَدَ مُحَمَّداً ص نُبُوَّتَه‏ [33]

جيڪو (شخص) سڀني امامن (ع) جي امامت کي قبول رکندو هجي پر امام مهدي (ع) (جي امامت) جو انڪار ڪري ته هو ان ماڻهو ونگر آهي جيڪو سڀني انبياء جو ته معتقد هجي پر حضرت محمد (ص) جي نبوت جو مُنڪر هجي.

34_مهدي (ع) ناصر دين خدا آهي

امام باقر (ع) فرمائن ٿا:

إِنَّ اللَّهَ تَبَارَكَ وَ تَعَالَى أَخَذَ الْمِيثَاقَ عَلَى أُولِي الْعَزْمِ أَنِّي رَبُّكُمْ وَ مُحَمَّدٌ رَسُولِي وَ عَلِيٌّ أَمِيرُ الْمُؤْمِنِينَ وَ أَوْصِيَاؤُهُ مِنْ بَعْدِهِ وُلَاةُ أَمْرِي وَ خُزَّانُ عِلْمِي وَ أَنَّ الْمَهْدِيَّ أَنْتَصِرُ بِهِ لِدِينِي‏ [34]

خداوندعالم اولوالعزم اولياء کان وعدو ۽ عهد ورتو آهي ته: آئون توهان جو پروردگار، محمد (ص) منهنجو رسول، علي (ع)، اميرالمومنين ۽ ان کان بعد ۾ اچڻ وارا اوصياء منهنجي امر جا ولي ۽ منهنجي علم جا خزانه آهن ۽ مهدي (ع) جي ذريعي آئون پنهنجي دين جي مدد ڪندس.

35_امام مهدي (ع) ۽ خدا جون نعمتون

ابو سعيد خدري روايت ڪري ٿو ٿه نبي سڳوري (ص) فرمايو:

يَتَنَعَّمُ أُمَّتِي فِي زَمَنِ الْمَهْدِيِّ ع نِعْمَةً لَمْ يَتَنَعَّمُوا قَبْلَهَا قَطُّ يُرْسِلُ السَّمَاءَ عَلَيْهِمْ مِدْرَاراً وَ لَا تَدَعُ الْأَرْضُ شَيْئاً مِنْ نَبَاتِهَا إِلَّا أَخْرَجَتْه [35]

امام مهدي (ع) جي زماني ۾ منهنجي امت کي اهڙيون نعمتون ملنديون جو ان کان پهريان هرگز اهڙيون نعمتون ڪين مليون هونديون، آسمان مان برسات ٿيندي ۽ زمين پنهنجي اندر موجود هر (نعمت ۽ هر) شيءِ کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي.

36_امام مهدي (ع) ۽ سندس حڪومت جي مدت

ابو سعيد خدري نقل ڪري ٿو ته رسول اڪرم (ص) فرمايو:

يَكُونُ مِنْ أُمَّتِيَ الْمَهْدِيُّ إِنْ قَصُرَ عُمُرُهُ فَسَبْعُ سِنِينَ وَ إِلَّا فَثَمَانٍ وَ إِلَّا فَتِسْع... ”[36]

مهدي (ع) منهنجي امت منجهان هوندو، سندس بادشاهت ۽ حڪومت جي مدت ست سال يا اَٺ سال يا نو سال هوندي.

37_امام مهدي (ع) ۽ سندس بيعت

حذيفه يماني روايت ڪري ٿو ته مون رسول خدا (ص) کان ٻڌو آهي ته پاڻ امام مهدي (ع) جي باري ۾ فرمايائون:

يُبَايَعُ بَيْنَ الرُّكْنِ وَ الْمَقَامِ اسْمُهُ أَحْمَدُ وَ عَبْدُ اللَّهِ وَ الْمَهْدِيُّ فَهَذِهِ أَسْمَاؤُهُ ثَلَاثَتُهَا ”[37]

هو رُڪن يماني ۽ مقام ابراهيمي جي درميان ماڻهن کان بيعت وٺندو، سندس نالا احمد، عبدالله ۽ مهدي (ع) آهن ۽ اهي ٽئي نالا ان جا آهن.

