Get Adobe Flash player


بعض اوقات نماز جي لاءِ (بلڪه هر ان ڪم لاءِ، جنهن ۾ وضو ڪرڻ لازمي هوندو آهي) غسل ڪرڻ لازم ٿئي ويندو آهي، يعني الله سائين جي حڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ سڄي بدن کي ڌوئڻ.

هن سبق ۾ اسان بيان ڪنداسين غسل ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ واجب ٿئي ٿو؟ ۽غسل ڪرڻ جو صحيح طريقو ڇا آهي؟

واجب غسلن جا قسم:

1 مرد ۽ عورت جي لاءِ مشترڪ غسل:

1ـ جنابت

2ـ ميت

3ـ مس ميت

2ـ عوتن سان مخصوص غسل:

1ـ حيض

2ـ استحاضه

3ـ نفاس

غسل جي تعريف ۽ قسمن کي بيان ڪرڻ کانپوءِ اسان هتي واجب غسل جا ڪجهه اهم مسئلا ڪيون ٿا.

1_ غسل جنابت

جنهن ماڻهوءَ تي غسل جنابت واجب ٿئي ٿو ان کي مجنب چوندا آهن تنهنڪري اسان اهڙي ماڻهوءَ کي مجنب جي نالي سان ذڪر ڪنداسين.

1: انسان ڪيئن مجنب ٿئي ٿو؟

1_جنابت جا سبب: 1ـ منيءَ جو نڪرڻ (گھٽ هجي يا وڌيڪ ننڊ ۾ نڪري يا جاڳندي.

2ـ جماع ( حلال طريقي سان هجي يا حرام ، مني نڪري يا نه)

2ـ جيڪڏهن مني پنهنجي جڳھ تان جاري ٿئي (حرڪت ڪري) پر ٻاهر نه نڪري ته جنابت جو سبب نه ٿيندو.

3ـ جنهن شخص کي اها خبر هجي ته کائنس مني نڪتي آهي يا وري کيس پڪ هجي ته جيڪا رطوبت کائنس نڪتي آهي اها مني آهي ته اهڙي شخص کي مجنب سمجھيو ويندو ۽ ان تي غسل ڪرڻ واجب آهي

جنهن شخص کي اها ڄاڻ نه هجي ته جيڪا شيءِ کائنس نڪتي آهي اها مني آهي يا نه ، ته مني جي ڪا نشاني هئڻ جي صورت ۾ مجنب آهي، ورنه ان لاءِ جنابت جو حڪم نه آهي.

5­‑ مني جون نشانيون:

¨ شهوت سان نڪري.

¨ تيزي ۽ جھٽڪي سان نڪري.

¨ ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ بدن سست ٿي وڃي.

ان لحاظ سان جيڪڏهن ڪنهن کان ڪا رطوبت نڪري ۽ هو نه ڄاڻيندو هجي ته اها رطوبت مني آهي يا نه، ته ذڪر ٿيل نشانين مان سڀ نشانيون موجود هئڻ جي صورت ۾ اهڙو شخص مجنب آهي، ورنه مجنب نه آهي، ڀلي کڻي انهن نشانين مان ڪا هڪ نشاني موجود نه هجي ۽ باقي سڀ نشانيون موجود هجن تڏهن به اهڙو شخص مجنب نه آهي، پر عورت ۽ بيمار جي لاءِ صرف شهوت سان منيءَ جو نڪرڻ ڪافي آهي.

6­­­‑ مستحب آهي ته انسان مني نڪرڻ کانپوءِ پيشاب ڪري، جيڪڏهن پيشاب نه ڪري ۽ غسل کانپوءِ ان کان ڪا رطوبت نڪري، ۽ نه ڄاڻيندو هجي ته مني آهي يا نه ته اهو مني جي حڪم ۾ آهي.

اهي ڪم جيڪي مجنب تي حرام آهن:

1. قرآن مجيد جي اکرن، الله تعالي جي مبارڪ نالي،احتياط واجب جي بنا تي خدا تعالى پيغمبرن،ائمه اطهار ۽ فاطمه زهراء سلام الله عليهم اجمعين جي پاڪ نالن سان بدن جي ڪنهن حصي کي مس ڪرڻ.

