Get Adobe Flash player

1.امام عليه السلام جن جو مختصر زندگي نامو

امام جو اسم مبارڪ حسن، لقب زڪي ۽ عسڪري ۽ ڪنيت ابو محمد آهي، امام جو والد گرامي حضرت امام علي نقي ع آهي ،جڏهن ته والده جو نالو حُدَيث (سليل ۽ ريحانه) آهي .

امام حسن عسڪري ع جن جي مديني منوره ۾ 8 ربيع الثاني سن 232 هجري قمري ۾ ولادت ٿي ۽ امام ع جن جي شهادت جي تاريخ 8 ربيع الاول سن 260 هجري قمري آهي. شهادت جي وقت امام جن جي عمر فقط 28 سال هئي ۽ سندن امامت جي مدت ڇهه سال آهي. خليفي معتمد عباسي جي حڪم سان امام ع کي زهر ڏنو ويو جنهن سان امام جي شهادت ٿي وئي.سندن دفن جي جاءِ سامراءآهي ۽ سندن اولاد ۾ فقط هڪ پٽ آهي [1] جنهن جو نالو نبي ڪريم7 جي نالي ۽ ڪنيّت نبي ڪريم7 جي ڪنيّت واري آهي.[2] يعني حضرت حجت ابن الحسن عسڪري.

2. امام عليه السلام جي دور ۾ وقت جا حڪمران

امام عليه السلام جي دور ۾ بنو عباس اسلامي سلطنت تي قابض هئي انهن مان هيٺيان ٽي حڪمران اهم آهن جن جي تفصيل بعد ۾ ايندي

1. المعتز بالله ( 252_ 255 هه،ق)

2. المهتدي بالله ( 255_ 256 هه،ق)

3. المعتمد بالله ( 256_ 279 هه،ق ).[3]

3. امام عليه السلام کي عسڪري ڇو ٿو سڏيو وڃي؟

امام ع کي عسڪري ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو امام ع کي عباسي خليفي جي حڪم تي زبردستي سامراء شهر جي هڪ محلي “ عسڪر” (يعني فوجي ڇانوڻي) ۾ آندو ويو ۽ امام زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ان ئي جاءِ تي رهيا ،ان ڪري کين عسڪري سڏيو وڃي ٿو. [4]

4. امام عسڪري عليه السلام جن جي ولادت ۽ شرعي رسمون

جيئن ئي امام علي نقي ع جن کي امام حسن عسڪري عه جن جي ولادت جي خبر ڏني وئي ته پاڻ ان شرعي رسمن کي انجام ڏيڻ خاطر پنهنجي گھر ۾ آيا ۽ وقت جي امام پنهنجي معصوم پٽ جي ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چئي ان کان پوءِ ستين ڏينهن امام علي نقي عه، امام حسن عسڪري عه جي سر مبارڪ جا وار ڪَٽرائي، ان جي وزن برابر سون ۽ چاندي مسڪينن ۽ غريبن کي صدقو ڏنو ۽ ان وقت عقيقو به ڪيائون جنهن ۾ امام عه ٻن سالن جي گھيٽي کي ذبح ڪيو ۽ پنهنجي پٽ جو نالو حسن رکيو ۽ سندن ڪنيت ابو محمد رکيائون. [5]

