Get Adobe Flash player

رسول خدا  ص جي زيارت سڀني عملن کان سٺو (بهتر) عمل آهي

ڪتاب “الفقہ على المذهب الاربعه” ۾ لکيل آهي ته اهلسنت جي چئني امامن جي نزديڪ پڻ رسول خدا جي زيارت ڪرڻ بغير ڪنهن شرط جي مستحب آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ هي به لکيل آهي ته رسول خدا جي قبر جي زيارت ڪرڻ سڀني عملن کان بهتر عمل آهي.[i]

ابن باز جي فتوى

“ابن باز” سعودي عرب جو مفتي اعظم چوي اٿو ته : جيڪو به شخص مسجد النبي جي زيارت ڪرڻ چاهي ته ان جي لاءِ مستحب آهي ته رسول خدا جي روضي ۾ ٻه رڪعتون نماز به پڙهي ۽ ان کان بعد رسول خدا ص تي سلام پڙهي، ۽ اهو به مستحب آهي ته جنت البقيع ۾ وڃي ۽ اُن ۾ دفن ٿيل شهيدن کي سلام به ڪري.[ii]

مخالفت ڪندڙ گروهه پنهنجي اختلاف کي ٽن مختلف پهلوئن سان پيش ڪري ٿو.

اختلاف جا ٽي مختلف پهلوءَ

1_قبر۽ مزار جو ٺاهڻ ئي درست ناهي

2_ قبر۽ مزار جي زيارت ڪرڻ.لاءِ وڃڻ  درست ناهي

 3_عورتن جو قبرن يا مزارن جي زيارت جي لاءِ وڃڻ صحيح ناهي.

انهن ٽنهي پهلوئن جي ثابت ڪرڻ لاءِ ان گروهه اهڙين روايتن جو سهارو ورتو آهي جن جي يا ته سند ضعيف  آهي يا وري غلط آهي. (انشاء الله عنقريب انهن روايتن جي حقيقت واضح ٿي ويندي)

تاريخي شاهديون

قديم زماني کان وٺي بزرگن جي قبرن جو احترام ڪرڻ هر قوم جي لاءِ عزت۽  افتخار جي علامت رهيو آهي. ماڻهو هزارين سالن کان وٺي پنهنجي پنهنجي بزرگن جي مزارن جو احترام ڪندا آيا آهن جنهن جا ڪيترائي اخلاقي ۽ روحي ۽ نفسياتي اثر آهن

گذريل ماڻهن کي محترم سمجھڻ جا فائدا

1_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ جو پهريون فائدو هيءُ آهي ته  ائين ڪرڻ سان سندن حرمت هميشه باقي رهي ٿي بلڪه حقيقت ۾ ائين ڪرڻ اسلام لاءِ سندن پيش ڪيل خدمتن جو اعراف ۽ ان جي بدلي ۾ هڪ قسم جو کين خراج عقيدت  پيش ڪرڻ آهي اهو سڀ  انساني عزت ۽ شرافت جي تقاضا جي عين مطابق آهي،اها اولياء الله جي عزت ۽ عظمت  نئين نسلن لاءِ سندن راهه تي هلڻ ۽ سندن سيرت جي پيروي  جو  بهترين وسيلو آهي.

 2_ اهي خاموش نظر ايندڙ قبرون انسان لاءِ  ڪيترائي درس ۽عبرت ڀريا پيغام پنهنجي اندر رکن ٿيون جيڪي اگهور ننڊ ۾ستل دلين تان غفلت جا غبار کي صاف ڪرڻ ، دنيا جي خطرناڪ گمراهين کان بچڻ ۽ هوشيار ڪرڻ سان گڏوگڏ نفساني خواهشن جي تسلط کان بچڻ جو سبب آهي.جيئن مولاءِ ڪائنات علي عليه السلام جن فرمائن ٿا: بهترين وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ وارا آهن،اهي آهن جيڪي هن دنيا مان هليا ويا.

3_ پنهنجي عزيزن جي قبرن تي وڃڻ سندس وارثن جي تسليءَ جو سبب بڻجي ٿو. ڇوجو کين پنهنجي عزيزن جي قبرن تي وڃي ڪري سڪون ملي ٿو، ۽هو اهو محسوس ڪندا آهن،ڄڻ ته  اهي پنهنجي عزيزن سان گڏ هجن کي محسوس ڪندا آهن،۽ اهو سندن ڏکن ۽غمن  جي بهترين دوا آهي.

