Get Adobe Flash player

صادق آل محمد عليه السلام جا سهڻا سخن

امام صادق عليه السلام جا نصيحت ڀريا ٻول توهان جي دلين کي نوراني ڪرڻ لاءِ پيش ڪجن ٿا اميد ته پڙهي دل کي منور ڪندا ۽ خداوند کان دعا ٿا گھرون ته توهان ۽ اسان کي انهي تي عمل ڪرڻ جي توفيق فرمائي. آمين.

هي سهڻا سخن مشهور ڪتاب تحف العقول جي هڪ حصي مان نقل ڪيا ويا آهن

(1) امام صادق عليه السلام فرمايو: جيڪو به شخص اهڙي حديث نقل ڪري جيڪا اسان جي خلاف هجي (اسان کي نقصان پهچائي) ان جهڙو اسان کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو نه ڀل چڪ ۾.

(2) ٽي شيون بغض ۽ ڪينه جو سبب آهن. منافقت، ظلم ۽ پنهنجو پاڻ کي سڀ ڪجھ سمجھڻ ۽ وڏائي ڪرڻ.

(3) ٽي عادتون جنهن ۾ ڏسوپڪ سمجهو ته اهو منافق آهي ڀلي کڻي روزي نماز جو پابند ئي ڇو نه هجي. ڳالھ ڪري ته ڪوڙ هڻي. واعدو ڪري ته پورو نه ڪري ۽ امانت ۾ خيانت ڪري.

(4) جنهن ۾ هيءُ ٽي شيون هجن اهو سرداري جي لائق آهي. (1) ڪاوڙ کي پئي وڃي.

(2) گناهڪار کي معاف ڪري (3) ۽ پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن جي مالي جاني مدد ڪري ۽ مائٽي کي مضبوط ڪري.

(5) ڪنهن شخص امام صادق کي عرض ڪيو ته مون کي اهڙي ڪا نصيحت ڪريو جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت لاءِ چڱائي هجي. مولا فرمايو : ڪوڙ نه ڳالهاءِ.

(6) جيڪو به سلام ڪرڻ کان پهريون ڳالهائڻ شروع ڪري ان کي جواب نه ڏيو.

(7) ڪابه اهڙي شئ ناهي جنهن جي حد بندي نه ڪري سگھجي. امام کان سوال پڇيو ويو ته : يقين جي آخري حد ڪهڙي آهي؟ امام فرمايو : خدا کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄڻ.

(8) هڪٻئي کي هٿ ڏيڻ سان ڪينو ۽ بغض ختم ٿيندو آهي.

(9) شيطان جو لشڪر عورتن ۽ ڪاوڙ کان وڌيڪ طاقتور نه آهي.

(10) پست ۽ ڪميني انسان سان اٿڻ ويهڻ ڇڏي ڏي جوان ۾ ڪابه ڀلائي نه آهي.

(11) منهنجو بهترين دوست اهو آهي جيڪو مون کي منهنجا عيب ٻڌائي.

(12) تون ڄاڻ ته اگر حضرت علي ع کي تلوار سان قتل ڪندڙ به مون کي امانت ڏئي يا مون کي نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ لاءِ چئي يا مون کان مشورو وٺي ۽ آءُ انهي کي قبول ڪيان ته آءُ يقيناً کيس امانت واپس ڪندس.

(13) جيڪو به ماڻهن کي پنهنجي پيروي ڪرڻ لاءِ سڏي جڏهن ته کائنس وڌيڪ ڄاڻو ۽ عالم هيو موجود هجي ته اهو گمراه آهي.

(14) چار شيون نبين جي اخلاق منجهان آهن (1) نيڪي ڪرڻ (2) سخاوت ڪرڻ (3) مصيبت تي صبر ڪرڻ (4) مؤمنن کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيڻ.

(15) ماڻهن تي هڪ اهڙو وقت ايندو جڏهن همدرد ڀاءُ ۽ حلال جي روزي ملڻ کان وڌيڪ ٻئي ڪابه شئ عزيز نه هوندي (ڇو جو انهن جو ملڻ مشڪل هوندو).