Get Adobe Flash player

هجرت جي ڏهين سال اسلام تمام عرب جزيرن ۾ ڦهلجي چڪو هو،۽ رسول اڪرم ص جي ٽيويهن سالن جي محنت ۽ زحمت رنگ لاتو هو.جو سڀ عرب قبيلا مسلمان ٿي ڪري پيغمبر اڪرم ص جي رسالت جي گواهي ڏئي چڪا هيا. هاڻ عربستان ۾ ڪٿي به بت پرستي جا آثار ڏسڻ ۾ نه پئي آيا عربن ۾ خون وهائڻ ۽ جنگ جي ڪا ڳالهه نه رهي هئي.

پيغمبر اڪرم ص نبوت جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ انهن ٽيويهن سالن ۾ اسلام کي پکيڙڻ لاءِ ڪو موقعو هٿان نه وڃايو هو. هاڻ کين خبر هئي ته سندن رحلت تمام ويجهو آهي ۽ جلد ئي الله تعالى جي ديدار لاءِ اڳين جهان ۾ وڃڻ وارا آهن. تنهنڪري بغير ڪنهن وقفي جي ڪوشش پئي ڪيائون ته جيتري قدر امت ۾ گنجائش آهي، کين اسلامي آداب ۽ احڪام جي تعليم ڏي.

ان سال پيغمبر اڪرم ارادو ڪيو ته حج جو سفر ڪن، ان موقعي تي پنهنجي صحابين کي حڪم ڏنائون ته عرب قبيلن ۾ اعلان ڪرايو وڃي ته پيغمبر اڪرم ص هن سال حج جي ارادي سان مڪي ويندا.انهي خبر جي ڦهلجڻ سان ئي عربستان جا ماڻهون وڏي جوش ۽ جذبي سان مديني ڏانهن روانا ٿيا ته جئين پيغمبر اڪرم ص سان گڏ حج ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪن.

نيـٺ پيغمبر اڪرم ”ابو دجانه“[1] کي مديني ۾ پنهنجو جانشين بڻائي اربعا يا خميس چوويهين يا پنجويهين ذوالقعد تي مڪي طرف روانه ٿيا جڏهن ته ساڻن گڏ سندن سڀئي گهرواريون،سندنن ياڻي فاطمه زهرا ۽ خاندان ڪجهه ٻيا فرد گڏ هئا.

رسول اڪرم ص هن سفر ۾ قرباني جي لاءِ سو اٺ پاڻ سان گڏ کنيا[2]، انهن ڏينهن ۾ مديني ۾ سخت بيماري ڦهلجي چڪي هئي، تنهنڪري ڪيترائي مسلمان بيمار هجڻ ڪري رسول اڪرم جو هن سفر ۾ ساٿ نه ڏيئي سگهيا[3]. انجي باوجود تاريخدانن حضرت رسول خدا ص سان گڏ صحابين تعداد چاليهه هزارن کان هڪ لک چوويهه هزار تائين ذڪر ڪيو آهي[4]. اهو تعداد انهن مسلمانن جو هيو. جيڪي مديني کان پاڻ سڳورن ص سان گڏ روانا ٿيا ها. جڏهن ته ٻيا مسلمان جيڪي مڪي ۾ اچي پاڻ سڳورن سان مليا جيئن يمن جا ماڻهو جيڪي حضرت علي ع سان گڏ مڪي پهتا[5]، يا مڪي وارا ماڻهو، انهن کان علاوهه هيا.[6]

رسول خدا ص مديني کان نڪرڻ کان پوءِ جمعي جي رات ” ذوالحليفه“ وٽ پهتا جتي مسجد شجره آهي ۽ اتي ئي قيام فرمايائون. جمعي جي ڏينهن عصر جي نماز کان پوءِ ٻن سادن ڪپڙن سان احرام ٻڌائون ۽ ”اللهم لبيڪ“ پڙهندي مڪي ڏانهن روانا ٿيا جڏهن ته چار ذوالحج تي مڪي ۾داخل ٿيا.[7]

پاڻ سڳورن هن سفر ۾ حج جي احڪام جي عملي تربيت ۽ سکيا ڏني، مختلف جاين تي ماڻهن کي تيار ڪيائون ته جيئن سندن جي رحلت کان پوءِ اختلاف جو شڪار نه ٿين. پاڻ سڳورن ان سفر ۾ پنج جاين تي ماڻهن سامهون خطبا ڏنا ۽ کين وصيتون ڪيون ته جيئن اهي سندن رحلت کان پوءِ گمراه نه ٿين.

