Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 60 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

مقدمو

ڪنهن به قوم ۽ ملت ۾ اگر ڪو ڏينهن عيد جي حيثيت اختيار ڪندو آهي ، ان جو بنيادي عنصر هڪ سعادت بخش ۽ خوشحال ڪندڙ واقعو هوندو آهي جيڪو ڪنهن به وقت رونما ٿي ان ڏينهن کي ٻين سڀني ڏينهن کان انوکو ۽ ممتاز ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهون ان ڏينهن کي عيد جو ڏينهن چوندا آهن ۽ ان کي پنهنجي آئين ، رسمن ۽ رواجن مطابق هر سال وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن.

اسلامي ثقافت ۾ اهڙي بنيادي عنصر کي خدا طرفان عطا ٿيندڙ نعمت چيو ويندو آهي جيڪا انسان جي سعادت ۽ خوشبختي جو باعث ٿيندي ان ڏينهن کي عيد جي حيثيت ڏئي ڇڏيندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر انسان تي اهو لازم بڻجي ويندو آهي ته ان نعمت جي عطا ڪرڻ واري جو شڪريو بجا آڻي ۽ هر سال ان ڏيهن کي ان جي آداب سان زنده رکي، ان معيار مطابق غدير جو ڏينهن ئي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جيڪو سڀني ڏينهن کان افضل ۽ با عظمت ڏينهن آهي ؛ ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن خدا جو دين ڪامل ٿيو ۽ ان جون نعمتون انسانن تي پوريون ٿي ويون، ان مطلب جي واضح ٿيڻ لاءِ هتي غدير جي تاريخ جو مختصر طور تي ذڪر ڪجي ٿو :

پاڻ سڳورن (صلي الله عليه آله و سلم ) جي زندگيءَ جا آخري مهينا رحمت جي بادل جيان ماڻهن جي سرن تان گذري رهيا هئا ۽ نبي سائين ڪعبة الله ۾ سندن آخري حج انجام ڏنيون هزارن جي تعداد ۾ حاجين سان گڏ مديني ڏانهن واپس موٽي رهيا هئا ، جڏهن جحفه جي نزديڪ غدير خم جي مقام تي بهتا ته اچانڪ سڀني حاجين کي بيهڻ جو حڪم ڏنائون جنهن کان پوءِ ڪجھ ماڻهن وڏي آواز سان قافلي جي اڳيان وڃڻ وارن کي رڪجڻ جي دعوت ٿي ڏني ۽ پوئتي رهجي وڃڻ وارن جو انتظار ٿي ڪيائون ، گرمي ايتري ته شديد هئي جو سج سرن مٿان بيٺو هو ۽ اهڙي صحرا ۾ نه ڪا ڇانو هئي ۽ نه ئي ڪا ساوڪ ۽ نه ڪو وڻ. اهڙي حال ۾ رڪجڻ جي حڪم جو سبب خدا جي طرفان نازل ٿيندڙ وحي هئي جنهن ۾ ارشاد ٿيو ته :

يا ايها الرسول بلّغ ما انزل من ربّک و ان لم تفعل فما بلّغت رسالته والله يعصمک من النّاس انّ الله لايهدي القوم الکافرين . [1]

اي پيغمبر! پهچاءِ اهو پيغام جيڪو تنهنجي رب جي طرف کان تنهنجي طرف نازل ڪيو ويو آهي اگر تون ائين نه ڪيو ته ڄڻ تون ان جي رسالت کي نه پهچايو ۽ الله توکي انهن ماڻهن جي شر کان محفوظ رکندو. يقينا الله ڪافرن کي هديت نه ڪندو آهي.

