Get Adobe Flash player

خوشي ۽ غم، هن دنيا جي زندگي جو هڪ لازمي حصو آهن. هر انسان جي زندگي م ڪي اهڙا لحظا ايندا آهن جڏهن هو کلندو يا روئيندو آهي ۽ اها صورتحال ڪنهن هڪ انسان سان مخصوص نه آهي. انهي مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته ”کلڻ ۽ روئڻ“ هڪ فطري عمل آهن جيڪي هر انسان جي زندگي ۾ پاتا وڃن ٿا.

اسلام هڪ خدائي ۽ فطري دين آهي جنهن جا قاعدا ۽ قانون، عقل ۽ فطرت جي مطابق آهن. تنهنڪري اسان قرآن مان عزاداري کي ثابت ڪرڻ کان اڳ ان نڪتي ڏانهن توجه ڏيارڻ لازمي ٿا سمجهون ته جيڪڏهن قرآن ۽ روايات ۾ اسان کي ڪا به اهڙي دليل نه ملي جنهن سان عزاداري جو جائز هجڻ ثابت ٿئي، تڏهن به عزاداري کي جائز سمجهيو ويندو. ڇو جو روئڻ هڪ فطري عمل آهي. ۽ ڪنهن عمل جي جائز هجڻ جي لاءِ دليل جي ضرورت نه هوندي آهي، بلڪه عمل جي حرام هجڻ لاءِ دليل جي ضرورت هوندي آهي. ان قاعدي کي علم اصول ۾ ”اصاله الاباحه“ يا ” اصاله الجواز“ چيو ويندو آهي، جنهن جي معنا هي آهي ته هر عمل، مباح يا جائز آهي جيستائين شريعت ان کان منع نه ڪري يا روڪي نه.

پر ان جي باوجود قرآن ۾ ڪيتريون ئي آيتون آهن جيڪي عزاداري جي جائز بلڪه مستحب هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون، انهن جا ڪجه نمونا اسان هتي ذڪر ڪريون ٿا:

1_ عزاداري، ظلم خلاف احتجاج

قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿئي ٿو: لا يُحبُّ اللهُ الجَهْرَ بالسُّوء مِنَ الْقَولِ إِلاّ مَن ظُلِم [1]، الله سائين بري ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ کي پسند نٿو ڪري سواءِ ان جي لاءِ جنهن تي ظلم ڪيو وڃي.

هن آيت جا ٻه جملا آهن:

الف) لا يحب الله، الله سائين ٻين جي عيبن ۽ براين کي ظاهر ڪرڻ کي پسند نٿو ڪري، سواءِ انهن جي لاءِ جنهن جو حق غصب ڪيو ويو هجي. اهي انسان هن حڪم کان مستثنا ۽ جدا آهن. انهن تي اهو قانون لاڳو نه ٿيندو بلڪه انهن کي حق آهي جو پنهنجي مظلوميت جو اظهار ڪري ظالمن کي رسوا، ذليل ۽ خوار ڪن.

ب) الا من ظلم، هي جملو سڀني ظالمن لاءِ ڌمڪي آهي ته نه صرف الله سائين مظلوم کي ظالم خلاف فرياد ڪرڻ، ظلم کي پڌري ڪرڻ جو حق ڏنو آهي، بلڪه اها فرياد الله وٽ محبوب ۽ پسنديده به آهي.

جيتوڻيڪ ظلم جي ڪيترائي مرتبا ۽ درجا آهن جئين نفس تي ظلم، يتيم تي ظلم وغيره پر سڀني کان وڏو ظلم هي آهي ته جيڪو ”حق“ الله سائين ڪجه انسانن کي عطا ڪيو آهي انهن کان کسيو وڃي. ٻين لفظن ۾هي ته الله سائين ڪجهه انسانن کي ”ولايت“ ۽ ”امامت“ جو حق عطا ڪيو آهي. جئين ته ارشاد ٿئي ٿو ته: إِنَّما وَليكُمُ اللهُ وَ رَسُولَهُ وَ الَّذينَ آمَنوا الَّذينَ يُقيمُونَ الصَّلوةَ وَ يُؤْتُونَ الزَّكاةَ وَ هُمْ راكِعُون، توهان جو ولي صرف الله آهي، ۽ ان جو رسول ۽ اهي مومن جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪوات ادا ڪن ٿا.

