Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 65 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

 
شهيدن جي سردار جوچهلم
mda
ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي عظيم الشان قرباني جنهن جي مثال دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نه ٿي ملي ، بلڪه هي هڪ اهڙي تحريڪ آهي جيڪا دنيا جي هر خطي ۾ مظلوميت جي حق ۾ اٿندڙ هر تحريڪ لاءِ نمونه عمل جو ڪردار ادا ٿي ڪري ، ڇاڪاڻ ته
هن تحريڪ جي اڳواڻي ڪائنات جي هڪ اهڙي هستي جي هٿ ۾ آهي جيڪو سيد الانبياءِ جي سائي ۾پليو ، جيڪو وصين جي سردار جي هنج ۾ پروان چڙهيو ، جيڪو ڪائنات جي عورتن جي سردار بيبي جي تربيت ۾ زندگي جي ڪيترن ئي تلخ وشيرين موڙن مان گذريو ، جنت جي جوانن جي سرداري واري اعزاز ۾ پاڻ سان ساڻ شريڪ ڀاءُ سان دوش بدوش رهيو ، ها حقيقت اها آهي ته کانئن لاءِ اهو سونهي ٿو ته هر دور جي مظلوم لاءِ هڪ حقيقي پيشوا جي عنوان سان سڃاتا وڃن ، ۽ اڄ به زماني جي ظالمن جي هٿان ڪيترا ئي ستايل مظلوم پنهنجي مظلوميت جون داستانون ٻڌائيندي ياحسين جي صدا پنهنجي زبان تي جاري ڪري وٺندا آهن، تنهنجو مطلب ته حسين (عليه السلام) ڪڏهن نه مٽجڻ واري حقيقت جو نالوآهي ، حسين (عليه السلام) ان مشن جو نالو آهي ، جيڪا ڪنهن دور سان مخصوص ناهي ،شايد مديني جي گورنروليد کي مخاطب ٿي مولا حسين جو اهو جملو فرمائڻ ته “ مثلي لا يبايع مثله” مون جهڙو (حسيني ڪردار رکندڙ ) يزيد جهڙي ( يزيدي ڪردار) رکڻ واري انسان جي ڪڏهن به بيعت نه ڪندو ،اڄ به هر دور جي ظالم لاءِ دل ۾دهشت جو داستان درج ٿو ڪري ۽ مظلوم جي دل لاءِ آٿت جو ڪردار ٿو ادا ڪري ، هڪ مختصر جملو هڪ اڻ کٽ حقيقت جو عڪاس!اهو ئي سبب آهي جوحسيني تحريڪ هڪ ابدي عزم جو نالو ٿي چڪي آهي ، جنهن جي اڳيان دنيا جي هرشازس ناڪام ، جنهن جي مقابلي ۾ اچڻ واري هر طاقت مسمار ٿيڻ واري ،جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارا پنهنجي تباهي جو سامان پاڻ فراهم ڪرڻ وارا ٿيووڃن ، ڇو نه ائين ٿئي جوحضرت زينب ڪبرى جا يزيدي دربار ۾ فرمايل جملا اڄ به اموي ۽ يزيدي ايوان جي در و ديوار سان ٽڪرائجي رهيا آهن “کد کيدک وسع سعيک وناصب جهدک فوالله لا تمحوا ذکرنا ولا ..........................
