Get Adobe Flash player

قَالَ عَليُّ عليه السلام: جَمِيعُ الخَير کُلُہُ فِيۡ ثَلَاثِ خِصَال اَلنَّظرُوَالسُّکُوتُ وَالۡکَلَامُ فَکُلّ نَظَرِ لَيسَ فِيۡہِ اِعۡتِبَار فَهُوَ سَهۡوٌ وَ کُلُّ کَلَام لَيۡسَ فِيہِ ذِکۡرٌ فَهُوَ لَغوٌ وَکُلُّ سُکُوتِ لَيۡسَ فِيۡہِ فِکۡرَةُ فَهُوَ غَفۡلَةٌ فَطُوۡبيٰ لِمَنۡ کَانَ نَظرُهُ عِبۡرًا وَ صُمۡتُہ تَفَکُّرًا وَ کَلَامُہُ ذِکرًا. وسائل الشيعه ج 8 ح 6 باب 120 آداب العشره.

مولا علي عليه السلام هڪ با ايمان ۽ بامعرفت ماڻهوءَ جون 3 خاصيتون اهڙيون بيان فرمايون آهن، جو اهي ٽي صفتون جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ اچي وڃن ته اهو سڀني خوبين جو مالڪ ٿي ويندو ۽ اهي ٽي صفتون هي آهن (1) نظر (ڏسڻ) (2) خاموش رهڻ (3) ڳالهائڻ

اميرالمؤمنين علي عليه السلام جن انسان جي نگاه جي باري ۾ فرمائين ٿا ته

کُلّ نَظَر لَيسَ فِيۡہِ الۡاِعۡتِبَار فَهُوَ سَهۡوٌ. هر نگاه جنهن ۾ عبرت حاصل ڪرڻ جي خاصيت نه هجي ته اها نظر ڀليل نگاه آهي. هونءَ به انسان دنيا ۾ ڪيتريون ئي عجيب ۽ غريب شيون ڏسي ٿو، ڪيترائي اچرج ۾ وجھندڙ واقعات ٻڌي ٿو ۽ جيڪڏهن انهن مان عبرت نه ٿو حاصل ڪري، ته ان جو ڪهڙو فائدو آهي؟ هن دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جن جي اڳيان ڪيترن ئي ماڻهن جي بد عملن جي نتيجي کي به ڏسن ٿا، پر بجائي انهئَ جي جو اُن مان عبرت حاصل ڪن، وري به ساڳين ڪڌن ڪمن ۾ مصروف رهن ٿا ۽ اهڙي طرح پنهنجي قيمتي عمر کي اجاين ڪمن ۾ گذاري ڇڏين ٿا. جڏهن ته هي زندگي بنا عبرت حاصل ڪرڻ جي بيڪار آهي. عبرت حاصل ڪرڻ وارو ماڻهو پنهنجي سيرت ۽ ڪردار ۾ سڌارا پيدا ڪري ٿو ۽ نيٺ هڪ سعادت مند زندگي گذاري پنهنجي رب جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿئي ٿو.

وَ کُلُّ کَلَام لَيۡسَ فِيہِ ذِکۡرٌ فَهُوَ لَغوٌ

مولا علي عليه السلام فرمائن ٿا: اها گفتگو جنهن ۾ ذڪر نه آهي، اها گفتگو فضول آهي. مولا هن عبارت ۾ پنهنجي پيروڪارن کي بيهوده ۽ بي فائده ڪچهرين کان پاسو ڪرڻ جي نصيحت فرمائن ٿا ته جيئن ان جو وقت ضايع نه ٿئي، ۽ حقيقت به اهائي آهي ته جنهن ڪچهريءَ ۾ الله سائين جو ذڪر نه آهي ان ڪچهري ۾ ڪوڙ، تهمت، گلا، غيبت ۽ مومنن جي توهين جهڙا برا ڪم شامل ٿي وڃن ٿا ۽ ڪچهري جي ماحول کي خراب ڪري ڇڏين ٿا. پر جيڪڏهن ڪنهن ڪچهري ۾ ڪا گناه جي ڳالھ نه هجي. رڳو زماني جون ڳالهيون هجن جنهن جو ڪو خاص فائدو نه هجي ته به اها ڳالھ فضول آهي ۽ مولا علي عليه السلام جن ان گفتگو کي بيهوده قرار ڏنو آهي.
 ٽيون جملو مولا علي عليه السلام جي فرمان جو هي آهي ته : وَکُلُّ سُکُوت لَيۡسَ فِيۡہِ فِکۡرَةُ فَهُوَ غَفۡلَةٌ.
جنهن سڪوت ۽ خاموشيءَ ۾ فڪر نه آهي، اها غفلت آهي. ڇو جو انسان ۾ سجاڳئَ جو سبب سوچ ئي آهي، جيڪا انسان کي پنهنجي حياتئَ جي مقصد ڏانهن متوجه ڪري ٿي. نه ته اڪثر بي فڪر ماڻهو پنهنجي پوري زندگي حيوانن وانگر کائڻ، پيئڻ ۽ دنيا جي فاني لذتن ۾ گذاري ڇڏين ٿا ۽ توجه ئي نه ٿا ڪن ته اسان کي ڇا جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. هن حياتئَ ۾ ڇا ڪرڻو آهي ۽ هن دنيا ۾ ڪهڙا فرائض انجام ڏيڻا آهن، جن تي عمل ڪرڻ مون تي لازم ۽ ضروري آهي. الله سائين جي معرفت حاصل نه ڪرڻ، زندگئَ جي مقصد کي نه سمجھڻ ۽ پنهنجي فرائض تي عمل نه ڪرڻ جو سبب غفلت آهي، ۽ غافل ڪرڻ جا سبب ڪيترائي آهن، جن مان بي فڪر رهڻ به هڪ وڏو سبب آهي.

آخري جملي ۾ مولا علي عليه السلام خوشخبري ڏيندي فرمائن ٿا: طُوۡبيٰ لِمَنۡ کَانَ نَظرُهُ عِبۡرًا وَ صُمۡتُہ تَفَکُّرًا وَ کَلَامُہُ ذِکرًا. خوشخبري ۽ بشارت هجي ان ماڻهو کي جنهن جي ڏسڻ ۾ عبرت هجي. خاموشي ۾ فڪر هجي ۽ جنهن جي گفتگو ۾ الله سائين جو ذڪر سمايل هجي.