Get Adobe Flash player

روئڻ هڪ فطري عمل آهي ،جنهن جو پهريون دليل هي آهي ته بغيرڪنهن مذهب ۽ ملت جي قيد جي هر انسان جڏهن به ڪنهن ۾ مصيبت ۾ ڦاسي ٿو ،يا ڪو عزيز۽ پيارو ماڻهووڃائي ويهندو آهي ته سندس اکيون خود به خود ڳوڙها ڳاڙينديون آهن .جيتري وڌيڪ مصيبت هوندي ايترو ئي وڌيڪ سندس دل کي جهٽڪو لڳندو آهي ۽ روئڻ به انهي ڳالهه کي سمجهائيندو آهي .

دين اسلام پڻ اهڙي فطري عمل جي تصديق ڪري ٿوانهي ڪري قرآن مجيد ۾ ڪيترائي مرتبه روئڻ کي سٺي نگاه سان بيان ڪيو ويو آهي جنهن جو بهترين مثال حضرت يعقوب عليه السلام جو قصو آهي.

تاريخ ۾ به اهڙا ڪيترائي اهڙا واقعا ذڪرٿيا آهن جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نه رڳو اسلام جي شروعاتي دور ۾ بلڪه 300 سال بعد امام زمانه عج جي غيبت ڪبرى جي شروعات کان پوءِ به مصيبت تي روئڻ ، پنهنجي پيارن جي محبت ۾ ماتم،مرثيه خواني ۽ عزاداري رائج هئي ۽ اهو ڪم نه رڳو مذهب شيعه بلڪه ٻين اسلامي فرقن ۾ مرسوم هئو ۽ اهي به پنهنجي عزيز واقارب جي سلسلي ۾ عزاداري ۽ گريو ۽ ماتم قائم ڪندا هئا.

رسول اڪرم ص جي سيرت هر مسلمان جي لاءِ نمونه عمل آهي لهذا انهي سلسلي ۾ پاڻ سڳوري ص جو عمل به قابل غور آهي ، حضور اڪرم ص جي زندگي ۾ جيڪي غم ڀريا جا واقعا پيش آيا ۽ انهن تي رسول اڪرم ص جهڙي طرح پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو اهو هر ايمان واري لاءِ محڪم دليل۽ ڪامل برهان آهي .

هتي اسان مختصر طريقي سان ان سلسلي ۾ اهل سنت جي ڪتابن مان نبي اڪرم (ص) جي سيرت جا ڪجهه چونڊ واقعا بيان ڪيون ٿا.

1_ شهداءَ احد ۽ حضرت حمزه جي شهادت جي سلسلي ۾ مدينه ۾ عزاداري۽ ماتم برپا ٿيو ،اهو به تاريخ ۾ محفوظ آهي ، ته جناب حمزه رضه جي شهادت مسلمانن جي لاءِ تمام گهڻي غم آور هئي ۽ انهي کان علاوه جيڪي ٻيا شهيد ٿيا هئا انهن جي لاءِ باقاعدگي سان ماتم ۽ عزاداري ڪئي وئي هئي ،پاڻ سڳورا ص انصار جي هڪ پاڙي کان گذري رهيا هئا ته عورتن جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ،ته جناب پيغمبر ص جي اکين ۾ آنسو اچي ويا ۽ فرمايائون ته : افسوس جو منهنجي چاچي حمزي تي روئڻ وارو ڪير ڪونهي. هي جملو انصار ۽ مهاجرين جي عورتن تي ايترو اثر انداز ٿيوجو انهن پنهنجي شهيدن کي وساري ،حضرت حمزه ص جي ماتم ۽ عزاداري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويون .

(سيره حلبيه ج2 _منتخب ڪنزالعمال ج2)

صرف اهو ئي نه بلڪه سيره حلبيه ۾ انهي سلسلي جو واقعو نهايت ئي عجيب نموني سان نقل ٿيل آهي ،اهو هي ته :اسان رسول اڪرم ص کي حضرت حمزه جي شهادت تي ائين روئيندو ڏٺو جو اهڙو روئيندڙ ڪنهن کي به نه ڏٺو هيو جيئن رسول اڪرم ص گريو ڪري رهيا هئا.

حضور اڪرم ص حضرت حمزه جي جنازي کي قبله ڏانهن منهن ڪري رکيو۽ ان جي سامهون بيهي وڏي آواز ۾ روئي رهيا هئا ، ايستائين جو بيهوش ٿي ويا ،هوش ۾ اچڻ کان پوءِ فرمائڻ لڳا : اي رسول خدا ص جا چاچا ،اي شير خدا جا، اي رسول خدا جا شينهن چاچا..... ۽ ائين ئي حضرت حمزه رضه جا فضائل ۽ نيڪيون بيان ڪري رهيا هئا.

