Get Adobe Flash player

          پالڻهار پنهنجي بندن جي هدايت لاءِ هڪ لک چوويهه هزار نبي موڪليا انهن سڀني مان 313 نبين کي رسول جي درجو ڏئي ٻين تي فضيلت  ڏنائين ، وري پنجن رسولن کي اولوالعزم بڻائي کين ٻين فضيلت عطا ڪيائين۽ وري اولوالعزم پيغمبرن مان چئن کي ڪتاب عطا ڪري سڀني کان مٿي رتبو عطا ڪيائين ليڪن اهي چارئي پيغمبر به فضيلت جي لحاظ کان پاڻ ۾ برابر ناهن بلڪه انهن مان حضرت محمد مصطفى 3  کي ٻين سڀني تي فضيلت حاصل آهي.

           اهڙي طرح خدا جا موڪليل ڪتاب چار آهن پر انهن سڀني ۾ قرآن ڪريم جي فضيلت سڀني کان وڌيڪ آهي.

       اهڙي طرح ٻارنهن مهينن منجھان ڪجھ مهينن کي ٻين مهينن مٿان وڌيڪ  فضيلت آهي ، ٻارهن مهينن مان رجب المرجب، رمضان المبارڪ، ذوالحج ۽ محرم الحرام کي ٻين اٺن مهينن تي فضيلت حاصل آهي.

هتي اسان فقط ذوالحج مهيني جي فضيلت تي روشني وجھنداسين.

   (1) ذوالحج جو مبارڪ مهينو،حرام مهينن منجھان هڪ مهينو آهي يعني هن مهيني ۾ جنگ ڪرڻ حرام آهي جيئن قرآن مجيد ۾ پڻ آيو آهي ته : ((ان عدة الشهور عند الله اثنا عشر شهرا ... منها اربعة حُرُم[1])) بيشڪ خدا جي نزديڪ مهينن جو تعداد ٻارهن آهي....انهن مهينن مان چار مهينا حرام آهن (يعني برڪت ۽ فضيلت وارا آهن ۽ انهن ۾ جنگ ڪرڻ حرام آهي )

   (2) حج جهڙي عظيم عبادت جو ادا ڪرڻ هن مهيني جي پهريئن ڏهي ۾ واجب آهي  ۽ هن مهيني جو نالو ذوالحج به ان ڪري ئي رکيو ويو آهي.

   (3) هن مهيني ۾ مختلف مناسبتن جو هجڻ هن مهيني جي فضيلت جو ڪارڻ ۽ سبب آهي. انهن مناسبتن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

ذوالحج مهيني جون اهم مناسبتون

1_حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت فاطمه سلام الله جي شادي

هن ميهني جي پهرئين تاريخ حضرت علي عليه السلام ۽ حضرت بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها جي شادي ٿي جنهن کي جهان تشيع ۾ وڏي پيماني تي ملهايو وڃي ٿو.

2_امام محمد باقرC جي شهادت

    امامC جن جي ولادت با سعادت سن 57 هه ق مديني پاڪ ۾ ٿي امام C جن امام زين العابدين C جن جي شهادت کان پوءِ 18 سال امت اسلام تي امامت ڪئي ۽ هشام بن عبدالملڪ جي خلافت جي زماني ۾ 7 ذوالحج سن 114 هجري ۾ امام C جن کي زهر ذريعي شهيد ڪيو ويو[2].

3_ روز عرفہ

 نائين ذوالحج عرفات جو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن حاجي سڳورا عرفات جي ميدان ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ ان ئي ڏينهن امام حسين عليه السلام ڪربلا ڏانهن روانو ٿيڻ کان پهريان اها دعا پڙهي جيڪا بعد ۾ دعاء عرفه جي نالي سان مشهور ٿي ان سان گڏوگڏ جناب امير مسلم بن عقيل C سفير امام حسين C جي شهادت به ان ڏينهن تي آهي عرفہ واري ڏينهن جي فضيلت اڳتي بيان ڪنداسين.

