Get Adobe Flash player

انسانيت جي تاريخ ۾ اهڙا انسان تمام گهٽ پاتا وڃن ٿا جن جي زندگيءَ جون خاصيتون پيغمبر اڪرم ﷺجي زندگي جيانچٽيون ۽ واضح بيان ٿيل هجن.خداوند متعال قرآن شريف ۾ جنهن تمام سهڻن جملن۽ تمام ڀلي بيان سان پاڻ سڳورن جي سڃاڻپ ڪرائي آهي ۽سندن تمام اعلى گڻبيان ڪيا اٿس. جئين قرآن مجيد تي هڪ جاءِ تي آيو آهي : «انك لعلى خلق عظيم[1]‏»;اي پيغمبر! تون اخلاق جي عظيم رتبي تي فائز آهين.هڪ ٻئي جاءِ تي آيو آهي ته:«محمد رسول‏الله و الذين معه اشداء على الكفاررحماء بينهم.[2] » محمد (ص) رسول الله ۽ جيڪي انهي سان گڏ آهن اهي ڪافرن جي لاءِ سخت۽ پاڻ ۾ مهربان آهن.

 

محققن، مورخن ۽ دانشمندن حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جي زندگي تي مختلف پهلوئن تي نظر وڌي اٿن.ليڪن سڀني کان وڌيڪ ائمه معصومين عليهم السلام آهنجن پنهنجي گهري نظر سان سندن بي نظير شخصيت کي سمجهيو آهي، ۽ هڪ سندن زندگيءَ اسلام لاءِ وڙهيل جنگين ۽ انساني هدايت لاءِ نصيحتن سان تي مشتمل آهي.

هن مقالي ۾ اسان مختصر طور حضرت محمد ﷺ جي شخصيت امام صادق عليه السلام، جي نگاهه ۾ بيان ڪنداسين

نور جي ولادت:

امام صادق عليه السلام سلمان فارسي کان نقل ڪندي فرمائي ٿو ته : پيغمبر اڪرم ﷺ جن فرمايو : خداوند متعال مون کي چمڪندڙ نور مان خلق ڪيو آهي.[3] ۽ هڪ ٻئي جاءِ تي فرمائن ٿا ته : خداوند متعال رسول اڪرم ﷺ کي خطاب ڪندي فرمايو ته : اي رسول مون تنهنجي ۽ علي جي نور کي آسمانن، زمينن، عرش ۽ سمنڊ جي پيدا ڪرڻ کان پهريان خلق ڪيو آهي...[4]

ثقه الاسلام ڪليني (ره)امام صادق عليه السلام نقل ڪري ٿو ته: حضرت رسول اڪرم ﷺ جي ولادت محل حضرت بيبي فاطمه بنت اسد، حضرت بيبي آمنه(رسول جي ماءُ) وٽ موجود هئي انهن مان هڪ ٻئي کي چوڻ لڳي ته ڇا تو اهو ڏٺو آهي جيڪو ڪجهه مون ڏٺو آهي؟ ٻئي پڇيو ته تو ڇا ڏٺو آهي؟ انهي چيو ته هي ايترو نور جيڪو مشرق کان وٺي مغرب تائين ڇايو پيو آهي ! انهي محل ابو طالب داخل ٿيا ۽ انهن کي چوڻ لڳو ته: ڪهڙي ڳالهه تي تعجب ۾ پيل آهيو ؟ ته فاطمه بنت اسد انهي ماجرا کين ٻڌايو ته ابوطالب چوڻ لڳو ته ڇا توکي هڪ خوشخبري ڏيان ؟ هن چيو ته :ها. ابوطالب فرمايو ته : توکي هڪ اهڙو ٻار پيدا ٿيندو ، جيڪو هن ننڍڙي جو وصي هوندو.[5]

پيغمبر اڪرم ص جا نالا:

ڪلبي، جيڪو عربن جو بهترين شجره شناس چوي ٿو ته: امام صادق مون کان پڇيو ته قرآن ۾ پيغمبر اڪرم ﷺ جا قران ۾ گهڻا نالا آيا آهن؟

مون چيو ته : ٻه يا ٽي نالا آهن.

