Get Adobe Flash player

رهبر معظم حضرت آيت الله العظمى سيد علي حسيني خامنه اي جي تقرير مان اقتباس“

21 رمضان المبارڪ سن 40 ه ق ڪوفه جي مسجد ۾ پنهنجي حڪومت ۾سختئَ سان عدل ۽ انصاف کي قائم ڪرڻ جي ڪري شهيد ڪيل اسان جي مظلوم آقا اميرالمؤمنين(عليه السلام) جيشخصيت کي حقيقي معنيٰ ۾ سڃاڻڻ ڪنهن به غير معصوم جي وس جي ڳالهه نه آهي.انهئَ دؤر۾ماڻهن جو فرض اهيو هو ته اهي مولا جي رفتار۽ڪردار جي روشني۾سندن صراط مستقيم جي تلاش ڪن ها.ڇوجوپاڻ عدل۽ انصاف جوترازو۽اعمال کي پرکڻ جومعيارآهن،

 

 

پرافسوس جوسندن دور۾پاڻ کي مسلمان سڏرائڻ وارن نه صرف جي پيروي حقيقت ۾سندن پيروي نه ڪئي پر توهين پڻ ڪئي.مولا جن جومذاق اڏايائون ۽ سندن گفتار ۽عمل تي اعتراض به ڪيائون.ڪنهن چيو ته تلوارکڻي پنهنجوحق ڇونه ٿا وٺن؟ ڪنهن چيوته هي خاموش ڇوآهن؟ ڪنهن چيو ته انهن کي ته سياست ئي ڪانه ٿي اچي.حد ٿي وئي جوچوڻ وارن ايستائين به چئي ڏنو ته علي (عليه السلام) (معاذ الله)ڪافر ٿي ويو آهي.ان کي ته توبه ڪرڻ گھرجي سندن ذات تي سب وشتم ڪيوويو.(گھٽ وڌ ڳالهايو ويو)سندن نافرماني ڪئي وئي.سندن توهين ڪئي وئي.مولا (عليه السلام) جي سچي پيروڪارن تي قسمن قسمن جا ظلم ڪيا ويا.افسوس ته انهي ڳالهه جو آهي جو چوڏهن سؤ سالن گذرڻ کانپوءِ به ڪڏهن ڪڏهن انهن سڀني اعتراضن جوچؤٻول،ڪٿان ڪٿان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.ايتري مارکائڻ کان پوءِ به اهي زرخريد قلم پنهنجي ڪڌين ڪارواين کان نه ٿا رڪجن.ها اها هڪ حقيقت آهي ته ڪوبه حضرت امير (عليه السلام) جي عمل ۽ ڪردار مان روشني حاصل ڪرڻ چاهي ته ضروري ناهي جو هو پنهنجو پاڻ کي مسلمان چورائيندو هجي (اهوئي سبب آهي جو)اڄ اقوام متحده عربن کي علي (عليه السلام) جي پيروي ڪرڻ جو مشورو ڏيئي رهي آهي ۽ حضرت امير (عليه السلام) جي چار ساله حڪومت کي ماڊل گورنمنٽ جي طورتي متعارف ڪرائي رهي آهي.انهي جوسبب اهوئي آهي ته حضرت علي (عليه السلام) سڀني جا ئي آهن.سڄي انسانيت جا آهن.انهي پس منظر ۾اچي ڏسون ته قائد انقلاب اسلامي انهي عظيم هستي جي باري ۾ڇا ٿافرمائين:

