Get Adobe Flash player

 

 

(1) غازي عباس جي ولادت۽عمر

حضرت عباس جن جي ولادت چار شعبان جي ڏينهنسن ڇويهه هجري ڌاري مديني منوره ۾ ٿي 1، مرحوم بير جندي پنهنجي زمانيجي علماء کان ڪتاب وقايع الايام ۾ نقل ٿو ڪري ته حضرت عباس جن چار شعبان جي راتمتولد ٿيا2.

سندن شهادت وقت سندن عمر بابت ڪيترائي قول موجود آهن جڏهن مشهور قول مطابق سندن عمر چوٽيهه سال هئي4

 

(2) سندن نالو، ڪنيت ۽ لقب :

1_عباس:_سندن مشهور نالو عباسآهي حضرت عباس جن ۾ تمام گھڻي شجاعت سورهيائي ۽ ڌيان هجڻ جي ڪري پاڻ کي عباسسڏيندا ڪندا هئا.

2 _ ابوالفضل: حضرت عباس عليهالسلام جن کي ابو الفضل ان ڪري چون ٿا ته سندن هڪ پٽ جو نالو فضل هو ۽ ابو الفضل يعنيفضل جو پيءُ.

3_قمر بني هاشم: يعني بني هاشم جو چنڊ. حضرت عباس عليه السلام کي اهو لقب ان ڪري ڏنو ويو جو سندن چهرو نوراني۽ چمڪندڙ چنڊ جھڙو هو اونداهيءَ ۾ نوراني شيءِ جي تجلي اڃان وڌيڪ نظر ايندص آهي اهڙصطرح رات جي وقت سندن چهرو چنڊ جھڙو نظر ايندو هو5.

4_باب الحوائج: سندن تمام گھڻينڪرامتن جي ڪري ۽ حضرت عباس عليه السلام سان توسل ۽ ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي حاجتن جيپوري ٿيڻ جي ڪري پاڻ باب الحوائج جي لقب سان مشهور ٿيا6.

5_عبد الصالح: جھڙي طرح سندنزيارت ۾ آيو آهي ته : السلامعليڪ ايها العبد الصالح المطيع لله ، لرسولہ، سلام هجي توتي اي عبد الصالح ۽ اي الله ۽ انجي رسول جي اطاعت ڪرڻوارا.

6_سقا: جناب عباس عليه السلامکي اهو لقب ان ڪري ڏنو ويو جو اهلبيت ۽ انهن جي ٻارن کي پاڻي پيارڻ سندن ذمي هوجھڙي طرح ڏهين جي ڏينهن جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام حضرت عباس عليه السلامکي روانو پئي ڪيو امام کين اهو فرمايو هو ته:اي عباس وڃ هنن پياسن ٻارن لاءِ پاڻي کڻي اچ.

(3) سندن ولادت جي وقت جي حضرت عليعليه السلام جن جو روئڻ.

جڏهن حضرت عباس عليه السلام جيولادت ٿي حضرت علي عليه السلام جن فرمايو ته ان فرزند کي مون ڏانهن کڻي اچو امام جنپنهنجي پٽ کي هٿن تي کڻي ساڄي ڪن ۾ آذان ڏني کاٻي ڪن ۾ اقامت چئي ۽ ان فرزند جونالو عباس رکيائون ان کان پوءِ حضرت عباس عليه السلام مٿي کڻي پنهنجي ننڍڙي پٽ جي ٻانهن کي چمن ٿا،ڪڏهن هن ٻانهن کي چمن ٿا ،ڪڏهن هن ٻانهنکي چمن ٿا ۽ روئن ٿا، جناب ام البنين عليها السلام عرض ڪيو: اي مولا خدا جيطرفان ڪا نعمت ملي ته ان تي خوش ٿبو آهي، هيئڙو سهڻو پٽ هٿن تي ۽ توهان جي اکين ۾ڳوڙها!؟ امام فرمايو؛ مون کي اهو وقت ياد ٿو اچي جڏهن سن 61 هجري هونديڪربلا جو ميدان هوندو هن منهنجي پٽ جا ٻئي بازو پنهنجي ڀاءُ حسين عليه السلام جي مدد ڪندي ڪٽجي ويندا ۽ هو بغير بازوئن جي گھوڙي جي زين تان زمين ايندو۽ شهيد ٿي ويندو. اي ام البنين مان تنهنجي پٽجي ان مصيبت تي روئان ٿو7.

