Get Adobe Flash player

 

غدير هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن کي شيعه ڪتابن سميت اهل سنت جي پڻ ڪيترن ئي معتبر تاريخي ڪتابن لکيو آهي جيتوڻيڪ اسان جو موضوع غدير جي فضيلت آهي پر هڪ مٿاڇري نگاهه خود غدير تي به ڦيرايون ته غدير ڇا آهي؟

 

سن ڏهه هجري ۾ جڏهن الله جو آخري رسول صلى الله عليه وآله وسلم ، آخري حج ڪري موٽي رهيو هئو ته غدير جي ميدان تي مٿن وحي نازل ٿي ته اي رسول ! “جيڪو پيغام تنهنجي پالڻهار جي طرفان توتي نازل ڪيو ويو اهو انهن تائين پهچاءِ ۽ اگر توائين نه ڪيو ته ڄڻ تو پنهنجي رسالت کي ئي نه پهچايو[1]

ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم پنهنجي اصحابن کي فرمايو ته پنهنجي پنهنجي سوارين تان لهي اتي بيهي رهو ، اڳين وڌي ويلن کي واپس موٽايو،پوئتي رهجي ويلن جي پهچڻ جو انتظار ڪري،اٺن تان پلاڻ لاهي ان جو منبر ٺاهيو. جڏهن سڀ گڏ ٿيا ته نماز ادا ڪئي وئي ۽ ان کان پوءِ نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جن منبر تي آيا ۽ هڪ طويل خطبو ڏنائون ۽ ان کان پوءِ سڀني حاجين کي مخاطب ٿي ڪري فرمايائون ته توهان جو مولى ۽ توهان جي جانين تي توهان کان وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟

سڀني وراڻيو ته اي الله جا رسول ! توهان ۽ توهان جو خدا، اسان جا مولى آهيو جڏهن سڀني اهو اقرار ڪيو ته نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن حضرت علي عليه السلام جو هٿ هٿ ۾ وٺي ڪري فرمايو ته جنهن جنهن جو آئون مولى آهيان ان جو هيءُ علي ع مولى آهي، نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم ان جملي کي ٽي مرتبا دُهرايو.

اها هئي غدير جي واقعي تي هڪ مختصر ترين نگاهه ۽ هاڻ اسان پنهنجي موضوع “غدير جي فضيلت” کي معصومين عليهم السلام جن جي فرمانن جي روشني ۾ بيان ڪنداسين.

1_ پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا ته :يوم غدير خم افضل اعياد اُمتي[2]. منهنجي امت جي بهترين عيد، عيد غدير آهي.

2_ حضرت امام علي نقي ع فرمائن ٿا ته : ((انما الاعياد للشيعة الفطر والاضحى و الغدير والجمعة[3])). شيعن جون فقط چار عيدون آهن عيد فطر،عيد قربان، عيد غدير ۽ جمعي جو ڏينهن.

3_ امام جعفر صادق ع جن کان روايت آهي ته:خدا جو دشمن شيطان چار دفعا دانهون ۽ ڪوڪون ڪري رُنو. 1 _ان ڏينهن جڏهن خدا جي طرفان سندس ڳچيءَ ۾ لعنت جو طوق پارايو ويو، 2 _ان ڏينهن جڏهن زمين تي آيو. 3_ان ڏينهن جنهن ڏينهن پيغمبر اڪرم ع نبوت جو اعلان ڪيو 4 _ عيد غدير واري ڏينهن [4].

4_حضرت امام رضا ع جن فرمائن ٿا ته:قيامت جي ڏينهن چئن ڏينهن کي زينت ڏني ويندي عيد قربان، عيد فطر، جمعه ۽ عيد غدير وارو ڏينهن پر غدير وارو ڏينهن، اضحى، فطر ۽ جمعي جي ڏينهن(کان فضيلت) ۾ ائين هوندو جيئين تارن جي منجهه چنڊ هوندو آهي.

امام ع اڳتي فرمائن ٿا ته غدير جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن حضرت ابراهيم ع کي نمرود جي باهه کان نجات ملي ۽ جناب ابراهيم ع شڪر گذاري جي لاءِ ان ڏينهن روزو رکيو.

غدير جي ڏينهن خداوند متعال دين کي ڪامل ڪيو ۽ پيغمبر اڪرم ص ان ڏينهن علي ع کي ماڻهن مٿان حڪومت ۽ خلافت لاءِ معين ۽ ان جي فضيلت کي روشن ڪيائون. تنهنڪري غدير جي ڏينهن کي ”روز ڪمال“ چون ٿا .

غدير جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن شيطان کي تڙيو ويو ۽ ان ڏينهن آل محمد E جي دوستن ۽ شيعن جي عملن کي قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن مخالفن جي عملن کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي عملن کي ناچيز شمار ڪيو وڃي ٿو.

