Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 270 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

خلاصو:

جيئن ته انسان جي لاءِ احترام ۽ ان جو ڪريم هجڻ ۽ خدا جي آڏو ان جو وڏو مقام هجڻ قرآن ۽ روايتن ۾ موجود آهي يعني قرآن پاڪ انسان کي ڪرامت جي انهيءَ درجي تي قرار ڏنو آهي جنهن درجي يا مقام تي ٻئي ڪا به مخلوق ناهي انسان کي ان فضيلت جو عطا ٿيڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته انسان هڙني مخلوقن کان افضل آهي.

 مقدمو:

  انسان اسلامي فڪر ۾ هڪ وڏو مقام رکي ٿو ڇاڪاڻ ته خليفو ۽ امانتدار آهي خداوند تعاليٰ جي طرفان زمين جي مٿان ۽ باقي موجودات تي فضيلت رکي ٿو هي انسان جي ذاتي اهميت جنهن کي ڪرامت چئجي ٿو تمام گھڻا حق انسان جي مٿان لاڳو ڪري ٿي يعني هاڻي انسان عام زندگيءَ مان ٻاهر اچي ڪري هڪ خاص دُنيا ۾ قدم رکي ٿو.

 

لفظِ ڪرامت جي اهميت ۾ ايترو ئي ڪافي آهي ته الله سائينءَ آسماني وحيءَ جي شروعات به ڪرامت جي صفت سان ڪئي آهياقْرَأْ وَ رَبُّكَ الْأَكْرَم[1]۽ پنهنجي مقدس درگاه جي ملائڪن کي به ڪرامت  جي وصف سان ياد ڪيو اٿس(بل عباد مکرمون)[2]

انسان ڪرامت جو مِلاڪُ ۽ معيار سندس جي پرهيزگاري جو وڌيڪ هجڻ آهي   إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقاكُمْ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ [3]

ڪرامت جي معنيٰ  لغت ۽ اصطلاح ۾

ڪرامت، ڪريم، ۽ ڪَرَم اهي سڀئي لفظ هڪ ئي مادي منجھان آهن ۽ بزرگ،محترم، باڪمال (قابل احترام)، جي معنيٰ ۾ آيا آهن.

ڪرامت جو لفظ قرآن شريف ۾ ناهي آيو پر ان مادي ۽ انهيءَ معنيٰ جا ڪيترائي لفظ جهڙوڪ “ڪريم” قرآن شريف ۾ تمام گھڻو استعمال ٿيو آهي.

ڪرامت جي اصطلاحي معنيٰ

اسلامي معاشري ۾ ڪرامت جون ڪيتريون ئي معنائون ذڪر ڪيون ويون آهن.

1 . علم ڪلام جي اصطلاح ۾ ڪرامت يعني اهي ڪم جيڪي معجزي سان شباهت رکن ٿا. ۽ عام ماڻهن جي وِتَ ۽ وَس کان ٻاهر آهن ۽ خدا جي ولين (اولياء) جي ذريعي انجام ڏنا وڃن ٿا.

2 . علم تربيت جي اصطلاح ۾ ڪرامت يعني ذاتي عظمت ۽ حثيت جيڪا انسان جي اندر ۾ سمايل آهي ۽ ٻئي ڪنهن موجود جي ذات ۾ سمايل ناهي.

ڪرامت ڪيئن حاصل ڪجي؟

قرآن شريف ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون موجود آهن جن اندر سٺن گُڻن ۽ سٺين صفتن واري انسان کي پسند ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ساراهه ڪئي وئي آهي. ۽ بُراين ۾ گھريل انسان جي مذّت ڪئي وئي آهي ۽ ان کي ناپسنديدگيءَ سان ذڪر ڪيو ويو آهي.

