Get Adobe Flash player

حضرت امام مهدي (ع)  الله تعالى طرفان مقرر ٿيل اهو عظيم حاڪم ۽ امام آهي جهان آهي جنهن جي ذريعي سڄي ڪائنات عدل ۽ عدالت سان ڀرجي ويندي، جيتوڻيڪ خاندان عصمت ۽ طهارت جي ڪما حقه معرفت حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي ليڪن پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه معرفت جا موتي ماڻڻ خاطر ڪڏهن قرآني آيتن ۽ ڪڏهن ناطقان قرآن جي حديثن کان مدد وٺڻي پوي ٿي.

لهذا انهي ئي باري ۾ اسان هتي ڪجهه احاديث نبويه ذڪر ڪريون ٿا ته جئين يوسف (ع) جي خريدارن وانگر اسان جو نالو به يوسف زهرا (س) جي عاشقن ۾ لکجي وڃي.

نوٽ: اسان هتي ڪجهه حديثون مذهب شيعه ۽ ڪجهه حديثون اهل سنت جي معتبر ڪتابن مان حوالن سا گڏ ذڪر ڪنداسين.

1_حضرت امام مهدي (ع) جي شخصيت

            1_حضرت امام جعفر صادق عه کان روايت آهي ته: هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم (ص) ڏاڍو خوش نظر اچن پيا، جڏهن صحابين کين هن حالت ڏٺو ته عرض ڪيائون: يا رسول الله (ص) خدا توهان کي هميشه اهڙي طرح خوش رکي اڄ هن (خوشي) جو سبب ڇا آهي؟ نبي سڳوري (ص) (جواب ڏيندي) فرمايو:

إِنَّهُ لَيْسَ مِنْ يَوْمٍ وَ لَا لَيْلَةٍ إِلَّا وَ لِيَ فِيهِمَا تُحْفَةٌ مِنَ اللَّهِ أَلَا وَ إِنَّ رَبِّي أَتْحَفَنِي فِي يَوْمِي هَذَا بِتُحْفَةٍ لَمْ يُتْحِفْنِي بِمِثْلِهَا فِيمَا مَضَى إِنَّ جَبْرَئِيلَ ع أَتَانِي فَأَقْرَأَنِي مِنْ رَبِّيَ السَّلَامَ وَ قَالَ يَا مُحَمَّدُ إِنَّ اللَّهَ جَلَّ وَ عَزَّ اخْتَارَ مِنْ بَنِي هَاشِمٍ سَبْعَةً لَمْ يَخْلُقْ مِثْلَهُمْ فِيمَنْ مَضَى وَ لَا يَخْلُقُ مِثْلَهُمْ فِيمَنْ بَقِيَ أَنْتَ يَا رَسُولَ اللَّهِ سَيِّدُ النَّبِيِّينَ وَ عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ وَصِيُّكَ سَيِّدُ الْوَصِيِّينَ وَ الْحَسَنُ وَ الْحُسَيْنُ سِبْطَاكَ سَيِّدَا الْأَسْبَاطِ وَ حَمْزَةُ عَمُّكَ سَيِّدُ الشُّهَدَاءِ وَ جَعْفَرٌ ابْنُ عَمِّكَ الطَّيَّارُ فِي الْجَنَّةِ يَطِيرُ مَعَ الْمَلَائِكَةِ حَيْثُ يَشَاءُ وَ مِنْكُمُ الْقَائِمُ يُصَلِّي عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ خَلْفَهُ إِذَا أَهْبَطَهُ اللَّهُ إِلَى الْأَرْضِ مِنْ ذُرِّيَّةِ عَلِيٍّ وَ فَاطِمَةَ وَ مِنْ وُلْدِ الْحُسَيْنِ ع  [1]

ڪوبه ڏينهن ۽ رات اهڙي نه آهي جنهن ۾ خدا منهنجي لاءِ (ڪو) تحفو نه موڪليو هجي، ۽ اڄ جيڪو تحفو منهنجي لاءِ آيو آهي ان کان پهرين اهڙو تحفو ڪڏهن  نه آيو آهي، جبرائيل آيو ۽ خدا جو سلام پهچائڻ کان بعد چيائين: اي محمد (ص) خداوند عالم بني هاشم ۾ ست اهڙا ماڻهو خلق ڪيا آهن  جو نه انهن کان پهرين ۽ نه انهن کان بعد ۾ انهن جهڙو پيدا ڪيو ويو آهي.