حاجين جي ان عظيم اجتماع کان پوءِ جڏهن نماز ظهر ادا ڪئي وئي ته پاڻ سڳورن(صلي الله عليه آله و سلم ) لاءِ اٺن جي پلاڻن جو هڪ عظيم منبر بڻايو ويو جتي رسول اڪرم(صلي الله عليه آله و سلم ) بيٺا ۽ بيهڻ جو انداز هڪ خاص نوعيت جو هو ؛ ڇاڪاڻ ته نبي ڪريم(صلي الله عليه آله و سلم ) اهو پيا چاهين ته خدا جي طرفان موڪليل پيغام انهن تائين پهچائن ۽ کين اهو ٻڌائن ته رسالت جي خلا (خال) کي امامت ئي پر ڪندي ۽ توهان سڀ مون کان پوءِ منهنجي وصي جي رهبري ۾ ئي هميشه سعادت ماڻيندا ۽ هو دين جو پرچمدار هوندو جيڪو توهان کي نجات جي ڪناري تائين پهچائيندو ۽ پوءِ پاڻ سڳورن(صلي الله عليه آله و سلم ) پنهنجي جانشيني لاءِ حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام جي امامت جو اعلان ڪيو جنهن اعلان سان مومن خوشي ۾ نه ٿي ماپيا ۽ منافق ۽ ڪافر مايوسي ۽ نااميدي جي دريا ۾ غرق ٿيندا نظر آيا ، ۽ ان اعلان کان پوءِ خدا جو دين ڪامل ٿيو ۽ ارشاد الٰهي ٿيو ته :

اليوم يئس الذين کفروا من دينکم فلا تخشوهم اخشون اليوم اکملت لکم دينکم اتممت عليکم نعمتي و رضيت لکم الاسلام دينا . [2]

۽ ڪافر توهان جي دين کان مايوس ٿي ويا لهذا تون انهن کان نه ڊڄ ۽ مون کان ڊڄ . اڄ مون توهان لاءِ دين کي ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمتن کي پورو ڪري ڇڏيو ۽ توهان لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته غدير فقط تاريخي حيثيت ئي نه ٿو رکي بلڪه غدير هڪ فڪر ۽ عقيدو آهي ۽ اهڙو نشان آهي جيڪو رسالت جي سلسلي جي اڳتي وڌڻ جي حڪايت ڪري رهيو آهي ، ۽ هڪ اهڙو ڏينهن جنهن ۾ دين ڪامل ٿيو ۽ نعمتون پوريون ٿي ويون ، ۽ حقيقت ۾ اهو ئي راز ۽ رمز آهي تمام عيدن کان غدير جي افضل ۽ باعظمت هجڻ ۾ ؛ ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن رونما ٿيندڙ هن واقعي قيامت تائين انسانن لاءِ هڪ سعادت ڀري زندگيءَ جي ضمانت ڏئي ڇڏي.

عيد غدير ، پيغمبر اسلام(ص) جي سنت

عيد غدير جي ابتداء پيغمبر اڪرم(صلي الله عليه آله و سلم ) جي زماني کان ٿي، ۽ پاڻ سڳورن(صلي الله عليه آله و سلم ) هن ڏينهن کي عيد قرار ڏنو ؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن نبي ڪريم(صلي الله عليه آله و سلم ) پنهنجي آخري حج انجام ڏيڻ کان پوءِ غدير خم جي مقام تي حاجين جي عظيم اجتماع ۾ حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام جي امامت جو اعلان ڪيو ته پوءِ پاڻ هڪ خيمي ۾ ۽ حضرت علي کي ٻئي خيمي ۾ ويهاريائون ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن ، جن ۾ شيخين ( ابوبڪر ۽ عمر ) ۽ قريش و انصار جون وڏيون شخصيتون موجود هيون ، کي حڪم ڏنائون ته حضرت علي عليه السلام وٽ اچن ۽ ان جي بيعت ڪن ۽ خدا جي طرف کان امامت جي رتبي تي فائز ٿيڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪن ، ۽ اهڙو ساڳيو ئي حڪم پاڻ سڳورن(صلي الله عليه آله و سلم ) سندن گھروارين کي پڻ ڪيو. [3] ان وقت پاڻ سڳورا ايترا ته خوش هئا جو فرمايائون :الحمد لله الذي فضّلنا علي العالمين .