واضح آهي ته خدائي حق کي کسڻ سڀني کان وڏو ظلم آهي ڇو جو ٻين فردي يا اجتماعي حقن جي پائمالي جي جڙ اها آهي. تنهنڪري ”ولي الله“ يا ”امام“ جي حق کي غصب ڪرڻ سڀني کان وڏو ظلم ۽ ستم آهي. بيشڪ امام حسين انهن مان هڪ آهن جنهن کي ولايت جو درجو عطا ٿيو.

اهڙي پاڪ ۽ پاڪيزا انسان کي اهڙي مظلوميت سان شهيد ڪيو وڃي. ڇا ان کان سواءِ ڪو ٻيو روئڻ جومقام ٿي سگهي ٿو

يزيد ۽ يزيدي ”طاغوت“ آهن جنهن امام حسين عه کان اهو خدائي عهدو کسي ڪري ان تي قبضو ڪيو ۽ مسلمانن جا خليفا بڻجي پيا. تنهنڪري مسلمانن کي ان جي حڪومت قبول نه ڪرڻ گهرجي ها. انهي ڪري ڪوفي جي ماڻهن امام پاڪ ڏانهن خط لکيا ته اسان معاويه ۽ يزيد جي حڪومت کي قبول نٿا ڪريون، توهان جيترو جلد ٿي سگهي ڪوفي هليا اچو. امام پاڪ به سڀني مشڪلاتن جي باوجود انهن جي دعوت قبول ڪئي، ۽ ڪوفي ڏانهن روانا ٿيا. پر اهلبيت جي دشمنن، امام کي ڪربلا آڻي ڪري کين وڏي مظلوميت سان شهيد ڪيو. ۽ اهڙي نموني انهن اسلام تي ڪارو وار ڪيو جنهن جا برا اثر هينئر تائين ڏسجن ٿا.

ڇا اسلامي معاشري کي فرزند رسول تي ٿيل ايڏي وڏي ظلم تي چپ رهڻ گهرجي؟ يا انهن جي ڪلهن تي هڪ وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي؟ آيت اهو ٻڌائي ٿئي ته انهن کي فرياد بلند ڪرڻ گهرجي، ظالمن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي، امام جي مصائب کي بيان ڪرڻ گهرجي، الله ۽ الله جي رسول جي دشمنن کان بيزاري جو اظهار ڪرڻ گهرجي.

يقينا ظلم خلاف احتجاج ۽ عزاداري ” جهر من القول“ جو مصداق آهي، جنهن کي الله سائين پسند ڪري ٿو. اهلبيت جا حبدار به انهي نيڪ مقصد تحت عزاداري ڪندا آهن.

2_عزاري ۽ مودت اهلبيت

الله سائين، رسالت جو اجر، رسول اڪرم صه جي اهلبيت سان مودت کي قرار ڏنو آهي: قُل لا أَسْئَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِى القُرْبى[2]، چئو ته مان توهان کان ڪو سوال نٿو ڪريان سواءِ ان جي جو منهنجي اهل بيت سان مودت ڪريو.

هي آيت اهو ٻڌائي ٿي ته رسول اڪرم صه امت جي هدايت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، تنهنڪري ان جو اجر به تمام گهڻو هجڻ گهرجي. جيڪو اهلبيت عه سان مودت جي صورت ۾ بيان ٿيو آهي.

مودت ۽ عشق جون ڪجه نشانيون آهن، سٺو عاشق ۽ سچو دوست اهو آهي جيڪو دوستي کي چڱي نموني نڀائي. نه ته ان جي دوستي ڪوڙي ۽ ظاهري هوندي. سچي دوست جي هڪ نشاني انهن جي غم ۾ شريڪ ٿيڻ آهي. تنهنڪري تمام گهڻين روايتن ۾ آهي : اسان جي خوشي ۾ خوش رهو ۽ اسان جي غم ۾ غمگين رهو.(امام صادق). حقيقت هي آهي ته اهلبيت جي خوشي ۾ خوش رهڻ ۽ انهن جي غم ۾ غمگين رهڻ ،انهن جي سچي پيروڪارن لاءِ فخر جي ڳاله آهي.

امام علي فرمائن ٿا: «انّ الله تبارك و تعالى ... فاختارنا و اختار لنا شيعة ينصروننا و يفرحون لفرحنا و يحزنون لحزننا و يبذلون اموالهم و انفسهم فينا اولئك منا و الينا[3]، الله سائين اسان کي چونڊيو ۽ اسان لاءِ شيعن کي چونڊيو جيڪي اسان جي خوشي ۾ خوش ٿين ٿا ۽ اسان جي غم ۾ غمگين ٿين ٿا، اسان لاءِ پنهنجي جان ۽ مال خرچ ڪن ٿا، اهي اسان مان آهن ۽ اسان وٽ ايندا.