5. امام عليه السلام ۽ خدا جو خوف

روايت ۾ آهي ته هڪ دفعي ڪجهه ٻار راند کيڏي رهيا هئا ۽ امام به پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ عمر ۾ هئا انهن ٻارن جي پاسي ۾ ويهي روئي رهيا هئا ته اتان هڪ شخص جو گذر ٿيو ته هن شخص امام کي چيو : تون ان ڪري روئي رهيو آهين جو تو وٽ راند لاءِ رانديڪا ناهن ؟ مان تو لاءِ اهي رانديڪا وٺي ٿو اچان. امام فرمايو آءُ ان ڪري ٿو روئان ته هيءُ راند پيا کيڏن جڏهن ته اسان راند کيڏڻ لاءِ پيدا ناهيون ٿيا. امام جو جواب ٻڌي اهو شخص اچرج ۾ پئجي ويو ۽ امام کان ڀڇيائين ته ڀلا پوءِ اسان ڇا جي لاءِ پيدا ٿيا آهيون؟ امام عه جن فرمايو ته: اسان علم ۽ عبادت لاءِ پيدا ٿيا آهيون. ان شخص سوال ڪيو ته: توهان کي اها ڪيئن خبر پئي ته اسان جي پيدائش جو مقصد علم ۽ بندگي ڪرڻ آهي؟ ان شخص جي سوال جي جواب ۾ امام قرآن مجيد جي هن آيت ڪريمه جي تلاوت ڪئي ] افحسبتم انما خلقناکم عبثا[ [6]. ڇا توهان اهو گمان ڪريو ٿا ته توهان کي اجايو ۽ بيڪار خلق ڪيو ويو آهي. هن شخص کي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ هن ان حيراني جي حالت ۾ امام ع کان سوال ڪيو ته: اي پٽ تون ڇو ٿو ڊڄين؟ تون ته ننڍڙو آهين؟ امام ع فرمايو ته: مون پنهنجي والده کي ڏٺو آهي ته هوءَ باهه ٻارڻ لاءِ وڏين ڪاٺين کي ساڙڻ ۽باهه ڏيڻ کان اڳ ننڍين ۽ سنهڙين ڪاٺين کي باهه ڏيندي آهي مان ڊڄان ٿو ته ڪٿي آئون به ننڍين ڪاٺين وانگر جهنم جي باهه ۾ نه سڙان.[7]

6. امام عليه السلام جو ڪرم ۽ لطف

امام عه تمام سخي هئا ۽ پاڻ غريبن ۽ محتاجن تي تمام گھڻو احسان ڪندا هئا، امام عه جن جي ڪريم هجڻ جي باري ۾ مورخين، محمد بن علي بن ابراهيم بن امام موسي ڪاظم بن امام صادقAکان روايت ڪئي آهي ته اسان جي زندگي تمام ڏکي ٿي وئي هئي ( اسان کي کاڌي پيتي لاءِ ايترا پئسا نه هئا جو اسان پيٽ گذر ڪري سگھون) منهنجي والد مون کي چيو ته پاڻ ابو محمد ( امام حسن عسڪري عليه السلام) وٽ هلون ٿا جنهن جي اسان تمام گھڻي واکاڻ ٻڌي آهي. مون عرض ڪيو ته ڇا بابا توهان انهن کي سُڃاڻو ٿا؟ منهنجي والد چيو نه ئي آئون ان کي سڃاڻا ٿو ۽ نه ئي مون اڄ تائين انهن کي ڏٺو آهي. بس پنهنجي والد جي چوڻ تي اسين روانا ٿياسين .رستي ۾ بابا چيو ته اسان کي پنج سئو درهمن جي ضرورت آهي ٻه سئو درهم لباس وغيره جي لاءِ ۽ ٻه سئو درهم کاڌي پيتي جي لاءِ ۽ سئو درهم ٻئي خرچ پکي لاءِ، ان وقت منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ڪاش امام عليه السلام مون کي ٽي سئو درهم هديو ڪري سئو درهم مان سواري وٺندس ۽ باقي سئو درهم خرچ ڪندس، جڏهن اسان امام ع جي دروازي تي پهتاسين ته گھر مان هڪ معصوم ٻار نڪري ڪري چيو ته: علي بن ابراهيم ۽ ان جي پٽ کي اندر وٺي اچو جڏهن اسان اندر وڃي سلام ڪيو ته ان ٻار منهنجي پيءُ کي چيو: اي علي بن ابراهيم توهان ايتري دير ڇو ڪئي؟ جواب ۾ بابي وراڻيو ته: اي منهنجا آقا ۽ سردار توهان سان ملاقات ڪندي مونکي شرم محسوس ٿئي ٿو. امام ع ڪجھ دير اسان وٽ ويٺا پوءِ خدا حافظ چئي هليا ويا، ٿوري دير کان پوءِ امام ع جو غلام آيو ان علي بن ابراهيم کي پنج سئو درهم واري ٿيلهي ڏئي ڪري چيو ته: ٻه سئو درهم کاڌي خوراڪ جي لاءِ ۽ سئو درهم خرچ جي لاءِ آهي، ۽ مون کي ٽي سئو درهم واري ٿيلهي ڏيندي ڪري چيو: سئو درهم سواري جي لاءِ ۽ سئو درهم لباس جي لاءِ ۽ سئو درهم خرچَي جي لاءِ آهن. ۽ هاڻي ان جبل وٽان نه وڃجو، محمد امام ع جن جي حڪم مطابق سوراء جي طرف کان رستو طي ڪيو ۽ هن جا تمام ڪم بهترين طريقي سان انجام ٿيا ۽ آهستي آهستي هن جو شمار دولتمند ماڻهن ۾ٿيڻ لڳو [8]

