Get Adobe Flash player

11_سوره بقره آيت 114

مَنْ أَظْلَمُ مِمَّنْ مَنَعَ مَساجِدَ اللَّهِ أَنْ يُذْكَرَ فيهَا اسْمُهُ وَ سَعى‏ في‏ خَرابِها أُولئِكَ ما كانَ لَهُمْ أَنْ يَدْخُلُوها إِلاَّ خائِفينَ لَهُمْ فِي الدُّنْيا خِزْيٌ وَ لَهُمْ فِي الْآخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ

۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو جنهن الله جي مسجدن ۾ان جي ذڪر کان روڪيو ۽ مسجدن جي ويراني ۽ بربادي جي ڪوشش ڪئي ، سي اهي آهن جن کي مسجدن ۾ (پنهنجن ڪمن سبب) خوف جي حالت کانسواءِ ٻي حالت ۾ گھڙڻ نه جڳائي انهن لاءِ دنيا ۾ رسوائي ۽ آخرت ۾ وڏوعذاب سانڀيل آهي

شان نزول:خدا جي عبادتگاهن ۾ رنڊڪ

ڪتاب “اسباب النزول” ۾ ابن عباس کان هن ريت نقل ٿيل آهي ته هي آيت “ فطلوس” رومي ۽ سندس عيسائي ساٿين جي باري ۾ نازل ٿي  آهي ، انهن بني اسرائيل سان جنگ ڪئي “توريت” کي باهه ڏنائون ۽ بني اسرائيل جي اولاد کي قيد ڪيائون ، بيت المقدس کي ويران ڪيائون ۽ ان ۾ مردار اڇلايائون.

مرحوم طبرسي “مجمع البيان” ۾ ابن عباس کان نقل ڪري ٿو ته بيت المقدس جي ڀڃ ڊاهه جو سلسلو مسلمانن جي هٿان فتح ٿيڻ تائين جاري رهيو [1]  

هڪ روايت ۾ امام جعفر صادق (ع) کان هن ريت آيو آهي ته : هي آيت “قريش” جي باري ۾ان وقت نازل ٿي هئي جڏهن انهن پاڻ سڳورن کي مڪي ۽ مسجد الحرام ۾ اچڻ کان روڪيوهو.[2]

ڪن وري هن آيت جو شان نزول هن ريت ذڪر ڪيو آهي ته (مساجد) مان مڪي جون اهي جڳهيون مراد آهن جن ۾ اهي نماز پڙهندا هئا ، ۽ مشرڪن پاڻ سڳورن جي هجرت کان پوءِ انهن کي ويران ڪري ڇڏيو هو[3]

اهو به ٿي سگھي ٿو ته آيت ان سڀني واقعن کي بيان ڪندڙ هجي ، ان جي ڪري ذڪر ٿيل تمام شان نزولَ مسئلي جي مختلف جهتن کي بيان ڪندڙ هجن .

12_سوره بقره آيت 115

وَ لِلَّهِ الْمَشْرِقُ وَ الْمَغْرِبُ فَأَيْنَما تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ واسِعٌ عَليمٌ

۽ اوڀر ۽ اولھ الله جا آهن پوءِ جنهن پاسي (اوهان) منهن ڪندا خدا موجود آهي بتحقيق الله بي نياز ۽ (سڀني کان) دانا آهي

شان نزول: جيڏانهن منهن ڪرين تيڏانهن خدا کي پائيندي.

هن آيت جي شان نزول جي باري ۾ مختلف روايتون ذڪر ٿيون آهن، ابن عباس بيان ڪري ٿوته هي آيت قبلي جي تبديل ٿيڻ جي باري ۾ آهي ، جڏهن مسلمانن جو قبلو بيت المقدس کان ڪعبة الله ڏانهن تبديل ٿيو ته يهودي ان جو انڪار ڪندي مسلمانن تي اعتراض ڪرڻ لڳا ته ڇا قبلو به تبديل ٿي سگهي ٿو؟[4] ان وقت هي آيت نازل ٿي انهن کي جواب ڏنائين ته اوڀر ۽اولهه الله سائين جي ملڪيت آهن( ان جي ڪري جيڏانهن به منهن ڪي الله کي پائيندئو)،