غدير واري ڏينهن حضرت جبرائيل ع هڪ خاص ڪرسي کي بيت المعمور جي سامهون رکي ان تي ويهي ٿو ۽ ٻيا سڀ ملائڪ، سندس سامهون ويهن ٿا ۽ نبي ڪريم ص تي درود ۽ صلوات پڙهن ٿا ۽ کين مبارڪ باد پيش ڪن ٿا ۽ حضرت علي ۽ سندن آل جي پيروڪارن ۽ حبدارن لاءِ استغفار ڪن ٿا.

غدير اهو ڏينهن آهي جنهن کي خداوند متعال حضرت محمد و آل محمد ع لاءِ مخصوص ڪيو آهي ۽ جيڪي ماڻهن هن ڏينهن عبادت ڪندا يا پنهنجي دوستن سان نيڪي ڪندا اهي خدا جي احسان ۽ لطف و ڪرم جي سايي ۾ هوندا . هن ئي ڏينهن خداوند متعال شيعن جي گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ انهن جي اعمالن کي قبول ڪري ٿو.

غدير اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن هر قسم جا ڏک،درد۽تڪليفون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ هن ڏينهن گناهه ڇڻيو وڃن ٿا.

غدير اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن خدا طرفان (مومنن لاءِ خصوصي) عطا ۽ بخشش ٿئي ٿي. ۽ هن ڏينهن تي علم ۽ فضيلت نشر ٿئي ٿي ۽ هيءُ ڏينهن بشارت ۽ خوشخبريءَ جو ڏينهن آهي ۽ هيءُ ڏينهن عيدالله اڪبر ( وڏي ۾ وڏي عيد) آهي ۽ هن ڏينهن دعا قبول ٿئي ٿي.

هن ڏينهن ڀلو ۽ بهترين لباس پائجي ۽ ڪارو لباس نه پائڻ گھرجي. ۽ هن ڏينهن تي غم ۽ ڏک ختم ٿين ٿا ۽ هن ڏينهن شيعن حيدر ڪرار جا گناهه معاف ٿين ٿا. هن ڏينهن ڀلي ۽ نيڪ ڪم ۾ اڳرائي ڪرڻ کپي،هن ڏينهن حضرت محمد مصطفى ۽ ان جي پاڪ آل عليه السلام تي تمام گھڻيون صلواتون پڙهڻ گهرجن.

غدير جي ڏينهن خداوند متعال دين اسلام کي پسند ڪيو ۽ ان کي ڪامل ڪيائين ۽ هي۽ آل محمد ع جي عيد آهي ۽ هيءُ مومنن جي عملن جي قبولي جو ڏينهن آهي ۽ مومنن جي لاءِ آرام ۽ سڪون جو ڏينهن آهي ۽ هن ڏينهن خداوند متعال کان گھڻين شين جي دعا گهرڻ ڪجي و پالڻهار کان پڻ گھڻيون شيون گھرڻ کپن.

غدير جو ڏينهن، دوستي جو ڏينهن آهي ۽ رحمت جي نازل جو ڏينهن آهي ۽ غدير پاڪ ڏينهن آهي گناهن کي ڇڏڻ جو ڏينهن آهي ۽ هن ڏينهن الله تعالى جي عبادت ڪرڻ گھرجي.

هن ڏينهن روزيدارن کي روزو کولرائڻ گهرجي.جنهن به شخص غدير واري ڏينهن هڪ روزيدار کي افطار ڪرايو ڄڻ ته هڪ لشڪر جو روزو کولرايو. ۽ غدير جي ڏينهن هڪ ٻئي کي مبارڪباد چوڻ گھرجي ان ڏينهن جيڪو به ڪنهن مومن ڀاءُ سان ملي ته هي جملا چوي : (( الحمد لله الذي جعلنا من المتمسکين بولاية اميرالمومنين و الائمة ع)).

غدير جي ڏينهن مومنن سان کلندي مسڪرائيندي گفتگو ڪجي. جيڪو غدير جي ڏينهن ڪنهن مومن ڀاءُ سان کلي ڳالهائيندو ته خداوند متعال قيامت جي ڏينهن ان ڏانهن رحمت ڀري نگاهه سان ڏسندو ۽ هن جي هزار حاجتن کي پورو ڪندو ۽ ان جي لاءِ بهشت ۾ اڇي ياقوت مان هڪ محل جوڙائيندو ۽ انجي چهري کي نوراني بڻائيندو.

غدير زينت جو ڏينهن آهي جيڪو به هن ڏينهن پاڻ کي سهڻو بڻائيندو.خداوند متعال ان جي گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ خدا ملائڪن کي موڪلي ٿو ته جيئن هن لاءِ نيڪيون لکن ۽ هن جي درجات کي وڌائن ۽ اگر اهو شخص ان حال هن دنيا مان وڃي ته هن جو رتبو شهيد وارو آهي ،اگر زنده رهيو خوشبخت ۽ خوشحال ٿيندو.