يعني : اي يزيد !تون پنهنجو هر حيلو هلائي ،پنهنجي هر ڪوشش ڪر، ۽ پنهنجي پوري طاقت کي استعمال ڪر ، ليڪن خدا جوقسم تون اسان جي ذڪر کي ڪڏهن به مٽائي نه سگھندين ، اسان تي (الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل ) وحي کي ڪڏهن به ختم ڪري نه سگھندين ، ۽ نه اسان جي حقيقي مقصد تائين پهچي سگھندين ، ۽ ان ناحق خون جو ٽڪو ڪڏهن به (پنهنجي دامن تان) مٽائي نه سگھندين،
حضرت زينب ڪبرى جا اهي جملا هڪ پيغام ۽ هڪ چئلينج آهن ، هر دور جي يزيد لاءِ ، هر دور جي حجاج لاءِ ، هر دور جي متوڪل لاءِ ۽ هر دور جي صدام لاءِ ، اموي ،عباسي خاندان جون اهي طاقتون اهي حيلا ، اهي وسيلا سڀ تباهه ۽ برباد ٿي ويا جيڪي حسيني عزم کي مٽائڻ لاءِ استعمال ٿيا ، صدام ۽ صدامين جا جديد دور سان ليس ٿيل هٿيار زمين جي ڍيرن ۾ دٻجي ويا ليڪن حسين (ع) جي عزاداري ڏينهون ڏينهن پنهنجي زور شور سان جاري ۽ساري آهي ، هر سال جي عاشور جو ڏهاڙو هجي يا شهيدن جي سردار جو چهلم، ڪربلا معلى جا روڊ ، رستا ، گليون ،گھٽيون لکين عزادارن جي ياحسين جي صدائن سان گونجي ٿا اٿن ، ۽ حضرت زينب (س) جي جملن جي عملي تفسير جو ڪارنامو انجام ڏئي رهيا آهن ،

شيهدن جي سرواڻ جو پهريون چهلم

حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن جو عظيم صحابي حضرت جابر بن عبدالله انصاري سڀ کان پهريون شخص آهي ، جنهن حضرت سيدالشهداءِ جو چهلم ڪربلا معلى جي سرزمين تي ڪيو ۽ ساڻس ڪوفي جي برجسته شخصيت عطيه بن ڪوفي به ان زيارت ۾ شامل هيو،
علامه مجلسي عطا(1) کان روايت ڪري ٿو، آئون ويهه صفر جي ڏينهن حضرت جابر بن عبدالله انصاري سان گڏ هيس ، جڏهن غاضريه ( ڪربلا معلى ) پهتاسين ، جابر نهر (فرات) ۾ غسل ڪيو ۽پاڻ سان گڏ کڻي آيل پاڪ لباس پاتائين ،تنهن کان پوءِ مون کي چيائين : ته ڇا ڪا خوشبودار شئ اٿئي ، مون چيو ته ها مون وٽ “سعد”( هڪ خوشبودار ٻوٽي) آهي ،جنهن مان ڪجھ پنهنجي سر تي ۽ ڪجھ پنهنجي بدن تي هنيائين ۽ پوءِ پيرئين اگھاڙو هلڻ شروع ڪيائين حضرت امام حسين عليه السلام جي قبر مبارڪ جي سيراندي واري پاسي کان بيهي ٽي دفعه تڪبير بلند ڪيائين ۽ بيهوش ٿي ويو، ۽ جڏهن هوش ۾ آيو ته ٻڌم هن ريت زيارت جا جملا هن جي زبان تي جاري هئا:
السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا آلَ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا صَفْوَةَ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا خِيَرَةَ اللَّهِ مِنْ خَلْقِهِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا سَادَاتِ السَّادَاتِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا لُيُوثَ الْغَابَاتِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا سَفِينَةَ النَّجَاةِ السَّلَامُ عَلَيْكَ وَ رَحْمَةُ اللَّهِ وَ بَرَكَاتُهُ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ عِلْمِ الْأَنْبِيَاءِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ آدَمَ صَفْوَةِ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ نُوحٍ نَبِيِّ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ إِبْرَاهِيمَ خَلِيلِ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ إِسْمَاعِيلَ ذَبِيحِ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ مُوسَى كَلِيمِ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَارِثَ عِيسَى رُوحِ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا ابْنَ مُحَمَّدٍ الْمُصْطَفَى السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا ابْنَ عَلِيٍّ الْمُرْتَضَى السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا ابْنَ فَاطِمَةَ الزَّهْرَاءِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا شَهِيدَ بْنَ الشَّهِيدِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا قَتِيلَ بْنَ الْقَتِيلِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا وَلِيَّ اللَّهِ وَ ابْنَ وَلِيِّهِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا حُجَّةَ اللَّهِ وَ ابْنَ حُجَّتِهِ عَلَى خَلْقِهِ
أَشْهَدُ أَنَّكَ قَدْ أَقَمْتَ الصَّلَاةَ وَ آتَيْتَ الزَّكَاةَ وَ أَمَرْتَ بِالْمَعْرُوفِ وَ نَهَيْتَ عَنِ الْمُنْكَرِ وَ بَرَرْتَ وَالِدَيْكَ وَ جَاهَدْتَ عَدُوَّكَ أَشْهَدُ أَنَّكَ تَسْمَعُ الْكَلَامَ وَ تَرُدُّ الْجَوَابَ وَ أَنَّكَ حَبِيبُ اللَّهِ وَ خَلِيلُهُ وَ نَجِيبُهُ وَ صَفِيُّهُ وَ ابْنُ صَفِيِّهِ زُرْتُكَ مُشْتَاقاً فَكُنْ لِي شَفِيعاً إِلَى اللَّهِ يَا سَيِّدِي أَسْتَشْفِعُ إِلَى اللَّهِ بِجَدِّكَ سَيِّدِ النَّبِيِّينَ وَ بِأَبِيكَ سَيِّدِ الْوَصِيِّينَ وَ بِأُمِّكَ سَيِّدَةِ نِسَاءِ الْعَالَمِينَ لَعَنَ اللَّهُ قَاتِلِيكَ وَ ظَالِمِيكَ وَ شَانِئِيكَ وَ مُبْغِضِيكَ مِنَ الْأَوَّلِينَ وَ الْآخِرِينَ

سلام هجي توهان تي اي خدا جا خاندان ، سلام هجي توهان تي اي خدا جا چونڊيل انسانو، سلام هجي توهان تي اي خدا جي مخلوق مان چونڊيل انسانو، سلام هجي توهان تي اي سردارن جا سردار، سلام هجي توهان تي اي شيرو، سلام هجي توهان تي اي نجات جي ڪشتي ،سلام هجي توهان تي اي اباعبدالله ، ۽ الله جي رحمت ۽ برڪتون هجن توهان مٿان، سلام توهان تي اي نبين جي علم جا وارث ، سلام هجي توهان تي اي خدا جي چونڊيل (نبي) آدم (ع) جا وارث، سلام هجي توهان تي اي خدا جي پيغمبر نوح (ع) جا وارث ، سلام هجي توهان تي اي خدا جي دوست ابراهيم (ع) جا وارث، سلام هجي توهان تي اي خدا جي راهه ۾ قربان ٿيندڙ اسماعيل (ع) جا وارث ،سلام هجي توهان تي اي خدا سان ڪلام ڪندڙ موسى (ع) جا وارث ،سلام هجي توهان تي اي (حضرت) محمد مصطفى (ص) جا فرزند ، سلام هجي توهان تي اي ( حضرت ) علي مرتضى (ع) جا فرزند ، سلام هجي توهان تي اي (حضرت) فاطمه زهرا (س) جا فرزند ، سلام هجي توهان تي اي شهيد ۽ شهيد جا فرزند، سلام هجي توهان تي اي (مظلوميت سان ) قتل ڪيل ۽ (مظلوميت سان) قتل ٿيڻ واري جا فرزند، سلام هجي توهان تي اي الله جا ولي ۽ الله جي ولي جا فرزند ، سلام هجي توهان تي اي الله جي مخلوق تي حجت ۽ سندس حجت جا فرزند ، آئون گواهي ٿو ڏيان ته توهان نماز قائم ڪئي ، ۽ زڪات ادا ڪئي نيڪي جو حڪم ڪيو، ۽ براين کان روڪيو، ۽ پنهنجي والدين سان نيڪي سان پيش آيئو، ۽پنهنجي دشمن سان جهاد ڪيو ، آئون گواهي ٿو ڏيان ته ته توهان منهنجو ڪلام ٻڌو ٿا ۽ ان جوجواب به ڏيو ٿا، ُ توهان خدا جا محبوب ۽ ان جا دوست،خانداني شرافت رکندڙ، خدا جا چونڊيل ۽ سندس چونڊيل بندي جا فرزند آهيو توهان جي سڪ ۾ توهان جي زيارت لاءِ آيو آهيان ان جي ڪري اي منهنجا سردار الله سائين جي بارگاهه ۾ منهنجي شفاعت ڪيو ، اي منهنجا سردار آئون نبين جي سردار توهان جي ناني ، وصين جي سرواڻ توهان جي بابي ۽ ڪائنات جي عورتن جي سردار توهان جي والدهه جي واسطي الله سائين جي بارگاهه ۾ شفاعت جو طلبگارآهيان ،الله تعالى لعنت ڪري توهان کي قتل ڪرڻ وارن، توهان تي ظلم ڪرڻ وارن،توهان خلاف گندي زبان استعمال ڪرڻ وارن، ۽ توهان جي سڀني دشمنن تي گذري ويل ۽ اچڻ وارن تي ،

تنهن کان پوءِ پاڻ کي قبر مبارڪ مٿان ڪيرائي ڇڏيائين ۽ پوءِ چاررڪعتون نماز پڙهيائين ۽ تنهن کان پوءِ حضرت علي اڪبر (ع) جي قبر مبارڪ ڏانهن وڌيو ، ۽ هي جملا سندس زبان تي جاري ٿيا :
السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا مَوْلَايَ وَ ابْنَ مَوْلَايَ لَعَنَ اللَّهُ قَاتِلَكَ لَعَنَ اللَّهُ ظَالِمَكَ أَتَقَرَّبُ إِلَى اللَّهِ بِمَحَبَّتِكُمْ وَ أَبْرَأُ إِلَى اللَّهِ مِنْ عَدُوِّكُمْ سلام هجي توهان تي اي منهنجا مولا ۽ منهنجي مولا جا فرزند الله سائين لعنت ڪري توهان کي قتل ڪرڻ واري تي ، الله تعالى لعنت ڪري توهان تي ظلم ڪرڻ واري تي ، آئون توهان جي محبت کي وسيلو بنائيندي الله سائين جي نزديڪي ٿو ماڻيان ۽ الله سائين جي بارگاهه ۾ توهان جي دشمنن کان بيزاري جواظهار ٿو ڪيان ،
پوءِ قبر مبارڪ کي بوسو ڏئي ٻه رڪعت نماز ادا ڪيائين ۽ شهيدن جي قبرن جو رخ ڪيائين ۽هن ريت زيارت جا جملا ادا ڪرڻ لڳو:
فَقَالَ السَّلَامُ عَلَى الْأَرْوَاحِ الْمُنِيخَةِ بِقَبْرِ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ- السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا شِيعَةَ اللَّهِ وَ شِيعَةَ رَسُولِهِ وَ شِيعَةَ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ وَ الْحَسَنِ وَ الْحُسَيْنِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا طَاهِرُونَ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا مَهْدِيُّونَ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا أَبْرَارُ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ وَ عَلَى مَلَائِكَةِ اللَّهِ الْحَافِّينَ بِقُبُورِكُمْ جَمَعَنِيَ اللَّهُ وَ إِيَّاكُمْ فِي مُسْتَقَرِّ رَحْمَتِهِ تَحْتَ عَرْشِهِ سلام هجي انهن(پاڪ) روحن تي جيڪي (حضرت ) ابا عبدالله جي قبر