((اميرالمؤمنين علي (عليه السلام) پوري انسانيت جا امام آهن،صرف شيعن جوامام يا مسلمانن جا خليفا ناهن،علي ابن ابيطالب (عليه السلام) جي فضائل ۽ ڪمالات جي آڏوسڄي انسانيت جوسرجھڪيل آهي سواءِ انهي جي جو ڪوکين نه سڃاڻي ۽ نه ڏسي انهي لاءِ توهان ڏسي رهيا آهيو ته فقط مسلمانن نه پر مسيحي(عيسائي) به اميرالمؤمنين (ع) جي ثنا ۽ ساراه ڪندي نظر اچن ٿا رڳو شيعه ئي نه پردنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهلسنت ۽ ٻين اسلام جي بزرگن جي ڀيٽ ۾ اميرالمؤمنين (ع) جو ذڪر هڪ الڳ انداز ۾ ۽هڪ جدا ذوق ۽ شوق سان بيان ڪن ٿا. انهي جو سبب ڇا آهي؟ ان جو سبب مولا امير (ع) جي ذات جي عظمت آهي اهائي عظمت جنهن کي سندس حياتي ۾ ۽ شهادت کانپوءِ سوين سال گذرڻ تائين ڪجهه ماڻهو لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پرناڪام رهيا سج جي روشني لڪائڻ سان نه ٿي لڪي جيڪڏهن سج آهي ته چمڪندو رهندو، روشني به ڏيندو ۽ گرمي به ڇا اهڙي شئ کان انڪار ممڪن آهي؟

اميرالمؤمنين (ع) جو هي ڪهڙيون خاصيتون آهن؟هي ڪهڙيون عظمتون آهن؟انهن عظمتن جي حد ڪيتري آهي؟هي اهڙا سوال آهن جن جا جواب ۽ انهن جي ڄاڻ جي ڪوبه غير معصوم دعويٰ نه ٿو ڪري سگھي ڇو جو اهي حدون نامعلوم آهن.هتي سمنڊ جي گھرائي آهي سمنڊ جي طوفانن ۽ ان جي موجن کي يا پاڻي ۽ ان جي حيرت انگيز موجودات کي ته ڏسي سگھجي ٿو پر انهن جي اونهائي جي پروڙ اهوئي ڪري سگھي ٿو جيڪو ان جي گھرائي ۾لهي سگھي اميرالمومنين (ع) جي فضائل جي اڻ کٽ سمنڊ ۽ ان جي شخصيت ۽ عظمت کي اهي ئي هستيون سمجھي سگھن ٿيون جن جو مولا امير (عليه السلام) وانگر غيب سان رابطو آهي ۽ جن سان خدا جي خاص عنايت شامل آهي.نه ٻئي ڪنهن سمجھوآهي نه ڪو سڃاڻي سگھي ٿو.

اسان جيڪو ڪجهه ڏسي رهيا آهيون اهاسندن ظاهري عظمت ۽ ڪجهه نشانيون آهن ۽ سندن ظاهري عظمت کي سمجھڻ به اسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.نهج البلاغه ۽ مولا امير(ع) جي ٻين جملن جي کان ٻاهر آهي.عظيم هستيون ۽ اونهي علم ۽ عقل وارا پارکوئي انهن اسرارن کي سمجھي سگھن ٿا.اسان ته جيڪوڪجهه ڏسون ٿا مولا جي شجاعت،عبادت،بهادري،خداجي حڪم جي پابندي،خدا جي منبع ٿيل کان زهد ۽ پاسو ڪرڻ، جهاد، ايثار، مدد، سندن مهرباني ۽ مروت ۽ نرم دلي،مغرورن،سرڪشن ۽ ظالمن جي مقابله ۾محڪم ۽ مظبوط رهڻ،انسانن جي وچ ۾ عدل کي قائم ڪرڻ۽ ثابت قدم رهڻ،ظلم ۽جور جي مخالفت ڪرڻ مولا جي عظيم صفتن مان ڪجهه صفتون آهن.جي اُن اڻ کٽ سمنڊ جا ڪجهه ظاهري پهلو آهن.هاڻي توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته هي ظواهر ۽ نشانيون ڪيتري قدر پيچيده ۽ حيران ڪندڙ آهن ۽ خوبصورت به.ڪهڙو شخص انهي هستي جي مقابلي ۾آڻي سگھجي ٿو جنهن ۾اهي سڀ خاصيتون هجن.اهيا اميرالمومنين (ع) جي ڳالهه آهي هي فقط شيعن جي ڳالهه ناهي بلڪه هڪ تاريخ جي هڪ مڃيل حقيقت آهي ۽ امير (ع) جي دشمنن به انهن ڳالهين جو اعتراف ڪيو آهي.معاويه جي محفل ۾ڪنهن مولا تي تنقيد ڪندي ڪجهه چيو ته معاويه ان تي ڪاوڙيو ۽ مولا جي مدح ڪيائين اميرالمؤمنين (ع) جي شهادت کانپوءِ جڏهن به سندن چاهڻ وارن سان معاويه جو ملڻ ٿيندوهوته چوندو هو مون کي علي (ع) جي باري ۾ ٻڌايو۽ هومولا جو ذڪر ڪندا هئا.روايت ۾آهي ته معاويه ڪڏهن ڪڏهن لڙڪ به وهائيندو هو، هي تعجب ۾آڻڻ واريون ڳالهيون آهن.معاويه جي اميرالمومنين (ع ) سان دشمني ڪا ڍڪيل ۽ ڇپيل ڳالهه نه آهي ۽ انهي کي سڀ سمجھن ٿا.