7. امام عليه السلام جو اخلاق

امام حسن عسڪري عليه السلام جو بلند و بالا اخلاق ۽ آداب الله سائين جي نشانين مان هڪ نشاني هئي، پاڻ دوست ۽ دشمن سان خوش روئيءَ سان پيش ايندا هئا. امام عليه السلام جن جي اخلاق جو سندن دشمنن تي به ايترو ته اثر ڪيو جو انهن جون دشمنيون ۽ بغض محبت ۾ تبديل ٿي ويا. امام عليه السلام جن جي اخلاق مان علي بن اوتانش تمام گھڻو متاثر ٿيو جڏهن ته هو آل محمد عليهم السلام جو سخت دشمن هو پر جڏهن امام عليه السلام جي اخلاق مان متاثر ٿيو ته جڏهن به هو امام عليه السلام سان ملندو هو ته امام ع جي جلال ، تعظيم ۽ بزرگيءَ جي ڪري هو پنهنجيون اکيون مٿي نه ڪندو هو ۽ ماڻهن جي درميان امام جي باري ۾ ڀليون ڀليون ڳالهيون ڪندو هو. [9]

8. امام عليه السلام ۽ غيب جو علم

ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان جا امام عه جهڙي طرح گذريل واقعات جو علم رکندا هئا اهڙي طرح بعد ۾ ٿيندڙ هر واقعي ۽ حادثي کان به واقف هئا ۽ اهڙي طرح آئمه عه ماڻهن جي سيني ۾ موجود رازن کان به آگاهه هوندا هئا جهڙي طرح علي بن ابراهيم واري واقعي مان اها شيءِ واضح ٿئي ٿي.

هن جاءِ تي اسان امام عسڪري عليه السلام سان مربوط ڪجھ واقعن کي بيان ڪريون ٿا. جن ۾ امام جن حادثي جي واقع ٿيڻ کان اڳ ان جي باري ۾ بيان ڪن ٿا:

الف) ابو هاشم کان روايت آهي ته مان قيد خاني ۾ هئس مون امام عليه السلام جن سان زندان جي سختين ۽ مشڪلاتن جي باري ۾ شڪايت ڪئي. امام عليه السلام جن لکيو ته: تون اڄ ظهر جي نماز پنهنجي گھر ۾ ادا ڪندين بس پوءِ ائين ئي ٿيو،مان قيد مان آزاد ٿي ويم ۽ مون ظهر جي نماز پنهنجي گھر ۾ ادا ڪئي. [10]

ب) محمد بن حمزه کان روايت آهي ته مون امام حسن عسڪري عليه السلام جن جي خدمت ۾ لکيو ته توهان خداوند متعال کان منهنجي مالدار ٿيڻ جي دعا گھرو ته جيئن آئون مالدار ٿيان امام عليه السلام جواب ۾ لکيو ته آئون توهان کي خوشخبري ڏيان ٿو ته خدا توهان کي مالدار ڪندو. تنهنجي سوٽ يحييٰ بن حمزه جو انتقال ٿي ويو آهي ۽ هن پويان ميراث طور هڪ هزار درهم ڇڏيو آهي ۽ تو کان کان علاوهه هن جو ٻيو ڪو به وارث ڪونهي. اهي پئسا عنقريب توکي ملي ويندا ۽ ان ۾ اسراف نه ڪجانءِ، محمد بن حمزه چوي ٿو ته ڪجھ عرصي کان پوءِ مون وٽ اهي پئسا ۽ منهنجي سوٽ جي مرڻ جي خبر پهتي. ان رقم مان منهنجو فقر دور ٿي ويو ۽ مون الله جو حق ادا ڪيو اسراف ۽ فضول خرچ نه ڪيم. [11]

9.امام عليه السلام ۽ ان دور جا حاڪم

امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي مختصرزندگيءَ ۾ تمام گھڻا ڏک ۽ درد سٺا آهن ڪجھ بادشاهه هميشه اهلبيت عليه السلام سان جنگ ۽ جدل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول هئا ۽ انهن اهلبيت عليه السلام کي مختلف قسمن جون تڪليفون ڏنيون.انهن مان ڪجھ باشاهن کي هيٺ ذڪر هجي ٿو:

1_متوڪل

متوڪل سن 232 هجري ۾ حڪومت جي واڳ سنڀالي ۽ ان ئي سال امام جي ولادت باسعادت ٿي. متوڪل جي دل ۾ علوين سان دشمني، بغض ۽ ڪينو تمام گھڻو هو ، علوين متوڪل واري دور ۾ تمام گھڻي ظلم ۽ ستم سان زندگي بسر ڪئي ۽ انهن تي متوڪل کان پهريان ڪڏهن اهڙو زمانو نه آيو هو. متوڪل جي زندگي بيهودگي ۽ عياشيءَ سان پُر هئي. مورخن جو چوڻ آهي ته متوڪل کان پهريان بني عباس جو ڪوبه اهڙو بادشاهه ناهي گذريو جنهن جي دربار ۾ متوڪل وانگر سرعام عياشي ٿئي هجي، متوڪل جون پنج هزار ڪنيزون هيون [12] متوڪل کلم کلا گناهه ڪندو هو ۽ ماڻهن کان ڪجھ به شرم ۽ حياءُ نه ڪندو هو هڪ دفعي متوڪل شطرنج کيڏي رهيو هو .قاضي احمد بن داوود اندر داخل ٿيو ته احمد بن خاقان ان کي کڻڻ جو ارادو ڪيو ته متوڪل هن کي روڪيو ۽ چيائين ته اسان خدا کان ڪا شيءِ نٿا لڪائي سگھون ته ماڻهن کان ڇا لڪايون[13].

متوڪل ذاتي طور تي علوي سادات سان تمام گھڻو بغض ۽ عناد رکندو هو ۽ اهڙي طرح متوڪل اسلامي دنيا ۾ حق ۽ عدالت جي عَلم کي بلند ڪندڙ انسان حضرت علي ع سان تمام گھڻو بغض ۽ عداوت رکندو هو ۽ متوڪل جي وڏي ۾ وڏي ڪِريل حرڪت ۽ سڀ کان وڏو جرم هي آهي ته هن جوانان جنت جي سردار رسول اڪرم ص جي ڏهٽي حضرت امام حسين عليه السلام جي مرقد مطهر کي ڊاهرايو اتي هر هلائي، پاڻي ڇڏيو.

2_منتصر

منتصر پنهنجي پيءُ جي مخالفت ۾ انقلاب برپا ٿيڻ کان پوءِ حڪومت جي واڳ سنڀالي جنهن سان عام طور تي شيعن کي سڪون مليو ۽ هن امام حسين عليه السلام جي زيارت جي باري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ۽ هن علوين کي فدڪ واپس ڏنو.

3_مستعين

مستعين 5 ربيع الثاني سن 248هجري ۾ آچر جي ڏينهن حڪومت تي آيو. مورخن هن جي باري ۾ لکيو آهي ته هُو فضول خرچ، مال ضايع ڪرڻ وارو ۽ حق جو مخالف هو. هو امام حسن عسڪري ع سان تمام گھڻو بغض رکندو هو هن امام ع کي قيد ڪرايو. قيدخاني ۾ امام ع جن سان عيسيٰ بن فتح به هو امام عيسيٰ کي فرمايو ته: اي عيسيٰ تنهنجي عمر سٺ سال هڪ مهينو ۽ ٻه ڏينهن آهي. عيسيٰ حيرت ۾ پئجي ويو جڏهن هن دفتر ۾ لکيل پنهنجي پيدائش جي تاريخ کي ڏٺو ته جيئن امام عه فرمايو ائين ئي هو. ان کان پوءِ امام عه هن کي فرمايو ته: ڇا تنهنجو ڪ اولاد آهي؟ هن وراڻيو ته نه. امام هن لاءِ هيئن دُعا گھري “ خدايا هن کي هڪ پٽ عطا ڪر جيڪو هن جو پشت پناهه هجي” ان کان پوءِ عيسيٰ پڇيو ته: اي موليٰ ڇا توهان کي اولاد آهي؟ امام ع فرمايو ته: خدا جو قسم عنقريب خدا مون کي هڪ اهڙو پٽ عطا ڪندو جيڪو زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو ليڪن هن وقت مون کي ڪو اولاد ناهي. [14]