اگر ڪو شخص عيد غدير جي ڏينهن ڪنهن مومن ڀاءُ کي کاڌو کارائي اهو ائين آهي ڄڻ ته هن تمام پيغمبرن ۽ صديقن کي کاڌو کارايو ۽ اگر ان ڏينهن ڪنهن مومن ڀاءُ جي ملاقات لاءِ وڃي ته خالق ڪائنات ان جي قبر ۾ ستر قسم جا نور روشن ڪندو ۽ هن جي قبر کي وسيع ڪندو ۽ هر روز ستر هزار ملائڪ اچي هن جي زيارت ڪندا ۽ هن کي بهشت جي خوشخبري ڏيندا .خداوند متعال غدير جي ڏينهن ولايت کي ستين آسمان وارن جي اڳيان پيش ڪيو هنن ولايت کي قبول ڪيو ،ولايت جي جلدي قبول ڪرڻ تي خدا ستين آسمان کي عرش سان زينت ڏني ان کان پوءِ ڇوٿين آسمان ولايت کي قبول ڪيو خداوند متعال ان کي بيت المعمور سان مزين ڪيو ان کان پوءِ دنيا جي آسمان ولايت کي قبول ڪيو ته خداوند متعال ان کي چمڪندڙ ستارن سان مزين ڪيو. ان کا پوءِ ولايت کي زمين جي سامهون پيش ڪيو ويو ته زمين مان سڀ کان پهرئين مڪي جي سر زمين ولايت کي قبول ڪيو ته خداوند متعال ان سر زمين کي ڪعبه جھڙي عظيم نعمت سان نوازيو ڪيو ان کان پوءِ مديني منوره ولايت کي قبول ڪيو ته خدا ان سر زمين کي حضرت محمد مصطفى 6 جھڙي عظيم نبي سان برتري ڏني ان کان بعد ڪوفي جي زمين ولايت کي قبول ڪيو ته خدا ان سر زمين کي اميرالمومنين علي عليه السلام سان مزين ڪيو ان کان پوءِ خالق ڪائنات ولايت کي جبلن جي اڳيان پيش ڪيو تمام جبلن مان سڀ کان پهريئن ٽن جبلن ، جبل عقيق، جبل فيروز ۽ جبل ياقوت ولايت کي قبول ڪيو ته خداوند متعال انهن جبلن کي قيمتي جبل بڻايو ڇڏيو.

انهن جبلن کان پوءِ ٻين جبلن ولايت کي قبول ڪيو ته پالڻهار انهن ۾ سون ۽ چانديءِ جون کاڻيون رکيون ۽ جنهن جنهن جبل ولايت کي قبول نه ڪيو خدا انهن کي معدنيات ۽ منافع کان خالي رکيو ۽ انهن ۾ ڪا به شي نه ڦٽي ان کان پوءِ جيڪي به پاڻي هئا انهن جي اڳيان ولايت کي پيش ڪيو ويو جنهن پاڻي ولايت کي قبول ڪيو اهو مٺو ۽ مزيدار بڻجي ويو ۽ جنهن پاڻي قبول نه ڪيو اهو چهرو کارو ۽ ٻاڙو بڻجي ويو.

ان کان پوءِ ولايت کي پکين جي اڳيان پيش ڪيو ويو جن پکين ولايت کي قبول ڪيو اهي سهڻي ٻولي ٻوليندڙ بڻجي ويا ۽ جن قبول نه ڪيو اهي گونگا ٿي ويا.

بس جن به ولايت علي کي قبول ڪيو اهي انهن وانگر آهن جن حضرت آدم ع کي سجدو ڪيو ۽ جن ولايت علي ع قبول نه ڪيو اهي شيطان وانگر آهن ۽ ان ڏينهن ئي هيءَ آيت نازل ٿي (( اليوم اکملت لکم دينکم........))

۽ خداوند جنهن ڏينهن تمام پيغمبرن کي رسالت لاءِ انتخاب ڪيو اهو غدير جي ڏينهن جو هڪ ڏينهن هو. خداوند متعال جي نزديڪ غدير جي حرمت ۽ فضيلت لاءِ اهو ڪجھ ڪافي آهي جو ڏينهن بي مثل خدا پنهنجي بي مثل حبيب لاءِ هڪ بي مثل جانشين جو انتخاب ڪيو[5].



[1] _ سوره مائده آيت 67

[2] _ بحار الانوار ج 97 ص 110

[3] _ بحار الانوار ج 98 ص 351

[4] _ بحار الانوار ج 60 ص 241

[5][5] _ مسند الامام الرضا C ج 2 ص 21