مبارڪ جي حاضري ۾موجود آهن ،سلام هجي توهان تي اي خدا جا پيروڪارو، اي الله جي رسول، اميرالمومنين ، ۽ (امام) حسن (ع) ۽ (امام) حسين (ع) جا پيروڪارو ، سلام هجي توهان تي اي پاڪ انسانو، سلام هجي توهان تي اي هدايت پائيندڙ انسانو ، سلام هجي توهان تي اي نيڪ صفت انسانو، سلام هجي توهان تي ۽ توهان جي قبرن جو طواف ڪندڙ ملائڪن تي ،الله تعالى مون کي ۽ توهان کي پنهنجي عرش جي سائي هيٺ سندس رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ،
تنهن کان پوءِ حضرت عباس (ع) جي قبر مبارڪ تي اچي ۽ بيهي هن ريت زيارت پڙهڻ شروع ڪيائين :
قَالَ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا أَبَا الْقَاسِمِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا عَبَّاسَ بْنَ عَلِيٍّ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا ابْنَ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ أَشْهَدُ أَنَّكَ قَدْ بَالَغْتَ فِي النَّصِيحَةِ وَ أَدَّيْتَ الْأَمَانَةَ وَ جَاهَدْتَ عَدُوَّكَ وَ عَدُوَّ أَخِيكَ فَصَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَى رُوحِكَ الطَّيِّبَةِ وَ جَزَاكَ اللَّهُ مِنْ أَخٍ خَيْراًسلام هجي توها ن تي اي ابوالقاسم ، سلام هجي توهان تي اي علي (ع) جا فرزند عباس ، سلام هجي توهان تي اي امير المومنين جا فرزند ، آئون گواهي ٿو ڏيان ته توهان نصيحت ڪرڻ ۾ پورو حق ادا ڪيو. ۽ امانت کي ادا ڪيو ، پنهنجي دشمن ۽ پنهنجي ڀاءُ جي دشمن سان جهاد ڪيو، بس الله تعالى جي رحمت هجي توهان جي پاڪ روح مٿان ۽ پنهنجي ڀاءُ جي ڪيل خدمت عيوض الله سائين توهان کي بهترين اجر عطا ڪري ،
تنهنن کان پوءِ ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيائين ۽ دعا گھرڻ کان پوءِپنهنجي وطن واپس موٽي آيو(2)

اهلبيت جي ڪاروان جو ڪربلااچڻ

حضرت امام حسين عليه السلام جي اهل بيت جو ڪربلا معلى زيارت لاءِ اچڻ ته هڪ تسليم ڪيل تاريخي حقيقت آهي ليڪن سندن اچڻ جي تاريخ جي باري ۾ مورخن ۽ محققين جي درميان وڏيون معرڪة الآراء بحثون ٿينديون رهيون آهن ، ڪن مورخن 10 شام کان موٽندي محرم الحرام سن 61 هجري کانپوءِ واري پهرئين چهلم تي اها زيارت ذڪر ڪئي ، ڪن وري سن 61 هجري ۾اهل بيت جي قافلي کي ڪوفي کان شام ڏانهن وٺي وڃڻ کان پهرين ان زيارت کي رقمطراز ڪيو ،ڪن سن 62 هجري رهائي کان پوءِ مديني ڏانهن واپسي تي رستي ۾ ٻئي چهلم تي ان زيارت کي لکيو ، ڪن جو چوڻ آهي ته واپس مديني پهچڻ کان پوءِ وري ڪربلا معلى آيا آهن ، حجة الاسلام علي نظري منفرد پنهنجي ڪتاب صحيفه ڪربلا ۾انهن قولن کي ذڪر ڪيو آهي ، ان موضوع تي ايران جي هڪ برجسته علمي شخصيت شهيد آيت الله قاضي طباطبائي (رح) “تحقيق درباره اولين اربعين” جي عنوان سان 500 جي لڳ ڀڳ صفحن تي مشتمل هڪ بهترين تحقيقي ڪتاب به لکيو، محقق محترم محمد امين پور اميني تقريبا 124 صفحن تي مشتمل “اربعين حسيني” جي عنوان سان به هڪ بهترين تحقيق منظر عام تي آندي آهي ، تنهن کان علاوهه ان موضوع سان متعلق ڪيترا ئي مقالا ۽ تحقيقون اچي چڪا آهن ،