زبير جو خاندان مولا جو مخالف هو هڪ ڀيري انهي جي اولاد يا پوٽن مان ڪنهن پنهنجي پئَ کان سوال ڪيو ته ڇا نسبت آهي جو اميرالمومنين (ع) جي اولاد جي عظمت هر روز وڌندي ٿي وڃي؟ ان جواب ۾وراڻيو ته ها ائين ئي آهي انهن جي دشمنن جيترو به سندن فضيلتن کي لڪائڻ چاهيو هو اهي فضيلتون ايترو ئي ظاهر ۽ نروار ٿيون.اهڙي طرح جيئن دزمٽي هيٺ آيل ۽ ڪک پن ۾به لڪيل خالص سون ظاهر ٿي پوي ٿو ۽ انهن جي مخالفن جي بدبوءِ اهڙي طرح نقصان ڪار ٿي جيئن مردار جي بدبوءِ پهريان کان وڌيڪ هر لحظي هر وقت وڌندي رهي ٿي.اڄ به مسلمانن جا ڪتاب چاهي شيعن جا هجن چاهي سنين جا امير المومنين (ع) جي فضائل سان ڀريل آهن.

زندگي جي هر دور ۾پاڻ بهترين نمونه عمل آهن.ڏهن ۽ ٻارهن سالن جو نوجوان به سندن اقتداء ڪندي کين پنهنجي لاءِ نمونه عمل بنائي سگھي ٿو ڇو ته پاڻ ڏهن يارهن سالن جي ڄمار ۾اهي پهريان شخص هئا جنهن اسلام کي سڃاتو ۽ سرڪار رسالت مآب صلي الله عليه وآله وسلم جي اطاعت ڪئي هي هڪ اهم ڳالهه آهي.هڪ ڏهن يارهن سالن جو ٻارايترن مخالفن جي سامهون حق کي سڃاڻي۽انهي تي قائم به رهي ۽انهي رستي ۾ڪنهن جي به ڪاپرواه نه ڪري.ويهن، ٻاويهن،پنجويهن سالن جو جوان به حضرت امير (ع)

کي پنهنجي لاءِ عملي نمونو قرار ڏيئي سگھي ٿــو.ڪهڙي طرح؟ ان لاءِ ته پاڻ اهڙي شخصيت آهن جنهن ٽيويهن سالن جي عمر ۾جڏهن نبي سڳوري صل الله عليه وآله وسلم مڪي کان مديني هجرت ڪئي ته هجرت جي اهم ذميداري پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ رسالت مآب صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي گھر جي معززترين شخصيات (مستورات) کي سندن حوالي ڪيائون ان لاءِ ته کين مڪي مان مديني وٺي اچن پاڻ سڳورن حضرت امير(ع)کي مڪي ۾پنهنجو وڪيل بنايو ته ماڻهن کي سندن امانتون واپس ڪن ۽ پوءِ مديني اچن سرڪار رسالت مآب صلي الله عليه وآله وسلم جو فريضو ادا ڪن ۽ حضورصه جو قرض وصول ڪن.رات جو جڏهن سرڪار کي تلوارن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو منصوبو بنايو ته مولا علي (ع) ئي هئا جيڪي نبي صه جي بستري تي ستا ۽ ان جي عظمت کي ته ڏسو هي آهي عملي نمونو.

