Get Adobe Flash player

7_سورت بقره  آيت 99

وَ لَقَدْ أَنزَلْنَا إِلَيْكَ ءَايَاتِ  بَيِّنَاتٍ  وَ مَا يَكْفُرُ بِهَا إِلَّا الْفَاسِقُونَ

ترجمو: ۽ (اي پيغمبر) بي شڪ اسان تو ڏانھن روشن آيتون موڪليون آهن، ۽ بي دينن کانسواءِ ڪوبه اُنهن جو انڪار نه ڪندو.

شان نزول: هٺ ڌرمي ۽ دشمني :

هن آيت جي شان نزول  جي باري ۾ ابن عباس نقل ڪري ٿو ته: ”ابن صريا“ هڪ يهودي عالم هو جنهن پنهنجي دشمني ۽ ساڙ سبب پيغمبر اڪرم (ص) کي چيو ته : تو اسان لاءِ ڪا شي سمجهه ڀري شي نه آندي آهي ۽ خداوند متعال توتي ڪا روشن نشاني نازل ڪونه ڪئي آهي جو اسان تنهنجي پيروي ڪيون، ته اها آيت نازل ٿي ۽ انهي يهودي کي واضح لفظن ۾جواب ڏنائين.[i]

8_سوره  بقره  آيت 104

يَأَيُّهَا الَّذِينَ ءَامَنُواْ لَا تَقُولُواْ رَاعِنَا وَ قُولُواْ انظُرْنَا وَ اسْمَعُواْ  وَ لِلْكَفِرِينَ عَذَابٌ أَلِيمٌ

ترجمو: اي ايمان وارؤ (پيغمبر کي عرض ڪرڻ مھل) راعِنا (جو لفظ) نه چئو ۽ اُنظرنا (جو لفظ) چئو ۽ (اھو حڪم دل سان) ٻڌو، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

شان نزول : ڳالهه مان غلط فائدي وٺڻ تي ڌمڪي:

هتي به مشهور مفسر ابن عباس نقل ٿو ڪري ته: اسلام جي ابتدا ۾ جڏهن پيغمبر اڪرم (ص) مسلمانن جي درميان آيتون ۽ احڪام بيان ڪندا هئا ته مسلمان ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سڳورن (ص) جن کي اهو عرض ڪندا هئا ته ٿورو آهسته بيان ڪن ته جيئن مطلب کي سٺي نموني سان سمجهي سگهجي ۽ سوالن کي به بيان ڪري سگهجي ۽ انهي درخواست لاءِ ”راعنا“ جولفظ جيڪو ”الرعي“ مان ورتل آهي ۽ مهلت ڏيڻ جي معنى ۾ اچي ٿو ، استعمال ڪندا هئا. ليڪن يهودي انهي حرف ”راعنا“ کي جيڪو ”الرعونه“ مان ورتل آهي ۽ کيڏڻ ۽ حماقت جي معنى ۾ آهي ،استعمال ڪندا هئا (پهرين صورت ۾ معنى اها ٿيندي ته ”اسان کي مهلت ڏي“۽ ٻي صورت ۾ معنى ٿيندي ته ” اسان کي بيوقوف بڻائي“ )

ان جو مطلب ته يهودين کي هڪ سند ملي وئي ته مسلمانن جي انهي استعمال ڪيل جملي سان رسول اڪرم (ص) يا مسلمانن سان مذاق ڪري سگھن.

ان وقت مٿين آيت نازل ٿي ۽ ان لفظ مان غلط فائدو وٺڻ کي روڪڻ لاءِ ، مؤمنن کي اهو حڪم مليو ته ”راعنا“ جي جڳهه تي”اُنظرنا “ جو جملواستعمال ڪن ، جيڪو اها ساڳي معني به ڏي ٿو۽ دشمن جي ٽوڪ بازي جو به رستو بند ٿي ويو .[ii]

ڪجهه وري مفسرن هي ريت چيو آهي ته : راعنا وارو جملو يهودين جي زبان ۾ هڪ گھٽيا قسم جو لفظ هو ۽ انهي جو مطلب ”ٻُڌ پر ڪڏهن نه ٻڌين“  هي جملو بار بار ورجائي کلندا هئا.[iii]هي هو ته ڪن وري هن طرح به نقل ڪيو آهي ته : يهودي راعنا جي بدلي “راعينا ” چوندا هئا جنهن جي معنى هئي ”اسان جو ڌنار“ ۽ پيغمبر اسلام (ص) کي ائين مخاطب ٿي ساڻن مذاق ڪندا هئا[iv]

ذڪر ٿيل شان نزولن ۾ ڪو تضاد ۽ ٽڪراءُ ڪونهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهي سڀ جا سڀ صحيح هجن.

9_سوره بقره آيت 108

أَمْ تُرِيدُونَ أَن تَسَْلُواْ رَسُولَكُمْ كَمَا سُئلَ مُوسىَ‏ مِن قَبْلُ  وَ مَن يَتَبَدَّلِ الْكُفْرَ بِالْايمَانِ فَقَدْ ضَلَّ سَوَاءَ السَّبِيلِ

ترجمو:(اي مسلمانؤ)ڇا توھان پنھنجي پيغمبر کان ايئن (اجايا) سوال ٿا ڪيو جيئن اڳي (يھودين) موسىٰ کان سوال ڪيا هئا؟ ۽ جيڪو ايمان کي ڪفر سان مٽائيندو سو بيشڪ سِڌيءَ واٽ کان ڀُلجي ويو.