بهرحال هتي سيد ابن طاووس جي ڪتاب اللهوف على قتلي الطفوف مان خاندان اهلبيت جي اسيرن جي ڪربلا معلى جي زيارت جو ذڪر ڪجي ٿو ،راوي جو چوڻ آهي ته : جڏهن (امام) حسين عليه السلام جي( خاندان جي) بيبين ۽ ڪٽنب،شام کان واپس موٽندي عراق جي سرزمين تي پهتا ،ته اوٺي کي چيائون ته اسان کي ڪربلا واري رستي کان وٺي هل، ۽ هو به کين ان رستي کان وٺي هليو ۽ جڏهن هي قافلو مقتل واري مقام تي پهتو ته (حضرت ) جابر بن عبدالله انصاري بني هاشم۽ خاندان رسول (ص) جي ڪجھ افراد سان گڏ امام حسين عليه السلام جي قبر مبارڪ جي زيارت لاءِ اتي موجود هو ، (جيئن ئي سيدن جو لٽيل قافلو پهتو ) ته سڀئي گڏجي روئڻ ، عزاداري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا پنهنجن چهرن تي طمانچون هڻڻ لڳا ، ۽ هنياءُ ڏاريندڙ ويڻ ڪرڻ لڳا ، آس پاس جي رهواسين جون عورتون به انهن سان گڏجي (مظلوم ڪربلا) جي ماتم ۾ مصروف ٿي ويون ۽ پوءِ ڪجھ ڏينهن ترسڻ کانپوءِ روانا ٿيا(3)

زيارت اربعين

چوڏنهن معصومن مان فقط شهيدن جي سردار حضرت امام حسين عليه السلام کي اهو اعزاز حاصل آهي جو زيارت اربعين (چهلم جي ڏينهن جي زيارت ) سندن ذات لاءِ ئي مخصوص آهي ، ۽ اها زيارت ايڏي ته اهميت واري آهي جومومن جي پنجن نشانين مان هڪ نشاني زيارت اربعين کي قرار ڏنو ويو آهي ، امام حسن عسڪري عليه السلام جن فرمائن ٿا: ته مومن جون پنج نشانيون آهن،1_ ( ڏينهن رات ۾ واجب ۽ مستحب ) 51 (ايڪونجاهه) رڪعتون نماز ادا ڪرڻ 2_ امام حسين عليه السلام جي زيارت اربعين پڙهڻ 3_ ساڄي هٿ ۾ منڊي پائڻ 4_ (سجدي ۾) پيشاني خاڪ تي رکڻ 5_ ( فجر ،مغرب ۽ عشاء ) واري نمازن ۾ بسم الله الرحمن الرحيم کي وڏي آواز سان پڙهڻ(4)
هي زيارت حضرت امام جعفرصادق عليه السلام جن طرفان صادر ٿي آهي شيخ عباس قمي (رح) مفاتيح الجنان ۾ هن زيارت کي تهذيب ۽ مصباح الزائر جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي
صفوان جمال روايت ڪري ٿو ته امام جعفر صادق عليه السلام جن مون کي فرمايو ته جڏهن (چهلم وارو) ڏينهن چڙهي ته هن ريت زيارت پڙهه:
اَلسَّلامُ عَلى وَلِىِّ اللَّهِ وَ حَبیبِهِ؛]اَلسَّلامُ عَلى خَلیلِ اللَّهِ وَ نَجیبِهِ ؛ اَلسَّلامُ عَلى صَفِىِّ اللَّهِ وَابْنِ صَفِیِّهِ ا
َلسَّلامُ عَلىَ الْحُسَیْنِ الْمَظْلُومِ الشَّهیدِ
اَلسَّلامُ على اَسیرِ الْكُرُباتِ وَ قَتیلِ الْعَبَراتِ ،
اَللّهُمَّ اِنّى اَشْهَدُ اَنَّهُ وَلِیُّكَ وَابْنُ وَلِیِّكَ وَ صَفِیُّكَ وَابْنُ صَفِیِّكَ الْفاَّئِزُ بِكَرامَتِكَ
اَكْرَمْتَهُ بِالشَّهادَةِ وَ حَبَوْتَهُ بِالسَّعادَةِ وَاَجْتَبَیْتَهُ بِطیبِ الْوِلادَةِ
وَ جَعَلْتَهُ سَیِّداً مِنَ السّادَةِ وَ قآئِداً مِنَ الْقادَةِ وَ ذآئِداً مِنْ الْذادَةِ
وَاَعْطَیْتَهُ مَواریثَ الاَْنْبِیاَّءِ وَ جَعَلْتَهُ حُجَّةً عَلى خَلْقِكَ مِنَ الاَْوْصِیاَّءِ
