Get Adobe Flash player


غسل ۾ مٿي کان پيرن تائين سڄي جسم کي ڌوئڻ گهرجي ،چاهي غسل واجب هجي جهڙوڪ غسل جنابت يا مستحب هجي جهڙوڪ:غسل جمعه،ٻين لفظن ۾ سڀني غسلن جي طريقيڪار ۾ ڪو فرق نه آهي، فرق صرف نيت ۾ آهي.

غسل ڪرڻ جو طريقو:

غسل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن.

1ـ ترتيبي: پهريان مٿي ۽ ڳيچيءَ کي ڌوئجي۽ پوءِ بدن جي ساڄي حصي کي ڌوئڻ ۽ ان کان بعد بدن جي کاٻي حصي کي ڌوئڻ.

2ـ ارتماسي غسل ڪرڻ جي نيت سان هڪ ئي دفعي پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ طرح ٽٻي هڻڻ جو سڄو بدن پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي. يا آهستي آهستي پاڻيءَ ۾ اهڙي طرح لهڻ جو آخر ۾ سڄو بدن پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي.يا پاڻيءَ ۾ اندر ٽٻي هڻڻ کانپوءِ غسل جي نيت سان بدن کي حرڪت ڏيڻ.

وضاحت:

غسل ٻن طريقن سان انجام ڏئي سگھجي ٿو: ”ترتيبي“ ۽ ”ارتماسي“.

غسل ترتيبي ۾ پهريان مٿي ۽ڳيچي کي ڌوتو ويندو، ۽ پوءِ بدن جي ساڄي اڌ حصي ۽ ان کان بعد بدن جي کاٻي اڌ حصي کي ڌوتو ويندو آهي.

غسل ارتماسيءَ ۾ سڄي بدن کي هڪ ئي دفعي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ويندو آهي، لهذا غسل ارتماسي ان صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن پاڻي ايتري مقدار ۾ موجود هجي جوجنهن ۾ سڄو بدن ٻڏي سگھي.

صحيح غسل جا شرط:

1ـ موالات کان علاوه سڀ اهي شرط جيڪي وضو جي صحيح هئڻ جي باري ۾ بيان ڪيا ويا آهن غسل جي صحيح هئڻ ۾ به شرط آهن،

2_ ضروري نه آهي ته بدن کي مٿان کان هيٺ طرف ڌوتو وڃي.

3ـ جنهن شخص تي ڪيترائي غسل واجب هجن ته اهو سڀني غسلن جي نيت سان صرف هڪڙو غسل ڪري سگھي ٿو.

4ـ جيڪو شخص غسل جنابت ڪري، ان کي نماز لاءِ وضو نه ڪرڻ گھرجي،ليڪن ٻين غسلن سان نماز نٿي پڙهي سگھجي بلڪه وضو ڪرڻ ضروري آهي.

5ـ غسل ارتماسي ۾ سڄو بدن پاڪ هئڻ گھرجي، ليڪن غسل ترتيبي ۾ سڄي بدن جو پاڪ هئڻ ضروري نه آهي، بلڪه جيڪڏهن هر حصي کي غسل کان پهريان پاڪ ڪيو وڃي ته ڪافي آهي.

6ـ غسل جبيره وضوء جبيره وانڱر آهي، ليڪن احتياط واجب جي بناء ان کي ترتيبي طريقي سان انجام ڏنو وڃي.

7ـ واجب روزا رکڻ وارو شخص روزي جي حالت ۾ غسل ارتماسي نٿو ڪري سگھي، ڇوته روزيدار کي سڄو مٿو پاڻي ءَ ۾ نه ٻوڙڻ گھرجي، پر جيڪڏهن ڀل سان غسل ارتماسي ڪري ته ان جو غسل صحيح آهي.

8ـ غسل ۾ ضروري نه آهي ته سڄي بدن کي هٿ سان ڌوتو وڃي، بلڪه غسل جي نيت سان سڄي بدن تائين پاڻي پهچي وڃي ته ڪافي آهي.

غسل مس ميت:

1ـ جيڪڏهن ڪوبه شخص پنهنجي بدن جي ڪنهن حصي کي هڪ اهڙي مئل انسان سان مس ڪري جيڪو ٿڌو ٿي چڪو هجي ۽ ان کي غسل به اڃا نه ڏنو ويو هجي، ته ان کي غسل مس ميت ڪرڻ گھرجي.

2ـ هيٺين صورتن ۾ مئل انسان جي بدن کي مس ڪرڻ،غسل مس ميت جو سبب نٿو بڻجي:

1. انسان ميدان جهاد ۾ شهادت جي درجي تي فائز ٿئي ۽ ميدان جهاد ۾ ئي جان ڏئي.

2. مئل انسان جو بدن گرم هجي ۽ اڃا سرد نه ٿيو هجي.

3. مئل انسان کي غسل ڏنو ويو هجي.

3ـ غسل مس ميت کي غسل جنابت وانگر ئي انجام ڏيڻ گھرجي، ليڪن جنهن غسل مس ميت ڪيو هجي ۽ نماز پڙهڻ چاهي ته ان کي وضوء به ڪرڻ گھرجي.

