Get Adobe Flash player

 امام حسين عليه السلام جي عزاداريڪيترن ئي طريقن سان انجام ڏئي سگهجي ٿي جيئن ته اسان جي امامن انهن طريقن ڏانهنرهنمائي ڪئي آهي جن کي اسان هيٺ ذڪرڪيون ٿا

1_دل ۾غمگين رهڻ:

(امام جعفر صادق عليه السلام جنفرمايو ته “نفس المهموم لظلمنا تسبيح و همه لنا عباده” امالي، شيخ مفيد، ص238) اسان جي ظلم تي غمگين رهڻ واري شخص جي ٿڌي آهه ڀرڻ تسبيح ۽سندس غمگين رهڻ عبادتآهي.

ائين ئي سندن فرمان آهي ته: خدارحمت ڪري اسان جي شيعن تي جيڪي اسان جي مصيبت کي پنهنجي مصيبت سمجهن ٿا ۽ اسان مٿانٿيل ظلمن تي روئن ٿا ۽ اسان جا ڏک ڏسي ڏکويل ٿي ويندا آهن.(منتخبطريحي،ص298)

امام رضا عليه السلام جن فرمائنٿا ته : محرم جا هي ڏينهن انهن غمن جي ياد جا ڏهاڙا آهن جيڪي اسان اهل بيت تي آياآهن. (بحار، ج45،ص257)

2_چهري تي غم جو اظهارڪرڻ:

ابو عماره شاعر ٿو چوي ته : جڏهنبه امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ امام حسين عليه السلام جو نالو کنيو ويندو هوته اهو سڄو ڏينهن ۽ رات امام کي مسڪراهٽ سان نه ڏٺو ويندوهو.(ڪامل الزيارات باب 32،ح 5)

امام رضا عليه السلام جن فرمائنٿا : محرم جي مهيني اچڻ کانپوءِ منهنجي بابا کي ڪڏهن به کلندڙ چهري سان نه ڏٺوويندو هو ۽ مظلوم ڪربلاجي شهادت جو ڏک سندن پوري جسم کي وڪوڙي ويندوهو ۽ جڏهن ڏهينمحرم جو ڏينهن ايندو هوته اهو سندن مصيبت، غم ۽ روئڻ جو ڏينهن هوندو هو ۽ اهوفرمائيندا هئا ته هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ حسين عليه السلام شهيد ڪيا ويا (امالي ،شيخ صدوق، ص128)

2_ڪارو لباس پائڻ

سڀ کان پهرين عزاداري جي نشانيڪارو لباس پائڻ آهي جيڪو ائمه عليهم السلام پاڻ به پاتو۽ اسان کي پائڻ جو بهحڪم فرمايو اٿن ،ڇاڪاڻ ته ڪارو لباس عزاداري جي نشاني آهي.

حضرت سيدالشهداء جي شهادت کانپوءِ هڪ ملائڪ اها صدا۽ آواز ڏني ته “عزا جو لباس پايو ڇاڪاڻ ته فرزند رسول جو سرڪٽيوويو آهي(ڪامل الزيارات باب 21،ح 3)

ائين ئي ٻئي ملائڪ زمين ۽ آسمانتي فرياد ڪئي ته:“يا عبادالله،البسوا ثوب الاحزان و اظهروا التفجعوالاشجان

احمد بن خالد برقي ڪتاب محاسن ۾نقل ڪيو آهي ته :“ جڏهن امام حسين عليه السلام شهيد ڪيا ويا ته بني هاشم جي عورتنامام زين العابدين جي موجودگي ۾ ڪارا لباس پاتا۽ عزاداري ڪيائون ۽ سردي۽ گرمي جي ڪابه شڪايت نه پئي ڪيائون .(محاسن برقي، ج2، ص420 ، بحار الانوار ج45،ص188)

۽ اصول ڪافي ۾ آهي ته : امام سجادعليه السلام ڪارو جُبو پائيندا هئا (ڪافي، ج9، ص449)

