Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 63 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

خداوند متعال طرفان انسانن جي هدايت لاءِ هميشه هڪ نبي کان پوءِ ٻيو نبي ايندو رهيو ۽ سڀ کان آخر ۾ اسان جو نبي اڪرم ﷺ تشريف کڻي آيو جنهن کان پوءِ ڪو به نبي نه آيو آهي ۽ نه وري ايندو پر انسانن جي هدايت جو سلسلو جاري رکڻ ضروري هو . ته جيئن ماڻهو هدايت وٺندا رهن ۽ گمراهيءَ کان محفوظ رهن تنهن ڪري نبوت جي خاتمي کان پوءِ الله بندن جي هدايت واسطي امامن کي موڪليو

امام به نبي وانگر هدايت ڪرڻ لاءِ ايندا آهن تنهن ڪري انهن ۾ به اهي سموريون ڳالهيون سمايل هونديون آهن جيڪي نبي ۾ هونديون آهن. امام اهو هوندو آهي جنهن ۾ هيٺ ڏنل ٽي شيون پاتيون وڃن

_1. امام عالم پيدا ٿيندو آهي ۽ پنهنجي وقت جي تمام ماڻهن کان علم ۾ ۽ ٻين تمام اعلى صفتن ۾ افضل هوندو آهي، هن کان ڪڏهن به ڀل،چڪ يا خطا نه ٿيندي آهي

_2. امام به نبي وانگر معصوم هوندو آهي

. امام کي به خداوند متعال پنهنجي حڪم سان مقرر ڪندو آهي . اسان جي نبي اڪرم ﷺ پنهنجي سوٽ ۽ ناٺي حضرت علي عليه السلام کي خدا جي حڪم سان پنهنجو خليفو ۽ جانشين مقرر ڪيو هو.

 مولى اميرالمومنين علي عليه السلام ئي اسان جا پهريان امام آهن ، پاڻ کان پوءِ سندن يارنهن فرزند اسان جا امام آهن ، جيڪي سڀ جا سڀ حضرت علي عليه السلام جي اولاد مان آهن ۽ سڀني کي خداوند متعال ئي امام مقرر ڪيو آهي ، امام ۽ نبي ۾ فرق صرف هي هوندو آهي ته نبي صاحب شريعت هوندو آهي ۽ امام انهي شريعت جو نگهبان هوندو آهي.

اسان جا امام

اسان جا امام ٻارنهن آهن سندن ولادت شهادت ۽ مختصر احوال اسان هتي ترتيب سان ذڪر ڪيون ٿا.

1_ امام حضرت علي عليه السلام

حضرت علي عليه السلام : 13رجب المرجب سن 30 عام الفيل يعني هجرت کان 23 سال اڳ جمع جي ڏينهن خانه ڪعبه ۾ پيدا ٿيا سندس پيءُ جو نالو حضرت ابو طالب هيو ۽ سندس ماءُ جو نالو فاطمه بنت اسد هيو[1] . امام عليه السلام جي شهادت 21 رمضان المبارڪ جي رات سن40 هه ق ۽ سندن عمر 63 ورهيه هئي[2]. سندن زيارت گاه نجف اشرف عراق ۾ آهي.

2_ حضرت امام حسن عليه السلام

 حضرت امام حسن عليه السلام: 15 رمضان اڱاري جي رات سن 3 هه ق مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا[3] ، سندس پيءُ جو نالو حضرت علي عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي سيده النساءالعالمين فاطمه الزهرا سلام الله عليها هيو. امام عليه السلام جي شهادت زهر جي ذريعي سان (جيڪو معاويه جي شازش سان ۽ سندس ئي گهر واري جُعده جي هٿان کين ڏنو ويو [4]) 28 صفر المظفر سن 50 هه ق تي شهيد ڪيا ويا ۽ سندن عمر 47 ورهيه هئي . سندن زيارت گاه جنت البقيع عربستان ۾ آهي.

3_حضرت امام حسين عليه السلام

3 شعبان المعظم خَميس جي ڏينهن سن 4 هه ق مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا[5] ، سندس پيءُ جو نالو حضرت علي عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي سيده النساءالعالمين فاطمه الزهرا سلام الله عليها هيو. امام عليه السلام جي شهادت ڪربلا جي ميدان ۾ 10 محرم الحرام سن 61 هجري تي ڪيا ويا ۽ سندن عمر 57 سال هئي. سندن زيارتگاه ڪربلاء معلى عراق ۾ آهي.

4_حضرت امام علي زين العابدين عليه السلام

 15جمادي الاول سن 38 هه ق مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا، سندس پيءُ جو نالو حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي شهربانو[6] هيو . امام عليه السلام جي شهادت زهر جي ذريعي 25 محرم الحرام سن 95 هه ق ۾ ٿي ۽ سندن عمر 57 سال هئي. سندن زيارتگاه جنت البقيع عربستان ۾ آهي.

