Get Adobe Flash player

قرآني آيتن جوشان نزول حجت الاسلام والمسلمين محمد جعفر امامي جي فارسي ڪتاب “شان نزول آيات قرآن” جي سنڌي ترجمي جو هڪ سلسلو آهي ، جيڪومولف محترم تفسير نمونه ۾ ذڪر ٿيل قرآني آيتن جي شان نزول کي سهيڙي هڪ جلد ۾ پيش ڪيو آهي ، هن ڪتاب کي مولف محترم چوڏهن فصلن ۾ ورهايو آهي ۽ هرفصل ۾ چند سورتن جي آيتن جي شان نزول کي بيان ڪيو اٿس، پر اسان هتي ان فصل بندي واري طريقه ڪار کان هٽي سورتن جي ناليوارترتيب سان آيتن جي شان نزول کي پيش ڪنداسين ته جيئن ويب سائيٽ ۽ فورم تي ايندڙ دوست ان جو آساني سان مطالعو ڪري سگھن ، جيئن ته ڪتاب نظرن کان گذرندي ان ڳالهه جو شوق پيدا ٿيو ته ان جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪجي ، ته جيئن اسان جا سنڌي دوست پهرئين مرحلي ۾ گھٽ مان گھٽ قرآني آيتن جي شان نزول کان ڪنهن حد تائين ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ، ان سلسلي ۾ برادر محترم مداح حسين مخلصي جي تعاون سان هن سلسلي کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو اٿئون ، الله سائين کان دعا آهي ته هن خير جي ڪم کي پڄاڻي تي پهچائڻ ۾ اسان جي مدد فرمائي _

آمين (سنڌيڪار(

سوره بقره

1_ ﴿سورت بقره آيت 26

إِنَّ اللَّهَ لاَ يَسْتَحْيِي أَنْ يَضْرِبَ مَثَلاً مَا بَعُوضَةً فَمَا فَوْقَهَا فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُوا فَيَعْلَمُونَ أَنَّهُ الْحَقُّ مِنْ رَبِّهِمْ وَ أَمَّا الَّذِينَ كَفَرُوا فَيَقُولُونَ مَا ذَا أَرَادَ اللَّهُ بِهٰذَا مَثَلاً يُضِلُّ بِهِ كَثِيراً وَ يَهْدِي بِهِ كَثِيراً وَ مَا يُضِلُّ بِهِ إِلاَّ الْفَاسِقِينَ

الله تعالى مڇر(وانگرڏسڻ ۾ ننڍڙي مخلوق ) ۽ ان کان به گھٽ ( مخلوق ) جي مثال ڏيڻ کان نه ٿوشرمائي پوءِ جن ايمان آندو اهي ڄاڻن ٿا ته هي سندن پالڻهارطرفان حق آهي پر جن ڪفر وارو رستو ورتو اهي (ان ڳالهه کي بهانو بڻائيندي )اهو چوندا آهن ته الله جو ان مثال ڏيڻ مان ڪهڙو مقصد آهي؟ الله سائين ان ذريعي ڪيترن کي گمراهه ۽ ڪيترن کي هدايت ڪندو آهي پر گمراهه فقط منافقن کي ڪندوآهي .

شان نزول

هي ڪهڙي قسم جي وحِي آهي جيڪا ڪوريڙي ۽ مک جي مثال ٿي آڻي ؟

ڪجھ مفسرن حضرت ابن عباس کان مٿي ذڪر ٿيل آيت جي باري ۾ نقل ڪيو آهي ته جڏهن الله تعالى هن آيت کان پهرين ذڪر ٿيل سترنهن (17) ۽ اوڻيهه(19) نمبر آيتن ۾ منافقن جي لاءِ ۾ ٻن قسمن جون مثالون ڏنيون ته منافق اهو چوڻ لڳا ته: الله تعالى جي ذات ان کان مٿانهين آهي جو اهڙي قسم جون مثالون ڏئي ۽ ان طريقي سان قرآن جي وحي هجڻ جي باري ۾ شڪ ظاهر ڪرڻ لڳا ته ان وقت انهن جي جواب ۾ هي آيت نازل ٿي