اهي پنج خطبا هن ترتيب سان آهن:

1_ ستين ذي الحج تي مڪي ۾.

2_ نائين ذي الحج تي عرفات ۾.

3­_ ڏهين ذي الحج تي ڏينهن منى ۾.

4_ يارهين ذي الحج تي منى ۾.

5_ ارڙنهين ذي الحج تي غدير خم ۾.

جيئن ته هر انسان زندگي جي آخري ڏينهن ۾ پنهنجون ڳالهيون وصيت طور مٽن، مائٽن ۽ ساٿين کي ٻڌائيندو آهي. تنهنڪري هر انسان جون آخري ڏينهن واريون ڳالهيون وڏي اهميت واريون هونديون آهن.

پر ان وقت انهن ڳالهين جي اهميت سو ڀيرا وڌيڪ وڌي وڃي ٿي جڏهن وصيت ڪرڻ وارو شخص، پيغمبر اسلام ص هجي ۽ سندن وصيت ۾ اهڙيون ڳالهيون هجن جو انسانيت کي گمراهي کان بچائن. تنهنڪري انهن پنج خطبن تي تحقيق ۽ سوچ ويچار ڪرڻ جي تمام مسلمانن جي ذميواري آهي، ۽ انهن تي عمل ڪرڻ هر مسلمان لاءِ لازمي آهي جيڪو به سعادت مند ٿيڻ چاهي ٿو.

1_ ستين وارو خطبو

رسول اڪرم هي خطبو ستين ذي الحج تي مڪي ۾ ڏنو. هي خطبو انهن ماڻهن جي جواب ۾ ڏنائون جيڪي حج جي احڪام بابت پاڻ سڳورن تي اعتراض ڪري رهيا ها.

هن خطبي ۾ پاڻ سڳورن پهريان ڌڻي سڳوري جي حمد و ثنا ڪئي ۽ پوءِ فرمايائون: اي انسانو ڇا توهان پنهنجي رب کي سيکاري رهيا آهيو؟ الله جو قسم منهنجو علم ۽ تقوا توهان سڀني کان وڌيڪ آهي تنهنڪري جنهن شي جو توهانکي حڪم ڏئي رهيو آهيان تنهن تي عمل ڪريو، پنهنجي حج واري نيت کي عمري ۾ تبديل ڪريو. جيڪڏهن مان پاڻ قرباني نه کنيون اچان ها ته توهان وانگر عمل ڪريان ها. صحابين مان سراقه بن جعثم سوال ڪيو ته يا رسول الله ڇا هي حڪم سڀني لاءِ قيامت تائين آهي يا صرف اسان لاءِ آهي؟ پاڻ فرمايائون: هميشه لاءِ آهي.[8]

ان کان پوءِ مسلمانن پاڻ سڳورن جي حڪم تي مڪي مان حج تمتع لاءِ احرام پاتو ۽ منى ڏانهن روانا ٿيا جتي نائين ذي الحج جي سج نڪرڻ تائين رهيا تنهن کان پوءِ عرفات روانا ٿيا.

2_ ٻيو خطبو

نائين ذي الحج تي پيغمبر اڪرم پنهنجي سواري تي سوار ٿي ڪري وچ عرفات تائين آيا ۽ مسلمانن جي عظيم اجتماع ۾ خطبو ڏنائون. اهل سنت جي راوين هن خطبي کي هن ريت نقل ڪيو آهي:

جهڙي نموني هي عرفه جو ڏينهن محترم آهي، ذي الحج جو مهينو محترم آهي، مڪي جو شهر محترم آهي، اهڙي نموني توهان جو رت ۽ مال محترم آهي. ياد رکو ته جاهليت جي تمام ريتن ۽ رسمن کي آءُ پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيان ٿو. مان توهان جي وچ ۾ اهڙي شي ڇڏيون وڃان ٿو جيڪڏهن ان سان تمسڪ ڪندو ته ڪڏهن به گمراه نه ٿيندو، اها الله جو ڪتاب ۽ منهنجي عترت آهي[9]. توهان کان منهنجي باري ۾ سوال ڪيو ويندو. ان وقت ڇا چوندو؟ سڀني جواب ڏنو: اسان سڀ گواهي ڏيون ٿا ته اوهان الله جي پيغام پهچايو، الله جي ذميوارين کي انجام ڏنو، پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي امت جي هدايت ڪئي.