فَاَعْذَرَ فىِ الدُّعآءِ وَ مَنَحَ النُّصْحَ وَ بَذَلَ مُهْجَتَهُ فیكَ
لِیَسْتَنْقِذَ عِبادَكَ مِنَ الْجَهالَةِ وَ حَیْرَةِ الضَّلالَةِ وَ قَدْ تَوازَرَ عَلَیْهِ مَنْ غَرَّتْهُ الدُّنْیا وَ باعَ حَظَّهُ بِالاَْرْذَلِ الاَْدْنى؛
وَ شَرى آخِرَتَهُ بِالثَّمَنِ الاَْوْكَسِ وَ تَغَطْرَسَ وَ تَرَدّى فى هَواهُ
وَاَسْخَطَكَ وَاَسْخَطَ نَبِیَّكَ وَ اَطاعَ مِنْ عِبادِكَ اَهْلَ الشِّقاقِ وَالنِّفاقِ وَ حَمَلَةَ الاَْوْزارِ
الْمُسْتَوْجِبینَ النّارَ فَجاهَدَهُمْ فیكَ صابِراً مُحْتَسِباً حَتّى سُفِكَ فى طاعَتِكَ دَمُهُ وَاسْتُبیحَ حَریمُهُ
اَللّهُمَّ فَالْعَنْهُمْ لَعْناً وَبیلاً وَ عَذِّبْهُمْ عَذاباً اَلیماً
اَلسَّلامُ عَلَیْكَ یَابْنَ رَسُولِ اللَّهِ اَلسَّلامُ عَلَیْكَ یَابْنَ سَیِّدِ الاَْوْصِیاَّءِ
اَشْهَدُ اَنَّكَ اَمینُ اللهِ وَابْنُ اَمینِهِ عِشْتَ سَعیداً
وَ مَضَیْتَ حَمیداً وَ مُتَّ فَقیداً مَظْلُوماً شَهیداً وَ اَشْهَدُ اَنَّ اللَّهَ مُنْجِزٌ ما وَعَدَكَ
وَ مُهْلِكٌ مَنْ خَذَلَكَ وَ مُعَذِّبٌ مَنْ قَتَلَكَ وَ اَشْهَدُ اَنَّكَ وَفَیْتَ بِعَهْدِاللهِ
وَ جاهَدْتَ فى سَبیلِهِ حَتّى اَتیكَ الْیَقینُ فَلَعَنَ اللهُ مَنْ قَتَلَكَ،
وَ لَعَنَ اللهُ مَنْ ظَلَمَكَ وَ لَعَنَ اللَّهُ اُمَّةً سَمِعَتْ بِذلِكَ فَرَضِیَتْ بِهِ
اَللّهُمَّ اِنّى اُشْهِدُكَ اَنّى وَلِىُّ لِمَنْ والاهُ وَ عَدُوُّ لِمَنْ عاداهُ بِاَبى اَنْتَ وَ اُمّى یَابْنَ رَسُولِ اللَّهِ.
اَشْهَدُ اَنَّكَ كُنْتَ نُوراً فىِ الاَْصْلابِ الشّامِخَةِ وَالاَْرْحامِ الْمُطَهَّرَةِ،
لَمْ تُنَجِّسْكَ الْجاهِلِیَّةُ بِاَنْجاسِها وَ لَمْ تُلْبِسْكَ الْمُدْلَهِمّاتُ مِنْ ثِیابِها،
وَ اَشْهَدُ اَنَّكَ مِنْ دَعاَّئِمِ الدّینِ وَ اَرْكانِ الْمُسْلِمینَ وَ مَعْقِلِ الْمُؤْمِنینَ،
وَ اَشْهَدُ اَنَّكَ الاِْمامُ الْبَرُّ التَّقِىُّ الرَّضِىُّ الزَّكِىُّ الْهادِى الْمَهْدِىُّ،
وَ اَشْهَدُ اَنَّ الاَْئِمَّةَ مِنْ وُلْدِكَ كَلِمَةُ التَّقْوى وَ اَعْلامُ الْهُدى
وَالْعُرْوَةُ الْوُثْقى وَالْحُجَّةُ على اَهْلِ الدُّنْیا وَ اَشْهَدُ اَنّى بِكُمْ مُؤْمِنٌ
وَ بِاِیابِكُمْ مُوقِنٌ بِشَرایِعِ دینى وَ خَواتیمِ عَمَلى وَ قَلْبى لِقَلْبِكُمْ سِلْمٌ،وَ اَمْرى لاَِمْرِكُمْ مُتَّبِعٌ وَ نُصْرَتى لَكُمْ مُعَدَّةٌ حَتّى یَاْذَنَ اللَّهُ لَكُمْ،
فَمَعَكُمْ مَعَكُمْ لامَعَ عَدُوِّكُمْ صَلَواتُ اللهِ عَلَیْكُمْ وَ على اَرْواحِكُمْ،
وَ اَجْسادِكُمْ وَ شاهِدِكُمْ وَ غاَّئِبِكُمْ وَ ظاهِرِكُمْ وَ باطِنِكُمْ.
آمینَ رَبَّ الْعالَمینَ.

تنهن کانپوءِ ٻه رڪعتون نماز پڙهه ۽ جيڪا حاجت چاهين ان جي الله سائين جي بارگاهه مان دعا گھر
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
1: ظاهرا عطا مان اهو ئي ”عطيه“ آهي جيئن ته محدٿ نوري به ان جو احتمال ڏنو آهي لولو و مرجان ص149
2: بحار الانوار ، ج98 ، ص329 ۽330
3: الللهف على قتلي الطفوف ص 273_274
4: عوالي اللئالي ج4 ص 37