اي رسول خدا (ص) تون انبياء جو سردار آهين، علي بن ابي طالب (ع) تنهنجو وصي ۽ تمام اوصياء جو سردار آهي، تنهنجا نواسا حسن ۽ حسين (ع) جوانن جا سردار آهن، تنهنجو چاچو سيدالشهداء حمزه (ع) ۽ تنهنجو سوٽ جعفر طيار جيڪو جنت ۾ ملائڪن سان گڏ پرواز ڪري ٿو ۽ توهان جو قائم (آل محمد) جڏهن هو ظهور ڪندو ته حضرت عيسى بن مريم (ع) ان جي پٺيان نماز پڙهندو ۽ علي ۽ فاطمه (ع) جي ذريت ۽ حسين (ع) جي اولاد منجهان هوندو.

        2_عن عبد الله قال، قال رسول الله ص لا تذهب الدنيا حتى يملك العرب رجل من أهل بيتي يواطئ اسمه اسمي‏

عبدالله (بن مسعود) کان روايت آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو: دنيا جو خاتمو ان وقت تائين نه ٿيندو جيسيتائين منهنجي اهل بيت (ع) منجهان هڪ شخص عرب جو بادشاهه نه ٿي وڃي جنهن جو نالو منهنجي نالي جهڙو هوندو.[2]

هن مذڪوره حديث کي صاحب جامع ترمذي امام محمد بن عيسى ترمذي، حسن قرار ڏنو آهي يعني ان جو چوڻ آهي ته واقعا اها حديث درست آهي.

2_ پيغمبر اڪرم (ص) جي  شبيه هجڻ :

جناب جابر بن عبدالله انصاري کان روايت ڪئي وئي آهي ته:

الْمَهْدِيُّ مِنْ وُلْدِي اسْمُهُ اسْمِي وَ كُنْيَتُهُ كُنْيَتِي أَشْبَهُ النَّاسِ بِي خَلْقاً وَ خُلُقاً يَكُونُ لَهُ غَيْبَةٌ وَ حَيْرَةٌ تَضِلُّ فِيهَا الْأُمَم

مهدي (ع) منهنجي اولاد منجهان هوندو، هن جو نالو ۽ ڪُنيت منهنجي نالي ۽ ڪنيت جهڙي هوندي، هو ماڻهن منجهان سڀ کان وڌيڪ خلقت ۽ اخلاق ۾ منهنجي شبيهه هوندو، ۽ هن جي لاءِ غيبت هوندي جنهن ڪري امت جا گهڻا ماڻهو گمراهه ٿي ويندا.[3]

3_ حضرت امام مهدي (ع)  جي غيبت:

ابن متوڪل هڪ سلسله روايت سان امام رضا (ع) کان ۽ امام (ع) پنهنجي آباءُ و اجداد کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