ان حال ۾ پاڻ سڳورن پنهنجي اڱر آسمان ڏانهن کنئي ۽ ٽي مرتبه فرمايو: اي الله تون گواه رهجان.[10]

ان خطبي کان پوءِ رسول اڪرم ص سج لٿي تائين عرفات جي صحراٰء ۾ رهيا، جڏهن سج لهي ويو ۽ هوا ڪجهه اونداهي ٿي ته ”مزدلفه“ ڏانهن روانا ٿيا. رات اتي گذاريائون ۽ ڏهين جي صبح تي منى لاءِ نڪتا، پاڻ سڳورا ٽي ڏينهن منى ۾ رهيا ۽ انهن ٽنهي ڏينهن ۾ اهم خطبا ارشاد فرمايائون.

3_ ٽيون خطبو 10 ذوالحج

عيد الاضحي واري ڏينهن رسول اڪرم ص خطبو ڏنو، اهل سنت جي روايتن موجب پاڻ سڳورن هيءُ ڳالهيون بيان ڪيون، جن کي حضرت علي ع ماڻهن تائين وڏي آواز ۾ پهچائي رهيا هيا.

الله سائين خوش رکي ان کي جيڪو منهنجي ڳالهه ٻڌي، ياد ڪري ۽ پوءِ ٻين تائين پهچائي. ڪيترائي راوي اهڙا آهن جيڪي پاڻ نه سمجهيا آهن يا اهڙا آهن ليڪن اها ڳالهه پاڻ کان وڌيڪ عالمن تائين ڳالهيون پهچائي اٿن. ٽي شيون اهڙيون آهن جن تي عمل ڪرڻ تي مسلمان ڪڏهن به پشيمان نه ٿيندا: هڪ، الله جي لاءِ خالص عمل ڪرڻ. ٻيو عادل حڪمرانن کي نصيحت ڪرڻ. ٽيون مومن سان اٿ ويهه ڪرڻ.

پوءِ فرمايائون منهنجي وڃڻ کان پوءِ وري ڪافر نه ٿه جو جو ٻين کي گمراه ڪريو يا توهان مان ڪجه ٻين تي مسلط ٿي وڃن.

مان توهان وٽ اهڙي شي امانت ڇڏيون وڃان ٿو جيڪڏهن ان سان گڏ رهندو ته ڪڏهن به گمراه نه ٿيندو. اهي الله جو ڪتاب ۽ منهنجي عترت جيڪي منهنجا اهل بيت آهن. ڇا مون پنهنجو پيغام پهچايو؟ سڀني چيو: هاءُ. پاڻ فرمايائون: اي الله گواه رهجان.

آخر ۾ فرمايائون: توهان مان هر هڪ کان قيامت ڏينهن سوال ٿيندو تنهنڪري توهان مان جيڪو حاضر آهي اهو غائب تائين اهو پيغام پهچائي.[11]

4_ چوٿون خطبو

منى جي ٻئي ڏينهن يارهين ذي الحج تي رسول اڪرم مسلمانن آڏو ڪيترائي خطبا ڏنا، انهن خطبن ۾ رسول اڪرم گذريل ڳالهين جي تاڪيد سان گڏ نيون وصيتون به فرمايائون.[12]

5_ پنجون خطبو

حج جا اعمال انجام ڏيڻ کان پوءِ رسول اڪرم ڪيترن ئي مسلمانن سان گڏ مديني لاءِ روانا ٿيا. واپسي دوران اهو قافلو ارڙنهنين ذي الحج تي ”رابغ“ جي علائقي ۾ پهتو جتي هڪ وادي هئي جيڪا گرمي جي شدت جي ڪري خشڪ ٿي چڪي هئي ۽ اتي صرف بغير پنن جي وڻ هئا.