۽ ان ڏينهن کي مڙني مسلمانن لاءِ اسلام جي افضل ۽ عظيم ترين عيد قرار ڏنائون ۽ فرمايائون:

يوم الغدير افضل اعياد امّتي و هو اليوم الذّي امرني الله تعالي ذکره بنصب اخي علي بن ابي طالب علما لامتي يهتدون به من بعدي و هو اليوم الذّي اکمل الله فيه الدين و اتمّ علي امتي فيه النعمة و رضي لهم الاسلام دينا . [4]

غدير جو ڏينهن منهنجي امت جي ٻين سڀني عيدن کان افضل ترين ڏينهن آهي ، هي اهو ڏينهن آهي جڏهن خداوند متعال مون کي حڪم ڪيو ته آءُ پنهنجي ڀاءُ علي ابن ابي طالب عليه السلام کي پنهنجي امت لاءِ هدايت جي پرچم جي عنوان سان منصوب ڪيان تاڪه مون کان پوءِ ان جي ذريعي هدايت پائن ۽ هي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن خدا دين کي ڪامل ڪيو ۽ نعمتن کي منهنجي امت تي پورو ڪيو ۽ انهن لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيو.

پاڻ سڳورن(صلي الله عليه آله و سلم ) هن ڏينهن کي عيد قرار ڏيڻ کان پوءِ سڀني کي فرمايو ته مون کي مبارڪ ڏيو :

هنّئوني ، هنّئوني انّ الله تعالي خصّني بالنّبوة و خصّ اهل بيتي بالامامة . [5]

مبارڪ ڏيو مون کي ، مبارڪ ڏيو مون کي، خداوند متعال مون کي نبوت سان مخصوص ڪيو ۽ منهنجي اهل بيت کي امامت سان مخصوص ڪري ڇڏيو .

هن ڏينهن جو عيد هجڻ ايترو ته واضح ۽ روشن هو جو يهودين جي هڪ ٽولي عمر بن خطاب کي چيو :

انّکم تقرون آية في کتابکم لو علينا معشر اليهود نزلت لاتخذناذلک اليوم عيدا... .

توهان پنهنجي آسماني ڪتاب ۾ هڪ آيت جي تلاوت ڪندا آهيو اگر اها آيت اسان يهودين تي نازل ٿئي ها ته اسان ان ڏينهن تي عيد ملهايون ها . عمر کانئن پڇيو ته : توهان جي مراد ڪهڙي آيت آهي ته يهودين چيو آيه :

اليوم اکملت لکم دينک و اتممت علکم نعمتي...

عمر جواب م چيو : خدا جي قسم ! آءُ ڄاڻان ٿو ته هي آيت ڪهڙي ڏينهن ۽ ڪهڙي ٽائم نبي اڪرم تي نازل ٿي هئي . [6]

عيد غدير ۽ ائمه عليهم السلام

پيغمبر اڪرم(صلي الله عليه آله و سلم ) کان پوءِ ائمه اطهار عليهم السلام به هن ڏينهن کي عيد جي نظر سان ڏسندا هيا ۽ هميشه هن ڏينهن تي عيد ملهائڻ ۽ خوشي جي اظهار ڪرڻ جو حڪم ڏيندا هيا ۽ هن ڏينهن کي اهلبيت عليهم السلام جي عيد جو ڏينهن چيو اٿائون.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ائمه اطهار عليهم السلام جي سيرت ۾ پڻ اهو ڏينهن تمام گھڻي فضيلت ۽ عظمت رکي ٿو. جيئن ته امير المومنين پنهنجي هڪ خطبي ۾ جڏهن هڪ سال جمعي ۽ غدير جو ڏينهن گڏجي پيا ، فرمايائون :

(.... ثم انّ الله تعالي جمع لکم معشر المومنين في هذا اليوم عيدين عظيمين کبيرين ... .( [7]

.... اڄ جي ڏينهن خداوند متعال توهان مومنن لاءِ ٻن وڏين عظمت وارين عيدن کي جمع ڪيو آهي... تاڪه توهان تي پنهنجو احسان مڪمل ڪري ۽ توهان کي ڪمال ۽ بلندي جي منزل تي پهچائي ۽ توهان کي انهن جي پٺيان قرار ڏئي جن ان جي هدايت جي نور مان روشني ورتي آهي ... هن اجتماع جي اختتام تي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃو ۽ پنهنجي گھروارن جي معيشت کي وسعت ڏيو ، ۽ پنهنجي مومن ڀائرن سان نيڪي ڪيو ۽ خداوند متعال جو ان نعمت جي باري ۾ شڪريو بجا آڻيو جيڪا توهان کي عطا ڪئي اٿائين ... خدا جي ڏنل نعمت مان هڪٻئي کي تحفا ڏيو جيئن خدا توهان تي احسان ڪيو آهي. اڄ جي ڏينهن جو ثواب گذريل ۽ ايندڙ اچڻ وارين تمام عيدن جي برابر قرار ڏنو ويو آهي ، هن ڏينهن نيڪي ڪرڻ توهان جي مال ۾ وسعت ۽ عمر جي طولاني ٿيڻ جو باعث ٿيندي ، هڪٻئي سان محبت ڪرڻ خدا جي رحمت جو سبب ٿيندي . جيترو توهان لاءِ ممڪن هجي پاڻ کي هن ڏينهن پنهنجي گھروارن ۽ مومن ڀائرن لاءِ وقف ڪريو، ۽ هڪٻئي سان ملاقات جي وقت خوشي جو اظهار ڪيو.