غسل ميت:

1ـ جيڪڏهن ڪوبه مسلمان هن دنيا مان هليو وڃي، ته سڀني مڪلفن تي واجب آهي ته ان کي غسل ڏين، ڪفن ڏين، ان تي نماز جنازه پڙهن ۽ ان کي دفن ڪن، پر جيڪڏهن ان ڪم کي ڪجھ ماڻهو انجام ڏين ته ٻين تي اهو واجب ناهي.

2ـ ميت کي هيٺيان ٽي غسل ڏيڻ واجب آهن:

پهريون: آب سدر (ٻيرجي پاڻي) سان.

ٻيون:ڪافور جي پاڻي سان.

ٽيون:خالص پاڻيءَ سان.

3ـ غسل ميت غسل جنابت وانگر آهي، احتياط واجب آهي ته جيستائين غسل ترتيبي ممڪن هجي ته ميت کي غسل ارتماسي نه ڏنو وڃي.

عورتن جا مخصوص غسل: (حيض، نفاس، ۽ استحاضه)

1ـ ٻار جي پيدائش وقت عورت جيڪو خون ڏسي ٿي ان کي خون نفاس چوندا آهن.

2ـ عورت ماهوار عادت جي ڏينهن ۾ جيڪو خون ڏسي ان کي خون حيض چوندا آهن.

3ـ جڏهن عورت خون حيض ۽ نفاس کان پاڪ ٿي وڃي ته نماز (۽ جن ڪمن ۾ طهارت شرط آهي انهن) لاءَ کيس غسل ڪرڻ گھرجي.

4ـ ّون حيض۽نفاس کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن عورتون هڪ ٻيو خون ڏسنديون آهن، ان کي استحاضه چوندا آهن ۽ خون استحاضه جي ڪري پڻ ڪجهه صورتن ۾ غسل واجب ٿئي وڃي ٿو.

سبق 11 جو خلاصو

1ـ غسل ۾ ترتيبي يا ارتماسي طريقي سان سڄي بدن کي ڌوئڻ گھرجي.

2ـ موالات ۽ مٿان کان هيٺ طرف ڌوئڻ کانسواء سڀ اهي شرط جيڪي وضو جي صحيح هئڻ لاءِ لازم هئا غسل ۾ لازم آهن .

3ـ جنهن شخص غسل جنابت ڪيو هجي، ان تي نماز جي لاءِ وضو ڪرڻ ضروري نه آهي، پر جيڪڏهن غسل ڪرڻ جي دوران يا ان کان پوءِ ان کان ڪا اهڙي شيءِ ظاهر ٿي هجي جيڪا وضو کي باطل ڪندي هجي ته ان صورت ۾ وضو ڪرڻ ضروري آهي.

4ـ جنهن شخص تي ڪيترائي غسل واجب هجن،اهو سڀني غسلن جي نيت سان هڪ ئي غسل ڪري سگھي ٿو، بلڪه انهن غسلن سان گڏ مستحبي غسل جي نيت به ڪري سگھي ٿو. (جيئن: جمعي جي ڏينهن جو غسل).

5ـ بدن جي ڪنهن حصي کي مئل انسان جي بدن سان مس ڪرڻ غسل مس ميت جو سبب بڻجي ٿو.

6ـ جيڪڏهن بدن جو ڪوبه حصو شهيد جي بدن يا ڪنهن سرد نه ٿيل ميت جي بدن يا غسل ميت ڏنل شخص جي بدن سان مس ٿي وڃي ته غسل مس ميت واجب نٿو ٿئي.

7ـ جيڪڏهن ڪوبه مسلمان مري وڃي ته ان کي ٽي غسل ڏيئي، ڪفن پارائي،ان تي نماز جنازه پڙهي ان کي دفن ڪرڻ گھرجي.

8ـ ميت کي هيٺيان ٽي غسل ڏيڻ واجب آهن:

الف: آب سدر (ٻير جي پاڻي) سان غسل

ب:ڪافور پاڻي سان غسل.

ج: خالص پاڻي سان غسل.

9ـ غسل حيض،نفاس ۽ استحاضه عورتن تي واجب آهن.

(؟) سوالات

1ـ غسل ترتيبي ڪئين ڪجي؟

2ـ ڇا ان پاڻي ۾ غسل ارتماسي ڪري سگھجي ٿو جيڪو ڪر کان گھٽ هجي؟

3ـ مجنب شخص جمعي جي ڏينهن جنابت ۽ جمعي جي غسلن جي نيت سان هڪ غسل انجام ڏنو،ته ڇا اهو ان غسل سان نماز پڙهي سگھي ٿو يا ان کي وضو به ڪرڻ گھرجي؟

4ـ غسل جي نيت ڪئين ڪجي ؟

5ـ ڇا هڪ هنڌ (مثلا جنگ جي محاذ تي) پيئڻ جي لاءِ رکيل پاڻي جي ٽينڪر مان غسل ڪري سگھجي ٿو؟

6ـ غسل ميت ۽ غسل مس ميت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

7ـ ڪهڙي صورت ۾ شهيد کي غسل ڏيڻ جي ضرورت نه آهي؟