اها سرزمين جيڪا غدير جي نالي سان مشهور هئي، اها جڳه آهي جتان مديني، عراق۽ يمن جا مسلمان حج جا عمل انجام ڏيڻ لاءِ مڪي ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ هاڻ مڪي کان نڪرڻ وقت هڪٻئي کان جدا ٿيڻا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي سرزمين جو رستو وٺڻو هو.

انهي سرزمين تي رسول اڪرم تي وحي جو فرشتو نازل ٿيو، سورت مائده جي 6،7 آيت کڻي آيو[13اي رسول پڄاءِ اها شي جيڪا تنهنجي پالڻهار طرفان تو تي نازل ٿي آهي ۽ جيڪڏهن تو اهو ڪم نه ڪيو ته ڄڻ رسالت جو ڪوبه ڪم انجام نه ڏنو، ۽ الله توکي ماڻهن کان محفوظ رکندو. بيشڪ الله ڪافر قوم جي هدايت نه ڪندو آهي.

هي خدائي پيغام رسول جي ڪلهن تي هڪ ڳري ذميواري رکي پيو. اها ڪهڙي شي آهي جو جيڪڏهن رسول اڪرم ص مسلمانن آڏو ان جو اعلان نه ڪيو ته پوءِ اسلام جي اچڻ ۽ نه اچڻ ۾ فرق نه رهندو. اهو ڪهڙو مسئلو آهي جو جيڪڏهن انجي واضح ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ ڄڻ ٽيويهن سالن ۾ ڪا زحمت نه ڪئي وئي ۽ ڪو ڪم انجام نه ڏنو ويو.

جئين ته هي آخري پيغام تمام وڏي اهميت جو حامل هو، ۽ مختلف ملڪن جا مسلمان اڃان هڪٻئي کان جدا نه ٿيا هئا، غدير خم انهي پيغام جي اعلان لاءِ بهترين جاءِ هئي.

رسول اڪرم، ص الله جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ قافلي کي اتي روڪي ڇڏيو ۽ اڳتي نڪري وڃڻ وارن لاءِ پيغام موڪليائون ته غدير خم ڏانهن موٽي اچن ۽ پويان اچڻ وارن جي لاءِ صبر ڪيائون ته جئين اهي سڀ غدير خم تائين پهچن.

هوا تمام گرم هئي، سج آهستي آهستي وچ آسمان تي اچي رهيو هو، صحراء جي واري ايتري ته گرم هئي جو مسلمان مجبور پئي ٿيا ته پنهنجي عبا جو ڪجه حصو پيرن هيٺان ڏين ته جئين گرمي کان محفوظ ٿي سگهن ۽ عبا جو ٻيو پاسومٿي تي ڏين ته جئين سج جي تپش کين تڪليف نه ڏي[14]. آهستي آهستي تمام وڏي جمعيت غدير خم ۾ جمع ٿي وئي، سڀني اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته ڪهڙو وڏو واقعو ٿيو آهي جو پيغمبر اڪرم ان گرم ۽ نامناسب جاءِ تي سڀني کي روڪيو آهي.

پاڻ سڳورن حڪم ڏنو ته ان بيابان ۾ نماز جماعت پڙهڻ ۽ خطبي ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي وڃي. ڪجه مسلمانن بيابان جي ڪجه حصي مان وڏن پٿرن کي هٽايو ۽ هڪ وڻ مٿان عبا رکيائون ۽ اٺن جي پالاڻن سان رسول اڪرم ص لاءِ منبر تيار ڪيائون.