 4_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ سبب ٿئي ٿو ته ٻئي هر قوم وانگر مسلمانن  جي ثقافت ۽ ڪلچر محفوظ رهي،اسلامي ثقافت هڪ عظيم ثقافت آهي جنهن جو هڪ وسيع حصو شهيدن ،عالمن ۽ خاص ڪري  بزرگن جي مزارن جي صورت ۾ موجود آهي . بزرگن جي ياد کي باقي رکڻ اسلام جي بقا جو ضامن ۽ رسول خدا ص جي سنت آهي، اُهي ماڻهو ڪيترا نه ڪريل انسان آهن جن مڪي ، مديني ۽ ان جي آس پاس ۾ اسلام جي شروعاتي دور جي عظيم ۽ با قيمتي هستين جي نشانين کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو۽ اسلام جي هڪ  وڏي ثقافتي حصي مٽائي ڇڏيو.

5_ اولياء الله جو احترام ڪرڻ ۽ سندن مزارن جي زيارت۽ انهن کان طلب شفاعت ڪرڻ خدا وند متعال جي بارگاهه ۾ توبه ۽ استغفار سان مليل هجي ٿو ۽ اها شيءُانسان جي تربيت،اخلاق ۽ ايمان کي سنوارڻ جي لاءِ  تمام گهڻي موثر آهي.

ڇا اولياء الله ۽ مومنن جي قبرن جي زيارت  شرڪ آهي؟

  ڪجهه ماڻهو آگاهه يا نا آگاهه ان وهم جو شڪار آهن ته ائمہ معصومين عليهم السلام  جي زيارت شرڪ ۽ سندن زائر نعوذ بالله مشرڪ آهن، پر اسان کي سئو فيصد يقين آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو زيارت جي فلسفي کان آگاه هجن ها ته اُهي ڪڏهن به اهڙا الفاظ پنهنجي زبان تي جاري نه ڪن ها.

ڪوبه عاقل انسان پيغمبر اڪرم ص ۽ آئمہ معصومين عه جي عبادت نه ڪندو آهي، بلڪه هر مومن بزرگن جي احترام ۽ انهن جي شفاعت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪري انهن جي زيارت ڪندو آهي.

اڪثر ڪري زيارت ڪندڙ  شخص زيارت ڪرڻ کان پهريان سئو مرتبه الله اڪبر چوندي هر قسم جي شرڪ کان پاڪ ۽ پنهنجي موحد ( خدا پرست) هجڻ جو اعلان ڪندو آهي.

اسان زيارت امين الله ۾ چوندا آهيون:(اشهد انک جاهدت في الله حق جهاده و عملت بکتابہ و اتبعت سنن نبيہ حتى دعاک الله الى جواره) آءُ گواهي ڏئي رهيو آهيان ته توهان خدا جي راهه ۾ جهاد ڪيو جيئن جهاد ڪرڻ جو حق آهي ۽ ان جي ڪتاب تي عمل ڪيو ايستائين جو هن توهان کي پنهنجي جوار ۾ گھرايو.

ايمان سان ٻڌايو ته ڇا ان کان وڌيڪ ڪو موحد ٿي سگھي ٿو؟

اسان زيارت جامعہ ڪبيره ۾ آئمہ معصومين  عليهم السلام کي مخاطب ٿيندي چوندا آهيون:

(الى الله تدعون و عليه تدلون و بہ تومنون و لہ تسلمون و بامره تعلمون و الى سبيلہ ترشدون)

 انهن سڀني جملن ۾ ضميرن جو مرجع خدا آهي، زائر چوي ٿو : توهان خدا جي طرف دعوت ڪندا آهيو، ان ڏانهن ئي راهنمائي ڪندا آهيو، ان تي ايمان رکندا آهيو، ان جي سامهون سر تسليم خم ڪندا آهيو ۽ ماڻهن کي اُنجي طرف ئي دعوت ڪندا آهيو.