4_ عيد الاضحى

   ڏهين ذوالحج تي عيد الاضحى آهي جيڪا مسلمانن جي اهم عيدن منجھان هڪ عيد آهي.

5_ امام علي نقيC جي ولادت با سعادت

        پندرهن ذوالحج تي امام علي نقيC جن جي ولادت با سعادت ٿي

6_ عيد غدير

         ارڙهين ذوالحج،عيد غدير جو ڏينهن عيد غدير اسلامي عيدن منجھان وڏي ۾ وڏي عيد (عيد الله الاکبر)۽ محمد وآل محمد E جي عيد آهي يعني ان ڏينهن عيد غدير آهي، ان ڏينهن خداوند متعال هڪ انوکي انداز ۾ پنهنجي پياري حبيب حضرت مصطفى 6 کي فرمايو ته اڄوڪي ڏينهن حضرت علي C کي پنهنجو جانشين ۽ خليفو مقرر ڪن، پيغمبر اڪرم6 کي ان ڏينهن خطاب ٿيو ته : اي رسول 6 ! جيڪو تنهنجي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي ان کي (هنن ماڻهن تائين) پهچاءِ ۽ اگر ان کي نه پهچائي ته ڄڻ تو رسالت جو ڪو به پيغام نه پهچايو ۽ الله تون کي ماڻهن جي خطري کان بچائيندو ۽ محفوظ رکندو ۽ خدا ڪافر قوم جي هدايت نٿو ڪري[3].

7_ عيد مباهله

       چوويهه ذوالحج : ان ڏينهن نبي ڪريم 6 جن نجران جي عيسائين سان مباهلو ڪيو ۽ دين اسلام جي حقانيت کي انهن لاءِ اجاگر ڪيائون هن واقعي ۾ نصرانين دين اسلام ۽ پيغمبر 6 اسلام جي  حقانيت ڄاتو ۽ ان جو اعتراف ڪندي صلح جي درخواست ڪيائون ۽ جزيو قبول ڪيائون.

8_ آيت انما وليکم الله.... جو نازل ٿيڻ

      اهڙي طرح ان ڏينهن (24 ذوالحج)اميرالمومنين حضرت علي C، سائل کي رڪوع جي حالت ۾ منڊي خيرات ۾ ڏني ۽ سندن شان ۾ هي آيت نازل ٿي ته : ((توهان جو ولي ۽مولا ، صرف خدا  آهي ۽ ان جو رسول آهي ۽ اهي مومن آهن جيڪي نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ رڪوع جي حالت زڪوات ڏين ٿا.[4]

9 _ اهل بيت E جن جي شان ۾ سوره دهر نازل ٿيڻ

پنجويهه ذوالحج اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن اهل بيت E جن جي شان ۾ سوره دهر نازل ٿي.

ذوالحج مهيني جا اهم اعمال

       1_ذوالحج مهيني جي پهريئن ڏهاڪي جي تمام گھڻي فضيلت آهي حج جو اهم فريضو ان پهرئين ڏهاڪي ۾ واقع آهي

        2_ان ڏهاڪي ۾ پهرئين تاريخ کان وٺي نائين تاريخ تائين روزي رکڻ جي گھڻي فضيلت آهي انهن ڏينهن جي روزي رکڻ جو ثواب سڄي عمر جي روزن رکڻ جي ثواب برابر آهي.

         3 _ ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ نماز مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ ذوالحج جي پهرئين ڏهي ۾ ان نماز جو ثواب انهن حاجين جي ثواب جي برابر آهي جيڪي مڪي شريف ۾ حج جهڙي عظيم عبادت سان مشرف ٿيا آهن.

(يعني ذوالحج جي پهريئن ڏهي جي هر رات ۾ ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ جيڪا نماز مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ پڙهڻي آهي) ان نمازجو طريقو هي آهي ته صبح جي نماز وانگر ئي ٻه رڪعتون آهن پر ٿوڙي فرق سان، هر رڪعت ۾ سوره حمد ۽ توحيد کان پوءِ هن آيت کي پڙهجي ((وواعدنا موسى ثلاثين ليلة و اتممناها بعشر فتم ميقات ربہ اربعين ليلة و قال موسى لاخيہ هارون اخلفني في قومي واصلح ولاتتبع سبيل المفسدين[5])) ۽ رڪوع ڪري پوءِ سجدا بجا آڻي تشهد ۽ سلام پڙهي نماز کي ختم ڪري.