ٻيپهري جي وقت موذن آذان ڏني پاڻ سڳورا عظيم جمعيت سان گڏ نماز لاءِ اٿي بيٺا. تنهن کان پوءِ رسول اڪرم ص منبر تي ويا. سڀئي منتظر ۽ مشتاق هئا ته جئين اتي کين اتي روڪڻ جو سبب ڄاڻي سگهن. نبي پاڪ الله جي حمد ۽ ثنا کان پوءِهڪ خطبو ڏنو جيڪو ”خطبه غدير خم“ جي نالي سان مشهور آهي. اهل سنت جي عالمن خطبي کي هن ريت نقل ڪيو آهي:

اي انسانو مان به توهان وانگر انسان آهيان، منهنجي زندگي هاڻ اچي پوري ٿي آهي ۽ الله جي دعوت تي لبيڪ چوڻ جو وقت ويجهو آهي. ياد رکو ته مون کان ۽ توهان کان سوال ڪيو ويندو، پوءِ توهان وٽ ڪهڙو جواب آهي؟

صحابين چيو: اسان گواهي ڏيون ٿا ته توهان الله جو پيغام پهچايو، اسانکي نصيحت ڪئي ۽ اسان لاءِ تڪليفون ڏٺيون. الله سائين اوهانکي بهترين جزا عطا ڪري.

رسول اڪرم فرمايو: ڇا توهان گواهي نٿا ڏيو ته الله کان سواءِ ڪو معبود نه آهي، محمد الله جو ٻانهو ۽ رسول آهي. جنت ۽ جهنم حق آهي، موت کان پوءِ وري اٿڻ حق آهي، قيامت ضرور ايندي ۽ الله تعالى سڀني کي قبر مان جيئرو ڪري اٿاريندو؟

سڀني چيو: هاءُ اسان گواهي ڏيون ٿا.

پاڻ فرمايو: اي الله گواه رهجان.[15]

پوءِ فرمايائون: ڇا منهنجو آواز ٻڌي رهيا آهيو؟ چيائون؛ هاءُ.

فرمايائون: مان توهان کان پهريان حوض ڪوثر تي پهچندس، توهان پوءِ انجي ڪناري مون وٽ ايندو. اهو حوض جنهن جي ويڪر صنعاء[16] کان بصري تائين آهي ۽ اتي تارن جيترا چاندي جا گلاس آهن. هاڻ توهان کي ڏسڻو آهي ته منهنجي ڇڏيل ٻه قيمتي شين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ٿا؟

ڪنهن پڇيو: يا رسول الله اهي ٻه قيمتي شيون ڪهڙيون آهن؟

پاڻ فرمايائون: انهن مان هڪ جيڪا وڏي آهي اها الله جو ڪتاب آهي. جنهن جو هڪ پاسو الله جي هٿ ۾ ۽ ٻيو پاسو توهان جي هٿ ۾ آهي. تنهنڪري کيس مضبوطي سان پڪڙيو ته جئين گمراه نه ٿيو. ٻئي شي ننڊي آهي جيڪا منهنجي عترت ۽ اهلبيت آهي. نيڪي ڪندڙ ۽ ڄاڻيندڙ الله مون کي ٻڌايو آهي ته اهي ٻئي هڪٻئي کان جدا نه ٿينديون ايستائين جو قيامت ڏينهن حوض ڪوثر وٽ مون تائين پهچن، مون به الله کان اهو ئي گهريو آهي. تنهنڪري توهان انهن کان اڳتي نه وڌو جو هلاڪ ٿي ويندو، ۽ کين پٽتي به نه رهجي وڃو جو هلاڪ ٿي ويندو.[17]

تنهن کان پوءِ علي جي هٿ کان وٺي کيس بلند ڪيائونس ۽ فرمايائون: جنهن جو مان مولا آهيان ان جو هي علي مولا آهي[18]. اي الله دوست رک ان کي جيڪو ان کي دوست رکي، ان کي دشمن رک جيڪو علي کي دشمن رکي، ان جي مدد ڪر جيڪو علي جي مدد ڪري، ان کي ذليل ڪر جيڪو علي کي اڪيلو ڇڏي ڏي. حق کي هميشه علي سان گڏ رک جتي به علي هجي.