امام رضا شبيب جي پٽ کي فرمائن ٿا: جيڪڏهن چاهين ٿو ته جنت ۾ اسان جو پاڙيسري ٿئين ته اسان جي غم ۾ غمگين ٿيندو ڪر ۽ اسان جي خوشي تي خوش ٿيندو ڪر، اسان جي ولايت کي قبول ڪر ڇو جو جيڪڏهن ڪو انسان پٿر سان به محبت ڪندو ته قيامت ڏينهن انهي سان گڏ محشور ٿيندو. و افرح لفرحنا و عليك بولايتنا فلو اّن رجلا تّولى حجراً لحشره الله معه يوم القيامة»[4]

ان بنياد تي مودت اهلبيت، جيڪا پيغمبر اڪرم صه جي رسالت جي تبليغ جو اجر آهي، تنهن جو تقاضو آهي ته اسان زبان، گفتار، رفتار، لڙڪ، مرثيه خواني، نوحه خواني ۽ سندس قاتلن تي لعنت ڪري انهن جي غم ۾ شريڪ ٿيون. عزاداري جو هڪ مقصد به اهو آهي.

عزاداري ۽ ”شعائر الله“ جي تعظيم

ارشاد خداوندي آهي: وَ مَنْ يُعَظِّمْ شَعائِرَ اللهِ فَاِنَّها مِنْ تَقَوَى الْقُلُوبِ[5]، جيڪو به شعائرالله( الله جي نشانين) جي تعظيم ڪندو ته اها ان جي دلي تقوا مان آهي. بيشڪ خدائي نشانين جي تعظيم ڪرڻ، اسلام جو هڪ بنيادي حڪم آهي. پر بحث ان ۾ آهي ته شعائر مان مقصد ڇا آهي؟

شعائر لغت ۾ علامت ۽ نشاني جي معنا ۾ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته شعار جي معنا ندا به آهي.[6] پر ان جي مصداق ۾ اختلاف آهي:

1_ ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي ته شعائر، قرباني جو اهو جانور آهي جنهن تي نشاني لڳائي وئي هجي.

2_ ڪجه ٻين جو چوڻ آهي ته شعائر، حج جي تمام اعمال ۽ مناسڪ کي شامل آهي.

3_ ڪي چون ٿا ته شعائر، حج جي اعمالن واري جاءِ کي چوندا آهن.

4_ ڪجهه جو عقيدو آهي ته شعائر، دين ۽ اطاعت الاهي جي وڏن نشانين کي چوندا آهن.

جيتوڻيڪ روايتن ۾ شعائر جي پهرين ٽن معنائن کي بيان ڪيو ويو آهي. پر لفظ جو عام هجڻ ، ۽ لغوي معنا ڇوٿين معنا تي دلالت ڪري ٿي. جيڪو ڪجهه روايات ۾ بيان ٿيو آهي، اهو به مصداق هجڻ جي لحاظ کان آهي, تنهنڪري شعائر الله جي تعظيم جو مقصد هي آهي ته آئين ابراهيمي مان انهن شين جي تعظيم ڪئي وڃي جيڪي اسلامي نشانيون بڻجي چڪيون آهن. حج جو هر عمل شعائر الله جو مڪمل مصداق ۽ علامت آهي. جئين ته قرآني آيات ۾ طواف، صفا ۽ مروا وچ ۾ ڀڄڻ، شيطان کي پٿر هڻڻ ۽ قرباني ڪرڻ مان هر هڪ کي اهڙي علامت ۽ نشاني چيو ويو آهي جيڪا انسان کي تقوا جي ويجهو آڻي، سندس خالص توحيد ڏانهن راهنمائي ڪري ٿي.