جڏهن سرڪاررسالت مآب صه مديني ۾حڪومت جوڙي ته مولا امير (ع) انهن ڏهن سالن ۾پهرين صف جاسپاهي رهيا.ٽيويهن سالن جي عمرکان وٺي ٽيٽيهن سالن جي ڄمارتائين جڏهن به نبي سائين صه تي ڪابه مشڪل نه آئي ته علي (ع) پهريان شخص هوندا هئا جيڪي نبي پاڪ صه سان گڏ هوندا هئا ۽ سندن دفاع لاءِ هر وقت سينه سپر رهندا هئا.جنگين ۾ناقابل حل مشڪلات ۾علي (ع) جي تلوار مشڪل ڪشاهوندي هئي.جڏهن سڀ کان ڍڄي ڀڄڻ لڳندا هئا ته پاڻ سرتري تي کڻي اڳتي دشمن ڏانهن وڌندا هئا مولا امير (ع ) پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه نه ٿي چاهيو فقط خدا جي راه جي خاطر حضرت ختمي مرتبت صهجي خدمت ۾ مشغول رهيا.

جڏهن سرڪار دوعالم صه جوانتقال ٿيوته مولا امير (ع) خلافت کي پنهنجو حق سمجھندا هئا پاڻانهي ڪم لاءِ اڳتي وڌيا ماڻهن کي چيائون انهن کي دعوت ڏنائون پر جڏهن ڏٺائون ته ائين نه ٿو ٿي سگھي ته پاڻ پنهنجي طرف خاموش رهيا ڇوته جيڪڏهن انهي رساڪشي جي حالت ۾وري به ماڻهن کي پنهنجي طرف دعوت جو سلسلوجاري رکن هاته مسلمانن جي ذهنن ۾اسلام جي باري ۾شڪ ۽ شبها پيداٿين ها انهي لاءِ پاڻ صابر رهيا.

((فصبرتُ وفي العينقذيوفيالحلقشجا))

پنجويهن سالن تائين اميرالمومنين (ع) خلافت کي پنهنجوحق سمجھڻ جي باوجود به اسلامي امت جي اتحاد لاءِ،معاشري جي يڪجهتي ۽ اسلامي حڪومت جي بقاء لاءِ،پنهنجي حق جي باري ۾وري ڪجهه نه چيائون ڇاهي عام ڳالهه آهي؟يا آسان ڪم آهي؟هي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي انسانن ۾هڪ ماڻهوء کي با فضيلت بنائين ٿيون ۽ اهي ڪم انسان کي تاريخ جو اهڙو اڀرندڙ سج ٺاهين ٿا جيڪو ڪڏهن به غروب نه ٿو ڪري.

جڏهن پنجويهه سال گذري ويا ۽ هاڻي حضرت امير (ع ) جي عمر ستونجاه ، اٺونجاه سال تي پهتي يعني پيري جي پاسي ته ماڻهن هر طرف کان اچي اصرار ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته هاڻي ضروري آهي ته خلافت کي سنڀاليو ۽ اسان ڪنهن به حالت ۾انهي اصرار کان نه هٽنداسين پر هاڻي اهي اميرالمومنين جنهن وٽ خلافت جي ڪابه اهمي نه هئي فقط ۽ فقط اسلام جي خدمت مدنظرهئي ڏٺائون ته عالم اسلام جاڪنڊ ڪڙڇ مان افراد آيا آهن مصر ۽ عراق مان خود مديني جا بزرگ مهاجرين ۽ انصار مان جيڪي چئي رهيا آهن ته يا علي (ع) توهان کانسواءِ ڪوبه ناهي جيڪو هن معاشري جي قيادت ڪري سگهي ۽ انهن جي مسائل کي۽ مشڪلاتن کي حل ڪري سگھي تڏهن چيائون ته چڱوآئون انهي منصب کي قبول ڪريان ٿو.جنهن وقت کان حضرت علي (ع) انهي ذميداري کي قبول فرمايو،ان وقت کان محراب عبادت ۾ضربت لڳڻ تائين هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ يا ڪابه گھڙي حضرت جن انهي حق ۽ حقيقت جي مطالبه کان پوئتي نه هٽياجنهن تي اسلام جي بنياد رکيل هئي،انهي اسلامي راه۾سندن نه ڪوئي حجاب۽تڪلف آڏوآيو،نه ڪنهن جي زيردست رهيا،نه ڪنهن جي پرواہ ڪيائون۽نه ڪاڪمزوري۽خوف محسوس ڪيائون