امام صادق عليه السلام به غدير جي ڏينهن کي ٻين سڀني عيدن کان افضل قرار ڏين ٿا ، جيئن ته : فرات بن احنف روايت ڪري ٿو ته : مون امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته : منهنجي جان اوهان تي فدا ! ڇا مسلمانن لاءِ عيد فطر ، عيد قربان جمعي ۽ عرفه جي ڏينهن کان سواءِ ڪو ٻيو ڏينهن به عيد جو آهي ؟ امام عليه السلام فرمايو :

ها ! تمام عيدن کان افضل ۽ باعظمت ڏينهن الله جي نزديڪ اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خدا دين کي ڪامل ڪيو ۽ پنهنجي رسول تي هي حديث نازل فرمائي اليوم اڪملت.....

مون پڇيو اهو ڪهڙو ڏينهن آهي؟ امام عليه السلام فرمايو : جڏهن به بني اسرائيل جي پيغمبرن چاهيو ته پنهنجو جانشين مقرر ڪن ۽ پوءِ اگر مقرر ڪيائون ته ان ڏينهن کي عيد جو ڏينهن قرار ڏنائون ، هي به اهو ڏينهن آهي جڏهن پيغمبر اسلام(ص) ، علي ابن ابي طالب عليه السلام کي هن امت جو هادي قرار ڏنو ۽ اها آيت ( آيت اڪمال) نازل ٿي ۽ دين ڪامل ٿي ويو ۽ خدا جون نعمتون مومنن تي پوريون ٿيون.

مون چيو: اهو سال جو ڪهڙو ڏينهن آهي ؟ امام عليه السلام فرمايو : ڏينهن اڳتي پوئتي ٿيندا رهن ٿا ... .

مون چيو : ان ڏينهن ڪهڙو ڪم انجام ڏيڻ گھرجي ؟ امام عليه السلام فرمايو : اهو ڏينهن عبادت جو ڏينهن آهي نماز ۽ شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ۽ خدا جي حمد و ثناء ۽ خوشي ڪرڻ جو ڏينهن آهي. [8]

اهڙي طرح هڪ ٻي روايت م پڻ امام صادق عليه السلام غدير جي ڏينهن روزو رکڻ ۽ آل محمد (ع) تي درود موڪلڻ ۽ انهن ماڻهن کان جدائي اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا جن آل محمد (ع) تي ظلم و ستم ڪيو ، ۽ هن ڏينهن کي تمام عيدن کان افضل قرار ڏنو آهي . [1]

امام رضا عليه السلام پڻ هن عيد کي اهل بيت عليهم السلام جي عيد قرار ڏيندي سڀني عيدن کان افضل قرار ڏنو آهي ، ۽ امام عليه السلام هن عيد غدير جي مناسبت سان هڪ خطبو ارشاد ڪيو آهي جنهن جي طولاني هجڻ جي ڪري فقط ڪجھ مهم حصو هتي بيان ڪجي ٿو . امام عليه السلام هن خطبي ۾ ارشاد فرمائن ٿا ته :

ان يوم الغدير بين الاضحي و الفطر و الجمعة کالقمر بين الکواکب .... .

