Get Adobe Flash player

امام حسين عليه السلام جي ولادت باسعادت ٽي شعبان المعظم تي مديني منوره ۾ مشهور قول مطابق سندن ولادت سن چار هجريءَ ۾ ولادت ٿي.

امام حسين عليه السلام اٽڪل ست سال پنهنجي ناني، ڪائنات جي رسول ص سان گڏ زندگي گذاري. ۽ انهن ستن سالن ۾ جيتوڻيڪ حضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم عربن سان جنگين ۾ مشغول هيا پر ان جي باوجود به خدا جي وحيءَ کانسواءِ ڪلام نه ڪرڻ واري نبي ص، حسين مولا ع جون ايتريون ته فضيلتون بيان ڪيون آهن. جو ڪنهن قلم ۾ ايتري طاقت ناهي جو انهن سڀني کي پنهنجي نوڪ سان لکي ڪري ڪنهن ڪتاب جي سيني ۾ سانڍي رکي. بس امام حسين عليه السلام جي فضيلت ۾ پيغمبراڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن جي بيان ڪيل حديثن مان ڪجھ هيٺ بيان ڪريون ٿا:

 

1.پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلمجي امام حسين عليه السلامسان محبت

يعليٰ بن مره روايت ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن اسان، نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم سان گڏجي ڪنهن دعوت ۾ وڃي رهيا هئا سين اچانڪ اسان سڀني جي نظر حسين عليه السلام تي پئي رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم اسان سڀني کان اڳتي وڌيا ۽ پنهنجون ٻانهون وڌائيندي حسين عليه السلام کي وٺي ساڻس پيار ڪيائون، پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم ، پنهنجي ڏوهٽي کي وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر حسين عليه السلام هِن هُن طرف ڀڄن ٿا نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم امام جن کي کيڏائن پيا ۽ کِلائن ٿا آخرڪار حسين عليه السلام جن کي وٺن ٿا ۽ فرمائين ٿا: حسين مون منجھان آهي ۽ مان حسين منجھان آهيان. خدا ان کي دوست رکي ٿو جيڪو منهنجي حسين کي دوست رکي ٿو. [1]

محب الدين طبري، ابن بنت منيع کان ۽ اهو يزيد بن ابي زياد کان روايت ڪري ٿو ته: هڪ ڏينهن نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم ، بيبي عائشه جي گھر کان ٻاهر آيا ۽ بيبي فاطمه سلام الله عليها جي گھر کان گذري رهيا هئا ته امام حسين عليه السلام جي روئڻ جو آواز ٻڌائون اتي ڪائنات جي رسول صلى الله عليه وآله وسلم ، پنهنجي ڌيءَ کي فرمايوته: “ الم تعلمي انَّ بُکائه يوذيني”[2] اي منهنجي ڌيءَ زهرا ڇا توکي خبر ناهي حسين جي روئڻ سان مونکي اذيت ٿي ٿئي؟

2.پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جو امام حسين عليه السلام کي چمڻ

پنهنجي اولاد سان محبت جي هڪ نشاني کين چمڻ آهي. جاهليت جي دور ۾ پنهنجي اولاد سان محبت جي اظهار کي عيب سمجھيو ويندو هواگر ڪير پنهنجي اولاد کي بوسو ڏيندو هو ته ٻيا ان تي تعجب ڪندا هئا هو سختدليءَ کي باعثِ فخر سمجھندا هئا پنهنجي اولاد سان محبت ته ڇا پر ايترا ته سنگدل هئا جو ڌيءَ جهڙي عظيم رحمت کي به جيئرو دفن ڪري ڇڏيندا هئا هڪ شخص نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جي ڪچهريءَ ۾ نياڻيءَ کي زنده دفن ڪرڻ جو واقعو بيان ڪري رهيو هو ته: اي خدا جا رسول ص هڪ مرتبي مان تجارت لاءِ ويل هئس ڪجھ عرصي کان بعد جڏهن مان پنهنجي گھر موٽيس ڏسان ته منهنجي گھر ۾ هڪ ٽن چئن سالن جي نياڻي کيڏي رهي هئي مون پنهنجي گھرواريءَ کان پڇيو ته هيءَ ڪنهن جي ڌيءَ آهي؟ منهنجي گھرواريءَ وراڻيو ته هيءَ تنهنجي ڌيءَ آهي اي خدا جا نبي ص جڏهن مون اهو ٻڌو ته مونکي ايتري ڪاوڙ ۽ غصو آيو ته منهنجي گھر ۾ ڌيءَ ڇو ڄائي آهي مان پنهنجي ڌيءَ کي قبرستان دفن ڪرڻ لاءِ وٺي ويس. ننڍي هجڻ جي ڪري منهنجي ڌيءَ اهو ته نه سمجھي پيئي ته مونکي بابو دفن ڪري رهيو آهي هوءَ جيئن گھر ۾ راند کيڏندي هئي اتي به راند کيڏي پئي. اي الله جا نبي ص جڏهن مان قبر کوٽڻ لڳس ۽ منهنجي پيشاني مان پگھر پئي آيو توڙي جو هوءَ ننڍڙي هئي پر پنهنجي راند ڇڏي پنهنجي پوتيءَ سان منهنجو پگھر پئي اُگھي، اي خدا جا نبي تنهن هوندي به مونکي ڪهل نه آئي ۽ مان پنهنجي نياڻيءَ کي زنده دفن ڪري ڇڏيو. پر ڪائنات جي رسول، جاهل عربن جي تمام ريتن، رسمن کي اهڙي نموني ختم ڪيو ۽ نياڻيءَ جو دينِ اسلام ۾ اهو مقام پنهنجي زبان ۽ عملي ميدان ۾ پڻ ڪري ڏيکاريو جو اڄ به تاريخ ان جي گواهه آهي جهڙوڪ بيبي زهرا سلام الله عليها جي آمد تي نبي ڪريم ص جن جو سندن احترام ۾ اٿي بيهڻ ۽ پنهنجي جاءِ تي ويهارڻ ۽ پنهنجي نياڻيءَ کي امان ڪري سڏڻ وغيره. اهي سڀئي پيار ۽ محبت جون علامتون آهن. جهڙي طرح نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڌيءَ سان محبت ڪندا هئا اهڙي ئي طرح ان جي اولاد سان به پيار ۽ محبت ڪندا هئا.