(4) سندن فضائل:

حضرت عباس عليه السلام فضليت،تقوى، يقين، اطاعت، عبادت، ادب ۽ اخلاق. ۾تمام وڏي مقام ۽ منزل تيفائز هئا، کين حضرت امام حسين عليه السلام ۽ حضرت زينب ڪبرى سلام الله عليها سانتمام گھڻو پيار ۽ محبت هئي ۽ جناب حسنين عليهما السلام جن کان بعد حضرت علي عليهالسلام جي پٽن مان حضرت عباس جو مقام سڀني کان وڌيڪ آهي.

مرحوم شيخ صدوق عليه رحمه روايتڪري ٿو ته حضرت امام سجاد عليه السلام جناب عباس عليه السلام جي پٽ جنابعبيدالله کي فرمايو ته (( ان للعباس عند الله تبارک و تعالى منزلة يغبطہ بها جميع الشهداء يوم القيامة8))حضرت عباس عليه السلام جن جوخداوند جي نزديڪ اهو مقام آهي جو قيامت جي ڏينهن سڀ شهيد اها آرزو ۽ تمنا ڪندا تهاي ڪاش اسان وٽ به اهو مقام ۽ منزلت هجي ها.

مفضل بن عمر روايت ڪري ٿو ته امامصادق عليه السلام جن فرمايو ته : ((عمنا العباس نافذ البصيرة صلب الايمان جاهد مع ابي عبد الله و ابلي بلاءحسنا و مضى شهيدا9)) اسان جيچاچي عباس عميق ۽ گھري بصيرت وارو،محڪم ۽ پڪي ايمان وارو هيو حضرت امام حسينعليه السلام جن سان گڏ (ڪربلا ۾) جهاد ڪيائين ايستائين جو شهادت جي منزلماڻيائين.

(5) حضرت عباس جو اخلاق.

قمر بني هاشم جي ادب جي لاءِايترو لکڻ ڪافي آهي ته پاڻ ڪڏهن به حضرت امام حسين عليه السلام جي اجازت ۽ حڪمکانسواءِ سندن ڀر ۾ نه ويهندا هئا ۽ هڪ غلام ۽ نوڪر وانگي امام سان پيش اينداهئا ۽ امام جي تمام حڪمن کي پورو ڪندا هئا ۽ امام ن اگر ڪنهن ڪم کان روڪيندا ڪنداهئا پاڻ هرگز اهو ڪم نه ڪندا هئا. (اهوئي سبب آهي جو جناب عباسعليه السلام جن ڪيترائي ڀيرا جنگ جي موڪل گھري پر امام حسين عليه السلام جنمنع ڪرڻ تي سندن صبر ڪرڻ کي تاريخ اڄ به ساراهيندي نظر اچي ٿي) ۽ پاڻ امام حسينعه کي “يا اباعبد الله” “يابن رسول الله” “ياسيدي” ڪري سڏ ڪندا هئا ۽ سڄي ڄماران باوجود جوامام حسين عليه السلام سندن سڳو ڀاءُ هئو پر تنهن هوندي ڪڏهن امام کي ڀاءُنه سڏيائين سدائين پنهنجي پاڻ کي نوڪر سڏرايائين سواءِ ڏهين جي ڏينهن جي جڏهن گھوڙيتان لٿو10.