غدير جو ڏينهن عيد قربان ، عيد فطر ۽ جمعي جي ڏينهن جي درميان ايئن آهي جيئن چنڊ ستارن ۾ ... غدير جو ڏينهن ڪمال (۽ معنوي بلندي) ماڻڻ جو ڏينهن آهي ، ۽ شيطان جو زمين تي پنهنجي نڪ گسائڻ جو ڏينهن آهي، غدير شيعن ۽ آل محمد ؐ سان محبت رکڻ وارن جي اعمال جي قبوليت جو ڏينهن آهي... غدير جو ڏينهن نيڪ عمل انجام ڏيڻ ۾ سبقت ڪرڻ ۽ محمدؐ و آل محمدؐ تي ڪثرت سان درود پڙهڻ جو ڏينهن آهي ، غدير خداوند متعال ، ملائڪه ، انبياء ۽ اولياء جي خوشنودي جو ڏينهن آهي ۽ غدير اهلبيت جي عيد جو ڏينهن آهي... غدير جو ڏينهن هڪٻئي کي مبارڪ ڏيڻ جو ڏينهن آهي ۽ جڏهن هڪ مومن ٻئي مومن سان ملاقات ڪري ته هيئن چوي :

الحمد لله الذي جعلنا من المتمسکين بولاية امير المومنين و الائمة المعصومين. غدير ايمان وارن جي چهرن تي مسڪراهٽ جو ڏينهن آهي . [2]

ائمه اطهار عليهم السلام جي انهن جملن مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن سيرت ۾ غدير جو ڏينهن مسلمانن جي افضل ۽ عظيم ترين اسلامي عيد آهي ۽ هي هڪ اهڙو ڏينهن آهي جنهن ۾ انسان پنهنجي معنوي زندگيءَ کي ترقي ڏيندي ڪمالات جي بلندين تائين پهچي سگھي ٿو ؛ ڇاڪاڻ ته معنوي اعتبار سان هي ڏينهن ايترو ته عظيم آهي جو منافق ۽ ڪافرن جي مايوسي سان گڏوگڏ شيطان به پنهنجو نڪ زمين تي گسائي ٿو ، ٻئي طرف کان هن ڏينهن جو ثواب ايترو ته عظيم قرار ڏنو ويو آهي جنهن جي ڀيٽ ڪنهن هڪ عيد سان نه بلڪه ڪيترن ئي عيدن سان ڪري سگھجي ٿي ، اهو ئي سبب آهي جو ائمه عليهم السلام هن عيد کي تمام عيدن جي درميان چنڊ سان تشبيه ڏني جيڪو ستارن ۾ نمايان هوندو آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ته ستارن پنهنجو نور چنڊ کان ئي ورتو هجي . ۽ ائمه عليهم السلام هن ڏينهن جا آداب بيان ڪري ان کي اڃان وڌيڪ باعظمت بڻائي ،ان لاءِ هميشه زنده رهڻ جو سامان فراهم ڪري ڇڏيو.

اسان کي گھرجي ته معصومين عليهم السلام جي سيرت تي عمل ڪندي هن ڏينهن تي عيد ملهايون ۽ خوشيون ڪريون تاڪه هميشه ان عظيم ڏينهن جي ياد زنده رهي.

الحمد لله الّذي جعلنا من المتمسکين بولاية امير المومنين و الائمة المعصومين عليهم السلام



[1] .کافي ، ج 1 ، ص 203 . ۽ ج 4 ، ص 148 ، ح 1 .

[2] . اقبال الاعمال ، 464 .



[1] . سوره مائده ، آيت 67

[2] . سوره مائده ، آيت 3 . ابن مغازلي ، مناقب ، ص 19 ، ۾ ۽ فرائد السبطين، ج 1 ، ص 73 ، باب 12 ، حديث 39 و 40 ۾ روايت ڪن ٿا ته هي آيت غدير جي ڏينهن نازل ٿي .

[3] . تاريخ روضة الصفا ، ج 1 ص 542 . تاريخ حبيب السير ، ج 1 ، ص 411 . اعلام الوري باعلام الهدي ص 133.

[4] . بحارالانوار ، ج 37 ، ص 109 ؛ ج 94 ، ص 110 . بشارة المصطفي ، ص 49 . اقبال الاعمال ، ص 466 .

[5] . الغدير ، ج 1 ، ص 274 . نقل ڪندي ” شرف المصطفي ، تاليف ، ابو سعيد خرگوشي نيشاپوري“ کان .

[6] . در المنثور ، ج 2 ، ص 258 .

[7] . شيخ طوسي ، مصباح المتهجد ، 525 .

[8] . تفسير فرات کوفي ، ص 117 ، ح 123 .