ابن عبد البر قرطبي، ابو هريره کان روايت ڪري ٿو ته هن چيو مان پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ته نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم حسين عليه السلام جي ٻنهي هٿن مان ورتو حسين عليه السلام جن جا قدم مبارڪ، نبي ص جن جي قدمن جي مٿان هئا ان وقت ڪائنات جو نبي فرمائي پيوتَرَقَّ عَيۡنَ بَقّه حسين عليه السلام جن ايترا ته مٿي ويا جو پنهنجا پير مبارڪ نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جن جي سيني مبارڪ تي رکيائون ان وقت رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته: اي خدا هن ( حسين) کي دوست رک ڇو جو آئون ان کي دوست رکان ٿو.[3]

3. امام حسين عليه السلام جو مُهرِ نبوت تي سوار ٿيڻ

ابو سعيد شرف النبوة ۾ روايت ڪري ٿو ته رسول ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جن ويٺا هئا ته امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام پاڻ ڪريم ص جن ڏانهن آيا جيئن ئي نبي ڪريم ص جن جي نظر انهن تي پئي ته انهن لاءِ اُٿي بيٺا انهن جو استقبال ڪري فرمايائون اي حسنين ڇو ايترو دير سان آيا آهيو؟ ان کانپوءِ انهن کي سندن مبارڪ ڪلهن تي سوار ڪري فرمايوته: نِعۡمَ الۡمَطِيّهُ مَطِيۡيَطُکُمَا نِعۡمَ الرّکِبَانِ اَنۡتُمَا[4]توهان جي سواري ڪيڏي نه سٺي آهي ۽ توهان سوار ڪيڏا نه سٺا آهيو.

اهڙي نموني جمال الدين حنفي زرندي، ترمذي ۽ ابن حجر، ابن عباس کان روايت ڪن ٿا ته: پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم ، امام حسين عليه السلام کي پنهنجي ڪلهن تي سوار ڪري بيٺا هئا ته هڪ شخص امام حسين عليه السلام کي مخاطب ٿيندي چيو اي حسين ڪيڏي نه سُهڻي سواريءَ تي سوار ٿيو آهين! ان تي پاڻ سڳورن ص فرمايو: نِعۡمَ الرَّاکِبُ هُوَ[5]اي شخص ائين چئو ته سوار ڪيڏو نه سٺو آهي.

4.حسين سان دوستي واجب آهي

امام حسين عليه السلام سان دوستي ۽ مودت جي باري ۾ متواتر روايتون ملن ٿيونانهن مان هڪ

هي آهي ته ابن عبدالبر ۽ ابو حاتم ۽ محب طبري هڪ حديث ۾ عبد الله بن عمر کان روايت ڪن ٿا

ته پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام جن جي باري ۾ فرمايو: “ مَنۡ اَحَبَّنِيۡ فَلۡيُحِبَّ هٰذَيۡنِ[6]جيڪو شخص مون کي دوست رکي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته حسنين عليهما السلام کي به دوست رکي.

۽ هڪ ٻئي روايت ۾ احمد بن حنبل،يعليٰ بن مره کان روايت ڪري ٿو ته هڪ مرتبي امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم ڏانهن پئي آيا ٻنهي منجھان هر هڪ جي اها ڪوشش هئي ته پهريان هو پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي محضر ۾ پهچي پاڻ سڳورن ص اڳتي وڌي هڪ کي کنيو،سيني سان لاتو ۽ چميائينس ان کان پوءِ ٻئي کي به سيني سان لڳائي چمي ڏئي فرمايو:

اِنِّيۡ اُحِبُّهُمَا فَاَحِبّوُا هُمَا [7] مان هنن (حسنين) سان محبت ڪريان ٿو توهان به انهن سان محبت ڪريو.

