Get Adobe Flash player

سنڌيڪار:خادم حسين الحسيني

ڪائنات جي لاءِ رحمت بڻجي آيل رسول ،الله جي محبوب پيغمبر اڪرم ص جو شان ان کان وڌيڪ اعلى آهي جو ڪنهن عام ماڻهوءَ يا محدود سوچ ۽ فڪر رکندڙ مفڪر جي تعريف ڪرڻ سان وڌي يا انهن جي گهٽائڻ سان گهٽجي سگهي ڇو جو کين اهو اعلى شان ۽ مان ڏيڻ وارو خالق ڪائنات آهي.اهو ئي آهي جيڪو انسان کي اگر عزت ڏئي ته ڪير کائنس کسي نه ٿو سگهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ذليل ۽ رسوا ڪري ته پوءِ ڪير کيس عزت بخشي نه ٿو سگجهي ان جي اصلي وجهه اها ئي آهي ته عزت ۽ عظمت جا سڀ خزانا سندس ئي قبض قدرت ۾ آهن اهو ئي آهي جنهن جي لاءِ قرآن ڪريم شاهدي ڏيندي فرياد ڪري ٿوته ”انّ العزة لله جميعا“ يعني عزت پنهنجي سڀني درجن سميت الله تبارڪ و تعالى سان ئي مخصوص آهي .ليڪن ان جي باوجود اسان دنيا جي مشهور دانشمندن ۽ عالمي مفڪرن ۾ ڪجهه اهم ماڻهن جا قول رسول الله ص جي باري ۾ نقل ڪيون ٿا ڇو جو اهي قول حقيقت ۾ اعتراف آهن ڪائنات جي رسول جي حقانيت ،عظمت ۽ عزت جو اميد ته بارگاهه الهيءَ ۾ باعث مغفرت ٿيندا.

 

1_مائيڪل.ايڇ.هارٽ (Michael H. Hart) : پنهنجي ڪتاب (A Ranking of The Most Influential Persons In History) ۾انساني تاريخ ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ ترقيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر گذار ماڻهن جي فهرست ۾ حضرت محمد مصطفىص کي پهرئين نمبر تي آڻيندي لکي ٿو:

منهنجو انساني تاريخ جي موثر ترين ماڻهن جي فهرست ۾ محمد ص کي پهريون نمبر ڏيڻٿي سگهي ٿو ته ڪجهه پڙهڻ وارن لاءِ حيرت ۽ڪجهه ٻين لاءِ شڪ ۽ترديد جو باعث بڻجي ليڪن هو(محمد ص)تاريخ جو هڪڙو ئي اهڙو شخص هئو جنهن ديني ۽ دنياوي سطح تي سڀني کان وڌيڪ ڪاميابي ماڻي.

2_الفونس دي ليمارٽين (lphonse de Lamartine): هي مشهور تاريخدان انسان جي عظمت جي ٽن اصلي سببن کي ذڪر ڪندي حيرت جو اظهار ڪندي چوي ٿو : جيڪڏهن هدف جو عظيم هجڻ،وسيلن جي گهٽائي ۽ حيرت انگيز نتيجن جو حاصل ڪرڻ انساني نبوغ جا ٽي معيار هجن ته پوي ڪير آهي جيڪو اها جرات ڪري سگهي جو تاريخ جي ڪنهن وڏي انسان کي محمد ص سان ڀيٽ ڪري؟

دنيا جا مشهورترين ماڻهن فقط جنگي سازوسامان ۽ بادشاهين کي وجود ۾ آندو،انهن مادي قدرت کان سواءِ ڪجهه شيءَ جي بنياد نه وڌي ۽اڪثر ڪري سندن اها قائم ڪيل مادي قدرت سندن ئي اکين اڳيان ختم ٿي وئي (ليڪن ان جي برعڪس) هن شخص (يعني محمد صه) نه فقط فوج،قانون،سلطنت۽ماڻهن جي طويل قافلن کي تحرڪ ۾ آندو بلڪه لکين ماڻهن کي (ان وقت جنهن جو ٽيون حصو هئا) متحرڪ ڪيو.ان وڌي ڪري هن ماڻهن جي سوچ۽ فڪر،دين ۽اعتقاد کي به تبديل ڪري ڇڏيو.

