Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 61 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

ڏهين محرم الحرام سن 60 هجري ۾ڪربلا معلى جي سر زمين تي حضرت سيد الشهداء امام حسين عليه السلام جي عظيم ۽ بيمثال قرباني هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن الله تعالى جي دين ۽ تمام نبين جي مقصد کي هردورجي ظالم ۽ سر ڪش کان بچائي هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيو ،ان جي ڪري ائمه عليهمالسلام پنهنجو خدائي وظيفو سمجهندي هميشه ان ڪوشش ۾ رهندا هيا ته امام حسين عليهالسلام جي ذڪر کي هميشه زنده رکڻ آهي ،۽ ان عمل لاءِ ائمه عليهم السلام ٻن مهمطريقه ڪارن جي رهنمائي فرمائي اٿن ، جن کي ترتيب وار هتي بيان ڪجيٿو

.

1_امام حسين عليه السلام جيزيارت:

امام حسين عليه السلام جي زيارتجي باري ۾ ايتري قدر روايتون ذڪر ٿيون آهن جو هن مختصر مقالي ۾ ذڪر ڪرڻ گنجائش ئيناهي ،ليڪن وري به ڪجهه روايتن جي روشني ۾ سندن زيارت جي اهميت کي ذڪر ڪجي ٿو،ائمهعليهم السلام مان امام باقر عليه السلام جيڪي ڪربلا جي واقعي وقت موجود هئا ۽ اندردناڪ واقعي جا عيني شاهد هئا، جيئن ته پاڻ فرمائن ٿا ته آئون ان وقت ڇئن سالن جوهيس ،۽ اهي درد ناڪ منظر اڃان تائين مونکي ياد آهن. _1_

ان جي ڪري پاڻ ، امام حسين عليهالسلام جي ذڪر کي زنده رکڻ لاءِ هميشه پنهنجي شيعن کي سندن زيارت جي تمام گهڻي تڪيدڪندا هئا ،هڪ مقام تي پاڻ فرمائن ٿا ،اسان جي شيعن کي امام حسين عليه السلام جيزيارت جو حڪم ڪيو ، ڇاڪاڻ ته هر ان انسان تي سندن زيارت لازم آهي جيڪو کين پنهنجوامام ٿو تسليم ڪري _2_

هڪ ٻئي مقام تي امام حسين عليهالسلام سان محبت ڪرڻ ۽ سندن زيارت ڪرڻ جي باري ۾ فرمائن ٿا : جيڪو شخص اسان سانمحبت ٿو ڪري ان کي گهرجي ته امام حسين عليه السلام جي زيارت جو شوق پيدا ڪري ڇاڪاڻته اهل بيت سان محبت جو معيار ، حسين عليه السلام سان محبت ڪرڻ ۽ سندن زيارت ڪرڻآهي _3_

اهڙي طرح فرمائن ٿا : الله تعالىامام حسين عليه السلام جي ان عظيم قرباني جي ڪري کين چار شيون عطا ڪيون آهن .1ـسندن نسل ۾ امامت کي رکيائين 2ـ سندن تربت (خاڪ) ۾ شفاء جو اثر عطا ڪيائين 3ـ سندنقبر مبارڪ جي نزديڪ دعا جي قبوليت قرار ڏنائين 4ـ سندن زائرن جي اچ وڃ واري وقت کيان جي عمر مان حساب نه ڪرڻ جو واعدو ڏنائين . _4_

اهڙي ريت امام جعفر صادق عليهالسلام جن ،حضرت سيدالشهداء جي زيارت کي رسول الله ﷺ جي حقن مان هڪ حق جي طور تيياد ٿا ڪن . پاڻ فرمائن ٿا : جيڪڏهن توهان مان ڪو ماڻهو سڄي عمر حج ڪندو رهي ، پرامام حسين عليه السلام جي زيارت نه ڪري ته ان رسول خداﷺ جي حقن مان هڪ حق کي ضايعڪيو ، ڇو جو حسين عليه السلام جو حق الله تعالى جي طرفان هڪ اهڙو فريضو آهي جيڪو هرمسلمان تي واجب آهي. _5_