(6) حضرت عباس عليه السلام جيشجاعت:

حضرت عباس عليه السلام جن مولاعلي عليه السلام سان گڏ جنگين ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ عرب جي شجاعن ۽ پهلوانن سان جنگ ڪندا هئاجنگ صفين ۾ حضرت علي عليه السلام جن جي لشڪر مان هڪ نقابدار نوجوان ٻاهر آيو ۽پنهنجي گھوڙي کي ميدان جي وچ ۾ آڻي اهو اعلان ڪيائين ته ڪوئي آهي جو منهنجي مقابلي ۾اچي ۽ مون سان جنگ ڪري ان تي معاويہ،ابن شعثا کي چيو ته هن جوان سان تون مقابلوڪرڻ وڃ ابن شعثا چيو ته : اهل شام مونکي ڏهه هزار سوارفوجين جي برابر سمجهن ٿا ۽تون مون کي فقط هڪ جوان سان جنگ ڪرڻ لاءِ اماڻين ٿو؟ منهنجا ست پٽ هت مون سان گڏ آهنهڪڙي کي موڪليان ٿو ته هن جوان سان مقابلو ڪري کيس قتل ڪري، ابن شعثا جو هڪ پٽميدان ۾ ويو اهو مارجي ويو ائين هي پنهنجا پٽ اماڻيندو ويو ايستائين جو ستئي پٽمارجي ويس جڏهن جناب عباس عليه السلام جي تلوار اهي جوهر ڏيکاريا ابن شعثا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي تيار ٿي ميدان ۾ آيو ڏهه هزار سوار سپاهين سان تلوار جي کيڏڻ وارو هڪ ئيهاشمي نوجوان جي تلوارجو کاڄ بڻجي ويو ۽ جناب عباس عليه السلام جي هڪ ئي وار سان اڌ ٿي ويو معاويه جي لشڪر مان هاڻ ڪنهن ۾ به اها جرئت نه هئي جو اڪيلو اچي ميدان ۾ان جوان سان جنگ ڪري حضرت اميرالمومنين عليه السلام جن جا صحابي پڻ ان منظر کي ڏسيحيران ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا اهو نقابدار جوان ڪير آهي؟

امام جن ان جوان کي سڏ ڪري پاڻ وٽگھرايو( ۽ امام فرمايو اي پٽ ڊڄان ٿو متان نظر لڳئي) جيئن موٽيو امام جن ان جيمنهن تان نقاب پري ڪيو (۽ ٻنهي اکين جي درميان چمي ڏنائين) جيئن ئي قمر بني هاشم جيچهري تان نقاب هٽيو سڀني اصحابن ڏٺو ته هيءُ نوجوان حضرت عباس عليه السلام آهي جنگصفين ۾ جناب عباس عليه السلام جن جي عمر پندرهن سال هئي11.

۽ اهڙي طرح ڏهينءَ جي ڏينهن چارهزار ۽ هڪ روايت مطابق ڏهه هزار فوجي نهر فُرات جي ڪناري بيهاريا ويا هئا ته جيئنهتان کان ڪوبه پاڻي ڀري نه سگھي. ليڪن تمام شيعه ۽ سني مورخين لکن ٿا ته حضرت عباسعليه السلام اڪيلو انهن چئن هزارن يا ڏهن هزارن جي لشڪر جي ديوار کي ڪيرائي نهرفرات مان پاڻي جي مشڪ ڀري .

(7) حضرت عباس عليه السلام ۽ مقامشفاعت:

قيامت جي ڏينهن حضرت نبي ڪريم صجن جناب علي ع کي فرمائيندا ته : اي علي ! منهنجي ڌيءَ فاطمه زهراء س کي چئو تهمنهنجي امت جي نجات ۽ شفاعت جي لاءِ هن محشر جي ميدان ۾ تو وٽ ڪهڙي شي آهي؟ حضرتعلي ع ان پيغام کي جناب زهرا س جن تائين پهچا.يندا جڏهن سائڻ اهو ٻڌنديونفرمائينديون ته : ((يااميرالمومنين کفانا لاجل هٰذا المقام اليدان المقطوعان من ابنيالعباس12)) اي اميرالمومنين! اڄهن ميدان محشر ۾ اسان جي شفاعت لاءِ منهنجي پٽ عباس جا ٻئي ڪٽيل هٿ ڪافيآهن.