وَ الَّذِي بَعَثَنِي بِالْحَقِّ بَشِيراً لَيَغِيبَنَّ الْقَائِمُ مِنْ وُلْدِي بِعَهْدٍ مَعْهُودٍ إِلَيْهِ مِنِّي حَتَّى يَقُولَ أَكْثَرُ النَّاسِ مَا لِلَّهِ فِي آلِ مُحَمَّدٍ حَاجَةٌ وَ يَشُكُّ آخَرُونَ فِي وِلَادَتِهِ فَمَنْ أَدْرَكَ زَمَانَهُ فَلْيَتَمَسَّكْ بِدِينِهِ وَ لَا يَجْعَلْ لِلشَّيْطَانِ إِلَيْهِ سَبِيلًا بِشَكِّهِ فَيُزِيلَهُ عَنْ مِلَّتِي وَ يُخْرِجَهُ مِنْ دِينِي فَقَدْ أَخْرَجَ أَبَوَيْكُمْ مِنَ الْجَنَّةِ مِنْ قَبْل وَ إِنَّ اللَّهَ عَزَّ وَ جَلَّ جَعَلَ الشَّياطِينَ أَوْلِياءَ لِلَّذِينَ لا يُؤْمِنُون‏

ان ذات جو قسم آهي جنهن مونکي بشارت ڏيندڙ بڻائي ڪري موڪليو آهي،ان عهد جي مطابق جيڪو مون سان ٿيو آهي ته منهنجي اولاد منجهان امام قائم (آل محمد) عج حتماً غيبت اختيار ڪندو ايسيتائين جو ماڻهو چوڻ لڳندا ته الله تعالى کي آل محمد (ص) جي ضرورت نه رهي آهي، بلڪه بعد ۾ اچڻ وارا ماڻهو سندس ولادت ۾ به شڪ ڪرڻ لڳندا، جيڪو شخص امام قائم (ع) جي زماني ۾ هوندو ان تي لازم آهي ته سندس دين سان ڳنڍيل رهي ۽ شيطان کي وسوسو پيدا ڪرڻ جو موقعو نه ڏي، نه ته اهو شخص منهنجي امت ۽ منهنجي دين مان خارج ٿي ويندو، انهيءَ ئي شيطان توهان جي پيءُ (حضرت آدم ع) کي جنت مان پهرين ڪڍرايو هو، ۽ جيڪي ماڻهو الله تي ايمان نٿا آڻن خدا شيطانن کي سندن آقا قرار ڏئي ڇڏيو آهي.[4]

امام صادق (ع) پنهنجي اجداد کان نقل ڪندي فرمائن ٿا ته رسول خدا (ص) فرمايو:

مَنْ أَنْكَرَ الْقَائِمَ مِنْ وُلْدِي فِي زَمَانِ غَيْبَتِهِ مَاتَ مِيتَةً جَاهِلِيَّة[5]

جنهن به منهنجي اولاد منجهان قائم (ع) جو سندس غيبت جي زماني ۾ انڪار ڪيو ته اهو جهالت جي موت مرندو.

4_ حضرت امام مهدي (ع) جي حڪومت :

ابن عباس کان روايت آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ ع إِمَامُ أُمَّتِي وَ خَلِيفَتِي عَلَيْهِمْ بَعْدِي وَ مِنْ وُلْدِهِ الْقَائِمُ الْمُنْتَظَرُ الَّذِي يَمْلَأُ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ بِهِ الْأَرْضَ عَدْلًا وَ قِسْطاً كَمَا مُلِئَتْ جَوْراً وَ ظُلْماً وَ الَّذِي بَعَثَنِي بِالْحَقِّ بَشِيراً إِنَّ الثَّابِتِينَ عَلَى الْقَوْلِ بِهِ فِي زَمَانِ غَيْبَتِهِ لَأَعَزُّ مِنَ الْكِبْرِيتِ الْأَحْمَر

مون کان بعد منهنجي امت جو امام ۽ خليفو علي بن ابي طالب (ع) آهي ۽ انهي ئي جي اولاد منجهان قائم(آل محمدع) هوندو، جنهن جو ماڻهو انتظار ڪندا، جيڪو زمين کي عدل ۽ انصاف سان اهڙي طرح ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح اها ظلم ۽ جور سان ڀريل هوندي، مونکي قسم آهي ان ذات جو جنهن مونکي حق سان گڏ موڪليو آهي ان جي غيبت جي زماني ۾ سندس مٿان ايمان رکڻ وارا ٿيڻ وارا ۽ ان تي ثابت قدم رهڻ وارا  ڪبريت احمر  (هڪ قيمتي ڌاتو) کان به وڌيڪ عزيز آهن.[6]