      اها ڳالهه به واضح آهي ته الله سائينءَ هر انسان کي بهترين نموني خلق ڪيو آهي ۽ هر انسان ۾ اها صلاحيت سمايل آهي ته پنهنجي وجود جي گُل کي ڪريم بڻائي صاحب ڪرامت جي ذُمري ۾ داخل ڪري پنهنجي قدر ۽ قيمت وڌائي. جيئن ته اميرِ ڪلام مولي علي A فرمايو آهي:قيمة کل امرءِ ما يحسنه ”

هر انسان جي قيمت ايتري آهي جيتري هن ۾ ڀلائي آهي. چوڻ جو مقصد هي آهي ته جيڪوانسان محنت ڪري پنهنجي نفس تي ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ ڪرامت ۽ احترام الله سائين کان حاصل ڪري ٿو اُهو ئي انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ اها نيڪي انسان جي ڪرامت جو سبب بڻجي ٿي ۽ سندس بدي ئي ان جي شقاوت ۽ بدبختيءَ جو سبب ۽ باعث بڻجي ٿي.

ڪرامت جا قسم

انسان جي ڪرامت کي ٻن قسمن ۾تقسيم ڪري سگھجي ٿو.

الف) ذاتي ۽ طبيعي ڪرامت: جيڪا الله سائين جي طرفان انسان کي ڏني وئي آهي. الله تبارڪ وتعاليٰ ڪيترين ئي آيتن ۾ انهيءَ ڳالهه جي طرف اشارو ڪيو آهي انهن منجھان هڪ آيت هي به آهي. وَ لَقَدْ كَرَّمْنا بَني‏ آدَم [4] “ بيشڪ اسان آدم جي اولاد کي صاحب ڪرامت قرار ڏنو آهي” . هن آيت جي روشنيءَ ۾ انسان سڀني موجودات جي وچ ۾ ذاتي ڪرامت رکي ٿو ۽ انهيءَ ڪرامت ۽ خدائي لطف ۾ سمورا انسان برابر آهن.

ب) غير ذاتي ۽ اختياري ڪرامت: هي ڪرامت عبادت آهي ته انسان اوترو ئي صاحبِ ڪرامت، اشرف ۽ محترم ٿيندو جيتري قدر هو محنت ۽ ڪاوش ڪندو ۽ قرآن پاڪ ان ڪرامت کي پنهنجي پاڪ اکرن اندر ارپي اشارو ڪيو آهي. إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقاكُمْ[5]  توهان منجھان خدا جي نزديڪ اهو ئي وڌيڪ عزّت ۽ اڪرام وارو آهي جيڪو وڌيڪ متقي ۽ پرهيزگار آهي. سندس وجود اندر خدا جو خوف وڌيڪ آهي. هن ڪرامت جي لحاظ سان سڀئي انسان مساوي ۽ برابر ناهن ڇاڪاڻ ته جنهن ۾ به پرهيزگاري وڌيڪ ۽ اُتم درجي ۾ پاتي ويندي سوئي وڌيڪ صاحب عزت ۽ ڪرامت هوندو. 

ڪرامت کي زنده رکڻ لاءِ انبياء جو ڪردار:

ڪرامت جي ٻئين قسم جو منبع ۽ سرچشمو انسان جي پنهنجي ڪوشش ۽ ڀلي اخلاق ۾ لڪيل آهي. انهيءَ ڪري سڀني نبين کي عمومي طور تي ۽ اسان جي نبي سڳوري حضرت محمد مصطفيٰ7 کي خصوصي طور تي ڀلي اخلاق اعلى ترين درجي تائين پهچائڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ ڀلي اخلاق کي سندس اتم ۽ اعليٰ درجو ڏيڻ ۽ ان جي ترويج ڪرڻ لاءِ اسان جي نبي7 ڪافي زحمتون ۽ ڪشالا ڪاٽيا ايستائين جو طائف جي سفر ۾کين رَتوڇاڻ ٿيڻو پيو ليڪن ڀلي اخلاق جي گُلن کي هر رستي ۽ واٽ سان ڇٽيندا ويا ۽ انهن گلن ما ايتري ته خوشبوءِ ڇڏي جو دشمنن مجبور ٿي ڪري کيس صادق ۽ امين جي لقب سان نوازيو.