       4_ اٺ ذوالحج يوم ترويه آهي ان ڏينهن به روزي رکڻ جي تمام گھڻي فضيلت ۽ ثواب روايت ۾ آهي ته ان ڏينهن جو روزو 60سالن جو ڪفارو آهي.

      5_شب عرفہ (9 ذوالحج جي رات)جيڪا مبارڪ راتين مان هڪ رات آهي ۽ مناجات و استغفار جي رات آهي . روايت ۾ آيو آهي ته هن رات ۾ جيڪو شخص توبه ڪري ٿو ان جي توبه قبول ٿئي ٿي ۽ جيڪو هن بابرڪت ۽ پر فضيلت رات ۾ جاڳي سڄي رات خداوند متعال  جي عبادت ۾ گذاري ان جو اجر ۽ ثواب هڪ سئو ستر سال عبادت جي برابر آهي. ۽ اهڙي طرح نائين ذوالحج جي ڏينهن يعني يوم عرفه جي به تمام گھڻي فضيلت آهي ۽ ان ڏينهن جا ڪجهه خاص اعمال آهن

6_يوم عرفه جا اهم  اعمال

1_ غسل ڪرڻ،

2_زيارت امام حسين C پرهڻ

3_ڏينهن جي آخري حصي ۾ دعاءِ عرفه پڙهڻ جنهن کي امام حسين Dان ڏينهن پڙهيو هيو.

4_نماز عصر کان پوءِ ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ

5_ان کان علاوه ٻيون دعائون ۽ ذڪر پڙهي جيڪي مفاتيح ۾ وارد ٿيا آهن.

 

7_ عيد الاضحى جي رات

 ڏهه ذوالحج عيد الاضحى  جي رات مستحب آهي ته شب بيداري ڪجي ۽ خدا جي عبادت ۾ گذارجي آسمان جا دروازا هن رات ۾ کلن ٿا.

8_ عيد الاضحى جي ڏينهن جا اعمال

     ڏهين ذوالحج عيد الاضحى  وارو ڏينهن به برڪت ۽ فضيلت وارو آهي هن ڏينهن جي لاءِ به ڪجهه اعمال وارد ٿيا آهن.

(1) عيد الاضحى  جي نماز پڙهڻ جيڪا ٻه رڪعتون آهي.

(2) عيد نماز پڙهڻ کان پهريان غسل ڪرڻ

(3) دعاءِ ندبه جو پڙهڻ

(4) قرباني ڪرڻ

(5) اهي دعائون جيڪي هن ڏينهن لاءِ وارد ٿيون آهن انهن کي پڙهڻ .

9_ عيد غدير جا اعمال

ارڙهين ذوالحج جو ڏينهن، هي ڏينهن عيد غدير جو ڏينهن آهي جيڪا ولايت ۽ امامت  جي عيد آهي هن ڏينهن به ڪجهه اعمال آهن جن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

(1) روزو رکڻ هن ڏينهن روزو رکڻ عمر ڀر جي روزي رکڻ جي برابر  ثواب رکي ٿو۽ هن ڏينهن روزو رکڻ سئو حج ۽ سئو عمرن جي برابر آهي.

(2) هن ڏينهن غسل ڪرڻ مستحب آهي

(3) زيارت اميرالمومنين علي C .پڙهڻ

(4) دعاء ندبہ جو پڙهڻ.

(5) هن ڏينهن هڪ روپيو صدقي ڏيڻ جو ثواب ٻين ڏينهن ۾ هزار روپيه صدقو ڏيڻ جي برابر آهي.

(6) اهي نمازون ۽ دعائون پڙهڻ جيڪي مخصوصا هن ڏينهن لاءِ وارد ٿيون آهن وڌيڪ معلومات خاطر مفاتيح الجنان ڏانهن رجوع ڪريو.