امام صادق عليه السلام جن فرمايو ته : پيغمبر اڪرم ﷺ جا ڏهه نالا قرآن ۾ آيا آهن : محمد، احمد، عبدالله، طه، يس، نون، مزمل، مدثر، رسول‏ ۽ ذڪر.انهي کان پوءِ امام عليه السلام هر هڪ نالي واري آيت جي تلاوت ڪئي ۽ فرمايائين ته : انهن نالن مان هڪڙو نالو پيغمبر جو ”ذڪر“ آهي ۽ اسان (اهل بيت ) ”اهل ذڪر “ آهيون. ڪلبي ! جيڪو ڪجهه پڇڻو اٿئي ته اسان کان پڇ.

ڪلبي ٿو چوي ته: (صادق آل محمد جي هيبت ۽ رعب کان ) مونکي قسم آهي خدا جو مونکي سڄي جو سڄو قرآن وسري ويو ۽ هڪ حرف به ياد نه آيو جو سؤال ڪيان ها[6].

ڪجهه محققن قرآن ۾ پيغمبر جي نالن ۽ لقبن کي چار سؤ تائين ڳڻيو آهي[7].

محمد ﷺ نالي جي عظمت

محمد ﷺ جو نالوامام جعفر صادق عليه السلام لاءِ ايترو ته اثر انداز هو جو جڏهن سندن نالو امام عليه السلام اڳيان ورتو ويندو هئو ته امام عليه السلام جي چهري جو رنگ متغير ٿي ويندو هئو ايتري قدر جو مهل پاڻ پنهنجي دوستن لاءِ به ناآشنا لڳندا هئا[8].

امام صادق عليه السلام ڪڏهن ڪڏهن پيغمبر جي نالي ٻڌڻ سان فرمائيندو هيو ته : منهنجي جان توهان جي مٿان قربان ٿئي.

ابا هارون ٿو چوي ته هڪ ڏينهن حضرت امام جعفر صادق (ع) جي درگاهه ۾ شرفيابي ٿي ته پاڻ فرمايائون ته :ڪجهه ڏينهن ٿي ويا آهن ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچين؟

مون عرض ڪيو ته : خداوند متعال مونکي پٽ عطا ڪيو آهي . پاڻ فرمايائون ته : انهي کي خدا تنهنجي لاءِ مبارڪ بڻائي. ڪهڙو نالو انهي لاءِ انتخاب ڪيو اٿئي؟ چيم ته: ان جو نالو محمد رکيو اٿم. امام صادق عليه السلام جيئن ئي محمد جو نالو ٻڌو ته (پاڻ سڳورن ص جي احترام خاطر) پنهنجي پيشاني مبارڪ کي زمين جي طرف جهڪايائين ايتري قدر جو محسوس ڪيم ته ته زمين تي ڪري نه پون .

امام پاڪ چپن ۾ چوڻ لڳا : محمد، محمد، محمد. پوءِ فرمايائون ته : مان قربان وڃان ، منهنجو اولاد ، منهنجو پيءَ ۽ زمين تي سڀ جا سڀ رهڻ وارا ،رسول خدا ﷺ تي قربان ٿين! (پوءِ مون سان مخاطب ٿي فرمايائون)پنهنجي پٽ کي گهٽ وڌ نه ڳالهائجان،نه مارجان۽ ڪوڏک نه ڏجان ! زمين تي ڪو اهڙو گهر ڪونهي جو جنهن ۾ محمد جو نالو هجي ۽ برڪت جو نه هجي.[9]

توريت ۽ انجيل ۾ نبي اڪرم ﷺ جون صفتون

خداوند متعال پيغمبر جي صفت کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته: «الذين ءاتينهم الكتب‏يعرفونه كما يعرفون ابناءهم و ان فريقا منهم ليكتمون الحق و هم ‏يعلمون‏[10]»جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي ، اهي انهي ( آخري زماني جي پيغمبر) کي چڱي طرح سڃاڻين ٿا ائين جيئن پنهنجن پٽن کي سڃاڻندا آهن، مگر انهن مان هڪڙو فرقو ڄاڻي واڻي سچ واري ڳالهه کي لڪائي رهيو آهي.

