Get Adobe Flash player

         خداتعالى انسان جي هدايت لاءِ هڪ لک چوويهه هزار پيغمبر موڪليا جن هر دور ۾ پنهنجي ذميواريءَ کي انسانن جي هدايت ڪندي پورو ڪيو ليڪن انهن تمام پيغمبرن مان صرف چار اهڙا پيغمبر آهن جن کي خداوند متعال ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ چونڊڻ کان علاوه کين هڪ هڪ ڪتاب به ڏنو اُهو ڪتاب پڻ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ انهن نبين سڳورن کي ڏنو ويو،انهن نبين مان هڪ اسان جو پيارو نبي حضرت محمد مصطفي ص آهي. جن تي قرآن مجيد نازل ٿيو.

          قرآن شريف جي فضيلت ايتري ته وڏي آهي جو ان بابرڪت ڪتاب نازل ٿيڻ کانپوءِ پهريان آيل ٽي ڪتاب منسوخ ٿي ويا ۽ هيءُ قرآن هڪ زنده معجزو باقي آهي. ڪنهن ۾ به اها سگھ ناهي جو هن ڪتاب جي هڪ آيت مثل ڪا آيت پيش ڪري سگھي.

      لهذا هن مختصر مقالي ۾ اسان قرآن جي فضيلت کي روايتن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪنداسين امام جعفر صادق عليه السلام فرمائين ٿا:ينبغي للمرءِ المسلم ان يقرا منه في کل يوم خمسين آية.هر مسلمان ماڻهوءَ کي گهرجي آهي ته روزانو قرآن مجيد منجھان پنجاهه آيتن جي تلاوت ڪري. [1]

       اسحاق بن غالب روايت ڪري ٿو ته امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو ته: جڏهن قيامت جي ڏينهن خداوند عالم اولين ۽ آخرين ( سڀني) کي گڏ ڪندو ، جڏهن سڀ جمع ٿيندا ته اچانڪ هڪ شخص اهڙو ايندو جيڪو ايڏو ته سهڻو ۽ حَسين هوندو جو اهڙي صورت انهن ڪڏهن به نه ڏٺي هوندي.

      ۽ اهو حَسين شخص قرآن  جو مثالي وجود هوندو جڏهن مومن ان جي طرف ڏسندا ته چوندا هيءُ اسان منجھان آهي هيءَ بهترين شيءِ آهي جنهن کي اسان ڏسي رهيا آهيون ان کانپوءِ اهو اتان کان گذرندو ۽ جڏهن شهيدن جي سامهون گذرندو ته اهي ان جي سُهڻي شڪل ڏسي چوندا هيءُ قرآن آهي. جڏهن رسولن جي سامهون ايندو ته اهي ان جي سُهڻي شڪل ڏسي چوندا هيءُ قرآن مجيد آهي پوءِ قرآن اتان کان گذري ڪري ملائڪن جي سامهون ايندو ته اهي ان جي سُهڻي شڪل ڏسي چوندا هيءُ قرآن مجيد آهي پوءِ قرآن اتان کان به عبور ڪندو ايستائين جو عرش جي ساڄي پاسي کان اچي بيهندو ان وقت خداوند متعال جو ارشاد ٿيندو مونکي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم ۽ مونکي پنهنجي بلند مقام جو قسم اي قرآن جنهن تنهنجي عزت ڪئي ۽ جنهن تنهنجو اڪرام ڪيو اڄ آئون به ان جو اڪرام ۽ احترام ڪندس ۽ جنهن توکي عزت نه ڏني اڄ آئون ان کي خوار ۽ ذليل ڪندس.[2] 

     امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: هر مومن کي گھرجي ته مرڻ کان اڳ قرآن مجيد سکي يا قرآن مجيد جي تعليم ۾مشغول هجي جو هن تي ان حالت ۾ موت اچي[3]  اهڙي نموني هڪ ٻئي  روايت ۾ يعقوب احمر امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته مون امام عليه السلام کي عرض ڪيو ته اي منهنجا مولى ۽ آقا آئون تمام تي گھڻو قرض آهي ان ڪري تمام پريشان آهيان ايستائين جو انهن پريشانين ۽ سوچن جي ڪري مون کان قرآن به وسرندو ٿو وڃي ان ڳالهه تي امام صادق عليه السلام فرمايو: قرآن ۽ ان جي سورتن منجھان هڪ آيت قيامت جي ڏينهن ايندي ان جو مقام هزار درجا بهشت ۾ مٿي هوندو ان وقت اها هڪ آيت ان شخص کي چوندي جنهن شخص هن آيت کي وساري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن تون مونکي ياد رکين ها ته تون به اڄ مون سان گڏ هن درجي تي فائز هجين ها. [4] هڪ ٻئي روايت به يعقوب احمر کان آهي ته هن چيو مون امام صادق عليه السلام کي جن عرض ڪيو توهان تان قربان وڃان مولا مون مٿان ايتريون گرفتاريون ۽ مشڪلات آيون آهن جو هر خير ۽ نيڪي منهنجي هٿ مان هلي وئي آهي ايستائين جو قرآن جو ڪجھ حصو به مون کان وسري ويو آهي راوي چوي ٿو جڏهن مان اهو چيو ته قرآن جو ڪجھ حصو به مون کان وسري ويو آهي امام D تعجب ۽خوف واري حالت ۾ فرمايو: ( اي يعقوب احمر) جنهن به قرآن مجيد جي ڪا سورت ياد ڪرڻ کان پوءِ وساري ڇڏي اها سورت قيامت جي ڏينهن بهشت جي بلند درجن سان مشرف هوندي ۽ ان شخص جي سامهون ايندي جنهن شخص ان کي وساري ڇڏيو هو اها سورت ان شخص کي سلام ڪندي اهو شخص سلام جو جواب ڏيندو پر اهو شخص سُڃاڻي نه سگھندو ته مون تي سلام ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ لهذا اهو شخص ان (سورت)کان پڇندو ته تون ڪير آهين؟ اها سورت چوندي ته آئون فلان سُورت آهيان تو مون کي ضايع ،ڪري ۽ وساري ڇڏيو جيڪڏهن تون مون کي ياد رکين ها ته اڄ آئون توکي هن درجي تائين پهچايان هان جنهن درجي تي اڄ آئون فائز آهيان[5]  ( پر تو مون کي ضايع ڪيو منهنجي حفاظت نه ڪئي منهنجو قدر نه ڪئي ۽ مون کي وساري ڇڏئي بس اڄ پڇتائڻ کانسواءِ توکي ڪجهه حاصل نه ٿيندي.