         ڀلو اخلاق ۽ انساني ڪرامت،انبياء جي رسالت ۾ ايتري قدر اهميت رکي ٿي جو الله سائين انهيءَ کي پيغمبر اڪرم4 جي درجي تي قرار ڏنو آهي اهڙي طرح جو ڪنهن نبي کي ان عنوان سان ياد ناهي ڪيوويو. الله سائين نبي اڪرم4 جي شان ۾ فرمايو آهي :“ وَ إِنَّكَ لَعَلىَ‏ خُلُقٍ عَظِيمٍ[6] ۽ بيشڪ اوهان اخلاق جي بهترين ، عليٰ ۽ اتم درجي تي فائز آهيو. بس انهيءَ لحاظ سان اهو چئي سگھجي ٿو ته تمام انبياء F خصوصا نبي ڪريم 7 جو وجود ۾ اچڻ ان لاءِ هيو ته انساني ڪرامت کي پنهنجي ڪمال جي درجي تائين رسائين ۽ ان کي ترقي۽ حياتي بخشين. ديني تعليمات ۾ پڻ انهيءَ ڳالهه جي طرف اشارو ڪيو ويو آهي. پاڪ پيغمبر 7 فرمايو آهي انما بعثت لاتمم مکارم الاخلاق” مون کي ان لاءِ مبعوث ڪيو ويو آهي تاڪه مڪارمِ (ڪرامتِ) اخلاق کي ڪامل ڪريان ان ساڳئي روايت وارو مضمون اهل سنت جي روايتن ۾ هن نموني آيو آهي. بعثت لاتمم حسن الاخلاق”  مون کي ڀلي اخلاق کي ڪامل ڪرڻ لاءِ مبعوث ڪيو ويو آهي،ٻنهي روايتن جو مفهوم ۽ مضمون ساڳيو آهي.

ڪرامت ۽ فضيلت ۾ فرق

تمام گھڻن آيتن منجھان اها پروڙ پوي ٿي ته الله سائين انسان کي ٻين مخلوقات جي مقابلي ۾ وڌيڪ فضيلت ۽ ڪرامت عطا ڪئي آهي وَ لَقَدْ كَرَّمْنا بَني‏ آدَمَ وَ حَمَلْناهُمْ فِي الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ وَ رَزَقْناهُمْ مِنَ الطَّيِّباتِ وَ فَضَّلْناهُمْ عَلى‏ كَثيرٍ مِمَّنْ خَلَقْنا تَفْضيلاً  [7]               

هتي هڪ سوال پيدا ٿي ٿو ته ڇا هن آيت جي روشنيءَ ۾ فضيلت ۽ انساني ڪرامت هڪ ئي مفهوم آهي ۽ هڪ ئي شيءِ آهي يا ٻنهي ۾ فرق آهي جيڪڏهن ٻنهي ۾ فرق آهي ته اهو ڪهڙو آهي؟

اصولي قاعدي مطابق: “ لفظن جو متعدد هجڻ معنيٰ جي متعدد هجڻ تي دلالت ڪري ٿو ” انهن ٻنهي ۾ فرق هجڻ کپي ڇاڪاڻ ته ڪرامت جي معنيٰ هي آهي ته انسان جي ذاتي ڪرامت جيڪا فقط انسان سان مربوط ۽ مخصوص آهي ۽ ٻئي ڪنهن مخلوق ۾ ان جو هجڻ ممڪن ناهي. ٻي فضيلت ائين ناهي ڇاڪاڻ ته فضيلت يعني انسان جو مانُ مٿاهون هجڻ ٻين مخلوقات جي بنسبت يا ائين کڻي چئجي ته ڪرامت ۾ انسان جو ٻين موجودات سان قياس ڪرڻ صحيح ناهي يا مُورڳو قياس ڪرڻ ممڪن ناهي پر فضيلت کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ انسان جو ٻين موجودات سان قياس ڪري سگھجي ٿو جيتوڻيڪ انهيءَ مقام تي قياس هڪ رڪن آهي. [8]

قرآن پاڪ ۾ ڪرامت جا نمونا:

قرآن پاڪ ۾ ڪرامت جا ڪيترائي نمونا موجود آهن ۽ اهي نمونا وحي ۽ قرآن جي نظر ۾ آسماني ۽ معنوي رنگ رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته زميني ۽ مادي حيثيت کان انهن کي زمين جي خوبصورتي لاءِ حساب ڪيو ويو آهي ۽ ان دعويٰ لاءِ قرآن پاڪ ۾ ڪجھ آيتون موجود آهن جن مان هي آيت پيش ڪجي ٿي. إِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلىَ الْأَرْضِ زِينَةً لهََّا لِنَبْلُوَهُمْ أَيهُُّمْ أَحْسَنُ عَمَلًا[9]

جيڪا به شيءَ زمين تي رکي اٿون اها زمين جي لاءِ زينت آهي. تاڪه انهن کي آزمائي ڏسون ته ڪنهن جا عمل نيڪ  آهن.

 بهرحال  ڪرامت مختلف صورتن ۾ قرآن پاڪ ۾ ظاهر ٿي آهي. ۽ قرآن پاڪ جون ڪافي آيتون ان ڳالهه تي دلالت ۽ اشارو ڪن ٿيون اسين هتي ڪجھ صورتون ذڪر ڪريون ٿا:

 الف) الله جي مبارڪ نالن جو علم:

ڪرامت جي نمونن ۽ انسان جي محترم هجڻ منجھان هڪ شيءِ الله پاڪ جي مبارڪ نالن جو علم هجڻ به آهي يعني انسان اها مخلوق آهي جنهن وٽ اها ڪرامت موجود آهي ۽ اها ڳالهه به واضح ۽ روشن آهي ته قرآن جي لحاظ سان الله پاڪ جي نالن جو علم هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو ايستائين جو ملائڪ به انهن نالن جي علم کان محروم هئا جيتوڻيڪ ملائڪ الله تعاليٰ جي نزديڪ باعزت، محترم ۽ مقرَّب مخلوق آهن.

الله پاڪ جو ارشاد آهي وَ عَلَّمَ ءَادَمَ الْأَسمَْاءَ كلَُّهَا ثُمَّ عَرَضَهُمْ عَلىَ الْمَلَئكَةِ فَقَالَ أَنبُِونىِ بِأَسْمَاءِ هَؤُلَاءِ إِن كُنتُمْ صَادِقِين‏قَالُواْ سُبْحَانَكَ لَا عِلْمَ لَنَا إِلَّا مَا عَلَّمْتَنَا  إِنَّكَ أَنتَ الْعَلِيمُ الحَْكِيمُ‏[10]

اها ڳالهه به واضح آهي ته خدا تعاليٰ جي نالن جي باري ۾ ڪافي سوال جواب ۽ اعتراض آهن مثال طور اُهي نالا ڪهڙا آهن؟ انهن جي حقيقت ڇا آهي؟ انهن جي جاءِ ڪهڙي آهي؟ وغيره . بهرحال هن آيت مان يا ان کان علاوه انهن جهڙين ٻين آيتن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته الله پاڪ جي نالن جو علم خصوصيت رکي ٿو فقط انسان سان ۽ هڪ ڪرامت جو نمونو آهي  جيڪو انسان ۾آهي ۽ ٻئي ڪنهن مخلوق ۾ ناهي.

اهڙي طرح قرآن مجيد جي ڪجه ٻين آيتن مان اهو  ثابت آهي ته  انسان نه فقط انهيءَ لائق آهي ته ان کي اسماءِ الهي جو علم هجي بلڪه ان کان وڌيڪ  ڪري هيءُ  ته انسان خدا جي طرفان ملائڪن جو استاد بڻجي کين الله تعاليٰ جي اسماء مبارڪ جي تعليم ڏئي.

جيئن قرآن پاڪ جي هي آيت آهي قالَ يََادَمُ أَنبِئْهُم بِأَسمَْائهِِمْ  فَلَمَّا أَنبَأَهُم بِأَسمَْائهِِمْ قَالَ أَ لَمْ أَقُل لَّكُمْ إِنىّ‏ِ أَعْلَمُ غَيْبَ السَّمَاوَاتِ وَ الْأَرْضِ وَ أَعْلَمُ مَا تُبْدُونَ وَ مَا كُنتُمْ تَكْتُمُونَ[11].