خدائي نشانين ۽ دلين جي تقوا وچ ۾ خاص قسم جو رابطو آهي تنهنڪري ڪجه شيعه ۽ اهل سنت جي عالمن شعائر جي عام هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. جنهن مان اسان هتي ٻه نمونا ذڪر ڪري رهيا آهيون:

الف) اهل سنت جو عالم، صاحب جان هندي حنفي انهي آيت جي تفسير ۾ لکي ٿو: شعائر ”شعيره“ جو جمع آهي جنهن جي معنا علامت آهي. هر اها شي جنهن کي ڏسڻ سان خدا ياد اچي اها شي ”شعائر الله“ آهي. تنهنڪري شعائر الله صرف صفا ۽ مروه نه آهن . جهڙي نموني دهلوي جي ڪتاب ” حجه البالغه“ ۾ نقل ٿيو آهي: الله جو وڏيون نشانيون ۽ شعائر، چار شيون آهن قرآن، ڪعبو، پيغمبر ۽ نماز.[7] الطاف القدس ۾ آيو آهي ته شعائر الله جي محبت يعني قرآن، پيغمبر ۽ ڪعبي جي محبت. بلڪه هر اها شي جيڪا خدا سان منسوب هجي ايستائين جو الله جا ولي به شعائرالله آهن.

ب) مولوي اسماعيل لکي ٿو: محسن ۽ منعم جي شعائر جي تعظيم، ان سان محبت جي فرع آهي يعني اهي سڀ شيون جيڪي ان سان مخصوص مناسبت رکن ٿيون، اهڙي نموني جو جئين جيڪڏهن ڪنهن جو ڌيان انهن شين ڏانهن وڃي ته ان کي اهو منعم يا محسن ياد اچي وڃي. جئين نالو، ڪلام، لباس، هٿيار، سواري يا گهر وغيره.

هاڻ ان عموميت مان اهو نتيجو حاصل ٿئي ٿو ته جڏهن به جتي به ڪو عمل خدا جي ياد ڏياري يا تقوا جو سبب ٿئي، ان شرط سان جو اسلامي احڪام ۽ قوانين جي حد اندر هجي، اهو شعائر الله مان آهي. نماز، روزو وغيره به شعائرالله جو هڪ نمونو آهن.

ان بنياد تي الله جي خالص ٻانهن جو غم ملهائڻ جنهن الله جي ياد کي باقي رکڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، اهو به شعائر الله جو هڪ نمونو ٿيندو. ڇو جو انهن مجلسن ۾ ديني مسئلا، شهداءِ ڪربلا جو ايثار ۽ شجاعت کانسواءِ ڪجهه به بيان نٿو ٿئي. ڳالهه خدا جي دوستن سان دوستي ۽ دشمنن سان دشمني جي بيان ٿئي ٿي. جهڙي نموني عيد قربان تي گهرجي. قرباني ڪرڻ کي شعائر الله سمجهيو وڃي ٿو تهڙي نموني ڪربلا وارن جي قرباني کي ياد ڪري غم ڪرڻ کي به شعائر الله سمجهڻ پوءِ ڀلا ڪئين چئي سگهجي ٿو انهن شهيدن جي مجلس ڪرڻ جنهن دين کي بچائڻ لاءِ جان قربان ڪئي، شعائر الله نه آهي؟ ڇا انهن جي عزاداري اسان کي الله جي ياد نٿي ڏياري؟ ڇا عزاداري اسان کي الله جي ويجهو نٿي ڪري؟ ان سڀني ڳالهين کي سامهون رکندي سڀني مسلمانن جي ذميواري آهي ته هن شعار جي حفاظت ڪن.

حضرت يعقوب جو حضرت يوسف جي فراق ۾ گريو زاري ڪرڻ

حضرت يعقوب، پنهنجي فرزند حضرت يوسف عه جي جدائي ۾ ڏاڍو غمگين رهيو، ايستائين جو سالن جا سال روئيندو رهيو جو سندس اکيون اڇيون ٿي ويون ۽ هو نابينا ٿي ويو: يا أَسَفَا عَلى يُوسُفَ وَ ابْيَضَّتْ عَيْنَاهُ مِنَ الْحُزْنِ فَهُوَ كَظِيمٌ .[8] نيٺ حضرت جي پٽن يعني حضرت يوسف جي ڀائرن تنگ اچي ڪري چيو: قالُوا تَاللهِ تَفْتَئُوا تَذْكَرُ يُوسُفَ تَكُونَ حَرضاً أَوْ تَكُونَ مِنَ الْهالِكينَ[9]، بابا تون هميشه يوسف کي ياد ڪرين ٿو ايستائين جو اچي مرڻ جي ويجهو ٿيو آهين.

اهي آيتون حضرت يعقوب جي طولاني گريي ۽ سندس زندگي جي اهم واقعي کي بيان ڪري رهيون آهن، جهڙي نموني ڪجه روايتن ۾ به حضرت يعقوب جي روئڻ کي سندس سٺي صفتن مان بيان ڪيو ويو آهي.