امام علي نقي عليه السلام جننائين ربيع الاول جي فضيلت ۾جيڪو محرم ۽ صفر کان پوءِ اهل بيت جي خوشي جو ڏهاڙو آهيفرمائن ٿا ته: “يوم نزع السواد”يعني ڪاري لباس لاهڻ جو ڏهاڙو آهي. (بحار ، ج 31،ص127)

4_روئڻ ، روئارڻ ۽ روئڻهارڪوٿيڻ:

امامن جي دور۾امام حسين عليهالسلام جي عزاداري تي سخت پابندين جي با وجود امام پاڻ به پنهنجي ڏاڏي سڀئي امام حضرت امام حسين عهجي غم ۾ رُوئندا هئا ۽پنهنجن پيروڪارن کي به روئڻ جون حڪم ڪندا هئا.

حضرت رسول اڪرم ص جن فرمائن ٿا ته : “الاوصلى الله على الباڪين على الحسين عليه السلام ” يعني خدا جي صلوات ودرود هجيهر انهي شخص تي جيڪو امام حسين عليه السلام جي غم ۾ روئي ٿو.(بحار ج 44،ص290)

امام حسين عليه السلام جن پاڻفرمائن ٿا ته: “ اناقتيل العبره...” مونکي ماريو ويندو ۽جيڪوبه مومن مون کي يادڪندوته روئڻ لڳندو.(ڪامل الزيارات، باب 36، ح3)

امام رضا عليه السلام ايترو تهروئندا هئا جو فرمائن ٿا: امام حسين عليه السلام جي مصيبت واري ڏينهن کان اسان جياکين کي زخمي ڪري ڇڏيوآهي ۽ اسان جي ڳوڙهن کي وهائي ڇڏيواٿس. (امالي شيخ صدوق،ص78)

امام زمانه زيارت ناحيه ۾فرمائن ٿا ته: “فلا ندبنڪ صباحا و مساء ولابکين لک بدل الدموع دما” مان هر صبح ۽شام تو تي آه وبڪاء ۽ فرياد ڪندو آهيان ۽ پاڻي جي لڙڪن بجاء رت جا نير وهائيندوآهيان .(بحار، ج101، ص1217)

۽ امام سجاد عليه السلام آخري دمتائين انهيءَمصيبت تي روئيندا رهيا ۽ غم حسين کي ياد ڪندا رهيا۔

آخر ۾ روئڻ ۽ روئارڻ جي ثواب جيسلسلي ۾ هڪ حديث کي بيان ڪيو ٿو وڃي ته :امام رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا : اگرڪو به اسان جي مصيبت کي ياد ڪري ۽ اسان جي ظلم خاطر روئي يا روئاري ته قيامت جيڏينهن اسان اهل بيت سان گڏ محشور ٿيندو.

5_منهن مٿو پٽڻ ۽گريبان کوليماتم ڪرڻ:

اسان جا امام حضرت سيدالشهداء جيمصيبت تي منهن مٿو پٽي ماتم ڪرڻ جو حڪم فرمائينداهئا ، جيئن ته شيخ طوسي ، ڪتابتهذيب (هي ڪتاب شيعن جي چئن معتبرڪتابن مان هڪ آهي ) ۾ نقل ٿا ڪن ته : امام صادقعليه السلام جن فرمائن ٿا : “وقد شققن الجيوب ولطمن الخدود الفاطميات على الحسين بنعلي عليه السلام و على مثله تلطم الخدود وتشق الجيوب” يعني حضرت بيبي فاطمه زهرا (س) جي خاندان جون بيبيون امام حسين عليه السلام جي شهادت تي پنهنجا گريبان کولي ۽منهن مٿو پٽي ماتم ڪنديون هيون ۽ امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي ائين ئي منهن (مٿو) پٽي ۽گريبان کولي ماتم ڪرڻ گهرجي. (تهذيب ،ج8، ص325)

۽ تاريخ گواهه آهي ته حضرت بيبيزينب سلام الله عليها ڏهين جي رات امام حسين عليه السلام جي سامهون ۽ ڏهين جي ڏينهنامام سجاد عليه السلام جي سامهون پنهنجي منهن تي تماچا به هنيا ۽ ماتم بهڪيائون.