هن آيت مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته فقط انسان ئي اها مخلوق آهي جنهن کي ذاتي ڪرامت ۽ حيثيت عطا ڪئي وئي آهي. جيڪا ٻئي ڪنهن به مخلوق ايستائين جو فرشتن کي به عطاناهي ڪئي وئي. لهذا اها ئي ذاتي ڪرامت  جو سبب بڻي جو الله سائين انسان کي سندن اسماءَ جو علم عطا ڪيو..

 خلافت الهيه:

انساني ڪرامت جو هڪ نظارو سندس جانشيني ۽ خلافت جو آهي جيڪو قرآن پاڪ ۾ خليفه الله جي عنوان سان ذڪر ٿيل آهي. وَ إِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَئكَةِ إِنىّ‏ِ جَاعِلٌ فىِ الْأَرْضِ خَلِيفَةً [12]جڏهن الله سائين ملائڪن کي چيو ته آئون زمين ۾ خليفو بڻائڻ وارو آهيان .

      اهو مقام پڻ فقط انسان سان مخصوص آهي ۽ ٻئي ڪنهن به مخلوق ايستائين جو ملائڪن ۾ به ناهي ۽ اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته انسان اها ذات آهي ۽ هڪ اهومجموعو آهي جنهن ۾ اها صلاحيت آهي جو هو الله سائينءَ جو خليفو بڻجي سگھي ٿو. انسان جو مقام ۽ ان جي ڪرامت ٻي مخلوق جي بنسبت ايترو ته واضح آهي جو انهيءَ تي توجھ ڪجي ته هميشه خليفي ۽ مخلف عنه يعني جنهن جو خليفو ٿجي انهن ٻنهي ۾ هڪجهڙائي هجي بس ان مطابق الله جو خليفو يعني انسان ايترو بلند آهي جو تمام موجودات جي درميان فقط اهو ئي آهي جيڪوصفات جلاليه ۽ جماليه  خداوندي سان شباهت رکي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ته پوءِ انسان جو الله پاڪ جوخليفو ٿيڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي ۽ بي معنيٰ شيءِ خدا تعاليٰ جي طرفان صادر نٿي ٿي سگھي. ۽ اهوبه واضح آهي ته انسان به خدا وانگر ڪرامت رکندو هجي ڇاڪاڻ ته مخلف عنه ۾ مشابهت جي قانون مطابق شباهت هجڻ ضروري آهي بيشڪ الله سائين قرآن جي ڪيترين ئي آيتن موجب ڪريم آهي بس ان جو خليفو به ڪريم ۽ ڪرامت وارو هجي. انهيءَ لحاظ کان روايتن ۽ آئمه جي گفتگو ۾ آيو آهي ته من عرف نفسه فقد عرف ربه جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ان پنهنجي پالڻهار کي سُڃاتو. محدثين هن حديث جي مفهوم کي ذڪر ڪندي ڪجھ وجھون ۽ معنائون ذڪر ڪيون آهن هڪ معنيٰ شايد اها هجي ته ڇاڪاڻ ته انسان خدا جو خليفو آهي بس جنهن به روح ۽ جان کي سٺي نموني سُڃاتو ان لحاظ کان ته هي روح ۽ جانشين خدا آهي ان ڄڻ خدا کي سڃاتو.

 انسان جي ڪرامت روايتن جي روشنيءَ ۾

تمام ڪيترين ئي روايتن ۾ انسان جي ڪرامت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. جيئن ته امير المومنين حضرت علي A جن فرمايو: “ و اِستادّى الله سبحانه الملائکة وديعته لديهم، وعهد وصيته اليهم في الاذعان بالسجود له والخشوع لتکرمنه فقال سبحانه اسجدو لآدم [13] .

جڏهن خداوند متعال فرشتن کان اهو چاهيو ته پنهنجي عهد ۽ پيمان تي عمل ڪريو ۽ الله جي وصيت کي پنهنجي مٿان لاڳو ڪريو ۽ انساني ڪرامت جي آڏو خشوع ۽ خضوع سان سجدو ڪريو پوءِ انهن کي چيائين ته آدم کي سجدو ڪريو. 