4_معتزّ

هن کي حڪومت هلائڻ جو ڪو به تجربو نه هو ۽ نه ئي هن کي سياست ۽ حڪومت جي نظم ۽ نسق (طور طريقي ) جي ڪا خبر هئي . تنهنڪري ملڪ انتظامي طور تُرڪن جي هٿ ۾ هئو جيئن هو چوندا هئا هي ائين ڪندو هئو معتز امام عليه السلام سان تمام گھڻو بغض ڪندوهو. هن امام ع کي زنزانات جي قيدخاني ۾ نظر بند ڪرايو هن امام جن تي تمام گھڻا ظلم ۽ ستم ڪيا امام عليه السلام جن هن لاءِ بد دعا ڪئي خداوند متعال ، امام ع جي دُعا کي قبول ڪيو ۽ هن کان سخت انتقام ورتو ۽ هي ترڪن جي هٿان ماريو ويو.[15]

5_ مهتدي

1. هن ستاويهن سالن جي ڄمار ۾ حڪومت جي واڳ سنڀالي هي اهلبيت عليهم السلام جو سخت دشمن هو. هن امام ع کي گرفتار ڪرائي قيد ڪرايو امام ع قيدخاني ۾ تمام گھڻيون سختيون ڏٺيون. قيدخاني ۾ امام ع جن سان گڏ زڪي ابو هاشم هئو، امام هن کي فرمايو ته اي ابو هاشم هن ظالم اڄ رات مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي جڏهن ته خداوند متعال هن جي عمر کي ختم ڇڏيو آهي ۽ هن جي عمر ختم ٿيڻ واري آهي. [16] ڪجھ شيعن امام جن ڏانهن خط لکيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته مهتدي، توهان جي شيعن کي ڌمڪي ڏني آهي ۽ چوي ٿو ته آئون انهن کي جلا وطن ڪندس، امام انهن ڏانهن لکيو ته هن جي عمر ختم ٿي چڪي آهي ۽ پنجن ڏينهن کان پوءِ ڇهين ڏينهن هن کي وڏي خواري ۽ ذلت سان قتل ڪيو ويندو. امام عه جن جي ڏنل خبر صحيح واقع ٿي ۽ تُرڪن هن کي خنجر سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سندس زخمن مان شراب وهي رهيو هو.[17]

6_معتمد

معتمد عباسي 25 سالن جي عمر ۾ خليفو ٿيو [18] هيءُ والدين جو نافرمان پٽ هو ۽ گھڻي ڀاڱي عياشيءَ ۾ مشغول رهندو هو، هن جي حڪومت واري زماني ۾ به امام حسن عسڪري ع تمام گھڻيون مشڪلاتون سختيون ۽ مشقتون سٺيون . هن امام ع ج کي قيد ڪرايو۽ داروغي کي چيائين ته هو امام عه جي باري ۾ سڀ خبرون هن تائين پهچائي. زندان جي داروغي معتمد کي خبر ڏني ته هو (امام) تمام گھڻو نيڪ ماڻهو آهي ۽ هو ڏينهن جو روزو رکي ٿو ۽ هن جي سَمُوري رات خدا جي عبادت ۽ بندگيءَ ۾ گذري ٿي. معتمد وري ٻئي مرتبي زندان جي داروغي کان امام جي باري ۾ پڇيو ته هن جيئن پهريان ٻڌايو هو هن مرتبي به ائين ئي ٻڌايو ته ان تي معتمد، امام ع کي قيد مان آزاد ۽ سندن کا معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو ، زندان جو داروغو امام ع کي قيد مان آزاد ٿيڻ جي خبر ٻڌائڻ جي باري ۾ جلدي قيد خاني وٽ آيو هن ڏٺو ته امام ع زندان مان نڪرڻ جي ڪري پنهنجو لباس ۽ پنهنجي نعلين مبارڪ پائي تيار ويٺا آهن. داروغي کي اهو ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ هن امام ع جي خدمت ۾ معتمد جو خط پيش ڪيو قيدخاني ۾ اوهان سان گڏ اوهان جو، جعفر نالي ڀاءُ به موجود هو امام ع ان وقت تائين قيدخاني مان ٻاهر نه آيا جيستائين جعفر کي قيدخاني مان آزاد نه ڪرايائون. [19]