انهن سڀني زيارت نامن ۾ خدا جي ساراهه ڪئي وئي آهي ۽ توحيد جي طرف دعوت ڏني وئي آهي،

  هر عاقل انسان جيڪڏهن تعصب جي  عينڪ لاهي حقيقت جي آئيني سان انهن جملن تي غور ڪندو ته کيس خبر پئجي ويندي ته  هي شرڪ ناهي بلڪه توحيد جو حقيقي روح آهي ؟

ڇا اولياء الله کان شفاعت طلب ڪرڻ توحيد جي خلاف نه آهي؟

 ڪجهه ماڻهن ان غلط فهميءَ جو شڪار آهن ته خدا جي بارگاهه ۾تقرب حاصل ڪرڻ لاءِ اولياء الله کان شفاعت طلب ڪرڻ کي بي جان ۽ بي عقل بتن کان شفاعت طلب ڪرڻ جي برابر سمجھن ٿا.

جڏهن ته قرآن جي گواهي مطابق محشر واري ڏينهن خدا جي حضور الله جا وليءَ  گناهگار ماڻهن جي شفاعت ڪندا.

مثال طور بيان ڪجي ٿو:

1 _ جڏهن حضرت يوسف (ع) جي ڀائرن کي حضرت يوسف (ع) جي عظمت جي خبر پئي ته حضرت يعقوب (ع) کان شفاعت جي درخواست ڪئي ۽ حضرت يعقوب (ع) به واعدو ڪيو ته مان توهان لاءِ خدا کان شفاعت طلب ڪندم. انهن چيو بابا سائين! توهان اسان جي گناهن جي لاءِ استغفار ڪيو، بيشڪ اسان خطا ڪار آهيون، ته حضرت يعقوب (ع) فرمايو آءُ عنقريب توهان جي لاءِ استغفار ڪندم،بيشڪ منهنجو پالڻهار وڏو مهربان ۽ معاف ڪرڻ وارو آهي. {[iii]}

ڇا حضرت يعقوب (ع) معاذ الله مشرڪ پيغمبر هيو؟

2_  قرآن مجيد گناهگارن کي رسول خدا (ص) کان شفاعت طلب ڪرڻ لاءِ تشويق ڪئي (اُڀاريو) آهي.

اهي ماڻهو جڏهن به پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندا ها ته اهي تون وٽ اچي توبه ڪندا ها ۽ رسول خدا انهن جي لاءِ استغفار ڪندا هئا، بيشڪ اُهي ماڻهو خدا کي توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان ڄاڻِندا ها. ([iv])

ڇا هي ڳالهه شرڪ جي طرف دعوت ڪندڙ آهي؟

3_ قرآن مجيد منافقن جي مذمت ڪندي فرمائي رهيو آهي: جڏهن انهن ماڻهن کي چيو ويندو آهي اچو ته رسول خدا توهان جي لاءِ استغفار ڪري ته (مذاق ڪندي) پنهنجي سرن کي هلائيندا هئا، ۽ توهان ڏسندئون انهن ماڻهن کي ته اُهي توهان جي ڳالهين کان منهن ڦيرائيندا هئا ۽ تڪبر ڪندا هئا. ([v])

4_ اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته حضرت لوط (ع) جي قوم گندي کان گندي قوم هئي، ان جي باوجود حضرت ابراهيم (ع) ان قوم جي شفاعت جي خدا کان درخواست ڪئي، ڇوجو انهن ماڻهن گناهن جي ڪري توبه جي توفيق به وڃائي ڇڏي هئي، ان جي ڪري حضرت ابراهيم (ع) کي خطاب ڪيو ويو ته انهن ماڻهن جي لاءِ شفاعت جي دعا نه ڪر. جڏهن حضرت ابراهيم (ع) کان خوف ختم ٿي ويو ۽ ابراهيم کي پٽ جي بشارت ڏني وئي ته حضرت لوط (ع) جي قوم بابت ڳالهه ڪرڻ لڳو ([vi])



[i]  الفقہ على المذهب الاربعه ج 1 ص 590

[ii]  الجريره رسالي جي حوالي سان ڏسو شمارو 6826 (ذو القعد 1411هه)

[iii]  سوره يوسف آيت 97،98

[iv] ـ سوره نساء آيت 64

[v] ـ سوره منافقون آيت 5

[vi] ـ سوره هود آيت 74، 76