امام صادق عليه السلام جن فرمائين ٿا ته : «يعرفونه كما يعرفون ابناءهم‏» ڇو جو خداوند متعال توريت ۽ انجيل ۽ زبور، ۾حضرت محمد(ص)، جي اچڻ،هجرت ڪرڻ، ۽ صحابين جي واکاڻ هن ريت ڪئي آهي.:”محمد رسول‏الله و الذين‏معه اشداء على الكفار رحماء بينهم...“

محمد رسول الله ص ۽ جيڪي به انهي سان گڏ آهن ڪافرن جي اڳيان سخت آهن ۽ پنهنجا پاڻ ۾ مهربان آهن. هميشه انهن کي رڪوع ۽ سجدن جي حالت ۾ پائيندين ۽ سدائين خدا جي رضايت ۽ فضل کي چاهين ٿا. انهن جي چهري تي سجدي جون نشانيون نمايان هونديون آهن. اهي خصلتون انهن جون توريت ۽ انجيل ۾ آيون آهن...[11]

امام صادق عليه السلام جن فرمايو ته: هي صفتون رسول (ص) ۽ ان جي اصحابن جون توريت ۽ انجيل ۾ آيون آهن .جڏهن خداوند متعال خاتم النبين کي رسالت تي موڪليو ته اهل ڪتاب (يهودي۽ نصيري) پاڻ سڳورن ص کي سڃاڻي ڪري به سندن رسالت جو انڪار ڪيائون ، جيئن خداوند متعال جن فرمائن ٿا ته : «فلما جاءهم‏ما عرجوا كفروا به[12]» جنهن وقت هي پيغمبر انهن وٽ آيو جنهن کي پهريان کان هن کي سڃاڻيندا هئا ، پوءِ به هن جو انڪار ڪيائون.[13]

خداوند متعال قرآن شريف ۾ پيغمبر جي وصف بيان ٿو ڪري ته :: «و ماارسلناك الا رحمةً للعالمين[14] اسان توکي ناهي موڪليو آهي مگر ڪائنات لاءِ رحمت بڻائي. قرآن ۾ ٻي جڳهه تي آيو آهي ته : اشداء على الكفار رحماءبينهم...“.ڪافرن جي لاءِ سخت ۽ پنهنجو پاڻ ۾ مهربان آهن . هي ٻه شيون ڪيئن ٿيون جمع ٿين؟ انهي مجاز گوئي تي ۽طرفداري تي توجه ڪرڻ ضروري آهي .

ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪامل انسان ، جيڪو آسماني ڪتاب ڪامل سان پوري دنيا جي هدايت ڪرڻ لاءِ موڪليووڃي ۽ دشمنن جي سامهون ڪو عڪس العمل ئي نه ڏئي صرف ۽ صرف مهرباني ڪندو هجي؟!

ديني معاشري کي هلائڻ لاءِ ۽ ان جي بقاء لاءِ اهو لازمي آهي ته ڪافرن جي مقابلي ۾ شدت سان پيش اچي تاڪه انهن جنگين سان هدايتن جي رڪاوٽن کي ختم ڪري اها ئي عين رحمت آهي.