اميرالمومنين حضرت علي A جو هي بيان جيڪو نهج البلاغه ۾ آيو آهي اهو پڻ انهن آيتن جي طرف اشارو آهي جن آيتن ۾ خداوند متعال ملائڪن کي سجدي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن فرق سان ته اميرالمومنين حضرت علي A آدم کي سجدي ڪرڻ جي حڪم کي انسان جي عظمت ۽ ڪرامت جي علت قرار ڏنو آهي. ان مطابق هي بيان آيتن جي تفسير ٿي سگھي ٿو.

ڪرامت جون نشانيون روايتن ۾

ڪرامت به هر حقيقت جيان هن دنيا ۾ ڪجهه علامتون ۽ نشانيون رکي ٿي. ان مطابق جن انسانن ڪرامت انساني جي حفاظت ڪئي اُهي بهترين صفتن ۽ سٺي اخلاق وارا آهن اهي ڪرامت جي لياقت رکن ٿا ۽ اهي ئي ٻين کان اتم آهن. جيئن ته قرآن پاڪ جي روشنيءَ ۾ ڪرامت کي ذڪر ڪيو ويو هاڻي ضروري آهي ته اهي انسان جيڪي صاحب ڪرامت آهن انهن جون ڪجھ صفتون ذڪر ڪيون وڃن سڀ کان پهريان اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته اسان هيٺ ڪجهه مثبت صفتن کي (جن کي اخلاقي ڪرامت جي عنوان سان ياد ڪيو ويو آهي) ذڪر ڪيون ٿا.

1_خير خواهي:

امام علي A فرمايو: النصيحة من اخلاق الکرام، النفس في اخلاق اللئام [14]

خير خواهي بهترين اخلاق منجھان آهي  ۽ خيانت ملعونن جي  خصلتن منجھان آهي.

2_درگذر ڪرڻ:

امام علي A فرمايو: المبادرة الي العفو من اخلاق الکرام، المبادرة الي الانتقام في شيم اللئام [15]

معافي ڏيڻ ۾ جلدي ڪرڻ بهتر ۽ ڪريمن جي اخلاق منجھان آهي. بدلي ۽ انتقام وٺڻ ۾ جلدي ڪرڻ پليتن  جي صفتن منجھان آهي.

3_انجام پاڙڻ:

امام علي A فرمايو:  سنة الکرام الوفاءُ بالعهود سنة اللئام الجهود[16] ڪريمن جي سنت انجام پاڙڻ آهي ۽ پليتن جي خصلت انجام ٽوڙڻ آهي.

4_سخاوت :

امام علي A فرمايو:  سنة الکرام الجودُ [17] ڪريم ماڻهوءَ جي سنت ۽ سيرت سخاوت آهي.

5_صبر ۽ استقامت:

امام علي A فرمايو: الکرام اصبر انفسا[18] ڪريم انسان سڀني کان وڌيڪ صبر ڪرڻ وارو آهي

6_ ٻين کاڌو کارائڻ:

امام علي A فرمايو:  لذة الکرام في الاطعام و لذة اللئام في الطعام [19]

ڪريم انسان ٻين کي کاڌي کارائڻ ۽ لئيم پاڻ کائڻ ۾ لذت  محسوس ڪندو آهي.

7_ڪوڙ ۽ خيانت کان پرهيز ڪرڻ:

 امام علي A فرمايو: “ الکذب والخيانة ليسا في اخلاق الکرام[20]. 

ڪوڙ ۽ خيانت ڪريمن جي اخلاق منجھان ناهي.

8_بغض ۽ ڪيني کان پاسو ڪرڻ :

امير المومنين علي A فرمايو: لا يکون الکريم حقودا [21] .

ڪرامت وارو انسان ڪڏهن به ڪنهن سان بغض ۽ ڪينو ناهي ڪندو. 

9_برائيءَ جو جواب نيڪيءَ ۾ ڏيڻ:

امام علي A فرمائن ٿا ته: من لم يجاز الاسائة بالاحسان فليس في الکرام [22]   

جيڪو برائيءَ جو بدلو نيڪيءَ ۾ نه ٿو ڏئي اهو ڪرامت وارن انسانن مان ناهي.

