Get Adobe Flash player

امام رضا عليه السلامجا سهڻا سخن

(سجاد حيدر حيدري)

حديث(1)“لَا يَكُونُ الْمُؤْمِنُ مُؤْمِناً حَتَّى يَكُونَ فِيهِ ثَلَاثُ خِصَالٍ سُنَّةٌ مِنْ رَبِّهِ وَ سُنَّةٌ مِنْ نَبِيِّهِ وَ سُنَّةٌ مِنْ وَلِيِّهِ إِلَى أَنْ قَالَ ع وَ أَمَّا السُّنَّةُ مِنْ وَلِيِّهِ فَالصَّبْرُ فِي الْبَأْسَاءِ وَ الضَّرَّاءِ”[1]

“سچو موۡمن، اهو شخص آهي جنهن ۾ هي ٽي خصلتون هجن: پنهنجي خدا جي سنت، پهنهجي نبي جي سنت ۽ پنهنجي امام ۽ ولي جي سنت، ....امام جي سنت هي آهي ته فقر، تنگدستي، تڪليف۽ بيماري جي وقت صبر ۽ بردباري اختيار ڪري”.

حديث(2)“لَيْسَ مِنَّا مَنْ غَشَّ مُسْلِماً أَوْ ضَرَّهُ أَوْ مَاكَرَه‏”[2]

جيڪو شخص (ڪنهن) مسلمان کي دوکو ڏئي يا کيس نقصان پهچائي يا ان سان دوکو ڪري، اهو اسان منجهان نه آهي”

حديث(3) “اعْمَلْ لِدُنْيَاكَ كَأَنَّكَ تَعِيشُ أَبَداً وَ اعْمَلْ لآِخِرَتِكَ كَأَنَّكَ تَمُوتُ غَداً”[3]

دنيا جي لاءِ اهڙي طرح ڪم ڪيو ڄڻ ته توهان کي هميشه هن دنيا ۾ رهڻو آهي، ۽ آخرت جي لاءِ اهڙي طرح ڪم ڪيو ڄڻ ته توهان کي سڀاڻي موت اچي ويندو

حديث(4)“إِنَّا أَهْلُ بَيْتٍ نَرَى مَا وَعَدْنَا عَلَيْنَا دَيْناً كَمَا صَنَعَ رَسُولُ اللَّهِ ص”[4]

اسان اهل بيت (عليهم السلام) ڪنهن سان واعدو ڪندا آهيون ته پاڻ کي مقروض سمجهندا آهيون، جهڙي طرح رسول الله(ص) سمجهندا هئا”

حديث(5) “مَنْ جَلَسَ مَجْلِساً يـُحْيَا فِيهِ أَمْرُنَا لَمْ يَمُتْ قَلْبُهُ يَوْمَ تَمُوتُ الْقُلُوب‏”[5]

جيڪو به شخص ان مجلس ۾اچي ويهي جيڪا اسان جي مذهب کي زندهه رکڻ لاءِ برپا ڪئي وئي هجي ته ان جي دل قيامت جي ڏينهن نه مرندي جڏهن ته سڀني جون دليون مئل هونديون.

حديث(6) “عَوْنُكَ لِلضَّعِيفِ أَفْضَلُ مِنَ الصَّدَقَةِ”[6] ڪمزور ۽ اٻوجهه جي مدد ڪرڻ صدقي کان بهتر آهي.

حديث(7) “السَّخِيُّ يَأْكُلُ طَعَامَ النَّاسِ لِيَأْكُلُوا مِنْ طَعَامِهِ وَ الْبَخِيلُ لَا يَأْكُلُ مِنْ طَعَامِ النَّاسِ لِئَلَّا يَأْكُلُوا مِنْ طَعَامِهِ”[7]

سخي انسان ماڻهن وٽان ان ڪري کاڌو کائيندو آهي ته جئين ماڻهو به هن وٽان کائين، پر ڪنجوس انسان ٻين وٽان کاڌو نه کائيندو آهي ان ڊڄ کان ته متان هو ان وٽ نه اچي کائين.