38_امام مهدي (ع) ۽ سندس سيرت

عبدالله بن عطا روايت ڪري ٿو ته آئون امام باقر (ع) جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته (ظهور کان بعد) حضرت مهدي (ع) جي سيرت ڇا هوندي؟ امام (ع) فرمايو:

يَصْنَعُ مَا صَنَعَ رَسُولُ اللَّهِ ص يَهْدِمُ مَا كَانَ قَبْلَهُ كَمَا هَدَمَ رَسُولُ اللَّهِ ص أَمْرَ الْجَاهِلِيَّةِ وَ يَسْتَأْنِفُ الْإِسْلَامَ جَدِيدا [38]

هن جي سيرت رسول خدا (ص) واري سيرت هوندي، بدعتن ۽ گمراهي جا جيڪي آثار ان کان پهرين وجود ۾ آيا هوندا انهن کي نابود ۽ برباد ڪندو، جهڙي طرح رسول خدا (ص) جاهليت کي نابود ڪيو هيو، پوءِ اسلام کي وري ابتداء کان شروع ڪندو.

39_مهدي (ع) جو مُنڪر رسول خدا (ص) جو منڪر آهي

رسول خدا (ص) فرمائن ٿا:

مَنْ أَنْكَرَ الْقَائِمَ مِنْ وُلْدِي فَقَدْ أَنْكَرَنِي‏ [39]

جنهن به منهنجي پٽ قائم (ع) جو انڪار ڪيو،ان ڄڻ ته هن منهنجو انڪار ڪيو آهي.

40_ مهدي (ع) جو مُنڪِر جهالت جي موت مرندو

امام صادق (ع) پنهنجي اجداد کان نقل ڪندي فرمائن ٿا ته رسول خدا (ص) فرمايو:

مَنْ أَنْكَرَ الْقَائِمَ مِنْ وُلْدِي فِي زَمَانِ غَيْبَتِهِ مَاتَ مِيتَةً جَاهِلِيَّة [40]

جنهن به منهنجي اولاد منجهان ايندڙ قائم (ع) جو سندس غيبت جي زماني ۾ انڪار ڪيو ته اهو جهالت جي موت مرندو.

حوالا.................



[1] _(شيخ صدوق، ڪمالالدين، ج‏1 ص:287 ؛ دار الڪتب الاسلاميه قم، 1395 هجري قمري)

[2] _ فتال نيشابوري؛ روضة الواعظين و بصيرة المتعظين،ج‏2ص:261 ؛ انتشارات رضي قم

[3] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏51 ص:74، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[4] _ شيباني، احمد بن محمد؛ مسند احمد بن حنبل، ج3 ص:426 ؛ دار احياء التراث بيروت لبنان

[5] _ حلي، ابن بطريق يحيي بن حسن، العمدة، ص:439 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1407 هجري قمري

[6] _ علامه حلي، ڪشف اليقين، ص:331 ؛ مؤسسه چاپ و انتشارات وابسته به وزارت فرهنگ و ارشاد، 1411 هجري قمري

[7] _ سيد علي بن موسي بن طاوس؛ الطرائف،ج‏1ص:178 ؛ چاپخانه خيام قم، 1400 هجري قمري

[8] _ قزويني، ابن ماجه، محمد بن يزيد بن عبدالله؛ سنن ابن ماجه، ج2 ص:531 ؛ دار الفڪر، بيروت لبنان.