برترين مخلوق

حسين ابن عبدالله ٿو چوي ته : امام جعفر صادق کي عرض ڪيم ته: ڇا رسول خدا (ص) آدم جي اولاد جا اڳواڻ هيا؟ پاڻ جناب فرمايو ته : مونکي قسم آهي خدا جو هو پوري خلقت خدا جا سرواڻ آهن. خداوند متعال ڪا به مخلوق محمد ﷺ کان بهتر خلق ئي ڪونهي ڪئي.[15]

امام صادق عليه السلام ٻي حديث ۾ فرمائن ٿا ته : جڏهن رسول خدا ص معراجتي ويا ته هڪڙي مڪان تي اچي ڪري جبرائيل رسول خدا کي اڪيلو ڇڏي ڏنو ته پيغمبر ﷺ فرمايو : جبرائيل ، مونکي انهي حالت ۾ ڇڏيو ٿو وڃين ؟! جبرائيل وراڻيو ته : توهان وڃو . خدا جو قسم توهان انهي جڳهه تي قدم رکيا آهن جنهن تي ڪنهن انسان به قدم ڪونه رکيا آهن ۽ توهان کان سواءِ ڪو انسان انهي جڳهه تي ويو ئي ڪونهي.[16]

معمر بن راشد ٿو چوي ته : امام صادق عليه السلام کان مون ٻڌو ته پاڻ فرمايائون : هڪ يهودي رسول خداﷺ جي خدمت ۾ آيو ۽ غور ڪري ڏسڻ لڳو.

پيغمبر اڪرم ﷺ فرمايو ته : اي يهودي ڪا حاجت اٿئي؟ يهودي چوڻ لڳو ته :ڇا تو وڌيڪ آهين يا موسى بن عمران ؛ هي اهو پيغمبر هو جنهن سان خدا گفتگو ڪندو هو ۽ توريت ۽ انجيل کي ان تي نازل ڪيائين ، ۽ عصا جي ذريعي دريا کي خشڪ ڪيائين ۽ جُهڙ جي وسيلي انهي تي ڇانوَ ڪيائين.

پيغمبر فرمايو ته : اها سٺي ڳالهه ڪونهي جو انسان پنهنجي پاڻ تعريف ڪري ليڪن (تنهنجي جواب ۾)ڪجهه چوان ٿو ته جڏهن حضرت آدم توبه ڪرڻ چاهي ته چيائين : «اللهم انى اسالك بحق محمد و آل محمد لما غفرت لى‏»، اي الله محمد ۽ آل محمد جي صدقي مونکي معاف ڪر، خداوند متعال به ان جي توبه قبول ڪئي.

حضرت نوح جڏهن سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ کان ڊنو ته چيائين: «اللهم انى اسالك بحق محمد و آل محمد لماانجيتنى من‏الغرق‏»;اي الله محمد ۽ آل محمد جي صدقي توکان اهو ٿو گهران ته مونکي غرق ٿيڻ کان بچاءُ ؟ خداوند متعال به ان کي نجات ڏني.

حضرت ابراهيم (ع) باهه ۾ چيو :«اللهم انى اسالك بحق محمد وآل محمد لما انجيتنى منها»;اي الله محمد ۽ آل محمد جي صدقي اهو ٿوتوکان گهران ته مونکي باهه مان نجات ڏي ، خداوند متعال به باهه کي ان جي لاءِ ٿڌو ڪيو.

حضرت موسى(ع) جڏهن عصا کي زمين تي اڇلايو ۽ ڊڄ جو احساس ڪيائين ۽ چيائين ته : «اللهم انى اسالك بحق محمد و آل محمد لما امنتنى‏»;اي الله محمد ۽ آل محمد جي صدقي توکان سوال ٿو ڪيان ته مونکي امان ۾ رکجان. خداوند هن کي فرمايو ته : «لاتخف انك انت‏ الاعلى‏[17]»ڊڄ نه تون ئي ڪامياب ٿيندين.