امام زمانه عليه السلام زيارتناحيه ۾ امام حسين عليه السلام جي خاندان جي عورتن،ننڍن ٻارن،سندن ڀينرن ۽ حورنحضرت امام حسين عليه السلام ۽ امام سجاد عليه السلام جي سامهون جو سندن مصيبت تيمنهن (مٿو) پٽڻ جو ذڪر ڪيو آهي .“لاطمات الوجوه، ولطمت عليڪ الحورالعين

۽ امام زمانه جن فرمائن ٿاتهوتاسفا على ما دهاڪ وتلهقا حتى اموت بلوغه المصاب و غصه الاڪتياب”(بحار، ج 101،ق217)

۽ حضرت ابوذر حضرت امير المومنينکان نقل ڪن ٿا ته :“ من قتله لبيڪتم والله حتى تزهق انفسڪم ” خدا جو قسم آهي تهامام حسين عليه السلام جي شهادت تي ايترو روئو جو توهان جو روح توهان جي بدن مانخارج ٿي وڃي. (ڪامل الزيارات ، باب 23، قول امير المومنين ح11)

امام صادق عليه السلام جن فرمائنٿا ته : “ ان البڪاء و الجزع مڪروه للعبد في ڪل ما جزع ، ماخلا البڪلاء والجزع علىالحسين بن علي عليه السلام فانه فيه ماجور ” هر شخص لاءِ روڄ راڙو ڪرڻ ۽ روئڻپسنديده ڪونهي ،سواءِ حسين بن علي عليه السلام تي روئڻ ۽روڄ راڙو ڪرڻ جي جنهن تياجر ۽ثواب جو واعدو ڪيو ويو آهي. (ڪامل الزيارات ، باب 32، ح2. ۽ امالي شيخ طوسي،ص161)

ان ڳالهه تي توجه ڪرڻ گهرجي تهپنهنجي عزيزن جي مصيبت تي به روئڻ ۽ گريو ڪرڻ معصومين جي نظر ۾ هرگز مڪروه ڪونهي ،بلڪه ايستائين جوحضرت رسول خدا (صه) ۽سندن اهلبيت معصومين کان علاوه ٻين تي به شدتسان رُنا ۽ گريو ڪيو اٿن، مثال جي طور تي رسول اڪرم جو جعفر بن ابي طالب ۽ زيد بنحارث جي وفات تي تمام گهڻو گريو ڪرڻ تاريخ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي“کان ادا دخل بيتهڪثر بڪائه عليها جدا”وسائل الشيعه ج3، ص280 ۽ بحار ، ج21، ص55)

۽ يا امام جعفر صادق عليه السلامپنهنجي پٽ اسماعيل جي وفات تي گريو ڪيو “فجزع عليه جزعا شديدا” (ڪمال الدين، شيخصدوق ،ص73)

انهي ڪري امام صادق عليه السلام جو حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبت تي گريو ۽روڄ راڙو ڪرڻ جو حڪم ڪرڻ مان مراد ڪو عام گريو ۽ روئڻ ڪونهي بلڪه هن ۾ وڏو مفهوم سمايل آهي اهو هي ته : جيئن ته لغت جي ڪتابن مان ملي ٿو ته جزع معنى صبر جي حد کي ٽوڙڻ ڇاڪاڻ ته هي اهڙي مصيبت آهي جنهن تي صبر نٿو ڪري سگهجي ان جو سبب اهوآهي ته هي مصيبت ڪا عام مصيبت ناهي بلڪه هڪ غير عادي مصيبت آهي ان جي ڪري هن مصيبت تي گريو ۽ روڄ راڙو ڪرڻ به غير عادي هجڻ گهرجي.