حضرت علي (ع) رسول خدا (ص) کان روايت نقل ڪن ٿا ته فرمايائون:

لَوْ لَمْ يَبْقَ مِنَ الدَّهْرِ إِلَّا يَوْمٌ لَبَعَثَ اللَّهُ رَجُلًا مِنْ أَهْلِ بَيْتِي يَمْلَؤُهَا عَدْلًا كَمَا مُلِئَتْ جَوْرا

اگر دنيا جو باقي صرف هڪ ڏينهن رهجي وڃي ته تڏهن به الله تعالي منهنجي اهل بيت (ع) منجهان هڪ شخص کي موڪليندو جيڪو دنيا کي انصاف ۽ عدل سان ڀري ڇڏيندو جهڙي طرح اها ظلم سان ڀريل هوندي.[7]

هن حديث کي ابن ابي شيبه پڻ نقل ڪيو آهي، ۽ عرفان السنه جي مصنف هن حديث کي نقل ڪرڻ کان بعد ۾ چيو آهي ته هن مان مراد حضرت امام مهدي (ع) آهن.

5_امام مهدي (ع) جي زماني ۾ خدا جون نعمتون :

ابو سعيد خدري کان روايت آهي ته رسول خدا (ص) ارشاد فرمايو:

يَكُونُ فِي أُمَّتِيَ الْمَهْدِيُّ إِنْ قَصُرَ فَسَبْعٌ وَ إِلَّا فَتِسْعٌ يَتَنَعَّمُ فِيهِ أُمَّتِي نِعْمَةً لَمْ يَتَنَعَّمُوا مِثْلَهَا قَطُّ تُؤْتِي الْأَرْضُ أُكُلَهَا وَ لَا تَدَّخِرُ مِنْهُمْ شَيْئاً وَ الْمَالُ يَوْمَئِذٍ كُدُوسٌ يَقُومُ الرَّجُلُ فَيَقُولُ يَا مَهْدِيُّ أَعْطِنِي فَيَقُولُ خُذ

منهنجي امت منجهان مهدي (ع) هوندو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ ست سال يا نو سال حڪومت ڪندو، سندس زماني ۾ منهنجي امت کي ايتريون نعمتون ملنديون جو ان کان پهرين ايتريون نعمتون نه مليون هونديون، زمين پنهنجا سڀئي خزانا ان جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيندي ۽ ڪنهن به شئي کي پوشيده نه رکندي، ۽ مال اناج وانگر پيو هوندو، ۽ (پوءِ ڪو) شخص اٿي بيهندو ۽ چوندو اي مهدي (ع) مونکي ڪجهه عطاء ڪر، امام (ع) فرمائيندو: (جيترو کپئي) کڻي وٺ. [8]

هن قسم جون تمام گهڻيون روايتون شيعه ۽ اهل سنت جي ڪتابن ۾ نقل ٿيل آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته زمين پنهنجا سڀئي خزانا امام (ع) جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيندي ڇو جو زمين به خدا جي مخلوقات منجهان آهي ۽ عدل اهڙي شئي آهي جو اگر زمين تي عدل برقرار ٿي وڃي ته نعمتن ۾ به اضافو ٿي ويندو، ۽ پوءِ امام مهدي (ع) جو زمانو اهڙو زمانو هوندو جو عدل پنهنجي پوري قوت سان گڏ برقرار ٿيندو، اهڙي صورت ۾ زمين پڻ پنهنجا سڀ خزانا ٻاهر ڪڍي ڇڏيندي.