اي يهودي ، اگر موسى اڄ هجي ها ۽ منهنجي زماني ۾ هجي ها ۽ مون ۽ منهنجي نبوت تي ايمان نه آڻي ها ته کيس سندس ايمان ۽ نبوتجو ڪو فائدو نه پوي ها.[18]

پيغمبر اڪرم (ص(جي سياست:

اڄڪلهه جي دنيا ۾ ”سياست“جي معنى ٺڳي ۽ ڪوڙ سان ماڻهن تي قدرت ۽ سلطنت ڪرڻ آهي، ليڪن ”سياست“ کي لغت ۾ ” حڪومت جي مسئلن کي هلائڻ ۽ مديريت ڪرڻ آهي . خداوند متعال پيغمبر ﷺ ۽ ان جي حق جي جانشينن ، اهل بيت عليهم السلام کي بهترين سياست دان شمار ڪيو آهي، زيارت جامعه ۾ آيو آهي : ”و ساسة العباد“

فضيل بن يسار نقل ٿو ڪري ته : امام صادق عليه السلام کان مون ٻڌم تهقيس ماصر جي ساٿين کي فرمايائون ته : خداوند متعال پنهنجي پيغمبر جي تربيت پاڻ ڪئي ۽ تمام ڀلي تربيت ڪئي . جڏهن تربيت ڪامل ٿي ته فرمايائين : ”انك لعلى خلق عظيم‏“ تون اخلاق جي عظيم رتبي تي فائز آهين پوءِ هن کي دين ۽ امت جو امر ڏنائين تاڪه سياست ڪري ۽ هن جي بندن جي رهنمائي جي عهدي کي سنڀالي، پوءِ فرمايائين ته: «ما اتاكم الرسول فخذوه و ما نهاكم‏عنه فانتهوا[19]»جيڪا شي رسول خدا ص توهان جي ڏئي ٿو انهي کي وٺو۽ جنهن شي کان روڪي ٿو ته انهي شي کان پرهيز ڪيو.

رسول خدا ﷺ ڪامياب،درستڪار۽ روح القدس جو تائيد ٿيل هيو ۽ سياست ۽ مخلوقات جي مديريت ۾ڪابه خطا نه ڪندو هيو ڇو جو خداوند متعال جي آدابن سان تربيت ٿيل هيو، . [20].

حضرت محمد(ص) جي ثناء ۾ امام صادق(ع) جو خطبو

خداي متعال جي بردباري ، رحم ۽ ڪرم سبب ٿيو جو ماڻهن جا ڪبيره گناهه ۽ انهن جا ڪڌا ڪم به رڪاوٽ نه ٿين جو سڀني جو محبوب ۽سڀني کان شريف پيغمبر يعني محمد بن عبدالله ﷺکي هن امت لاء چونڊي.
محمد بن عبدالله ﷺ عزت ڀري حرم ۾ هن دنيا ۾ آيا: شريف خاندان ۾ زندگي ڪيائون، حسب ۽ نسب پاڪ هين ، هن جي وصفن کي دانشمندن بيان ڪيو ۽ حڪيمن هن جي صفتن ۾ سوچ ويچار ڪئي ۽ هن جي پاڪ دامني جو ڪو مثال نه هو ، هاشمي خاندان پاڻ بي مثال هئا، ۽ مڪي وارن ۾ پاڻ بينظير هئا.

حيا سندن صفت ۽ سخاوت سندن طبيعت ، نبوت جو اعلى وقار ۽ اخلاق سندن وجود ۾ سمايل هئو.. پنهنجو پاڻ تي ايثار جهڙي عظيم صفت کين رسالت جي مهر ئي لڳل هئي ايستائين جو کين قضا ۽ قدر الهي پنهنجي مقرر وقت تائين پهچايو.جڏهن پروردگار جو قطعي حڪم پنهنجي مقصد تائين پهچايو. هر امت پنهنجي بعد جي اچڻ واري امت کي هن جي اچڻ جي خوش خبري پئي ڏني. هڪ نسل کان ٻي نسل تائين حضرت آدم کان سندن والد بزرگوار (حضرت عبدالله) تائين ، هر پيءُ ٻئي کي تحويل ۾پئي ڏنو. سندن حسب ۽ نسب ڪنهن به ناپاڪ سان نه مليو . سندن ولادت هڪ بهترين قبيلي ، عزت واري ڏاڏي (بني هاشم ) ۽ شريف ترين ڪنٽب (فاطمه مخزوميه) ۽ محفوظ ترين رحم ۾ حمل ٿيا (آمنه بنت وهب) ۽ اهو امين ترين دامن هيو.