اهڙي طرح پاڻ هيٺين چند روايتن ۾امام حسين عليه السلام جي زائر (زوار) جي قيامت جي ڏينهن عظمت ، مقام ۽ اجر کي بيانڪندي فرمائن ٿا : قيامت جي ڏينهن الله تعالى ،امام حسين عليه السلام جي زائر کيجيڪو مقام عطا ڪندو ،انکي ڏسي هر انسان اهئي تمنا پيو ڪندو ته ڪاش هو به سندن زائرهجي ها ._6_

وري فرمائن ٿا : جيڪو شخص چاهي تههو قيامت جي ڏينهن نور جي دستر خوانن تي هجي ته ان کي گهرجي ته حسين بن عليعليهماالسلام جو زيارتي ٿئي _7_

۽ فرمائن ٿا : قيامت جي ڏينهنامام حسين عليه السلام جي زوار کي ٻين ماڻهن تي هڪ خاص فضيلت حاصل هوندي ، راوي پڇڻلڳو ، مولا اها ڪهڙي فضيلت هوندي ؟ته امام عليه السلام جن فرمايو ته :سندن زوار ٻينماڻهن کان چاليهه سال پهرين جنت ۾ دال ٿيندو ، جڏهن ته ٻيا ماڻهوحساب و ڪتاب جيمرحلي ۾ مصروف هوندا _8_

سوچڻ جو مقام آهي ته قيامت جيڏينهن جو اندازو پنجاه هزار سال هوندو ، ته پوءِ ان جا چاليهه سال ڪيتري سالن جيبرابر هوندا ان جو علم ته ا جي ذات کي ئي ٿي سگهي ٿو ، اهوئي سبب آهي جو جڏهن هڪروايت ۾ راوي امام جعفر صادق عليه السلام کان مظلوم ڪربلا حضرت امام حسين عليهالسلام جي زيارت جي ثواب جي باري ۾ سوال ٿو ڪري ته ڪيترن حجن ۽ ڪيترن عُمرن جو ثوابآهي ؟ امام عليه السلام فرمايو : ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ، راوي پڇڻ لڳو،آيا سئو حجن يا سئو عُمرن جو ثواب آهي ؟ امام عليه السلام جواب ڏنو ،ان جو اندازوڪير لڳائي سگهي ٿو ؟ راوي وري سوال ڪرڻ لڳو ،آيا هزار حجن ٽ عُمرن جو ثواب آهي ؟ تهامام عليه السلام جواب ۾ فرمايو :ان کان به وڌيڪ ،پوءِ هن آيت جي تلاوت فرمايائون :“ وان تعدوا نعمه الله لا تحصوها _9_ يعني جيڪڏهن الله جي نعمتن کي شمار ڪرڻ چاهيوته شمار نه ڪري سگهندئو .

بهرحال سندن زيارت جي عنوان سانڪيتريون ئي روايتون آهن ،جيڪي بحارالانوار،وسائل الشيعه، ڪامل الزيارات ۽ ٻين ڪتابن۾ ڏسي سگهجن ٿيون ، حجه الاسلام سيد محمد نجفي يزدي سندس ڪتاب اسرار عاشورا ۾ حديثن۽ روايتن مان امام حسين عليه السلام جي زيارت جي فضيلت تي مشتمل چاليهه عنوانن کيذڪر ڪيو آهي . سندن زيارت کي ايتري قدر اهميت ڏيڻ جو مطلب هي آهي ته سندن ياد ۽ ذڪرهميشه دلين تي باقي رهي ۽ ان هدف جي پيش نظر ئي ائمه عليهم السلام ،تقيي ۽ خوف واريسخت حالات ۾ بهپنهنجي شيعن کي امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هئا، پوءِ ڇاهي اها زيارت مختصر ئي ڇو نه هجي.