5.حسين سان دوستي رکڻ جي فضيلت ۽ ساڻس دشمني ڪرڻ جي مذمت:

اهلسنت جا ڪافي علماء جيئن( ابن ماجه، ابن حجر، احمد، حاڪم، سيوطي، ابن حجر هيثمي وغيره ) به ابو هريره جي سند سان، پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم کان روايت ڪن ٿا ته هڪ دفعي پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم ٻاهر آيا ۽ سندن ڪلهن تي حسنين سوار هئا هڪ مرتبي امام حسن جن کي بوسو ڏين پيا ته ٻئي دفعي امام حسين عليه السلام جن کي چمين پيا ايسيتائين جو نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن ٻنهي کي چمندا اسان تائين اچي پهتا ۽ پاڻ ص فرمايو ته: مَنۡ اَحَبَّ الۡحَسَنَ وَ الۡحُسَيۡنَ فَقَدۡ اَحَبَّنِيۡ وَ مَنۡ اَبۡغَضَهُمَا فَقَدۡ اَبۡغَضَنِنِيۡ. جنهن حسن ۽ حسين عليهما السلام سان محبت ڪئي بيشڪ ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن انهن سان بغض ۽ دشمني ڪئي ان مون سان دشمني ڪئي.

طبراني، سلمان کان روايت ڪري ٿو ته پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: مَنۡ اَحَبَّ الۡحَسَنَ وَ الۡحُسَيۡنَ اَحۡبَبۡتُه وَمَنۡ اَحۡبَبۡتُه اَحَبَّه اللهُ وَ اَدۡخَلَه فِيۡ جَنَّات النَعِيۡم وَ من اَبۡغضَهُمَا اَوۡ بَغيٰ عَلَيۡهِمَا اَبۡغَضۡتُه وَمَنۡ اَبۡغَضۡتُه اَبۡغضَهُ اللهُ وَ اَدۡخَلَهُ جَهَنّمَ وَ لَه عَذاب مُقِيۡم.[8] جيڪو حسن ۽ حسين کي دوست رکي ٿو آئون ان کي دوست رکان ٿو ۽ جنهن جنهن کي آئون دوست رکان ٿو ان کي خدا دوست رکي ٿو ۽ جنهن کي خدا دوست رکي ٿو ان کي بهشت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ جيڪو انهن سان دشمني رکي ٿو يا انهن تي ظلم ڪري ٿو آئون ان کي دشمن رکان ٿو ۽ جنهن کي آئون دشمن رکان ٿو خدا ان کي دشمن رکي ٿو ۽ ان کي جهنم ۾ داخل ڪري ٿو ۽ اهو هميشه عذاب ۾ رهندو.

6. امام حسين عليه السلام جو پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم سان هڪ ئي جڳهه ۾ هجڻ:

احمد طبراني ۽ ابن اثير، علي عليه السلام جن کان ۽ حاڪم نيشاپوري ڪتاب مستدرڪ ۾ ابو سعيد کان روايت ڪن ٿا ته پيغمبرِ اسلام صلى الله عليه وآله وسلم بيبي فاطمه سلام الله عليها کي فرمايو: يا فاطمه اني و اياک و هذا الراقد (يعني عليا) و الحسن و الحسين يوم القيامه لفي مکان واحد.[9] اي فاطمه آئون ۽ تون ۽ هي جيڪو سمهيل آهي ( يعني علي) ۽ حسن ۽ حسين عليهم السلام قيامت جي ڏينهن هڪ ئي مڪان ۾ هونداسين ۽ هڪ ٻئي روايت ۾ سڀ کان اڳ جنت ۾ داخل ٿيڻ واري جي باري ۾ حاڪم نيشاپوري ۽ ابن سعد، امام علي عليه السلام جن کان روايت ڪن ٿا ته پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: “ انّ اوَّلَ من يدخلُ الجنه انا و انت و فاطمه و الحسن و الحسين قال علي : فمُحبونا قال: من ورائکم[10]سڀ کان پهرين بهشت ۾ داخل ٿيڻ وارو، مان تون، فاطمه، حسن ۽ حسين آهيون. علي عليه السلام عرض ڪيو ته يا رسول الله اسان جا محب ۽ دوست ڪڏهن داخل ٿيندا؟ نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته اهي توهان جي پويان بهشت ۾ داخل ٿيندا.



[1]جامع الصغير، ج1، صفحو 148. ڪنز العمال، ج6، صفحو 223، ح 3953.

[2]نور الابصار، صفحو 114.

[3]استيعاب، ج1، صفحو182_183.

[4]ذخائر العقبيٰ، صفحو 130.

[5]صواعق، صفحو 135. ۽ نظم درر المسمطين، صفحو 212.

[6][6]لسان الميزان، جلد 2، صفحو220.

[7]ذخائر العقبيٰ، صفحو 123.

[8]ڪنز العمال ج6، صفحو 222،حديث 3916.

[9]ڪنز العمال ج6، صفحو 216،حديث 3793.

[10]ذخائر العقبيٰ، صفحو123.