زمخشري روايت ڪري ٿو ته: حضرت يوسف، جبرائيل کان پنهنجي پيءُ جي روئڻ جي مدت بابت سوال ڪيو ته ان جواب ڏنو: ستر سال تائين رنا. جڏهن ان جي ثواب بابت سوال ڪيائين ته ان جواب ڏنو: کيس ستر شهيدن جيترو ثواب ملندو.[10]

طبري، حضرت يعقوب جي روئڻ جي مدت بابت، حسن بصري کان روايت ڪري ٿو: جڏهن کان حضرت يوسف پنهنجي پيءُ کان جدا ٿيو، ان جي موٽڻ تائين اسي سال لڳا، انهي پوري عرصي ۾ حضرت يعقوب روئيندا رهيا ايستائين جو نابينا ٿي ويا. حسن بصري چيو آهي ته خدا وٽ ان زماني ۾ ڪو خليفو حضرت يعقوب کان وڌيڪ پيارو ۽ عظمت وارو نه هيو. «كان منذ خرج يوسف من عند يعقوب الى يوم رجع ثمانون سنة لم يفارق الحزن قلبه يبكى حتى ذهب بصره و قال الحسن والله ما على الأرض يومئذ خليفةً اكرم على الله من يعقوب».

ان آيت مان سمجه ۾ اچي ٿو ته روئڻ، ڀلي ڪيترن سالن تائين هجي، حرام نه آهي بلڪه جائز ۽ هڪ مثبت صفت آهي. امام زين العابدين عه به انهي آيت کي دليل طور پيش ڪيو جڏهن حضرت تي اعتراض ڪيو ويو ته مولا ايترو روئو ڇو ٿا؟ حضرت فرمايو: ڇا توهان کي يعقوب جي عزاداري جي خبر نه آهي؟ هو ڪيترا سال يوسف جي جدائي ۾ روئيندو رهيو جو نابينا ٿي ويو. جڏهن ته سندس پٽ به زنده هو. صرف کيس اکين کان پري هو. جڏهن ته مون پنهنجي اکين سان پنهنجي بابا، ٻين مٽن مائٽن ۽ ساٿين کي شهيد ٿيندي ڏٺو آهي.[11]

هڪ سوال جو جواب

ٿي سگهي ٿو ڪو شخص اعتراض ڪري ته هي آيتون هڪ مخصوص واقعي بابت آهن انهن جو عزاداري سان ڪو تعلق نه آهي؟

ان جو جواب هي آهي ته قرآن اهڙو ڪتاب آهي جنهن جا احڪام ۽ دستور ڪنهن هڪ زماني سان مخصوص نه آهن. جيڪڏهن نازل ٿيڻ وقت ڪو خاص مورد يا مقام هئو هو ته ان جي معنا اها نه آهي ته اهو حڪم صرف ان زماني جي ماڻهن سان مخصوص يا محدود آهي. انهي ڪري علماء چوندا آهن ته آيت جي حڪم کي صرف ذڪر ٿيل مورد ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي بلڪه جتي به اهڙو موضوع پيدا ٿئي اتي اهو حڪم لاڳو ٿيندو.



[1] _ نساء، آيه 148.

[2] _ ـ شورى، آيه 23.

[3] _ ـ بحارالانوار، مجلسى، ج 44، ص 287، باب ثواب البكاء على مصيبة الحسين(ع).

[4] _ امالى، شيخ صدوق، مجلس 27 و بحار الانوار، مجلسى، ج 44، ص 286.

[5] _ حج، آيه 32.

[6] _ مصباح المنير، فيومى، 315 و اساس البلاغه، زمخشرى، ص 236، ماده «شعر».

[7] _ ـ حجة البالغه، شاه ولى الله دهلوى، ص 69 به نقل از اصول الأربعه فى ترديد الوهابيه، صاحب جان هندى حنفى، ص 30

[8] _ يوسف، آيه 84.

[9] _ يوسف، آيه 85

[10] _ ـ تفسير كشاف، زمخشرى، چ 2، ص 497 و تفسير كبير، فخر رازى، ج 18، ص 193، ذيل آيات 84 ـ 85.

[11] ­ ـ مناقب آل ابيطالب، على بن شهر آشوب، ج 4، ص 179، باب فى كرمه و صبره و بكائه  و وسائل الشيعه، ج 2، ص 923، باب جواز البكاء على الميّت