(8) حضرت عباس ع جامعجزا:

مرحوم شيخ مرتضى انصاري جو شاگردمرحوم آية الله عراقي نقل ٿو ڪري ته مون کي شيخ عبد الرحيم دزفولي (شوشتري) ٻڌايو تهمنهنجون ٻه حاجتون هيون ۽ منهنجي اها خواهش هئي ته اهي پوريون ٿين مان انهن حاجتنکي پورو ڪرڻ لاءِ حضرت علي عليه السلام امام حسين عليه السلام ۽ جناب عباس عليهالسلام جن جي حرمن ۾ درخواست ڪندو رهيس ليڪن مونکي ڪوبه جواب نه پيو ملي ۽ هڪ دفعيڪنهن مناسبت جي ڪري مان نجف کان ڪربلا ويس هن ڀيري به مون پنهنجن حاجتن کي امامحسين عليه السلام ۽ حضرت عباس عليه السلام جن جي حرمن ۾ بيان ڪيو ۽ درخواست ڪئيليڪن هن دفعي به ڪو اثر ڏسڻ ۾نه آيو هڪ ڏينهن جناب عباس عليه السلام جي روضي پاڪ ۾ويس ڏٺم ته ماڻهن جو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ انهن جي درميان هڪ شخص آهي جنهن جي چوڌاري هيترو هجوم آهي مون ان جو ان بابت پچيو مونکي ٻڌايائون ته هڪ شخص ڳوٺاڻو آهي جيڪو ڪافي عرصيکان بيمار هو ان جي مائٽن کيس حضرت عباس عليه السلام جي حرم ۾ آندو ۽ دعا گھريائونته هن مريض کي شفا ملي وئي، شيخ عبدالرحيم شوشتري چوي ٿو ته جڏهن مون اهو ٻڌومونکي ڏک ٿيو ۽ منهنجي طبعيت ۾ هڪ تبديلي اچي وئي ۽ هڪ ٿڌو ساهه ڀريم، پوءِ جنابعباس عليه السلام جي ضريح جي ويجھو ٿي چيم اي ابوالفضل منهنجون ٻه حاجتون اهي بهشرعي هيون مان توهان وٽ توهانجي ڀاءُ حسين ۽ توهان جي بابا علي جنکي بيان ڪندو رهيسليڪن مون کي ڪوبه جواب نه مليو ۽ هي صحرائي عرب جيئن ئي داخل ٿيو توهان کان سوالڪيائين هنکي شفا ملي وئي. هي چوي ٿو مان مولى کي پنهنجو درد دل بيان ڪيو ان کانپوءِ چيو ته مان چاليهه سال درسن ۾ مشغول رهيس ۽ مسلسل توهان جي زيارت ڪندو رهيس انجي باوجود به توهان جي نظر ۾ منهنجي عزت هڪ صحرائي عرب جيتري به ڪانهي بس مانوڌيڪ عراق ۾ ڪونه رهندس مان واپس ايران ٿو وڃان ان کان پوءِ آءُ حرم کان واپس آيس ۽نجف موٽڻ جو ارادو ڪيم ۽ اهو سوچيم ته اُتان کان آءُ ايران واپس ويندس، جڏهن آئوننجف پهتس صحن مطهر مان گذريم پئي تاڪه پنهنجي گھر وڃان وچ ۾ ملا رحمت الله جيڪو شيخانصاري جو نوڪر ۽ ملازم هيو تنهن سان ملاقات ٿي ان مونکي چيو ته شيخ انصاري توکي گھرايوآهي (شيخ عبدالرحيم شوشتري ، شيخ انصاري جي شاگردن مان آهي) مون چيو ته شيخ کي ڪئينخبر پئي ته شوشتري هاڻ نجف ۾ پهتو آهي؟ هن چيو اها مونکي خبر ناهي مونکي فقط ايتروچيائين ته شيخ عبدالرحيم شوشتري ڪربلا مان اچي پيو ان کي چئو ته گھر وڃڻ کان پهرئينمون کان ٿيندو وڃي بس پوءِ شيخ انصاري جي گھر ڏانهن وياسين در کڙڪايوسين شيخٻاهر آيو مونکي اندر گھرايائين۽ ملا رحمت الله کي چيائين ته تون وڃ پوءِ مونکي چيوتنهنجي هڪ حاجت کي آئون پورو ٿو ڪريان باقي ٻي حاجت لاءِ استخارو ڪراءِ اگر چڱو آيوته اها به تنهنجي حاجت پوري ٿي ويندي شوشتري چئي ٿو مان استخارو ڪرايو ڪرايواستخارو ڀلو آيو پوءِ اها به منهنجي حاجت پوري ڪيائون هن ساڳئي داستان کيمرحوم آيت الله بهجت به نقل ڪيو آهي ليڪن ڪجھ هن ريت آيت الله بهجت جن فرمائن ٿا تهشيخ عبدالرحيم شوشتري جون ٽي حاجتون هيو گھر خريد ڪرڻ جي حاجت، حج جي حاجت ۽ شاديءَجي حاجت.