(سيره حلبيه ج2 حوادث جنگ احد)

انهيءَ سلسلي ۾ مغازي واقدي ، ج1، الاستيعاب عبدالبر، اسدالغابه ابن اثير ۽تاريخ طبري ج1 ۾ به اهڙي ئي قسم جو واقعو نقل ٿيل آهي.

ابن هشام پنهنجي ڪتاب سيره نبويه ۾ ته ايستائين لکيو اٿس ته جنگ احد کان پوءِ ڪجهه شاعرن جنگ احد جي شهيدن ۽ خصوصا جناب حمزه جي باري ۾ مرثيه پڙهيا هئا ، جهڙوڪ حسان بن ثابت ،ڪعب مالڪ ،عبدالله بن رواحه، ضراربن خطاب. ايستائين جو حضرت حمزي جي ڀيڻ صفيه به مرثيو پڙهيو.

2_ جنگ تبوڪ ۾ لشڪر اسلام جي ڀائرن زيد بن حارث ،جعفر بن ابي طالب ۽ عبدالله بن رواحه جي شهادت جي خبر تي جناب پيغمبر ص جون اکيون روئڻ هارڪيون ٿي ويون جڏهن ته اهي شهيد ٿيا هئا رسول خدا انهن لاءِ غم ڪيو خوشي نه ڪئي.( ڏسوصحيح بخاري ڪتاب فضائل اصحاب في غزوه تبوڪ)

تاريخ گواهه آهي ته حضور اڪرم ص نه رڳو پنهنجي عزيزن جي شهادت تي رونو ۽ ماتم ڪيائين ، بلڪه پنهنجي اصحاب ۽ انصار جي سلسلي ۾ به ائين ئي گريو ڪيائين ،جئين گريو ڪندا هيا.

(ارشادالباري في شرح صحيح بخاري ج2)

احمد بن حنبل نقل ڪري ٿو ته : زار النبي ص قبر امه فبکى و بکى من حوله (مستند ،ج2 ص144) حضور اڪرم ﷺ جڏهن پنهنجي ماءُ جي قبر جي زيارت ڪئي ته پاڻ به رُنا ۽ ساڻن گڏ اصحاب به رُنا.)

انهي واقعي کي سنن نسائي جي ڪتاب الجنائز ۾ به ڏسي سگهجي ٿو.

انهن واقعن کان علاوه پاڻ سڳورن جي پاڪ زندگي ۾ به اهڙا واقعا ملن ٿا جيڪي انهي ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته ميت ۽ خاص طور جيڪي اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿي وڃڻ وارن تي ماتم ۽ روئڻ انساني فريضو نه بلڪه اسلام جي هڪ قطعي سنت آهي.

سنت رسول خدا ص کان علاوهه تاريخ صحابه ڪرام جي عزاداري کي به پنهنجي دامن ۾ محفوظ ڪيو آهي ، ايستائين جو انس بن مالڪ کان نقل ٿيل آهي ته حضور اڪرم جي جي وفات کان پوءِ ابو بڪر ، عمر کي چيو ته: ام ايمن وٽ هلون ٿا جيئن ئي انهيءَ وٽ پهتا ته ام ايمن روئڻ شروع ڪيو ،ابوبڪر چيو ته روئڻ ڇا لاءِ آهي ؟ خدا وٽ پنهنجي رسول جي لاءِ بهترين انعام ۽ ٻئي تعظيم به آهي، ام ايمن چيو ته مونکي خبر آهي ، ليڪن منهنجو روئڻ انهيءَ لاءِ آهي ته حضور اڪرم جي وفات جي سبب وحي ۽ آسماني احڪام قطع ٿي ويا آهن .ايترو چئي وري روئڻ ۾ مشغول ٿي وئي انهي کي روئيندو ڏسي ابوبڪر ۽ عمر به روئڻ لڳا.

(دلائل النبوه ابوبڪر بيهقي ،ج7_صحيح مسلم ڪتاب فضائل الصحابه حديث ، ص301)

مٿين حديثن مان ڪرڻ خبر پئجي وڃي ٿي ته اسلام پنهنجي عزيزن يا شهيدن مٿان روئڻ ۽ انهن لاءِ گريو زاري ماتم عزادري ڪرڻ نه فقط جائز آهي بلڪه سيرت رسول الله ص مان پڻ ثابت آهي.