10. امام تي قاتلانه حملو

امام پنهنجي دور جو افضل ۽ اعلم انسان هو ۽ هدايت جو هڪ روشن ڏيئو هو پر ان دور جي بي قدر ماڻهن بغض، ڪيني ۽ ساڙ جي تيز هوائن سان ان چمڪندڙ ڏيئي کي وسائي ۽ اُجھائي ڇڏيو. معتمد، امام عليه السلام جي وجود کي برداشت نه ڪري سگهيو هن نواسه رسول جي توهين ڪندي مٿن قاتلانه حملو ڪرايو ۽ امام عه کي زهر هلاهل ڏنو ويو. [20] جڏهن امام ع کي زهر ڏنو ويو ته سندن سڄو جسم پاڪ مسموم ٿي ويو ۽ پاڻ بستري تي ليٽي پيا ۽ زهر جي شدت جي ڪري شديد تڪليف ۾ هئا، معتمد پنهنجن پنجن معتبر ۽ موثق نوڪرن کي امام عه جي گھر کان خبر ۽ اطلاع آڻڻ جي لاءِ معين ڪيو ۽ اهڙي طرح هن هڪ طبيبن جي جماعت کي به معين ڪيو ۽ انهن کان اهو عهد ورتائين ته هو امام جي گھر کان باهر نه ويندا [21] امام عليه السلام جي حالت خراب ٿيندي ويئي ۽ حڪيمن به جواب ڏئي ڇڏيو پاڻ خدا جو ذڪر ۽ قرآن جي تلاوت ڪندا رهيا ايسيتائين جي پنهنجي ناني حضرت محمد مصطفيٰ ص سان جنت الفردوس ۾ ملاقت ڪيائون.

11.امام جو غسل ڪفن ۽ تشييع جنازه

امام عليه السلام جي پاڪ بدن کي غسل ڏنو ويو ۽ ڪفن پارايو ويو نماز جنازه پڙهائي ويئي.امام عسڪري عليه السلام جي نمازِ جنازه، الله جي آخري حجت امام منتظر عليه السلام پڙهائي ابو عيسيٰ بن متوڪل امام عليه السلام جي چهري تان ڪفن هٽائي سڀني شريڪ ٿيڻ وارن کي امام عليه السلام جي چهري جي آخري زيارت ڪرائي چيائين ته هي حسن بن علي نقي بن محمد تقي بن علي رضا عليهم السلام آهن جنهن پنهنجي گھر ۾ وفات پاتي ۽ ان کان پوءِ امام ع جي چهري مبارڪ کي ڍڪي ڇڏيائين. [22]

امام ع جي جنازي ۾ سامراء جي هر طبقي جي ماڻهن شرڪت ڪئي ان ڏينهن حڪومتي ادارا ۽ بازارون بند ڪرايون ويون سامراء ۾ قيامت جو منظر هو. ان وقت تائين ڪنهن جي به ائين تشييع جنازه نه ٿي هئي هڪ طرف سڀ امام عليه السلام جا فضائل بيان ڪري رهيا هئا ته ٻئي طرف امام عليه السلام جي شهادت تي ماتم ۽ آه ۽ بڪاء ڪري رهيا هئا [23]

12.امام عليه السلام جن جي مزار

امام عليه السلام جي جسد اطهر کي تڪبير ۽ تعظيم جي سائي ۾ آخري قيام گاهه تائين آندو ويو ۽ سندن جنازي کي پنهنجي ئي گھر ۾ سندن والد بزرگوار حضرت امام علي نقي عليه السلام جي قبر جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. هن وقت امام عليه السلام جو روضو مبارڪ مُلڪ عراق جي سامراء شهر ۾ آهي.

حوالا.............



[1] گنجينه معارف، ج3، ص 1031.

[2] اعيان الشيعه، ج2 ص40.

[3] سيماي پيشوايان، ص 178.

[4] علل الشرايع،ج1، باب 176، ص230.

[5] حياه الامام حسن عسڪري، ص19.

[6] سورت مومنون، آيت 115.

[7] جوهره الڪلام في مدح الساده الاعلام، ص155.

[8] ڪشف الغمه، ج3، ص 300.

[9] ڪشف الغمه، ج3، ص2.

[10] اعلام الوريٰ، ص372.

[11] نور الابصار، ص 152.

[12] مرآه الزمان،ج6،ص69.

[13] زهر الآداب، ج4،ص3.

[14] جوهره الڪلام، ص155.

[15] تاريخ خلفاء، ص 36.

[16] مهج الدعوات، ص274.

[17] مروج الذهب،ج4، ص127.

[18] مروج الذهب،ج4، ص138.

[19] مهج الدعوات، ص274.

[20] الارشاد، ص383.

[21] ساڳيو

[22] الارشاد، ص183

[23] دائره المعارف بستاني،ج7، ص45.