((لِيَقُومَ النَّاسَ بِاالقِسۡطِ))

انبياء ڪرام عدل ۽ انصاف کي قائم ڪرڻ لاءِ آيا هئا، ماڻهن کي خدا جي ويجهوڪرڻ لاءِ آيا هئا، ماڻهن ۾خدا جي قانون کي لاڳوڪرڻ لاءِ آيا هئا ۽ اميرالمومنين جي ذميداري به سرڪار رسالت مآب صلى الله عليه وآله وسلم جي وصي ۽ اسلامي ليڊر جي عنوان سان اهائي هئي ان لاءِ هڪ پل به انهي رستي کان پاسيرا نه ٿيا،نه ڪنهن عملي قدم کڻڻ ۾ڪاڪوتاهي ڪيائون.پراڻن ساٿين ساٿ ڇڏي ڏنوجن کي مولاامير (ع) ۾هستي ۽مال جي اميد ۽ لالچ هئي انهن کي مايوسي نصيب ٿي ۽ اهي جدا ٿي ويا،سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ مخالفت ۾جنگيون شروع ڪري ڇڏيائون.ڪالهه جيڪي مولا جي مدح ۽ خوشامد ڪندا هئا،اڄ مولا جي عدل ۽انصاف کي ڏسي سندن خوني دشمن ٿي ويا،پر گلا ڪرڻ وارن جي ملامت ((لاتاخذه لومة لائم))ذري برابر به اميرالمومنينؑ تي اثرنه ڪيو.پاڻ پنهنجي راه تي ثابت قدمي سان هلندا رهيا ۽ انهي سچائي ۽ عدالت واري راه ۾شهيد ٿي ويا((قتل في محراب عبادته لشدة عدله))حضرت عليؑ جي شخصيت جون هي ظاهري ڪرامتون آهن جيڪي اسان ڏسون ٿا.توهان ڏسوته هي ڳالهيون ڪيتريون نه تعجب ۾وجهڻ واريون آهن.انهن ۾ئي ڪيتري ته ظرافت،سهڻائي ۽حيرت نظراچي ٿي.

اسان کي علوي چيووڃي ٿو.اسان عليؑ جاشيعا آهيون.جيڪڏهن اسان عليؑ جونالووٺون۽انهي جي رستي تي نه هلون ته ان جوڪوبه فائدو نه آهي.خود مولاجن جي زماني ۾به اهڙا ماڻهون هئا جيڪي سندن محبت جودم ڀريندا هئا پرجيڪوپاڻ چوندا هئاانهي تي عمل نه ڪندا هئا.مولا انهن سان سختي سان پيش اينداهئا،جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کان خلاف ورزي ظاهر ٿئي ته انهن تي حد جاري ڪنداهئا،جيڪڏهن اهڙن کان ڪفر(شرڪ)جاڪلمات ٻڌائون ته انهن تي تلوارهلايائون.ڪجهه ماڻهن جڏهن مولااميرؑ جي عظمت کي ڏٺو ته ظرفيت جي ڪوتاهي جي ڪري برداشت ڪري نه سگھيا ۽چئي ويٺا ته علي الله آهي.جڏهن ڪنهن کي يقين نه ٿو اچي ته الله سائين عليم ۽حڪيم آهي اهڙي باڪمال هستئَ کي به پيدا ڪري سگھي ٿو،تڏهن اسان خطا ۽ غلطي ۾مبتلاٿيون ٿا.مولا جي دور ۾به ڪجهه ماڻهن اهڙو اظهارڪيو ۽ چوڻ لڳا ته توهان خدا آهيو. اميرالمومنينؑ حڪم ڏنوته سڀني کي قتل ڪيو وڃي،انهن تي رحم نه ڪيائون ڪا ڪهل نه ڪيائون ته هي منهنجا مڃڻ وارا آهن،پر ڇو جو اهي توحيد جو رستو ڇڏي شرڪ سان مقابلي جي راه ڇڏي مرتد ٿي وياهئا ۽ توبه به نه پئي ڪيائون.

