Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 61 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

اصول دين ۾ ٽيون نمبر نبوت آهي ، نبي خدا ص جي طرفان موڪليل اهي خاص انسان آهن جنن جو ڪم نيڪي جي رهنمائي هوندا آهن، اسان وانگر ئي گهمندا ڦرندا آهن،کائيندا پيئندا آهن، سمجهندا جاڳندا آهن ، پر اسان ۾ ۽ انهن ۾ فرق هي هوندو آَهي ته اسان جاهل پيدا ٿيندا آهيون ، هو خدا کان علم کنيو ايندا آهن يعني عالم پيدا ٿيندا آهن جهڙي طرح اسان گندگي کان بيزار رهندا آهيون ،اهڙي طرح هو گناهن کان بيزار رهندا آهن ، اسان گندگيءَ کي ڇهڻ جي قدرت رکندي به نه ڇهدا آهيون ائين ئي نبي گناه تي قدرت رکندا آهن پر گناه نه ڪندا آهن هو معصوم يعني هر عيب کان پاڪ آهن؛نه ڪوڙ ڳالهائيندا آهن نه وري ڪنهن کي ستائيندا آهن، نه ڪنهن جو مال کسيندا آهن نه وري برائي ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به خدا جي نا فر ماني نه ڪندا آهن .

نبي۽ اسان ۾ ٽن ڳالهين جو فرق آهي .

1_نبي عالم پيدا ٿيندو آهي (هن کان ڀل،چوڪ ،غلطي۽ خطا ڪڏهن به نه ٿيندي آهي )پراسان جاهل پيدا ٿيندا آهيون ۽ عام انسان خطا جو گهر آهي

2_ نبي معصوم هوندو آهي ڇوته انج و علم مڪمل هوندو آهي هو گناهن جي برن اثرن کان پوري طرح واقف هوندا آهن ۽اهڙي طرح هر گناه کان بيزار رهندا آهن ،بيزار رهڻ جي ڪري ڪڏهن به گناه نه ڪندا آهن .

3_ خدا نبي کي پنهنجي طرف کان هدايت واسطي موڪليندو آهي ۽اسان جو ڪم ان کان هدايت حاصل ڪرڻ آهي.

اسان جو رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم

اسان جي عقيدي مطابق محمد مصطفى ص سڀني نبين جا سردار ۽ آقا آهن. ، سندن زندگيءَ جو مختصر احوال هيئن آهي:نبي اڪرم ص جمعي 17 ربيع الاول پهرين عام الفيل تي هن فاني جهان ۾ آيا[i]. اسان جو نبي رسول اڪرم ص اڃان پنهنجي ماءُ جي شڪم  ۾ ئي هئا ته سندن والد بزرگوار جناب عبدالله رضه رحلت ڪري ويا . جڏهن پاڻ چئن سالن جا ٿيا ته سندن والده سڳوري جناب بيبي آمنه رضه وفات ڪري ويئي ،سندن ڏاڏي جناب عبدالمطلب ص جو انتقال انهي وقت ٿيو جڏهن حضُور اڪرم ص جي عمر اٺ سال هئي.[ii] جناب عبدالمطلب وفات ڪرڻ وقت اسان جي رسول اڪرم ص کي پنهنجي سڀني کان  وڌيڪ لائق پٽ جناب ابو طالب جي حوالي ڪيو،ابو طالب مرڻ گهڙيءَ تائين سندن حفاظت ۽ اسلام جي دشمنن کان پاڻ ص  کي بچائيندورهيو. نبي اڪرم ص جڏهن25 سالن جا ٿيا ته سندن شادي جناب حضرت بيبي خديجه سلام عليها سان ٿي ، جيڪا مڪي جي سڀ کان بلند ڪردار ۽ مالدار عورت هئي .

جناب خديجه سلام عليها سڄي دولت اسلام جي مدد ۾ خرچ ڪئي جڏهن پاڻ ص چاليهن سالن جا ٿيا ته خداوند متعال پاڻ ص کي نبوت جي اعلان جو حڪم ڏنو. ائين پاڻ نبوت جو اعلان ڪيو. جناب خديجه سلام عليها مان پاڻ ص کي پٽ جو اولاد ٿيو پر زنده رهي نه سگهيا ، انهن مان هڪ جو نالو قاسم هو انهي ڪري سندن ڪنيت ابو القاسم يعني قاسم جو پئيءُ آهي .

پٽن جي انتقال کان پوءِ  خدا تعالى پاڻ ص کي سيدة النساءَ العالمين جناب فاطمة زهرا سلام الله عليها جهڙي عظيم نياڻي عطا ڪئي جيڪا سوره ڪوثر جو حقيقي مصداق آهي ،آنحضرت ص جو نسل پنهنجي سندن اڪيلي ڌي ءَ جناب فاطمة الزهرا سلام الله عليها مان هليو آهي . اسان جي پياري رسول اڪرم ص سن10 هجري قمري 28 صفرالمظفر سومر جي ڏينهن تي وفات ڪيائون ۽ وفات وقت اسان جي پياري رسول اڪرم ص جي عمر63 ٽيهٽ سال هئي[iii].


[i] _(منتهى الآمال ج1 ،ص43 )

[ii] _(منتهى الآمال ج1 ،ص97 )

[iii] _(منتهى الآمال ج1 ،ص195 )