5_حضرت امام محمد باقر عليه السلام

 پهرين رجب سن 57هه ق تي مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا، سندس پي جو نالو حضرت امام علي زين العابدين عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي فاطمه ام عبدالله بنت حضرت امام حسن عليه السلام هيو. امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي 7 ذوالحج سن114 هه ق تي ٿي [7]۽ سندن عمر 57 سال هئي. سندن زيارتگاه جنت البقيع عربستان ۾ آهي.

6_حضرت امام جعفرصادق عليه السلام:

 17ربيع الاول سن 83 هه ق تي مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا، سندس پي جو نالو حضرت امام محمد باقر عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي ام فروه هيو. امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي 15يا25 شوال سن148 هه ق تي ٿي جڏهن ته سندن عمر 65 سال هئي. سندن زيارت گاه جنت البقيع عربستان ۾آهي.

7_حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام

7 صفر سن 128 هه ق تي ابواء (جيڪو مدينه منوره ۽ مڪي جي درميان هڪ ڳوٺ آهي) ۾ پيدا ٿيا، سندس پي جو نالو حضرت امام جعفر صادق عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي حميده هيو. امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي 25 رجب سن183 هه ق تي ٿي  ۽ سندن عمر 55 سال هئي. سندن زيارت گاه بغداد ڪاظمين عراق ۾ آهي.

8_حضرت امام علي رضا عليه السلام

11 ذوالقعد سن 148 هه ق تي مدينه منوره  ۾ پيدا ٿيا، سندس پي جو نالو حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي تُڪتَم هيو امام عليه السلام جي ولادت کان پوءِ امام موسى ڪاظم عليه السلام جي طرفان کيس طاهره جي نالي سان سڏيو ويندو هو.[8] امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي آخر صفر سن203 هه ق تي ٿي  ۽ سندن عمر 55 سال هئي. سندن زيارت گاه مشهد مقدس ايران ۾آهي.

9_حضرت امام محمد تقي عليه السلام

 15رجب سن 195 هه ق تي مدينه منوره  ۾ پيدا ٿيا[9]، سندس پي جو نالو حضرت امام علي رضا عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي سبيڪه[10] هيو. امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي آخر ذوالقعد سن220 هه ق تي ٿي  ۽ سندن عمر 25 سال هئي. سندن زيارت گاه بغداد ڪاظمين عراق ۾ آهي.

10حضرت امام علي نقي عليه السلام

15ذوالحج سن 212 هه ق تي صريا (نالي محلي جيڪو مدينه منوره جي ويجهوآهي) ۾ پيدا ٿيا[11]، سندس پي جو نالو حضرت امام محمد تقي عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي سمانه هيو. ۽ امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي 3رجب سن254 هه ق تي ٿي  ۽ سندن عمر 41 سال هئي[12]. سندن زيارت گاه سامرّاء ۾ عراق آهي.

11_حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام

 10ربيع الثاني سن 232 هه ق تي مدينه منوره ۾ پيدا ٿيا، سندس پي جو نالو حضرت امام علي نقي عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي حديثه هيو. امام عليه السلام جي شهادت زهر ذريعي 8ربيع الاول سن260 هه ق تي ٿي ،سندن عمر 28 سال هئي. سندن زيارت گاه سامرّاء عراق ۾ آهي.

12_حضرت امام مهدي آخرالزمان عليه السلام

15شعبان سن 255 هه ق تي سامرّاء ۾ پيدا ٿيا، سندس پي جو نالو حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام ۽ سندس ماءُ جو نالو بيبي نرجس هيو. ۽ اڄ تائين بحڪم خدا زنده ۽ پرده غيب ۾ آهن ، امام عليه السلام جي غيبت جا به ٻه دور آهن هڪ دور غيبت صغرى جيڪو ابتداء ۾ ولادت کان وٺي ڪري خاص نائبن تائين هيو جيڪو سن 329 هه ق تائين هليو، ٻيو دور غيبت ڪبرى جيڪو امام عليه السلام جو غيبت صغرى کان پوءِ شروع آهي ۽ ظهر امام زمانه تائين هلندو ۽ اهو ظهور امام جو به خدا جي حڪم سان ٿيندو ، جڏهن به خدا جو حڪم ٿيو ته امام عليه السلام ظهور ڪندو



[1] _ منتهي الآمال ، ج1، ص273.

[2] _ساڳيو، ج1، ص320.

[3] _ساڳيو، ج1 ، ص411

[4] _ ساڳيو، ج1 ، ص434

[5] _ساڳيو، ج1 ، ص522.

[6] _ سيره پيشوايان، ص233.

[7] _ ساڳيو ، ص 305 .

[8] _ عيون اخبار الرضا، ج1، ص14.

[9] _ اعلام الورى ، ص 344.

[10] _ سيره پيشوايان، ص529.

[11] _ الارشاد، ص 327

[12] _ سيره پيشوايان، ص567.