اسلامي ۽ يورپي ڪرامت ۾ ڀيٽ:

ڪرامت جو عنوان يورپ ۾ گھٽ ڏٺو ويو آهي. پر ان سان شباهت رکندڙ تعبير (Dighly)  يورپي فلاسافر ڪانٽ جي گفتگو ۾ ڏٺي وئي آهي ۽ ڪانٽ جو اهو نظريو ئي بنياد بڻيو ته يورپ ۾ هيءُ فڪر رائج ٿئي ته انسان احترام، حيثيت ۽ حقوق جي لحاظ کان پاڻ ۾ برابر آهن .تاريخ جي نگاهه ۾ اها ڳالهه پهريان مغرب (اولهه) ۾ موجود نه هئي فرانس جي انقلاب کان پوءِ اها ڳالهه اُٿاري وئي. فرانس جي انقلاب کان پوءِ “ ڪانٽ” جي ڳالهه زور پڪڙيو ۽ اهو ئي انقلاب سبب بڻيو جو آمريڪا ۾ به اها ڳالهه پکڙجي وڃي ۽ اهو طئي ٿيو ته هڪ گروهه کي ٻئي گروهه تي ڪو به امتياز۽ برتري ناهي. ليڪن اسلام ۾انسان جي ذاتي ڪرامت پاڻ سڳورن7 جي بعثت جي تاريخ کان بلڪه تاريخ جي لحاظ کان تمام پراڻي آهي ڇاڪاڻ ته ڪرامت ۽ انسان جي ذاتي حيثيت حقيقي آهي. خداتعاليٰ جي طرفان انسان ڏانهن وحي ٿيل آهي. بس انهن ٻنهي فڪرن جي روشنيءَ ۾ ظاهر ٿيو. انساني ڪرامت مغرب ۽ يورپ ۾ تمام گھڻي ناقص ، ڌنڌلي يا لکت جي حد تائين رهي ۽ هرگز عملي نه ٿي. ان جو نمونو هي آهي ته آمريڪا ۾ ڪجھ وقت پهريان اهو اعلان ٿيو ته خدا تعاليٰ جي طرفان سڀئي انسان برابر خلق ٿيل آهن ۽ واقعي سڀئي مساوي ۽ برابر آهن. سواءِ ڪارن ماڻهن جي، جو ڪارن کي ڪوئي حق حاصل ناهي.

بس ان مان اها پاليسي به سمجھ ۽ ڌيان ڌرڻ جوڳي آهي ته اهي انسان کي برابر نٿا سمجھن. جتي پنهنجو فائدو سمجھن ٿا اتي حڪم هلائين ٿا .جنهن کي هينئر به مشاهدو ڪري سگھجي ٿو. جڏهن آمريڪا ۾ اليڪشن ٿي ته اهو هُلُ مچي ويو ته ووٽ ڏيڻ جو حق ڪنهن کي آهي؟ ڪجھ چيو ته ڪارن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ناهي ۽ ڪجھ چيو ته انهن کي به ووٽ ڏيڻ جو حق آهي انهن کي پنهنجي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم نه ڪيو وڃي.

ليڪن اسلام ۾ ائين ناهي اسلام ۾ انسان جي ڪرامت عام آهي. اڇن سان گڏ ڪارن ماڻهن کي پڻ شامل آهي توهان بلال حبشيءَ جو مثال وٺي سگھو ٿا. جڏهن ٻانگ ڏيندو هو ته شين جي جاءِ تي سين چوندو هو يعني اشهد جي بجاءِ اسهد چوندو هو ماڻهن اعتراض ڪيو ته بلال کان مؤذني جو منصب کسيو وڃي ان تي پاڻ ڪريم7 جن فرمايو: “ سين بلال بمنزلة شين” يعني بلال جو سين شين جي جاءِ تي آهي. اهڙا نمونا آئمه جي زندگيءَ ۾ به ڪافي ڏٺا ويا آهن ته هو غلامن جو به احترام ڪندا هئا انهن جي ڪرامت کي محفوظ رکندا هئا ۽ ٻين کي به اها تاڪيد ڪندا هئا ته انهن جو احترام ڪيو وڃي

انساني ڪرامت جا نمونا امام خمينيS جي سيرت ۾:

حضرت امام خمينيS ديني تعليمات مطابق انسان جي لاءِ ذاتي ڪرامت جو قائل هو. انهيءَ ڪري پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ خصوصًا رهبريءَ دوران انهيءَ رستي تي هليو ان ڪري ضروري آهي ته هتي ڪجھ نمونا ذڪر ڪيا وڃن جيڪي اسلامي امت لاءِ راهه عمل واقع ٿين.