هڪ ٻي روايت ۾ آيو آهي ته هي آيت مستحبي نماز جي باري ۾ نازل ٿي آهي ته جڏهن انسان سواري تي سوار هجي ته جنهن طرف به وڃي (پوءِ چاهي کڻي پٺيرو ئي ڇو نه هجي ) مستحبي نماز پڙهي سگهي ٿو [5]

ڪن وري حضرت جابر کان روايت ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن (ص)  مسلمانن جي هڪ ٽولي کي هڪڙي جنگ جي ميدان ڏانهن موڪليوته رات جي انڌيري ڇائنجي وڃڻ کان پوءِ کين قبلي جي خبر نه پئي ،ته هرڪنهن ، ڪنهن نه ڪنهن پاسي منهن ڪري نماز پڙهي، سج اڀرڻ مهل ڏٺائون ته سڀني قبلي واري پاسي کان هٽي نماز پڙهي هئي، تنهن تي پاڻ سڳورن کان سوال ڪيائون ته ان وقت مٿين آيت نازل ٿي ۽ انهن کي ٻڌايائين ته ان حالت ۾ سندن نماز صحيح هئي [6] (پر ان حڪم جون ڪجھ شرطون آهن جيڪي فقه جي ڪتابن۾ ذڪر ٿيل آهن)

۽ ان ۾ ڪا به مشڪل ناهي جو  ذڪر ٿيل سڀئي شان نزولَ آيت لاءِ ثابت هجن ، ۽ آيت قبلي جي تبديلي ، مستحبي نماز سواري تي پڙهڻ ، ۽ قبلي جي معلوم نه هجڻ وقت واجب نماز پڙهڻ واري سڀني مسئلن کي بيان ڪندڙ هجي ، ۽ ان حقيقت کان هٽي ڏسجي تڏهن به ڪا به آيت پنهنجي شان نزولَ سان مخصوص ناهي هوندي ، ۽ ان جي مفهوم کي مجموعي طور تي نظر ۾ رکيو وڃي ، جنهن مان ڪيترن ئي احڪام کي ثابت ڪري سگھجي ٿو.

14_سوره بقره آيت 120_121

لَنْ تَرْضى‏ عَنْكَ الْيَهُودُ وَ لاَ النَّصارى‏ حَتَّى تَتَّبِعَ مِلَّتَهُمْ قُلْ إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الْهُدى‏ وَ لَئِنِ اتَّبَعْتَ أَهْواءَهُمْ بَعْدَ الَّذي جاءَكَ مِنَ الْعِلْمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِنْ وَلِيٍّ وَ لا نَصيرٍ *الَّذينَ آتَيْناهُمُ الْكِتابَ يَتْلُونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولئِكَ يُؤْمِنُونَ بِهِ وَ مَنْ يَكْفُرْ بِهِ فَأُولئِكَ هُمُ الْخاسِرُونَ

۽ (اي رسول) يهودي ۽ نصاريٰ توکان ڪڏهن به راضي نه ٿيندا جيستائين تون انهن جي ( تحريف ڪيل ) دين جي پيروي نه ڪرين کين چئو ته (ڪامل) هدايت فقط الله جي هدايت آهي۽اگر تو علم اچڻ کان پوءِ به انهن جي خواهشن جي پيروي ڪئي ته الله پاران تنهنجو ڪو به سرپرست ۽ مددگار نه هوندو**اهي جن کي اسان (آسماني) ڪتاب ڏنو آهي سي (يهودي ۽ نصارى ) ان کي اهڙيءَ طرح پڙهندا آهن جهڙو ان جي پڙهڻ جو حق آهي اهي ان (ڪتاب) کي مڃين ٿا ۽ جيڪي به ان جو انڪار ڪن ٿا اهي خساري ۾ آهن

شان نزول:سرڪش قومون.