جڏهن رسول اڪرم جو خطبو پورو ٿيو[19]، جبرائيل ٻيو ڀيرو نازل ٿيو ۽ هي آيت کڻي آيو: ...3 َ الْيَوْمَ يَئسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن دِينِكُمْ فَلَا تخَْشَوْهُمْ وَ اخْشَوْنِ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَ أَتمَْمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتىِ وَ رَضِيتُ لَكُمُ الْاسْلَامَ دِينًا فَمَنِ اضْطُرَّ فىِ مخَْمَصَةٍ غَيرَْ مُتَجَانِفٍ لّاِثْمٍ فَإِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ [20]

اڄ ڪافر توهان جي دين کان مايوس ٿي چڪا آهن، انهن کان نه ڊڄو مون کان ڊڄو. اڄ جي ڏينهن توهان جي دين کي ڪامل ڪيو، پنهنجي نعمت تمام ڪئي ۽ توهان لاءِ دين اسلام تي راضي ٿي ويس.

رسول اڪرم ان آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ فرمايو: الله اڪبر جو دين مڪمل ٿيو، نعمت تمام ٿي، الله سائين منهنجي رسالت ۽ مون کان پوءِ علي جي ولايت تي راضي ٿيو.

تنهن کان پيغمبر اڪرم ص منبر کان هيٺ لٿا ۽ حڪم ڏنائون ته حضرت علي هڪ خيمي ۾ ويهن ۽ تمام صحابي سندن بيعت ڪرڻ لاءِ وڃن.[21]

مسلمان گروه گروه جي صورت ۾ علي ع کي مبارڪ چوندا رهيا ۽ بيعت جي عنوان سان کين هٿ ڏيندا رهيا. سڀني کان پهريان جن امام علي جي بيعت ڪئي انهن مان عمر، ابوبڪر، عثمان، طلحه ۽ زبير آهن. عمر ۽ ابو بڪر جو هي جملو مشهور آهي:

اي ابو طالب جا پٽ تو کي مبارڪ هجي جو تون اسان ۽ سڀني مومنن و مومنات جو مولا ٿي ويو آهين.[22]

پيغمبر جي گهر وارين ۽ ٻين عورتن جيڪي قافلي سان گڏ هيون، انهن به علي جي بيعت ڪئي. اهو ائين جو هڪ ٿانو ۾ پاڻي وڌو ويو انجي هڪ پاسي ۾ حضرت علي هٿ ٿي رکيو ۽ ٻئي پاسي۾ هڪ هڪ عورت هٿ رکندي ٿي وئي ۽ اهڙي نموني علي جي بيعت ڪندي ٿي وئي.

بيعت جي تقريب جمعيت جي گهڻي هجڻ ڪري ٽي ڏينهن هلي. سڀني جي بيعت ڪرڻ بعد رسول اڪرم پنهنجو عمامو جنهن جو نالو” سحاب“ هو، علي جي سر مبارڪ تي رکيو. اها عربن جي هڪ رسم آهي جنهن تحت جانشين ۽ وصي کي عمامو ٻڌو ويندو آهي.

ان بعد ماڻهون پنهنجي پنهنجي شهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. ۽ پيغمبر جي پيغام کي سڀني تائين پهچايائون. ۽ اهڙي نموني غدير جو واقعو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

غدير جي واقعي کان پوءِ حارث بن نعمان نالي هڪ شخص پيغمبر اڪرم وٽ آيو ۽ سوال ڪيائين، اي محمد تنهنجو علي کي پنهنجو جانشين بڻائڻ الله جي حڪم تحت هو يا توهان جي پنهنجي مرضي هئي.

پيغمبر فرمايو: اي حارث الله جو قسم، ٻين احڪام وانگر هي حڪم به الله جو طرفان هو.

حارث پاڻ سڳورن ص جو جواب ٻڌي، پنهنجي گهوڙي ڏانهن ويندي ڪاوڙ ۾ آسمان ڏانهن منهن ڪيو ۽ چيو: اي الله جيڪڏهن محمد ص سچ چئي رهيو آهي ته هينئر آسمان کان منهنجي مٿان پٿر نازل فرما يا مون کي سخت عذاب ۾ مبتلا ڪر. حارث اڃان پنهنجي گهوڙي تائين نه پهتو هو جو آسمان کان پٿر نازل ٿيو جيڪو سندس مٿي تي لڳو جنهن بعد هو فورا مري ويو.