سندس صبر ۽ بردباري،بلند همت ۽ حوصلو ــــ جيڪو هڪ خاص عقيدي سان وابسته هئو ۽هرگز هڪ سلطنت ٺاهڻ لاءِ نه هئو ــــ سندن بيشمار دعائون،پنهنجي پالڻهار سان راز ونياز

سندن رحلت ۽ رحلت کان بعد سندس عظيم ڪاميابي، اهي سڀ گواهه آهن هڪ مضبوظ عقيدي مٿان ،جنهن کيس طاقت ڏني جو هو هڪ ڪجهه راهنما اصولن تي مبني نظام کي ٻيهر جوڙي.اهي عقيدا ٻن حصن تي هئا هڪالله جي هڪڙائي ۽ ٻيو سندس مادي نه هجڻ. پهريون حصو ٻڌائي پيو ته خدا ڇا آهي ؟جڏهن ته ٻيو حصو ٻڌائي پيو ته خدا ڇا نه آهي؟ هڪڙي ڪوڙن خدائن کي تلوار سان نابود پئي ڪيو ته ٻئي عقيده توحيد کي ڪلام پاڪ سان آغاز ٿئي ڪيو.

محمد ص هڪ فيلسوف،خطيب،رسول،قانوندان،جنگي ماهر،عقيدن کي فتح ڪندڙ۽ منطقي عقيدن جو کي زنده ڪندڙ ۽اهڙي آئين کي پيش ڪندڙ هئو جيڪو بتن (جي عبادت) کان خالي هئو.هو ويهن دنياوي سلطنتن۽هڪ ديني سلطنت جو باني آهي.انساني عظمتن جي تمام معيارن کي سامهون رکندي ٿي سگهي ٿو ته سوال ڪجي ته : آيا ڇا محمد صه کانسواءِ به ڪو وڌيڪ عظمت وارو ماڻهوٿي سگهي ٿو؟. [1]

3_ ديوان شرما چنڊ (D.C. Sharma) :لکي ٿو محمد صه رحمت ۽ مهربانيءَ جو مرڪز هئا، سندن ساٿين سندس اثر ۽ نفوذ اهڙو ته دل سان احساس ڪيو جو هرگز نه وسرين.[2]

4_ايڊورڊ گيبن۽سائمن اڪلي (SIMON ACKLEY،Edward Gibbon): دين مبين اسلام جي قبول ڪرڻواري وقت ادا ٿيندڙ ڪلمه توحيد متعلق لکي ٿو:اسلام کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪلمه توحيد جو هيءُ نهايت صاف ۽سادو جملو آهي ته ”آءُ اڪيلي خدا ۽محمد رسول الله تي ايمان رکان ٿو“يعني خدائي جو منطقي تصور ڪڏهن به ڪنهن نظر ايندڙ بت جي وسيلي بي قيميت ناهي بڻيو۽پيغمبر اڪرم ص جي حرمت ڪڏهن به انساني فضيلتن کان هيٺين سطح تي ناهي آئي.سندس سندگي گذارڻ جا گر سندس پوئلڳن جي معرفت کي عقل۽مذهب جي دائري کان ٻاهر نه ٿا آڻين[3]

5_ ايس ــ نائيڊو:ـ(S. Naidu)هندوستان جي هيءَ مشهور شاعر عورت لکي ٿي : (اسلام) پهريون اهو دين هئو جنهن جمهوريت جي پرچار ڪئي۽ ان تي عمل پيرا ٿيوڇو جو مسجد۾ جڏهن آذان اچي ٿي ته نمازگذار گڏ ٿين ٿا ۽اسلامي جمهوريت جيهر روزپنج ڀيرا جهلڪ نظر اچي ٿي.يعني جڏهن رعيت ۽حڪمران ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اعلان ڪن ٿا ته ”الله اڪبر“ منهنجي لاءِ اسلام جو اهو هرگز نه ٽٽندڙ اتحاد جيڪو فطرتي طور تي ڀائيچاري جي سبب ٿئي ٿو سوين دفعا باعث تعجب ٿيو آهي.[4]

6_پروفيسر اسنوڪ هورگرون(Snouk Hurgronie): لکي ٿو هڪ عالمي يونين جيڪا پيغمبر اسلام جي هٿا وجود ۾ آئي عالمي اتحاد ۽انساني ڀائيچاري جي اصول کي اهڙن محڪم بنيادن تي قائم ڪيو جو سڀني قومن لاءِ مشعل راهه بڻجي ويو.حقيقت اها آهي ته دنيا جي ڪنهن به قوم اسلام جي “نظريه وحدت” جهڙو نظريو قومن جي اتحاد لاءِ پيش ڪري نه سگهي آهي.