[9] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏51 ص:82، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[10] _ شيخ صدوق، ڪمالالدين، ج‏1 ص:286 ؛ دار الڪتب الاسلاميه قم، 1395 هجري قمري

[11] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏43 ص:304، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[12] _ شيخ صدوق و شيخ مفيد؛ اعتقادات الامامية و تصحيح الاعتقاد،ج‏1 ص:104؛ ناشر: ڪنگره شيخ مفيد؛ 1414 ق‏

[13] _ طبرسي، امين الاسلام فضل بن حسن، إعلام الوري، ص:424 ؛ دار الڪتب الاسلامية تهران

[14] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏51 ص:85، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[15] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏52 ص:340، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[16] _ شيخ صدوق، ڪمال الدين، ج‏1 ص:287 ؛ دار الڪتب الاسلاميه قم، 1395 هجري قمري

[17] _ شيخ صدوق، الخصال،ج2 ص:541 ؛ انتشارات جامعه مدرسين قم، 1403 هجري قمري

[18] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏52 ص:158، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[19] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏51 ص:81، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[20] _ نعماني ، محمد بن ابراهيم؛ الغيبة، ص:237 ؛ مڪتبة الصدوق، تهران، 1397 هجري قمري

[21] _ شيخ صدوق، عيون أخبار الرضا (ع)، ج‏1 ص:299 ؛ انتشارات جهان، 1378 هجري قمري

[22] _ قمي، علي بن محمد خزاز؛ ڪفاية الاثر، ص:280 ؛ انتشارات بيدار قم، 1401 هجري قمري

[23] _ معتزلي، ابن ابي الحديد، شرح نهج البلاغة، ج‏9 ص:40 ؛ انتشارات ڪتابخانه آيت الله مرعشي قم، 1404 هجري قمري

[24] _ راوندي، قطب الدين، الخرائج و الجرائح ، ج‏2 ص:840 ؛ مؤسسه امام مهدي (عج) قم، 1409 هجري قمري

[25] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏52 ص:336، مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[26] _ نعماني ، محمد بن ابراهيم؛ الغيبة، ص:86 ؛ مڪتبة الصدوق، تهران، 1397 هجري قمري

[27] _ شيخ حر عاملي، وسائل الشيعة، ج‏5 ص:120 ؛ مؤسسه آل البيت عليهم‏السلام قم، 1409 هجري قمري

[28] _ طبرسي، امين الاسلام فضل بن حسن ؛ إعلام الوري، ص:428 ؛ دار الڪتب الاسلامية تهران

[29] _ شيخ مفيد، الارشاد، ج‏2 ص:381 ؛ انتشارات ڪُنگره جهاني شيخ مفيد قم، 1413 هجري قمري

[30] _ شيخ مفيد، الارشاد، ج‏2 ص:386 ؛ انتشارات ڪُنگره جهاني شيخ مفيد قم، 1413 هجري قمري

[31] _ طبرسي، امين الاسلام فضل بن حسن ؛ إعلام الوري، ص:427 ؛ دار الڪتب الاسلامية تهران

[32] _ ڪليني، الڪافي،ج8 ص:241؛ دار الڪتب الاسلامية تهران، 1365 هجري شمسي

[33] _ طبرسي، امين الاسلام فضل بن حسن ؛ إعلام الوري، ص:429 ؛ دار الڪتب الاسلامية تهران

[34] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏26 ص:108؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[35] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏51 ص:83؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[36] _ إربلي، علي بن عيسى ، ڪشف الغمة، ج‏2 ص:478 ؛ چاپ مڪتبة بني هاشمي تبريز، 1381 هجري قمري

[37] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏52 ص:291؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[38] _ نعماني ، محمد بن ابراهيم؛ الغيبة، ص:231 ؛ مڪتبة الصدوق، تهران، 1397 هجري قمري

[39] _ مجلسي، بحار الانوار،ج‏51 ص:73؛ مؤسسة الوفاء بيروت - لبنان، 1404 هجري قمري

[40] _ شيخ صدوق، ڪمال الدين، ج‏2 ص:413 ؛ دار الڪتب الاسلاميه قم، 1395 هجري قمري