Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 87 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

خدا  تعالى جون ڪجهه صفتون :

هونهن ته ڪنهن کي طاقت ناهي جو الله تبارڪ وتعالى جي بيشمار صفتن کي شمار ڪري سگهي، ليڪن اسان هتي ڪجهه اهم صفتن يا وصفن ڏانهن اشارو ڪيون ٿا.

1_خدا واحد آهي:

يعني خدا هڪ ۽ اڪيلو آهي هن جو ڪوئي ساٿي يا شريڪ نه آهي هو ڪنهن کي به پنهنجي ڪم ۾ شريڪ نه ڪندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي صلاح جي ضرورت اٿس.

2_خدا احد آهي :

يعني هن جو ڪوبه جز يا حصو نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن شي جو جزء آهي ،هو هڪ آهي اڪيلو آهي ۽مرڪب نه آهي (ڪنهن شيءِ سان گڏجي نه ٺهيو آهي).

3_ خدا صمد آهي :

يعني هو هر شي کان بي نياز آهي ، سڄي ڪائنات هن جي محتاج آهي ۽هو پاڻ ڪنهن جو محتاج نه آهي .

4_خدا ازلي آهي  :

يعني هميشه کان آهي .

5_خدا ابدي آهي  :

يعني هميشه رهندو.

6_خدا قيوم آهي :

يعني سڄي ڪائنات جو قيام هن سان  ئيآهي ، هن جو اگر ارادو تبديل ٿي وڃي ته دنيا فنا ٿي وڃي ٿي .

7_خدا ليس کمثله شيء آهي :

يعني خدا اهڙو ته بيمثل آهي جو ان جهڙو ٻيو ڪوئي نه آهي.

8_خدا لم يلد و لم يولد آهي

يعني نه هن جو ڪوئي پيءُ آهي ۽ نه هن جو ڪوئي پٽ آهي .