جئين ته هڪ روايت ۾ امام جعفرصادق عليه السلام ان راهه کي هميشه جاري رکڻ لاءِ يونس بن طبيان کي تقيي جيسختحالات ۾ بهامام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ جو هڪم هن ريت فرمائن ٿا: “ جڏهنفرات جي ڪناري تي پهچين ته غسل ڪري پاڪيزه لباس پائي ۽ پوءِ امام حسين عليه السلامجي قبر مبارڪ جي ويجهو وڃي ٽي دفعه چئو “السلام عليڪ يا ابا عبدالله الحسين ” تهتنهنجي زيارت ٿي ويندي. _10_

ان کان علاوه ، جمعي جي راتين ۾ ۽سال جي ٻين با برڪت راتين جهڙوڪ قدر جي راتين ، عيد فطر ، عيد الاضحى، پندرنهنشعبان جي راتين ۽ يهڙين ٻين راتين ۾ زيارت عاشورا پڙهڻ جي تمام گهڻي تاڪيد به انحقيقت کي وڌيڪ آشڪار ٿي ڪري ڇڏي.

2_امام حسين عليه السلام جيعزاداري

امام حسين عليه السلام جي مقصد کيباقي رکڻ لاءِ ائمهعليهم السلام ٻئيجنهن طريقه ڪار ڏانهن رهنمائي فرمائي اٿن ، اهو سندن دردناڪ شهادتتي عزاداري ،گريو ۽ مجلس عزا برپا ڪرڻ آهي.

اهوئي سبب آهي جو امام زينالعابدين عليه السلام کان وٺي امام زمانه عجل الله تعالى فرجه الشريف تائين هر امامان ذڪر کي باقي رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ،امام زين العابدين عليه السلام جنرمضان المبارڪ جي هرروزي جو افطار سندن پياري ۽ مظلوم بابا ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن جيياد سان ڪندا هئا. ۽ واه ڪربلا واه ڪربلا جا ويڻ ڪري ، هميشه اهو جملو پنهنجي زبانمبارڪ تي جاري ڪندا هئا ته فرزند رسول کي پياس جي حالت ۾ قتل ڪيو ويو ۽ اهو جملوورجائيندي ايترو ته روئيندا هئا جو سندن لباس به آلو ٿي ويندو هوـــ11ـــ

پاڻ پاڻي ڏسندا هئا ته مظلومڪربلا جي پياس کي ياد ڪري روئيدا هئا ، کاڌو ڏسندا هئا ته شهيد ڪربلا جي بک کي يادڪري روئيندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن سندن روئڻ تي اعتراض ڪيو ته پاڻ فرمايائون :افسوس جوحضرت يعقوب عليه السلام پنهنجي هڪ فرزند حضرت يوسف عليه السلام جي ڪري ايترو رنو جواکيون سفيد ٿي ويس ، جڏهن ته سندس فرزند زنده ۽ سالم هو ليڪن مون ته پنهنجين اکينسان پنهنجي پياري بابا ۽ اهل بيت جي هڪ جماعت کي شهيد ٿيندو ڏسي آيو آهيان تهپنهنجي گريي کي ڪئين ٿو روڪي سگهان ــــ12ــــ

امام محمد باقر عليه السلام جن جودور اهڙو هو جنهن ۾ امام حسين عليه السلام جي عزاداري ڪرڻ ۽ مجلس ڪرائڻ تي تمام سختپابندي هئي ، بني اميه هر اهڙي عمل تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي ، جنهن سان امت اسلامي۾ بيداري جي لهر پيداٿئي ۽ ظالم جو چهرو رسوا ٿئي ، ان جي ڪري امام محمد باقر عليهالسلام پنهنجي چند صحابين سان گڏجي ، مظلوم ڪربلا جي عزاداري ۽ مجلس کي بر پاڪرائيندا هئا ، ۽ ان دورجي معروف شاعرن جهڙوڪ ڪميت بن زيد اسدي ۽ ٻين کي گهرائيشهيد ڪربلا جو ذڪر ڪرائيندا هئا ـــ13ـــ پاڻ عاشور جي ڏينهن پري يا ويجهي کان امامحسين عليه السلام جي زيارت جي باري ۾ اهو فرمائن ٿا ته : امام حسين عليه السلام تيگريو ۽ زاري ڪرڻ گهرجي ، ۽ پنهنجي گهر وارن کي به مظلوم ڪربلا تي روئڻ جو چيو وڃي ۽پنهنجي گهر ۾ چيخ ۽ پڪار سان ان مصيبت جو تذڪرو ڪري ، هڪ ٻئي کي ان مصيبت جي تعزيتڏجي ۽ جيڪو به ائين ڪندو ته آئون ٻه هزار حجن ، ٻه هزار عُمرن ۽ ٻه هزار جهادن جيثواب جو ان لاءِ ضامن آهيان . ـــ14ــ