ان واقعي کان پوءِ جبرائيل، پيغمبر اڪرم تي نازل ٿيو ۽ هي آيت کڻي آيو: سَأَلَ سَائلُ بِعَذَابٍ وَاقِعٍ(1) لِّلْكَافِرِينَ لَيْسَ لَهُ دَافِعٌ (2) مِّنَ اللَّهِ ذِى الْمَعَارِجِ(3) [23]

ڪنهن سوال ڪرڻ واري يقيني عذاب جو سوال ڪيو، ڪافر ان کي هٽائي نٿا سگهن، اهو عذاب جيڪو ان خدا طرفان آهي جنهن وٽ ملائڪن جا مختلف رتبا آهن.

ان ڳاله ڏانهن به توجه ڪرڻ ضروري آهي ته غدير واري واقعي کي 110 صحابين ۽ 89 تابعين نقل ڪيو آهي. انهن سڀني جا نالا اهل سنت جي معتبر ڪتابن ۾ موجود آهن. اهل سنت جي 360 عالمن پنهنجي ڪتابن ۾ حديث غدير کي نقل ڪيو آهي ۽ ان واقعي جي صحيح هجڻ جي گواهي ڏني آهي.

انهن عالمن ۽ کين ڪتابن جا نالا علامه اميني جي ڪتاب ”الغدير“ ۾ موجود آهن.

حديث غدير کي نقل ڪرڻ وارن مشهور صحابين جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

ابوبڪر، عثمان، ابوهريره، ابن ابي ڪعب،طلحه، حسان بن ثابت، عبدالله بن ثابت، زبير، عمرو بن عاص، عبدالله بن عباس، عمر خطاب، ام سلمه، عمار ياسر، جابر بن عبدالله انصاري، سلمان فارسي....


[1] _ سيره حلبي، ج3، ص312

[2] امتناع الاسماع، ص510_

[3] سيره حلبي، ج3، ص308_

[4] تذڪره الخواص، ص37_

[5] ڪجه اهل سنت جي عالمن چيو آهي ته علي حجه الوداع ۾ هيا ئي نه، جو رسول اڪرم کين پنهنجو جانشين بڻائين. جڏهن ته اهل سنت جي سڀني معتبر ڪتابن من جمل صحاح سته جي تاڪيد آهي ته علي حج شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ڪجه مسلمانن سان گڏ يمن مان مڪي پهچي ڪري نبي پاڪ سان ملي چڪا هيا. حوالي لاءِ ڏسو: صحيح بخاري، ج2، ص171. صحيح مسلم، ج4، ص40. سنن ابن ماجه، ج2، ص 1024. سنن ابن داوود، ج2، ص158. سنن ترمذي،ج2، ص216.ه _

[6] سيره ابن هشام، ج4، ص248_

[7] سيره حلبي، ج3، ص517_

[8] طبقات ابن سعد، ج2، ص187_

[9] تاريخ يعقوبي،ج2، ص212 . جڏهن ته اهل سنت جي ڪجه ڪتابن ۾ ”عترتي“ جي جڳه تي سنتي نقل ڪيو ويو آهي جئين تاريخ طبري، ج2، ص205 ۾ آهي يا وري اهو جملو ئي ذڪر نه ڪيو ويو اهي جئين تاريخ الڪامل ج2، ص302 ۾ آهي._

[10] صحيح ترمذي، ج5، ص662._

[11] طبقات ابن سعد، ج2، ص 183._

[12] البدايه والنهايه، ج5، ص222._

[13] فتح القدير، ج2، ص60.. شواهد التنزيل، ج1، ص251._

[14] مناقب قبن غزالي، ص16._

[15] سيره حلبي، ج3، ص384_

[16] يمن جو مرڪز آهي._

[17] اها حديث ثقلين جي نالي سان مشهور آهي. حوالي لاءِ ڏسندا: ڪنزالعمال، ج1، ص188. السراج المنير، ج1،ص344._

[18] سنن ترمذي، ج5، ص591. مسند احمد، ج1، حديث 461._

[19] البته غدير جو اصل خطبو تمام وڏو آهي جنهن کي الغدير ۾ ڏسي سگهو ٿا. _

[20] سورت المائده، آيت 3._

[21] روضه الصفا، ج1، ص541._

[22] تفسير المنار، ج6، 463. مستدرڪ الحاڪم، ج3، ص118._

[23] سوره المعارج، آيت 1_3._