2. مسجد الحرام ۽ مسجد النبي ۾ داخل ٿيڻ اگرچه هڪ دروازي کان داخل ٿي ٻئي دروازي کان نڪري وڃي.

3. مسجد ۾ ترسڻ.

4. مسجد ۾ ڪا شيءِ رکڻ اگرچه ٻاهران ئي ڇو نه هجي.

5. قران مجيد جي انهن سورتن کي پڙهڻ، جن ۾ واجب سجدو آهي، ايستائين جو هڪ لفظ پڙهڻ به حرام آهي.

6. قرآن مجيد جون اهي سورتون جن ۾ واجب سجدو آهي:

(1) سورت نمبر 32 (سجده) (2) سورت نمبر 41 (فصلت)

(3) سورت نمبر 53 (نجم) (4) سورت نمبر 96 (علق).

  1. ائمه معصومين عليهم السلام جي حرم ۾ (ترسڻ) توقف ڪرڻ.(احتياط واجب جي بنا تي).

ڪجھ مسئلا:

1 جيڪڏهن ڪو مجنب شخص مسجد جي هڪ دروازي مان داخل ٿي (*بغير ترسڻ جي) ٻئي دروازي مان نڪري وڃي ته ڪو حرج نه آهي، البته اهو حڪم مسجد الحرام ۽ مسجد النبي کان علاوهه ٻين مسجدن لاءِ آهي ڇو ته مجنب انهن ٻنهي مسجدن منجهان گذرڻ به جائز نه آهي.

2 جيڪڏهن ڪنهن جي گھر ۾ نماز جي لاءِ هڪ ڪمرو يا جڳھ معين هجي (اهڙيءَ ريت آفيسن ۽ ادارن ۾) ته اها جڳھ مسجد جي حڪم ۾ شمار نه ٿيندي.

سبق 10 جو خلاصو

1‑ واجب غسل ٻن قسمن جا آهن:

الف: مرد ۽ عورتن ۾ مشترڪ غسل.

ب:عورتن سان مخصوص غسل.

2ـ جيڪڏهن انسان جي مني نڪري يا همبستري ڪري ته اهو مجنب آهي.

3ـ جيڪو شخص ڄاڻيندو هجي ته هو مجنب ٿيو آهي ته ان کي غسل ڪرڻ گھرجي ۽ جنهن کي اها خبر نه هجي ته مجنب ٿيو آهي يا نه؟ ته ان تي غسل واجب نه آهي.

4ـ منيءَجون علامتون:

شهوت سان نڪري.

تيزي ۽ جھٽڪي سان نڪري.

نڪرڻ کان بعد بدن سست ٿي وڃي.

5ـ مجنب تي هيٺيان ڪم حرام آهن.

1. قرآن جي اکرن، خدا، پيغمبرن، ائمه،۽ حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليهم اجمعين جي اسماءِ مبارڪ کي مس ڪرڻ.

2. مسجد الحرام ۽ مسجد النبي ۾ داخل ٿيڻ، ۽ ٻين مسجدن ۾ ترسڻ.

3. ڪابه شيءِ مسجد ۾ رکڻ.

4. قرآن مجيد جي انهن سورتن کي پڙهڻ جن ۾ واجب سجدا آهن.

5. مسجدن مان گذرڻ جيڪڏهن توقف جي بغير هجي ۽ هڪ دروازي مان داخل ٿي ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري وڃجي ته ڪو حرج نه آهي، صرف مسجدالحرام ۽ مسجدالنبي مان گذرڻ به جائز نه آهي .

(؟)سوالات:

1ـ مرد ۽ عورتن جي درميان مشترڪ غسل ڪهڙا آهن؟

2ـ هڪ شخص ننڊ مان بيدار ٿيڻ بعد پنهنجي لباس تي هڪ رطوبت ڏسي ٿو ليڪن گھڻي فڪر ڪرڻ کان بعد، مني جي ڪا علامت نه ٿو ڏسي ته ڇا ان تي غسل واجب آهي؟

3ـ مجنب شخص لاءِ امامزادن جي حرم ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ڇا حڪم آهي؟

4ـ ڇا مجنب ماڻهو، فوجي ڇانوڻين،دفترن ۽آفيسن جي نماز خانن ۾ويهي سگھي ٿو؟