Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 22 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

اصول دين ۾ ٻيون نمبر عدل آهي ، يعني انهي جي معنى هي آهي ته خداوند متعال نه ڪڏهن ڪنهن تي ظلم ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن تي ظلم ڪندو ، خداوند متعال هر برائي کان پاڪ آهي نه ڪڏهن پاڻ برائي ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن برائي کي پسند ڪري ٿو ،هر انسان کي نيڪي ڪرڻ ۽ برائي کان بچڻ جو حڪم ڏئي ٿو ، اهڙي حڪم ڏيڻ وارو نه ڪنهن چڱائي کي ڇڏي سگهي ٿو ۽نه وري برائي ڪرڻ وارو ٿي سگهي ٿو .

خدا کي عادل مڃڻ جو مطلب اهو آهي ته ان جي هر حڪم صحيح ۽ درست آهي، غلط حڪم ڏيڻ وارو ڪڏهن به عادل نه ٿو ٿي سگهي ، خداوند متعال شيطان ۽ ملائڪن کي حڪم فرمايو ته جناب آدم عليه السلام جي سامهون سجدو ڪن؟ ملائڪن ان ڪري مڃيو جو کين خبر هئي ته خداوند متعال عادل آهي ۽ هو ڪڏهن به غلط حڪم نه ٿو ڏئي. شيطان خدا کي عادل مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان ڪري ئي سجدي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين نه رڳو انڪار ڪيائين بلڪه خدا پاڪ تي اهو به الزام لڳايائين ته تون مونکي ان جي اڳيان جهڪڻ لاءِ حڪم ڏئي ٿو جنهن کان مان برتر ۽ افضل آهيان .

جيڪي ماڻهو خدائي حڪمن تي اعتراض ڪندا رهن ٿا اهي رڳو حڪم الاهي تي اعتراض نٿا ڪن پر خدا جي عدالت کان به انڪار ڪندا آهن ، ڪنهن جي موت کي بي وقت موت سمجهڻ به الله کي عادل مڃڻ جي خلاف آهي ، ڇاڪاڻ ته خداوند متعال هر شخص جي موت جو وقت مقر ر ڪري ڇڏيو آهي ، خدا جي مقرر ڪيل موت جي وقت کي غلط چوڻ صحيح نه آهي ، اهيو چوڻ اصل عدالت جي انڪار مان شمار ٿيندو آهي .