بس جيئن شيخ انصاري جي خدمت ۾پهتو شيخ فرمايو ته هي پئسا وٺ ۽ فلان گھر وڃي وٺ ۽ فلان شخص تونکي حج جي لاءِموڪلي ٿو ۽ فلان شخص جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ جي لاءِ استخارو ڪر اگر استخارو ڀلو آيوته ان سان تنهنجي شادي به ڪرايان ٿو ۽ استخارو ڀلو ۽ نيڪ آيو هن جي شادي به ٿي ايئنئي هن جون ٽيئي حاجتون پوريون ٿي ويون13.

(9) حضرت عباس عليه السلام جواولاد

ڪتاب “عمدةالطالب” ۾ آهي ته جنابعباس جا ٻه پٽ هئا، عبدالله ۽ فضل ۽ هن ٻنهي شهزادن جي والده جو نالو لبابه بنتعبدالله بن عباس بن عبدالمطلب هو. مرحوم مقرم سندن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جناب لبابهعبيدالله بن عباس جي ڌيءَ هئي14.

حضرت عباس عليه السلام جن جو نسلفقط جناب عبيدالله مان آهي ڇو ته جناب فضل کي اولاد ڪونه ٿيو هو،۽ جناب عبيدالله جا به ٻه پٽ هئا عبدالله ۽ حسن، ۽ هن ٻنهين مان عبدالله کي ڪوبهفرزند نه هئو لهٰذا جناب عباس جي نسل جناب حسن مان آهي جيڪو سندس پوٽو آهي ۽ جنابحسن جي والده جناب عبدالله بن معبد بن عباس بن عبدالمطلب جي ڌيءَهئي15.

(10) حضرت عباس عليه السلام جيشهادت

ڏهين جي ڏينهن جڏهن جناب عباس ڏٺوته مولى حسين تنها بچيو آهي امام جن جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيائون ته اي آقا هن نوڪر کيبه موڪل ڏيو ته هيءُ توهان مٿان قربان ٿيان امام جن فرمايو ايعباس تون منهنجي فوج جو پرچمدار ۽ علمدار آهين آئون توکي ڪئين جنگ جي موڪل ڏيان؟ جڏهن امامڏٺو ته جناب عباس جنگ جو ارادو ڪيو آهي ته امام فرمائن ٿا جي اگر جنگ جي لاءِتيار آهين ته پهريان هنن پياسن ٻارن لاءِ پاڻي کڻي اچ. حضرت عباس جڏهن ٻارن جي العطشجو آواز ٻڌو مشڪ کنيائون ۽ گھوڙي تي سوار ٿيا ۽ هڪ نيزو کيائون ۽ فرات ڏانهن رواناٿيا چار هزارفوجي نهر فرات تي بيهاريا ويا هئا ته جيئن ڪو هتان پاڻي نه ڀري سگهيحضرت عباس عليه السلام جن انهن تي حملو ڪيو اسي ڄڻن کي قتل ڪيائون ۽ باقي فرار ڪريويا ان کان پوءِ حضرت عباس عليه السلام جن نهر فرات وٽ پهتا پهريان پاڻي هٿن ۾ کڻيپيئڻ جو ارادو ڪيائون ته امام حسين عليه السلام ۽ ننڍن ننڍن ٻارن جي پياس ياد آيناهو هٿن وارو پاڻي هاري ڪري فرمايائون((والله لا اذوق الماء و سيدي الحسين عطشان))خدا جو قسم آئون ڪئين پاڻي پيان جڏهن ته منهنجو آقاحسين ع پياسو آهي.