مولااميرؑ جي حڪم سان سڀني تي حد جاري ڪئي وئي ۽ قتل ڪياويا.جيڪڏهن اسان جو خيال ۽سوچ آهي ته اسان پنهنجي زبان سان انهي جي ساراه ڪريون ٿا ۽ دل ۾حضرت جي محبت رکون ٿا،(ان ڪري) خداوند عالم ۽مولا عليؑ اسان جي غلط ڪمن ۽ براين کي (سواءِ توبه جي) ڇڏي ڏيندا ته اهيواسان کي سمجهڻ گھرجي ته اهيو حضرت اميرؑ جو طريقه ڪار ناهي مولا جو قانون ۽ هدف خدا جي راه تي هلڻ آهي.شيعه جومطلب آهي اميرالمومنينؑ جي نقش قدم تي هلڻ وارو.ها!اهيا ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن کان ڪا غلطي يا گناه ٿي وڃي ته انهي کي توبه ڪرڻ گھرجي،اسان جومولا سان فقط منسوب ٿيڻ ۽ خدا جي رستي تان پاسيرو ٿي ۽ ان کي معمولي سمجهي خوش ٿيڻ،مولا عليؑ کي قبول ناهي. مولا جي اهميت ۽

عظمت ان ڳالهه جي ڪري آهي ته پاڻ دنياوي مصلحتن جي ڪري حق،عدل ۽خدا جي راه کي نه ڇڏيو ۽ هرحال ۾ثابت قدم رهيا.

جيڪڏهن اميرالمومنينؑ جي تحريڪ جو اڄ اسان مصداق آڻڻ چاهيون جيتوڻيڪ هي تمام ننڍومصداق آهي جنهن ۾اسلامي سماج جي جهلڪ،اسلامي حڪومت جونظام ۽اسلامي جمهوريت آهي انهي جومطلب آهي عالمي طاغوت جي مفسدانه،ظالمانه ۽ ڪافرانه ڪاررواين ۽ ظلم۽ سرڪشي جي مقابله ۾ اچڻ ۽ ثابت قدم رهڻ.اسلامي جمهوري نظام جو وجود ۽سڃاڻپ ئي ظلم ۽جور۽ ٻٽي پاليسي جي معيار جي مخالفت آهي.توهان ڏسوته هن وقت جي دنياوي حاڪميت ڪهڙن ماڻهن جي هٿن ۾آهي؟توهان ڏسو ته انهن طاقتورن جي وسيلي دنيا۾ڇا آفتون ۽ مصيبتون اچي رهيون آهن؟توهان ڏسوته هي مالي ۽ مادي طاقتون انسانيت سان ڇاسلوڪ ڪري رهيون آهن؟پوءِ انهي پنهنجي بري برتاؤ جو رنگارنگي پروپيگنڊا ۽دفاع ڪري رهيون آهن؟پنهنجي زر۽زور جي مدد سان سندن ڪُڌن ڪمن ۾انسان سان ڪهڙو ته سلوڪ جاري رکيو اچن؟