 (7) هن ڏينهن ڀلا۽ نوان ڪپڙا پائڻ گهرجن.

(8) خوشبو مثلا عطر وغيره. هڻڻ

(9) خوشي ملهائڻ ۽ مومنن کي خوش ڪرڻ.

(10) مومنن کي کاڌو کارائڻ. (هن ڏينهن مومنن کي طعام ڏيڻ تمام انبيا ۽ صديقين E کي طعام ڏيڻ جي برابر آهي.)

(11) دوستن ۽ عزيزن کي هديو ۽ تحفو ڏيڻ.

(12) مومنن۽ عزيزن سان ملاقات ڪرڻ

 (13) هڪٻئي سان هٿ ملائڻ ڪرڻ۽ مبارڪباد ڏيڻ

(14) حضرت محمد مصطفى6 ۽ ان جي آل E تي تمام گھڻي صلوات پڙهڻ.

(15) هن ڏينهن جي خاص عملن مان عقد اخوّت (ڀائپي جو عقد) پڙهڻ آهي

(16) ظهر واري نماز کان اڳ ٻه رڪعت نماز پڙهڻ جنهن نماز جو طريقو هيءُ آهي ته هر رڪعت ۾ سوره حمد هڪ مرتبو سوره اخلاص ڏهه دفعه، آية الکرسي ڏهه دفعه ۽ سوره قدر ڏهه دفعه پڙهي.

هنن ٻن رڪعتن جو ثواب هڪ لک حج ۽ هڪ لک عمرن جي ثواب برابر آهي ۽ جيڪو به هيءَ نماز پڙهندو خداوند متعال ان جي دنياوي ۽ اخروي حاجتن کي پورو ڪندو.

(17) صله رحمي ڪرڻ (يعني اگر مائٽن ڪنهن سان ڪا ناراضگي آهي ته ان ڏينهن ناراضگي کي ختم ڪري پاڻ ۾ دوستي ڪجي ۽ ڀائيچارو قائم ڪجي).

(18) ان ڏينهن ڪنهن روزيدار مومن کي روزو کولائڻ جو تمام گھڻو ثواب آهي، حضرت علي C جن جي خطبي ۾ آهي ته جيڪو به شخص ان ڏينهن هڪ مومن روزيدار کي روزي کولڻ جي وقت افطار ڪرائيندو ڄڻ ته هن ڏهن “فئام” کي افطار ڪرايو. هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ عرض ڪيائين اي اميرالمومنين C “ فئام” يعني ڇا؟ امام جن فرمايو ته “فئام” مان مراد هڪ لک پيغمبر، صديق ۽ شهيد آهن[6] .

هن ڏينهن تي جناب موسى C جادوگرن تي غلبو حاصل ڪيو ۽ انهن هارايو ۽ هن ڏينهن خداوند متعال باهه کي حضرت ابراهيم C لاءِ گلزار ڪيو .

۽ هن ئي ڏينهن حضرت موسى C يوشع بن نون C کي پنهنجو وصي جانشين بڻايو ۽ هن ڏينهن حضرت عيسى C شمعون کي پنهنجو خليفو ۽ وصي بڻايو.

10_ عيد مباهله جا اهم اعمال

هن ڏينهن جا پڻ ڪجهه اعمال جن مان هيءُ وڌيڪ اهم آهن

(1) غسل ڪرڻ.

(2) روزو رکڻ.

(3) حضرت اميرالمومنين C جي زيارت پڙهڻ.

(4) دعاءِ مباهلہ جو پڙهڻ.

(5) ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ، نماز جي طريقي کي مفاتيح ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

(6) فقيرن کي صدقو ڏيڻ.



[1]  سوره توبه آيت 36

[2] سيماي پيشوايان ص 77

[3] سوره مائده آيت 67

[4] سوره مائده آيت 55

[5]  سوره اعراف آيت 142

[6] مفاتيح الجنان اعمال روز عيد غدير ص 450