7_ مهاتما گانڌي (Mahatma Gandhi): پنهنجي ڪتابYoung India۾ لکي ٿي: مون چاهيوپئي ته ڪنهن اهڙي بهترين انسان کي سڃاڻان جيڪو اڄ به ڪڙورين ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪندو هجي......من کي پڪو يقين اچي ويو ته اها تلوار نه هئي جنهن ان وقت جي نظام زندگيءَ ۾ اسلام لاءِ جڳهه پيدا ڪئي بلڪه پيغمبر اسلام جي نهايت صادقي۽ سچائي۽ پنهنجي عهد۽ پيمان تي مڪمل توجه ،پنهنجي ساٿين ۽پيروڪارن جي لاءِ سندس ايثار ۽قرباني هئي جنهن سبب مشن کي اڳتي وڌايو ۽ رستي ۾ موجود سڀني رڪاوٽن کي دور ڪيو. جڏهن سندن زندگينامي جو ٻيو جلد پڙهي بس ڪيم ته افسوس ڪيمته سندن عظيم زندگيءَ جو مطالعو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه موجود ناهي.

8_ ٿامس ڪارلائل(ThomasCarlyle): پنهنجي ڪتاب (Heroes and Heroworship) حيرت جو اظهار ڪندي لکي ٿوۡ: ”ڪهڙي طرح هڪ انسان اڪيلي سر جنگجو قبيلن۽بيابان ۾ سرگردان جاهل ماڻهن کي ٻن ڏهاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ هڪ طاقتور،متمدن،مهذب ۽متحد قوم جي صورت ۾ آڻي سگهي ٿو.؟!.

”جيڪي ڪوڙ۽تهميت حسد جي ڪارڻ هن مرد مٿان ڪثرت هنيون ويون آهي اهي خود اسان لاءِ ئي شرم جو باعث آهن. جڏهن ته هو هڪ عظيم انسان صداقت ۽ سچائيءَ کانسواءِ ڪجهه رکي نه پيو سگهي هن کي هن جهان ۾ انقلاب آڻڻو ئي هئو ڇو جو خالق ڪائنات کيس اهو ئي فرمان ڏنو هئو.“

9_برٽينڪا انسائيڪلوپيڊيا(Britannica Encyclopedia): ۾ آيو آهي ته: ڪجهه بنيادي ذريعن (Primary Sources) مان خبر پوي ٿي ته هو (محمد صه ) هڪ شريف۽سچو انسان هئو جنهن ٻين اهڙن ماڻهن جو احترام۽وفاداريءَ کي پنهنجي طرف جذب ڪيو جيڪي پاڻ به شريف۽ سچاماڻهو هئا.

10_جارج برنارد شاؤ(GeorgeBernardShaw)رسول خدا متعلق لکي ٿو ته ”جيڪڏهن ڪو دين انگلنڊ بلڪه پوري يورپ مٿان ايندڙ سئو سالن اندر حڪومت ڪري سگهي ٿو ته اهو اسلام ئي هوندو.“

مون هميشه اسلام جو ان جي تحرڪ ۽حيات بخش هجڻ ڪري احترام ڪيو آهي.اهو واحد دين آهي جيڪو منهنجي نظر ۾ اها قابليت رکي جو زماني جي هر تبديليءَ سان مطابقت پيدا ڪري.جنهن سان هرزماني ۾ سندس جاذبيت باقي آهي .مون سندس (رسول الله ص) جي باري ۾ مطالعو ڪيو آهي.هو حيرت انگيز شخص آهي منهنجي نظر ۾ اهڙي قسم جو ماڻهو ڪڏهن به مسيح جومخالف نه ٿو ٿي سگهي بلڪه اهڙي ماڻهوءَ کي انسانيت جو نجات ڏيندڙ منجي چوڻ گهرجي.

منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن ان جهڙو ماڻهو پوري جهان تي حڪومت ڪري ته هن جهان جي مشڪلاتن کي ائين حل ڪندو جو صلح۽سعادت سان هن جهان کي طري ڏيندي جنهن جي اڄ انسان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي.مون دين محمديءَ لاءِ پيشگوئي ڪري ڇڏي آهي ته هيءُ دين مسقبل جي يورپ ۾مقبول ٿيندو جهڙي طرح هاڻوڪي يورپ۾ مقبوليت پيو ماڻي.[5]

حوالا...................



[1]_lphonse de Lamartine, Histoire de Turquie, Paris 1854, vol.II, PP.276-277.

[2]_D.C. Sharma. The Prophets of the East, Calcutta 1935,p 12.

[3]_The History of The Saracen Empires, London 1870, p54.

[4]_S. Naidu, Ideals of Islam, Vide speeches & Writings, Madras, 1918, P.169.

[5]_Sir George Bernard Shaw in The Genuine Islam Vol.1, No.8, 193