            اسان کي ان روايت مان اهو سبق پرائڻ گھرجي ته ان کان پهريان جو قيامت جو ڏينهن اسان مٿان اچي ڪڙڪي ۽ ان ڏينهن پڇتايون ان کان اڳ اسان کي قرآن جي حفاظت ڪرڻ گھرجي ان تي عمل ڪرڻ گھرجي ان کي ضايع نه ڪرڻ گھرجي ۽ جيتري قدر قرآن اسان کي ياد آهي ان کي آخر تائين ياد رکڻ گھرجي ته جيئن سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اسان به ان سورت سان گڏ جنت جي مٿاهين درجي تي فائز هجون). ان ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڀلي شيءِ سان ڪنهن جو تعلق هجي ته ان ڀلي شيءِ جو ان ۾ به اثر ٿئي ٿو. قرآن مجيد به اهڙي طرح سندس تلاوت ڪرڻ واري کي عزت ۽ مانُ ڏي ٿو ،قرآن پاڻ آبرومند آهي ان ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي اهڙي نموني جيڪو قرآن جي تلاوت ڪندڙ آهي ان جي به آبرو ۽ عزت وڌائي ٿو بلڪه جنهن جاءِ تي قرآن جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي اها جاءِ به ٻين جاين کان وڌيڪ عزت ۽ مرتبي واري آهي ان بابت ابن قدّاح امام صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته حضرت امير المومنين علي عليه السلام فرمايو: جنهن گھر ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي ۽ جنهن گھر ۾ الله سائينءَ جو ذڪر ٿئي ٿو ان گھر جون برڪتون وڌن ٿيون ۽ ان گھر ۾ الله جا ملائڪ نازل ٿين ٿا ۽ ان گھر کان شيطانَ پري ٿين ٿا ۽ اهو گھر آسمان وارن لاءِ ائين چمڪي ٿو جيئن زمين وارن لاءِ آسمان جا تارا ٽمڪن ٿا ۽ اهو گھر جنهن گھر ۾ خداوند متعال جي هن لاريب ڪلام جي تلاوت نٿي ڪئي وڃي ۽ جنهن گھر ۾ خدا جو ذڪر نٿو ڪيو وڃي ان گھر جون برڪتون گھٽجي وڃن ٿيون ۽ ان گھر کان الله جا ملائڪ دور ٿي وڃن ٿا ۽ اهو گھر شيطان جو ٺڪاڻو بڻجي وڃي ٿو. [6] اهو ضروري ناهي ته قرآن اوّل کان آخر تائين پڙهجي يا هڪ مڪمل سورت پڙهجي يا هڪ پوري آيت پڙهجي ته ثواب ملي قرآن جي تلاوت ڪرڻ جي عبادت ٻين عبادتن کان مختلف نظر اچي ٿي ايستائين جو روايتن ۾ ملي ٿو ته قرآن جي فقط هڪ اکر (جي تلاوت ڪرڻ تي به ثواب ملي ٿو. ان حوالي سان اسان هتي هڪ روايت ذڪر ڪريون ٿا. محمد بن بشير امام زين العابدين عليه السلام کان روايت ڪري ٿو ته امام عليه السلام فرمايو جيڪو شخص قرآن جي تلاوت جو فقط هڪ اکر ٻڌي خداوند متعال ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ٿو ۽ هڪ بدي ۽ برائي مٽائي ٿو ۽ خدا ان جو هڪ درجو بلند ڪري ٿو. جيڪو شخص قرآن ڏانهن نظر ڪري ٿو ۽ بغير آواز تلاوت ڪري ٿو ته خداوند متعال ان جي لاءِ هر اکر جي عيوض هڪ نيڪي لکي ٿو ۽ خدا هر اکر جي بدلي ان جي هڪ بدي ۽ برائي کي مٽائي ٿو ۽ ان جي مقام کي هڪ درجو بلند ڪري ٿو. ۽ جيڪو قرآن جو هڪ اکر سکي ٿو خداوند متعال ان جي لاءِ ڏهه نيڪيون لکي ٿو. ۽ خدا ان جون ڏهه بُرايون مٽائي ڇڏي ٿو ۽ خداوند متعال ان جي مقام کي ڏهه درجا بلند ڪري ٿو امام فرمايو ته مان ائين نه ٿو چوان ته هڪ آيت جي عيوض خدا هن جي لاءِ ڏهه نيڪيون لکي ٿو ۽ ڏهه برايون مٽائي ٿو ۽ ان جي مقام کي ڏهه درجا بلند ڪري ٿو بلڪه هڪ هڪ اکر مثلاً باء، تاء جي عيوض خدا ان کي اِهو اجر ڏي ٿو ۽ وري امام عه جن فرمايو ته جيڪو شخص قرآن جي ظاهر منجھان هڪ اکر جي ويٺي نماز ۾ تلاوت ڪري ته خداوند متعال ان شخص جي لاءِ ان اکر جي عيوض پنجاهه نيڪيون لکي ٿو ۽ پنجاهه برايون مٽائي ڇڏي ٿو ۽ ان جي مقام کي پنجاهه درجا بلند ڪري ٿو ۽ جيڪو شخص قرآن شريف منجھان هڪ اکر جي بيٺي نماز ۾ تلاوت ڪري ٿو ته خداوند متعال ان شخص جي لاءِ هر هڪ اکر جي عيوض هڪ سؤ نيڪيون لکي ٿو ۽ هڪ سؤ برايون ۽ مدايون مٽائي ڇڏي ٿو ۽ پالڻهار ان شخص جي مقام کي هڪ سؤ درجا بلند ڪري ٿو. ۽ جيڪو شخص قرآن جو ختمو پورو ڪري ٿو ( يعني جيڪو شخص قرآن کي اوّل کان آخر تائين پڙهي ٿو) ان جي دُعا مستجاب ٿئي ٿي توڻي اها دعا ان ئي حال ۾ گهري يا مستقبل ۾ راوي چوي ٿو ته مان امام جن کي عرض ڪيو ته اي منهنجا سردار توهان تان قربان وڃان ڇا سَمُورو قرآن ختم ڪري؟ امام  ع فرمايو ته هائو سمورو قرآن ختم ڪري. [7]



[1]  اصول ڪافي باب فضل القرآن ح 3493.

[2] اصول ڪافي ڪتاب فضل القرآن ح 3472.

[3] اصول ڪافي، ڪتاب فضل القرآن،ح 3486.

 [4] اصول ڪافي، ڪتاب فضل القرآن،ح 3489.

[5]  اصول ڪافي، ڪتاب فضل القرآن،ح 3492.

[6]  اصول ڪافي، ڪتاب فضل القرآن،ح 3497.

 [7] اصول ڪافي، ڪتاب فضل القرآن،ح 3507.