ڪجھ ٻين مفسرن جو چوڻ آهي ته : جڏهن قرآن ۾ذباب” (مک) ۽ عنڪبوت (ڪوريڙي ) جون مثالون ذڪر ٿينديون هيون ته ڪجھ مشرڪ ان ڳالهه کي بهانو بنائي نڪته چيني ۽ مذاق ڪرڻ لڳا ته هي ڪهڙي قسم جي وحي آهي جنهن ۾ڪوريڙي” ۽“ مک” جون مثالون ذڪر ٿين ٿيون ته ذڪر ٿيل آيت نازل ٿي ۽ رائج مثالن ۾ انهن کي جو اب ڏنائين

 

2_ ﴿سورت بقره آيت 41

وَ آمِنُوا بِمَا أَنْزَلْتُ مُصَدِّقاً لِمَا مَعَكُمْ وَ لاَ تَكُونُوا أَوَّلَ كَافِرٍ بِهِ وَ لاَ تَشْتَرُوا بِآيَاتِي ثَمَناً قَلِيلاً وَ إِيَّايَ فَاتَّقُونِ ﴿ آيت41 ﴾

۽ منهنجي نازل ڪيل (ڪتاب ) تي ايمان آڻيو جيڪو توهان وٽ موجود ڪتاب ( توريت) جي تصديق ڪرڻ وارو آهي ،۽ سڀني کان پهرين ان جا ان منڪر نه ٿيو ۽ منهنجي آيتن کي ( ٿوڙي قيمت عيوض ) نه وڪڻو ۽ رڳومون کان ئي ڊڄو

شان نزول

توريت ۾ تحريف ( تبديليون ) هڪ مهماني عيوض

ڪن برک مفسرن امام باقر(ع ) هن آيت جي شان نزول جي باري ۾ نقل ڪيو آهي ته حيي بن اخطب ، ڪعب بن اشرف ، ۽ يهودين جي ڪجھ ٻين ماڻهن لاءِ يهودين طرفان هر سال وڏي پررونق مهماني جو بندوبست ڪيو ويندو هو ايستائين جو اهي ان ڳالهه تي به راضي نه هيا ته ايتروٿوڙو مفاد به رسول الله جي تبليغ جي ڪري سندن هٿن مان نڪري وڃي ،ان ڳالهه ( ۽ ڪجھ ٻين ڳالهين ) جي ڪري توريت ۾ پاڻ سڳورن جي شان ۾ جيڪي آيتون هيون تن ۾ تحريف (تبديليون) ڪرڻ لڳا ۽ اها ئي “ثمن قليل” گھٽ قيمت آهي جنهن جو الله تعالى قرآن ۾ اشارو ڪيو آهي .

3_ ﴿سورت بقره آيت76.77

وَ إِذَا لَقُواْ الَّذِينَ ءَامَنُواْ قَالُواْ ءَامَنَّا وَ إِذَا خَلَا بَعْضُهُمْ إِلىَ‏ بَعْضٍ قَالُواْ أَ تحَُدِّثُونهَُم بِمَا فَتَحَ اللَّهُ عَلَيْكُمْ لِيُحَاجُّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّکُمْ  أَ فَلَا تَعْقِلُونَ(76) أَ وَ لَا يَعْلَمُونَ أَنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَ مَا يُعْلِنُونَ(77)

۽ جڏهن مومنن سان ملاقات ڪن ٿا ته چون ٿااسان ايمان آندو اٿئون پر جڏهن هڪ ٻئي سان ملن ٿا ته (هڪٻئي کي اعتراض طور)اهو ٿا چون ته جيڪي ڳالهيون الله تعالى توهان جي باري ۾ ظاهرڪيون آهن سي مسلمانن کي (ڇو ٿاٻڌايو) (ڇا توهان کي خبر ناهي ته قيامت واري ڏينهن ) اهي توهان جي خلاف دليل جي طور تي پيش ڪندا ،ڇا توهان سمجھو نه ٿا؟ڇا اهي نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ هو جيڪوڪجھه (پنهنجي دلين) ۾لڪائين ٿا ۽ جيڪو ظاهر ٿا ڪن الله ان کي ڄاڻي ٿو