خدا هن کي چونڊيو ،پسند ۽ انتخاب ڪيو پوءِ حڪمت ۽ ڄاڻ جا درواز سندن لاءِ کولي ڇڏيا . کين کي موڪليو تاڪه بندن تي رحمت ۽ جهان جي لاءِ بهار هجي.

خداوند متعال هن تي ڪتاب نازل ڪيو ۽ هر شي جي ان ۾ وضاحت آهي ۽ اهو ڪتاب عربي ٻولي ۾ بنا ڪنهن تحريف جي قرار ڏنائين، انهي اميد سان ته ماڻهو پرهيزگار ٿين. انهي ڪتاب کي ماڻهن لاءِ بيان ڪيائين ۽ انهي جي معرفت کي روشن ڪيائين، ۽ انهي جي ذريعي ئي دين کي منور ڪيائين ۽ واجبن کي لازم قرار ڏنائين ۽ حدن کيماڻهن لاءِ بيان ڪيائين.

رسول خدا ص جي رسالت جي تبليغ ڪيائين، پنهنجي حڪم کي واضح ڪيائين، نبوت جو بار جيڪو ڳرو هيو انهي کي کڻي ڪري منزل مقصود تائين پهچايائين۽ پنهنجي پروردگار جي خاطر صبر ڪيائين ۽ ان جي راه ۾ جهاد ڪيائين.

هر پروگرام کي حوصلي سان ماڻهن لاءِ صحيح نموني سان هلايائين ۽ پنهنجي امت لاءِ سٺي سوچ رکيائين ۽ انهن کي نجات ۽ ڪاميابي جي طرف دعوت ڏنائين ۽ خدا جي ياد لاءِ تشويق ۽ هدايت جي رستي لاءِ پاڻ رهنمائي ڪيائين، انهي ڪري جو ماڻهو هن کان گمراهه نه ٿين. ڇو جو پاڻ سڳورا ماڻهن جي لاءِ دلسوز ۽ مهربان هيا.[21]



[1] _ سوره قلم، آيه 4.

[2] _ سوره، فتح، آيه‏29.

[3] _ مصباح الشريعه، ترجمه زين العابدين ڪاظمي، ص‏126.«خلقني‏الله من صفوه نوره...»

[4] _ جلاء العيون. ص 11.

[5] _ ساڳيو، ص‏36.

[6] _ بحار الانوار، ج‏16، ص‏101.

[7] _ مناقب، ج 1، ص 150.

[8] _ سفينه البحار، ج 1، ص‏433.

[9] _ بحار الانوار، ج‏17، ص 30،

[10] _ سوره بقره، آيه‏146.

[11] _ سوره فتح، آيه‏29.

[12] _سوره بقره، آيه‏89.

[13] _ تفسير نور الثقلين، ج 1، ص 138 و ج 5، ص‏77.

[14] _ سوره انبياء، آيه 107.

[15] _ اصول ڪافي، ترجمه سيد جواد مصطفوي، ج 2، ص 325

[16] _ ساڳيو، ص 321.

[17] _ سوره طه، آيه 68.

[18] _ بحار الانوار، ج‏16، ص‏366. به نقل از جامع الاخبار،ص 98.

[19] _ سوره حشر، آيه‏7.

[20] _ اصول ڪافي،ج 2 ، ص 5 و 6.

[21] _ اصول ڪافي، ج 2،ص 332 و 333.