ان کان پوءِ مشڪ کي پاڻي سان ڀريائون پنهنجي ساڄي ڪلهي ۾ وجھي نهر کان ٻاهر اچي خيمن جي طرف روانا ٿيڻ لڳا جڏهن دشمنن اهو ڏٺو هر طرف کان حملو ڪيائون حضرت عباس عليه السلام شيهن وانگر انهن تي حملو ڪندا اڳتي هلندا ٿي ويا نوفل ازرق ۽ هڪ روايت موجب زيد بن ورقا هڪ کجي جي اوٽ وٺي حڪيم بن طفيل جي مدد سان مولى تي وار ڪيو جنهن سبب مولى جن جو ساڄو هٿ قطع ٿي ويو حضرت عباس عليه السلام جن مشڪ کي کاٻي ڪلهي تي رکيو ۽ تلوار کي کاٻي هٿ ۾ ڪري دشمنن تي حملو ڪرڻ لڳا ان کان پوءِ دشمنن وري وار ڪيو ۽ کاٻي ٻانهن قطع ٿي وئي ان وقت حضرت عباس عليه السلام مشڪ پنهنجي ڏندن ۾ قابو ڪئي حضرت عباس عليه السلام جي فقط اها خواهش هئي ته ڪنهن به نموني سان پاڻي خيمن تائين پهچي ليڪن اچانڪ هڪ تير مشڪ ۾ لڳو پاڻي زمين تي هارجڻ لڳو ۽ پاڻ زين تان زمين تي آيا ۽ فرمايائون ته اي ڀاءُ حسين عليه السلام اچ منهنجي مدد فرماء، امام حسين عليه السلام جڏهن اها صدا ٻڌي مقتل ۾ آيا جڏهن عباس ع کي ان حال ۾ ڏٺائون ته امام جن روئي ڪري فرمائن ٿاالآن انکسر ظهري وقلت حيلتي عباس تنهنجي وڃڻ کانپوءِ منهنجي ڪمر ٽٽي پئي آهي ڪتاب محرق الفوائد ” ۽ “مقتل ابن عربي” ۾ آهي ته جڏهن حضرت عباس عليه السلام جا بازو قلم ٿيا ۽ پاڻ زين تان زمين تي آيا ته امام حسين عليه السلام کي هڪل ڪري فرمايائون ته: ((يا اخاي ادرک اخاک)) امام جن گھوڙي تي سوار ٿيا ۽ ڀاءُ جي مدد لاءِ ميدان ڏانهن هلڻ لڳا اچانڪ امام جو جو گھوڙو رڪجي ويو ۽ پنهنجو سر امام ڏانهن ڪري روئڻ لڳو ۽ زمين ڏانهن اشارو ڪيائين جڏهن امام جن هيٺ ڏٺو ته حضرت عباس عليه السلام جي ڪٽيل هٿ تي نگاه پئجي امام جن نوڙي ان ڪٽيل هٿ کي کنيو ۽ پنهنجي سيني سان لاٿو ۽ فرمايو ته: ((الآن انکسر ظهري وقلت حيلتي