عبدالله بن سنان روايت ٿو ڪري ته : ڏهين محرم الحرام جي ڏينهن امام جعفر صادق عليه السلام جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ،ته ڪافي شيعن جو ميڙ امام جي خدمت ۾ موجود هو ، سندن چهرو غمگين هو۽ رخسار مبارڪ تيلڙڪ جاري هئا ، مون عرض ڪيو فرزند رسول : خدا توهان جي نيڻن کي نه روئاري ،ڇو روئيرهيا آهيو؟ ته امام عليه السلام فرمايو : تو کي خبر ناهي ته اڄوڪي ڏينهن تي امامحسين عليه السلام شهيد ڪيا ويا ، امام عليه السلام تي ايترو گريو طاري ٿيو جو پاڻاڳتي ڪلام نه ڪري سگهيا، اهو منظر ڏسي ، سڀ ماڻهو گريو ڪرڻ لڳا. ـــ15ـــ

ان روايت مان ائين ٿو لڳي ته امويخاندان جي طرفان امام حسين عليه السلام جي عزاداري تي ايتري پابندي ڇانيل هئي جوائمه عليهم السلام جا ويجها صحابي ۽ شاگرد به بي خبري جي عالم ۾ زندگي گذاري رهياهئا. پاڻ هڪ مرتبه ان وقت جي مشهور شاعر جعفر بن عثمان کي سندن خدمت ۾ امام حسينعليه السلام جي باري ۾ شعر پڙهڻ جو چيائون، جعفر جي شعر پڙهڻ تي پاڻ ۽ سندن خدمت ۾ويٺل مومن تمام گهڻو رنا ۽ پوءِ فرمايائون ته : اي جعفر هن مجلس ۾ الله تعالى جامقرب فرشتا ويٺا هئا ۽ تنهنجو آواز ٻڌي روئي رهيا هئا جيئن اسان روئي رهيا هئاسين ۽هن وقت الله تعالى تنهنجي لاءِ بهشت کي واجب ڪري ڇڏيو اٿس ۽ تنهنجي گناهن کي بخشڪريو ڇڏيو اٿس ، پوءِ فرمايائون : جيڪو شخص امام حسين عليه السلام جي لاءِ پڙهي،پاڻ به روئي ۽ ٻين کي به رئاري ته خدا ان لاءِ بهشت کي واجب ٿو ڪري ڇڏي ۽ ان جيگناهن کي معاف ٿو ڪري ڇڏي . ــ16ـــ

امام موسى ڪاّظم عليه السلام بهپنهنجي مظلوم ڏاڏي جي شهادت کي ياد ڪري روئنداهئا ،امام رضا عليه السلام جن فرمائنٿا : محرم جي مهيني اچڻ کانپوءِ منهنجي بابا کي ڪڏهن به کلندڙ چهري سان نه ڏٺوويندو هو ۽ مظلومڪربلاجيشهادت جو ڏکسندن پوري جسم کي وڪوڙيويندوهو ۽ جڏهن ڏهين محرمجو ڏينهن ايندو هوته اهو سندن مصيبت، غم ۽ روئڻ جو ڏينهن هوندو هو ۽ اهو فرمائينداهئا ته هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ حسين عليه السلام شهيد ڪيا ويا . ـــ17ــ