پهرين آيت جي شان نزول جي باري ۾ حضرت ابن عباس کان نقل ٿيو آهي ته : مديني جا يهودي ۽ نجران جا عيسائي هميشه ان ڳالهه جي اميد رکندا هئا ته پيغمبر اڪرم (ص) هميشه قبلي جي تبديل ۾ ساڻن رضامندي ڏيکارين،جڏهن الله تعالى مسلمانن جو قبلو بيت المقدس کان ڪعبة الله ڏانهن ڦيرايوته اهي پاڻ سڳورن کان مايوس ٿي ويا ( شايد انهي دوران مسلمانن جا ڪجھ قبيلا اعتراض ڪندا هيا ته اهڙو ڪم نه ڪرڻ گھرجي جيڪو يهودين ۽ عيسائين جي ناراضگي جوسبب ٿئي )[7]

ان وقت ذڪر ٿيل آيت نازل ٿي ۽ پيغمبر کي اهو پيغام ڏنائين ته يهودي ۽ عيسائين جا اهي ٽولا نه قبلي جي تبديلي سان ۽ نه ئي ڪنهن ٻي ڪنهن ڳالهه تي توسان راضي ٿيندا ، سواءِ ان جي جو سندن آئين کي اکيون ٻوٽي قبول ڪرين.

ڪن ٻين نقل ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن (ص) جو تمام گهڻو زور هو ته انهن ٻنهي ٽولن کي راضي ڪن ته متان اسلام قبول ڪري وٺن، ان وقت ذڪر ٿيل آيت نازل ٿي ۽ پيغمبر کي پيغام ڏنائين ته پاڻ ان ڳالهه کي ذهن مان ڪڍي ڇڏين ڇاڪاڻ ته هو سندن آئين جي پيروي ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن ڳالهه تي راضي نه ٿيندا[8]

ٻي آيت جي شان نزول جي باري ۾ به مختلف روايتون آيون آهن، ڪن مفسرن جو اهو عقيدو آهي ته هي آيت انهن ماڻهن جي باري ۾ نازل ٿي آهي جيڪي جعفر بن ابوطالب سان حبشه مان گڏجي آيا هئا ،  هي اهي هئا جيڪي اتي ساڻن گڏجي پيا هئا، ۽ اهي چاليهه ماڻهو هئا ، ٻٽيهه ماڻهو حبشه جا رهاڪو هئا، جڏهن ته اٺ ماڻهو شام جا راهب هئا ، ناليوارو “بحيرا” راهب به انهن منجھان ئي هو [9]

  ڪن علماء جو چوڻ آهي ته هي آيت يهودين جي ڪجهه ماڻهن جهڙوڪ “ عبدالله بن سلام” ، “ سعيد بن عمرو” ،  “ تمام بن يهودا” ۽ انهن جهڙن (ٻين يهودين) جي باري ۾ نازل ٿي هئي جيڪي سچي دل سان مومن ٿيا هئا [10] 



[1] بحار الانوار ج2، س 319 ، مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾ (ٿوري فرق سان)

[2] _بحارالانوار ج20 ص319۽ ج80 ص340 “ تفسير علي بن ابراهيم قمي ج1، ص 58 ، مجمع البيان ، ذڪر ٿيل آيت  جي ذيل ۾

[3] _ بحارالانوار ج 25 ، ص297 ۽ ج80 ص340، تفسير امام حسن عسڪري ص560

[4] _مستدرک الوسائل ، ج3، ص175، حديث 3297_9، مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾ بحارالانوار ج4، ص105۽106، تفسير امام حسن عسڪري ،ص492 حديث 312

[5] _وسائل الشيعه ج4، ص332۽ 333 ،تفسيرعياشي ج1، ص56حديث 8، بحارالانوارج81، ص70، مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾

[6] _بحارالانوار ج81، ص31 ، مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾

[7] _در منثور ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾ ، فتح القدير ج1، ص126 ، تفسير روض الجنان وروح الجنان ، تفسير ابوالفتح رازي ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾.

[8] _مجمع البيان ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾ ، تفسير تبيان ،ج1، ص429

[9] _تفسير ابو الفتح رازي ۽ مجمع البيان ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾ ، بحار الانوار ج22، ص46 ،47 ۽ 56.

[10] _ ساڳيو حوالو