شان نزول: غير منطقي سؤال ۽ مطالبا:

تفسيرن ۾ هن آيت لاءِ  جيڪي به شان نزول ذڪر ڪيا ويا آهن سي سڀ جا سڀ نتيجي ۾ تقريباً هڪجهڙا آهن:

پهريون هي ته ابن عباس کان نقل ٿيل آهي ته: وهب بن زيد ۽ رافع بن حرمله رسول خدا (ص) جن سسخاسسز بذوٽ آيا ۽ چيائون : خداوند متعال جي طرفان اسان جي نالي ڪو پيغام ٻڌاءِ ته جيئن اسان هن جي تلاوت ڪيون، ۽ پوءِ ايمان آڻيون! يا اسان لاءِ نهرن کي جاري ڪريو ته جيئن اسان توهان جي پيروي ڪريون![v]

ڪجهه ٻين جوچوڻ آهي ته : عربن مان هڪ ٽولي پيغمبر اسلام (ص) کان اُهو مطالبو ڪيو جيڪو يهودين حضرت موسى (ع) کان ڪيو هو، چيائون: اسان کي خدا چٽو ڏيکارته جيئن پنهنجن اکين سان ڏسي ان تي ايمان آڻيون![vi]

ڪجهه ٻين اهو لکيو آهي ته : انهن پيغمبر (ص) کان اها گهر ڪئي ته انهن لاءِ”ذات انواط“  نالي هڪ وڻ  مخصوص قسم جو بت ٺهرائي ڏي ته جيئن ان جي عبادت ڪن ، جيئن بني اسرائيل جي جاهلن موسى (ع) کي چيو هو ته : اجْعَل لَّنَا إِلَـهًا كَمَا لَهُمْ آلِهَةٌ[vii] (اسان لاءِ (به) ھڪڙو معبود (خدا) بڻاءِ جيئن ھنن لاءِ معبود (خدا) آھن، )[viii]

ته انهي جي جواب ۾ مٿين آيت نازل ٿي.

10_سوره بقره آيت 113

وَقَالَتِ الْيَهُودُ لَيْسَتِ النَّصَارَى عَلَىَ شَيْءٍ وَقَالَتِ النَّصَارَى لَيْسَتِ الْيَهُودُ عَلَى شَيْءٍ وَهُمْ يَتْلُونَ الْكِتَابَ كَذَلِكَ قَالَ الَّذِينَ لاَ يَعْلَمُونَ مِثْلَ قَوْلِهِمْ فَاللّهُ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُواْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ

ترجمو: ۽ يھودي چون ٿا ته عيسائي ڪنھن دين تي نه آھن، “ انهن جي خدا وٽ ڪا به حيثيت ناهي ” ۽ عيسائي چون ٿا ته يھودي ڪنھن دين تي نه آھن “باطل تي آهن ” ۽ (حقيقت ۾) اُھي(آسماني) ڪتاب به پڙھن ٿا ،( انهن کي اهڙو تعصب نه ٿو  جڳائي) اھڙي طرح  اڻ ڄاڻ ماڻهو (به) انهن  جهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا. پوءِ الله ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت جھڳڙو ڪندا آھن تنھن جو نبيرو ڪندو.

شان نزول: يهودين ۽ نصرين جي درميان ڇڪتاڻ:

سڀني مفسرن ابن عباس کان اهو نقل ڪيو آهي ته: جڏهن “نجران” جي مسيحين (عيسائين) جو هڪ ٽولو رسول خدا (ص) جي خدمت ۾ آيو ، ته يهودين جي عالمن مان به ڪجهه اتي موجود هئا ، ته پاڻ سڳورن جي موجودگي ۾ يهودين ۽ عيسائين جي وچ ۾ جهيڙو ۽ اختلاف ٿيو، يهودين مان ”رافع بن حرمله “ مسيحين جي جماعت ڏي رخ ڪري چوڻ لڳو ته: توهان جي آئين جي ڪابه بنياد ڪونهي ۽ عيسى جي نبوت ۽ ان جي ڪتاب انجيل جو انڪار ڪرڻ لڳو.

ته نجراني عيسائين مان هڪڙي شخص ساڳيو جملو انهي يهودي جي جواب ۾ وراڻيو ۽ چيائين ته : يهودين جو آئين به بي بنياد آهي، انهي محل مٿين آيت نازل ٿي ۽ ٻنهي ٽولن جي اجاين ڳالهين تي ملامت ڪيائين.[ix]



[i]  مجمع البيان ۽ قرطبي هن آيت جي ذيل ۾ جامع البيان ج1 ص619 هن آيت جي ذيل ۾

[ii] _ تفسير قرطبي، تفسير المنار، تفسير ڪبير فخر رازي، تفسير ابوالفتح رازي ۽ مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي؛ بحارالانوار، ج9، ص66،67 ۽332، ح18؛ تفسير امام حسن عسڪري عليه السلام، ص477،478،479

[iii] _ تفسير قرطبي، تفسير المنار، تفسير ڪبير فخر رازي، تفسير ابوالفتح رازي ۽ مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي؛ بحارالانوار، ج9، ص66،67 ۽332، ح18؛ تفسير امام حسن عسڪري عليه السلام، ص477،478،479

[iv] _ ساڳيو حوالو

[v] _بحارالانوار، ج9، ص67؛ مجمع البيان،هن آيت جي ذيل ۾.

[vi] _ساڳيو.

[vii] _سورت اعراف، آيت 138.

[viii] بحارالانوار ج 9 ص 67 مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾

[ix] _ تفسير قرطبي، تفسير المنار۽ مجمع البيان هن آيت جي ذيل ۾ بيان ڪيو ويو آهي؛ بحارالانوار، ج9، ص،67 ، ساڳئي مضمون واري هڪ ٻي حديث به بحارالانوار۽ تفسير امام حسن عسڪري عليه السلام ۾ آئي آهي، (بحارالانوار، ج9، ص،184؛ تفسير امام حسن عسڪري عليه السلام ص544، ح 325)