هن وقت آمريڪا(منهنجو مقصد آمريڪا جي حڪومت آهي)انسانيت تي ظلم جوظاهرظهورنمونوآهي.خود آمريڪا جي عوام تي به ظلم ٿي رهيو آهي.طاغوتي،صيهوني حڪومت ۽ ان جوتباه ڪندڙ ڄار پوري دنيا ۾اخلاقي ڪمزوري ۽انساني نسلن جي بربادي جو چٽو ضامن آهي.جيڪي طاقتون هن وقت دنيا تي مسلط آهن.ظالم ستمگر طاقتون آهن ۽انهي ئي بنياد تي اسلامي جمهوريه جون مخالف ۽ ان سان ويڙهه تي تُريل آهن.اسلامي جمهوريه جي هي ثابت قدمي اميرالمومنينؑ جي عدل پسندي جوهڪ نمونو آهي.اسان ملت ايران ۽ خاص طور حڪومت جي ذميداري آهي ته پنهنجي عمل کي گھڻي مان گھڻو انهي مولا اميرؑ جي عملي نموني جي ويجهوڪريون.

ملڪ جي اندرعدل کي قائم ڪرڻ واري ڳالهه کي سنجيدگي سان ڏسڻ گھرجي،دينداري جي نعري کي به سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي. اميرالمومنينؑ جي رستي تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ گھرجي.اهوئي ڪم پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ ۽ بلند آرزو ۽ اميدن تائين پهچڻ ۾مددگار ٿي سگھي ٿو. اهڙي طرح معاشري جي ترقي ۽ اسلامي معاشري جي حياتي جن خاصيتن جي محتاج آهي اهي اهڙين خاصيتن سان شباهت رکن ٿيون،پر انهي واضح فرق سان جيڪو انهي عظيم هستي ۽ عام انسانن ۾ هوندو آهي.اسان جا شان ۽ عظمت وارا امام،حق ۽ عدل جي راه ۾ڪنهنجي به رعايت يا ڪنهن جو لحاظ ڪرڻ،ڊڄڻ،ڪمزوري ڏيکارڻ ۽ پوئتي هٽڻ جا قائل نه هئا.مولا اميرؑ جي انهي ارشاد(لَا تَسۡتَوحَشُوا فِي طَرِيۡقِ الۡهُدَيٰ لِقِلّةِ اَهۡلِہ)تي عمل ڪندي اهي تنهائي کان نه ڊڄندا هئا انهن کي اڪيلائي جو ڪوبه خوف ۽ هراس جڏهن حق انهي سان گڏ آهي ته خدا به انهي سان گڏ آهي امام خميني جدوجهد سان پنهنجي تحريڪ جوآغاز ڪيو،خدا به ايراني قوم ۽مسلمانن جي قومن کي سندن دل،هٿ ۽ بازو جي ذريعي سان ان سان ٻانهن ٻيلي ڪري ڇڏيو۽پوءِتوهان ڏٺوته ڪهڙي عظيم تحريڪ سامهون اچي وئي اڄ به جيڪڏهن اسان جي قوم ۽ ملڪ جا حاڪم ملت ايران کي عظمت،افتخار ۽ عزت جي انهي چوٽي تي پهچائڻ چاهين ٿا جنهن جي هو تمنا ۽ آرزو ڪن ٿا ته انهن کي انهي رستي تي هلڻو پوندو.پوري دليري،ڀرپور ڄاڻ ۽ دنيا جي طاقتورن ۽ مغرورن جي مقابلي ۾خطراخريد ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ انهي رستي تي هلڻوپوندو. ڪاميابي استقامت ۽ پائيداري ۾آهي.

دعا آهي ته خداوند متعال اسانجي قوم ۽سڀني مسلم قومن تي فضل ۽ڪرم ڪري،اميرالمومنين امام المتقينؑ جي پاڪ روح کي اسانجي قوم ۽ ملڪ ۾مصروف عمل،جوانن جي سرگرمين کان راضي رکي،انشاءالله ولي عصر (عج) جون دعائون توهان سڀني جي شامل حال رهن ۽ انشاءالله امام خميني ۽ شهيدن جا روح به توهان کان راضي رهن.