6_امام مهدي (ع) جي ظهور جو انڪار:

رسول اڪرم (ص) جو ارشاد گرامي آهي

مَنْ أَنْكَر خُرُوج الْمَهْدِي فَقَدْ أَنْكَرَ بِمَا أُنْزِلَ عَلَى مُحَمَّدٍ ص‏ جنهن به امام مهدي (ع) جي ظهور جو انڪار ڪيو ته ڄڻ هن هر ان شيءِ جو انڪار ڪيو آهي جيڪا پيغمبر اڪرم (ص) تي نازل ڪئي وئي آهي.[9]

امام جعفر صادق (ع) کان روايت نقل آهي ته پيغمبر اڪرم (ص) فرمايو:

خوش نصيب آهي اهو شخص جيڪو قائم (آل محمد ع) کي ڏسندو ۽ قيامت کان پهرين ان جي اقتداء ڪندو، ان جي ۽ ان کان پهرين وارن امامن جي پيروي ڪندو ۽ ان جي دشمنن سان بيزاري ۽ برات جو اظهار ڪندو، اهڙا ئي ماڻهو منهنجي امت جا بهترين ماڻهو آهن.[10]

7_بهترين عبادت :

اميرالمومنين علي (ع) کان منقول آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو:

أَفْضَلُ الْعِبَادَةِ انْتِظَارُ الْفَرَج

افضل ترين عبادت انتظار فرَج (امام (ع) جي ظهور جو انتظار) آهي.[11]

                    ان کان علاوهه به هزارين حديثون موجود آهن جيڪي شيعه ۽ اهل سنت جي معتبر ڪتابن ۾ نقل ڪيون ويون آهن ۽ بيشمار اهڙا ڪتابَ آهن جيڪي مستقل طور تي امام (ع) جي باري ۾ لکياو ويا آهن، ليڪن افسوس جو ايترين واضح ۽ روشن حديثن جي اچڻ بعد به ڪجهه (ماڻهو) چون ٿا ته اهو عقيدو صرف شيعن سان مخصوص آهي، جڏهن ته اهل سنت جي وڏي علمائن هن ڳالهه کي رد ڪيو آهي، ۽ هن عقيدي کي اهل سنت جي عقائد منجهان شمار ڪيو آهي.

 

حوالا...



[1] _(مهدي در ڪلام پيامبر محمد صلي الله عليه و آله وسلم، ص:12 ؛ انتشارات جمڪران ؛ بحارالانوار، ج51 ص:77 ؛ چاپ بيروت ؛ اصول ڪافي، ج8 ص:49)

[2] _(جامع الترمذي، باب ما جاء في المهدي، ح2052 ؛ چاپ دارالاشاعت؛ منهاج السنه، ص:669 ؛ چاپ منهاج القرآن پبلشرز)

[3] _ بحارالانوار،ج11 ص:140 ؛ چاپ محفوظ بڪ ايجنسي پاڪستان

[4] _ بحارالانوار،ج11 ص:134 ؛ چاپ محفوظ بڪ ايجنسي پاڪستان ؛ ڪمال الدين، ج1 ص:51 ؛ چاپ بيروت

[5] _ بحارالانوار،ج11 ص:144

[6] _ بحار الانوار، ج11 ص:142 ؛ ڪمال الدين، چاپ جمڪران

[7] _ سنن ابو داود، ج3 ص:283 ؛ ح:880 ؛ چاپ دار الاشاعت پاڪستان

[8] _ عرفان السنه، ص:469 ؛ چاپ منهاج القرآن ۽ ابن ماجه پڻ هن حديث کي پنهنجي سنن ۾ نقل ڪيو آهي، ڪتاب الفتن، باب خروج المهدي.

[9] _ لسان الميزان، ج5 ص:130 ؛ ابن حجر عسقلاني؛ القول المعتبر في علامات المهدي المنتظر، ص:56 ؛ ابن حجر مڪي.

[10] _ڪمال الدين و تمام النعمه، شيخ صدوق، ج1 ص:535

[11] _ ڪمال الدين و تمام النعمه، شيخ صدوق، ج1 ص:535