امام رضا عليه السلام حضرتسيدالشهداء جي ياد ۾ ان وقت جي محب اهل بيت شاعر دعبل خزاعي کي گهرائي مجلس جواهتمام ڪرائيندا هئا ، امام رضا عليه السلام جي خدمت ۾ دعبل خزاعي جا پڙهيل شعرتمام گهڻا معروف آهن، مظلوم ڪربلا تي مظلوميت تي روئڻ جي باري ۾ امام رضا عليهالسلام ريان بن شبيب کي فرمايائون : اي شبيب جا فرزند اگر حسين عليه السلام تي ائينروئين جو ڳوڙها تنهنجي رخسارن تي وهڻ شروع ٿي وڃن ته الله تعالى تنهنجي سڀني گناهنکي معاف ڪري ڇڏيندو۽ پوءِ فرمايائون ته :اگر چاهين ٿوته بهشت جي درجن ۾ اسان سان گڏهجين ته اسان جي غمن ۾ غمگين رهه ۽ اسان جي خوشين ۾ خوش ـــ18ـــ

امام محمد تقي عليه السلام جيزماني ۾ امام حسين عليه السلام جي عزاداري کلم کلا شيعن جي گهرن ۾ ٿيندي هئي ، پرمعتصم عباسي کان پوءِ ان جي جانشين عزاداري ۽ امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جيشهيدن جي زيارت ڪرڻ کان سختي سان منع ڪيائون .

امام علي نقي عليه السلام جو دوربه تمام سخت ترين دور هو ، ايستائين جو ان زماني جي حڪمران متوڪل ظلمن جي انتها ڪريڇڏي، ان ملعون جي حڪم سان امام حسين عليه السلام جي قبر مبارڪ کي مسمار ڪيو ويوايستائين جو قبر مبارڪ جو نشان به باقي نه رهيو. متوڪل جي ڇاڙتن ڪربلا جي رستي تيهڪ چوڪي لڳائي ڇڏي هئي ، جتي امام حسين عليه السلام جي زائرين کي پڪڙي سخت سزائونڏنيون وينديون هيون .ـــ19ــــ

اها وضعيت امام حسن عسڪري عليهالسلام جي زماني تائين باقي رهي، پر ائمه عليهم السلام جي شيعن ۽ پيروڪارن هميشهاموي ۽ عباسي خاندان جي ظلمن جو مقابلو ڪري عزاداري کي جاري رکيو . امام زمانه عجلالله تعالى فرجه الشريف به سندن آباء و اجداد جي روشن کي اڄ تائين جاري رکيو اچنزيارت ناحيه جا دردناڪ جملا ان حقيقت جا بهترين گواهه آهن ، اڄ به وقت جو امامپنهنجي مظلوم ڏاڏي کي مخاطب ٿيندي اهو فرمائيندي نظر اچن ٿا “ لاندبنڪ صباحا ومساحاولا بڪين عليڪ بدل الدع دما” ڏاڏا حسين آئون صبح ۽ شام توتي چيخون ڪري روئان ۽ توتيڳوڙهن جي بدران ون جا نير وهايان

ڪمپوزنگ: مداح حسين مخلصي

 

حوالا

  1. امام باقر ، الگوي زندگي ، حبيب الله احمد .
  2. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص236.
  3. وسائل الشيعه، حر عاملي، ج14، ص432.
  4. وسائل الشيعه، حر عاملي، ج14، ص423.
  5. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص238.
  6. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص258.
  7. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص258.
  8. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص262.
  9. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص222.
  10. وسائل الشيعه، حر عاملي، ج10، ص357.
  11. پاسخ به شبهات عزاداري، حين رجبي ، ص13.
  12. ڪامل الزيارات ، جعفر بن محمد قولويه،ص213.
  13. پاسخ به شبهات عزاداري، حين رجبي ،ص113.
  14. وسائل الشيعه، حر عاملي، ج14، ص509.
  15. امالي ، شيخ صدوق ، مجلس27 .
  16. بحارالانوار ، محمد باقر مجلسي ، ج44، ص283 .
  17. بحارالانوار ، محمد باقر مجلسي ، ج44، ص284 .
  18. امالي ، شيخ صدوق ، مجلس27 .
  19. مقاتل الطالبين ، ابوالفرج اصفهاني، ص395 .