حديث(8) “الْأَخُ الْأَكْبَرُ بِمَنْزِلَةِ الْأَب”[8]وڏو ڀاءُ پيءُ جي جڳهه تي هوندو آهي”

حديث(9)“صَدِيقُ كُلِّ امْرِئٍ عَقْلُهُ وَ عَدُوُّهُ جَهْلُه‏”[9]

هر انسان جو عقل ان جو دوست ۽ سندس جهالت ان جي دشمن هوندي آهي”

حديث(10)“لَا يُقَبِّلِ الرَّجُلُ يَدَ الرَّجُلِ فَإِنَّ قُبْلَةَ يَدِهِ كَالصَّلَاةِ لَه‏”[10]

هڪ انسان کي ڪنهن ٻئي انسان جو هٿ نه چمڻ گهرجي، ڇو جو سندس هٿ چمڻ ان جي لاءِ نماز پڙهڻ جي مثل آهي

حديث(11)“لَيْسَتِ الْعِبَادَةُ كَثْرَةَ الصِّيَامِ وَ الصَّلَاةِ وَ إِنَّمَا الْعِبَادَةُ كَثْرَةُ التَّفَكُّرِ فِي أَمْرِ اللَّهِ”[11]

عبادت (فقط)گهڻا روزا رکڻ ۽ گهڻيون نمازون پڙهڻ نه آهي، بلڪه خدا جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ پڻ عبادت آهي.

حديث(12) “الصَّمْتُ بَابٌ مِنْ أَبْوَابِ الْحِكْمَةِ وَ إِنَّ الصَّمْتَ يَكْسِبُ الْمَحَبَّةَ إِنَّهُ دَلِيلٌ عَلَى كُلِّ خَيْر”[12]

خاموشي، حڪمت جي دروازن منهجان هڪ دروازو آهي، ۽ (ٻين) جي محبت کي حاصل ڪرڻ جو وسيلو آهي، ڇو جو خاموشي، هر نيڪي طرف رهنمائي ڪندڙ آهي”

حديث(13) “مِنْ أَخْلَاقِ الْأَنْبِيَاءِ التَّنَظُّفُ”[13]صفائي،نبين جي اخلاق منجهان آهي”

حديث(14)“ثَلَاثٌ مِنْ سُنَنِ الْمُرْسَلِينَ الْعِطْرُ وَ أَخْذُ الشَّعْرِ وَ كَثْرَةُ الطَّرُوقَةِ”[14]

ٽي شيون پيغمبرن ۽ رسولن جي سنت منهجان آهن:عطر لڳائڻ،وار ننڊا رکڻ ۽ پنهنجي گهرواري سان ملڻ”

حوالا:



، محدث نوري ؛ مستدرڪ الوسائل، ج2 ص:424 ؛ باب استحباب الصبر علي البلاء ؛ موۡسسه آل البيت (ع) قم[1]

، شيخ حر عاملي ؛ وسائل الشيعه، ج17 ص:283 ؛ باب تحريم الفش بما يخفي ڪشوب اللبن بالماء ؛ موۡسسه آل البيت (ع) قم[2]

، شيخ صدوق ؛ من لا يحضره الفقيه، ج3 ص:156 ؛ باب المعايش والمڪاسب...؛ انتشارات جامعه مدرسين قم[3]

، طبرسي، ابوالفضل علي بن حسن؛ مشڪات الانوار، ص:173 ؛ الفصل التاسع عشر ؛ ڪتابخانه حيدريه نجف اشرف [4]

، علامه مجلسي؛ بحارالانوار، ج1 ص:199 ؛ باب مذاڪرت العلم و محاسبت العلماء ؛ موۡسسه الوفاء بيروت، لبنان [5]

، علامه مجلسي؛ بحارالانوار، ج75 ص:339 ؛ باب مواعظ الرضا(ع) ؛ موۡسسه الوفاء بيروت، لبنان[6]

، ڪليني؛ الڪافي، ج4 ص:41 ؛ باب معرفت الجود والسخاء ؛ دار الڪتب الاسلاميه تهران[7]

، شيخ طوسي؛ تهذيب الاحڪام، ج7 ص:393 ؛ باب عقد المراۡت علي نفسها...؛ دار الڪتب الاسلاميه تهران [8]

، حسن بن شعبه حراني؛ تحف العقول، ص:804 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني؛ انتشارات جامعه مدرسين قم [9]

، علامه مجلسي؛ بحارالانوار، ج75 ص:345 ؛ باب مواعظ الرضا(ع) ؛ موۡسسه الوفاء بيروت، لبنان [10]

، حسن بن شعبه حراني؛ تحف العقول، ص:802 ؛ و روي عنه ع في قصار هذه المعاني؛ انتشارات جامعه مدرسين قم [11]

، محدث نوري ؛ مستدرڪ الوسائل، ج9 ص:17 ؛ باب استحباب الصمت والسڪوت ؛ موۡسسه آل البيت (ع) قم [12]

، علامه مجلسي؛ بحارالانوار، ج75 ص:335 ؛ باب مواعظ الرضا(ع) ؛ موۡسسه الوفاء بيروت، لبنان [13]

، ڪليني؛ الڪافي، ج5 ص:320 ؛ باب حب النساء ؛ دار الڪتب الاسلاميه تهران [14]