شان نزول

پيغمبر جي خاصيتن کي ظاهر نه ڪيو؟

ڪجھ مفسرن هن ٻن آيتن جي باري ۾ امام محمد باقر عليه السلام کان هن ريت نقل ڪيو آهي ته : ڪجھ اهڙا يهودي جن کي حق سان ڪا دشمني نه هئي جڏهن مسلمانن سان ملاقات ڪندا هئا ته توريت ۾ پيغمبر جي باري ۾ جيڪي خاصيتون ذڪر ٿيل هيون اهي کين ٻڌائيندا هئا يهودين جا اڳواڻ جڏهن ان ڳالهه کان آگاهه ٿيا ته کين انهن ڳالهه کان روڪيندي اهو چوڻ لڳا ته توهان محمد (صه) جي باري ۾ جيڪي صفتون توريت ۾ آيون آهن سي مسلمانن کي نه ٻڌايو ته جيئن (قيامت جي ڏينهن ) توهان جي خلاف وٽن ڪا دليل نه هجي ،تنهن کان پوءِ ذڪر ٿيل آيتون نازل ٿيون

4_ ﴿سورت بقره آيت78،79

وَ مِنْهُمْ أُمِّيُّونَ لاَ يَعْلَمُونَ الْكِتَابَ إِلاَّ أَمَانِيَّ وَ إِنْ هُمْ إِلاَّ يَظُنُّونَ فَوَيْلٌ لِلَّذِينَ يَكْتُبُونَ الْكِتَابَ بِأَيْدِيهِمْ ثُمَّ يَقُولُونَ هٰذَا مِنْ عِنْدِ اللَّهِ لِيَشْتَرُوا بِهِ ثَمَناً قَلِيلاً فَوَيْلٌ لَهُمْ مِمَّا كَتَبَتْ أَيْدِيهِمْ وَ وَيْلٌ لَهُمْ مِمَّا يَكْسِبُونَ

۽ انهن مان ڪجھ اهڙا به آهن جيڪي (الله جي ) ڪتاب (قرآن) کي ڪجھ خيالن ۽ اميدن کان سواءِ ڪجھ نه ٿا سمجھن ۽ اهي ته رڳو پنهنجن گمانن ۾ ڦاٿل آهن پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ ويل هجي جيڪي پنهنجي هٿن سان لکن ٿا ۽ وري چون ٿا ته هي خدا جي طرفان آهي ته جيئن ان کي گھٽ قيمت عيوض وڪڻي ڇڏين ، پوءِ انهن لاءِ سندن هٿ لکئي جي ڪري ويل هجي ۽ وري انهن لاءِ ان جي عيوض ڪمائي جي ڪري به ويل هجي

شان نزول

پيغمبر لاءِ توريت ۾ ٻڌايل (صفتن ۽) خوشخبرين کي لڪائڻ

يهودين جي ڪجهه عالمن پاڻ سڳورن لاءِ توريت ۾ ٻڌايل ڪجھ (صفتن ۽)خوشخبرين ۾ تبديليون آندائون ۽ اهي تبديليون پنهنجي حيثيت کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن مفادن جي ڪري هيون جيڪي هر سال عوام طرفان کين پلئه پوندا هيا ، جڏهن پاڻ سڳورن رسالت جو اعلان ڪيو ۽ توريت ۾ ٻڌايل وصفون سندن ذات ۾ ڏٺائون ته ان ڳالهه جو ڊپ ٿين ته ان حقيقت جي کلڻ سان سندن مفادات کي خطرو آهي ان جي ڪري توريت ۾ ٻڌايل پاڻ سڳورن جي لاءِ ذڪر ٿيل حقيقي وصفن کي مٽائي ان جي مخالف وصفون لکي چڏيائون ته ان زماني جي ماڻهن جن انهن وصفن مان ٿوڙين گھڻين وصفن کي ٻڌو هيوسندن علماء کان پڇڻ لڳا ڇا هي اهو ئي پيغمبر آهي جنهن جي اچڻ جي خوشخبري ٻڌائيندا هيئو ؟ ته اهي جواب ۾ توريت جون تحريف ٿيل آيتون انهن جي سامهون پڙهندا هيا ته جيئن ان طريقي سان کين مطمئن ڪري سگھن

هلندڙ..........................