1.انقلاب اسلامي ايران جي شروعات ۾ ۾ ڪجھ ضد انقلاب ماڻهن کي پڪڙيو ويو ۽ انهن کي علوي مدرسي جتي امام خمينيS رهندو هو آندو ويو. ۽ امام کي خبر ڏني وئي جڏهن ته انهن جا هٿ ٻڌل هئا ان ڪم تي امام جو چهرو متغير ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته انهن جا هٿ کوليا وڃن پوليس وارن چيو امام هي خطرناڪ ماڻهو آهن امام اصرار  ڪيو ۽ پنهنجي پٽ حاج سيد احمد کي موڪليو ته جيئن انهن جا هٿ کوليا وڃن [23]

2.حضرت امام خمينيS پنهنجي گھريلو زندگيءَ ۾ پنهنجي فيملي خصوصًا پنهنجي اولاد کي اها وصيت ڪندو هو ته واجبات يعني پردي جي رعايت ڪن ۽ گناهن کان پاسو ڪن ۽ چوندو هو ته انسان جو محترم هجڻ تقويٰ ۾ آهي نه ڪنهن ٻي شيءِ ۾ اهو پڻ چوندو هو ته توهان ۽ جيڪي هن گھر ۾ ڪم ڪن ٿا يعني (نوڪر) انهن ۾ ڪو به فرق ناهي. [24]

3.حضرت امام خمينيS اليڪشن دوران جڏهن ووٽ ڏيڻ آيو ته ميڊيا ۽ ٽي وي وارن کان دور رهيو ٽي وي  جي نمائندن اصرار ڪيو ته ٻيهر ووٽ ڏين ته اسين فوٽو ڪڍون ۽ فلم ڀريون. امام چيو ته مان هڪ ماڻهو آهيان ۽ پنهنجو هڪ ووٽ آهي ۽ هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏيڻ جو حق نٿو رکان. [25]

هي ڪجھ نمونا هيا ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا واقعا آهن جن ۾ اهو ظاهر آهي ته حضرت امام خمينيS انسان جي حيثيت ۽ ڪرامت جو قائل هو ۽ پان کي انهيءَ ۾ ٻين جي برابر سمجھندو هو ۽ پاڻ کي ٻين تي برتري ۽ فوقيت نه ڏيندو هو.

 



[1] علق ،آيت2.

[2] الانبياء ،آيت 26

[3]  الحجرات،آيت 13.

[4]  اسراء/70.     

[5]  الحجرات،آيت 13.

 [6] سورت قلم، آيت4.

[7]  اسراء، آيت 70.

[8]  علامه طباطبائي، تفسير الميزان، جلد15 ، صفحو56.

 [9]  الڪهف، آيت7.

[10]  سورت بقره، آيت 31_32.

[11]  سورت بقره، آيت 33.

[12]  سورت بقره، آيت 30.

[13]  نهج البلاغه، خطبه1 .  

[14]  نهج البلاغه، حڪمت5556.

[15] ساڳيو حڪمت1299.              

[16]  نهج البلاغه، حڪمت 1298.

[17]   نهج البلاغه، حڪمت 5556.

[18]  نهج البلاغه، حڪمت 594.

[19]   نهج البلاغه، حڪمت 7636.  

[20]  طبرسي، الاحتجاج، جلد2،صفحو 168.

[21]  نهج البلاغه، حڪمت 8958).

 [22] نهج البلاغه، حڪمت 10564.  

[23]  ايراني رسالو. 

[24]  سيره امام خمينيS،ج2 صفحو406.

3 صحيفه نور،جلد17،صفحو140.