Get Adobe Flash player

حضرت امام صادق عليه السلام جي شهادت جي حوالي سان حضرت آيت الله وحيد خراساني جي تقرير مان اقتباس

هن هفتي اعظم المبينين قرآن(قرآن جي سڀني کان وڌيڪ وضاحت ڪندڙ) سيد المفسرين جي شهادت آهي ان جي شهادت جيڪو جيڪڏهن نه هجي ها ته شريعت خالص جا اسرار ۽ عجائب (ڪجهه جاهل ماڻهن جي) وهم۽گمانن جي ور چڙهي وڃي ها،جنهن انسانيت واري مذهب (ان)مذهب جنهن تي جيڪو عمل ڪندو خدا تي پهچندو شڪل صورت ڏني۽مذهب جعفري جو سرواڻ بڻيو.

جيڪي لقب کيس مليا انهن ۾ رباني اثر آهي امام زين العابدين ع سندس تعارف هيئن ڪرايو. اسمه... اسمه عند اهل السماء الصادق سندس نالو ....آسمان وارن وٽ هو صادق آهي،جنهن جو نالو ئي آسماني آهي ته ان جي حقيقت ڇاهوندي؟جنهن جي نشاني آسمان مان معين ٿئي ته ان جي شخصيت ڪير بيان ڪندو..............؟

سندس لقبن مان هڪ لقب ”منجي“ (نجات ڏيندڙ) آهي،اهڙن لقبن جي رازن کي اهو سمجهي سگهي ٿو جيڪو پهريان(ڪائنات جي) سڀني فڪر ۽راين کي سمجهي پوءِ انهن حديثن تي نظر وجهي جيڪي کائن نقل ٿيون آهن،تڏهن هو سمجهندو ته ” المنجي جعفر بن محمد “ مان مراد ڇا آهي؟ ته نجات ڏنائين.....نجات ڏنائين....ڪنهن کي نجات ڏنائين....ڪنهن کان نجات ڏنائين ۽ڇو نجات ڏنائين.

امام صادق ع منجي آهي ان دين وانگر جنهن” إنَّ الدِّينَ عِنْدَ اللَّهِ الْاسْلَام “ (انسانن کي) نجات ڏني (گمراهه ڪن) وهمن کان.........ڪهڙا وهم........؟

مذهب حقه (اماميه) کي ڇڏي ڪري باقي مذهب ۾ دقت ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهي مبدءِ ڪائنات (خداوند عالم) جي (صفتن) باري ۾ ٻن نظرين مان ڪنهن هڪ طرف هليا ويا 1_ تعطيل 2_تشبيه ليڪن اهو امام صادق ع ئي هيو جنهن ماڻهن کي تعطيل جي ڌٻڻ۽تشبيه جي هلاڪت کان نجات ڏئي کين ان پروردگار تائين پهچايوجيڪو خارج من الحدين(تعطيل وتشبيه) آهي. ”[1]

امام صادق جا الله تعالى جي صفتن،الله جي اسمن جي باري ۾ (البته اهي)ان حد تائين هئا جيترو انسان سمجهي سگهي پيو...هر دانشمند کي حيرت ۾ وجهي ڇڏين ٿا.

جنهن به ان بي ڪران حقيقت جي ڪناري تي بيهي جيڪا بي نهايت هئي سندن علم جي درياءِ مان فيضياب ٿيا سي هشام۽ محمد بن مسلم ٿيا_ڪير آهي جيڪو سمجهي سگهي ته محمدبن مسلم ڇا هيو؟_ جابر بن حيان پڻ سندن کان ئي فيض ورتو ۽ ان مقام تي پهتو جو سندس علم جي هڪ قطري مان قنطار(هڪ تمام گهڻي مقدار ڏانهن اشارو آهي) کي سون ٿي بڻايو...اهو آهي جعفربن محمد عه..........!.

جيڪڏهن کيس ڇڏين ته الهي علمن۽طبعي فنن انسان کي ڇا نه سيکاري ها...؟ اهو اڪيلو امام جعفر صادق عليه السلام ئي آهي جنهن امت اسلاميه کي مفوضه۽ مجبره جي انحراف کان بچائيندي (لا جبر ولا تفويض بل امر بين الامرين) جي راهه ڏيکاري ”[2]“..... اهو ئي امام هيو جنهن اصول دين ۾ مبدءِ کان معاد(توحيد کان قيامت) تائين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ پيش ايندڙ تمام حالتن کي بيان ڪيائين..

اهو سڀ ڪجهه علمي لحاظ کان هيو....

جڏهن ته عملي لحاظ کان پڻ امام عليه السلام طهارت کان وٺي سڀني عبادتن کي بيان ڪيائين،ڪير جيڪو ان عظيم ڪارنامي کي سمجهي۽ان نجات ڏيڻ کي سمجهي.....اهوسڀ تڏهن سمجهه ۾ ايندو جڏهن ڪو فقه مالڪي،فقه حنيفه،فقه شافعيه،فقه حنبليه جو مطالعو ڪندو(ته کيس اندازو ٿيندو ته امام جعفر صادق عليه السلام ڇا ڪيو....) امام عبادات ۾ڇا ڪيو ؟معاملات ۾ ڇا ڪيو ،احڪامن ۾ ڇا ڪيائون..قضاوت جا احڪام شهادت،حدود۽ديَّت جا احڪام............

پوري عالم جي فقيهن کي گڏ ڪري کين قياس،استحسان۽ انهن جي هلاڪت خيز دٻڻ مان نجات ڏنائين ته ” إنَّ الظَّنَّ لَا يُغْنِي مِنَ الْحَقِّ شَيْئًا وهم۽گمان حق کان آجو نه ٿو ڪري.

امام صادق عليه السلام فقط دنيا ۾ منجي(نجات ڏيندڙ)ناهي بلڪه سندن ان نالي جي اصل تجلي ان عظيم مصيبت ۾ ظاهر ٿيندي جنهن کي قيامت ڪبرى چوندا آهن.

اها مصيبت جنهن جو سڀ گذريل ۽ ايندڙ انسان شڪار آهن ڪهڙي آهي؟ اها شيءِ جنهن جي باري ۾ سڀ عارف بالله انسان پريشان آهن اها هيءَ آهي ته (قيامت واري ڏينهن) سندن اعمال نامو سندن ساڄي هٿ ۾ يا کاٻي هٿ ۾ ....اها قيامت جنهن کي اسان جهڙا نه بلڪه اهي زنده دل انسان سمجهندا ته جن سوره واقعه (جي هنن آيتن )کي چڱيءَ طرح سمجهيو آهي ” إذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ، لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا کاذِبَةٌ ، خَافِضَةٌ رَافِعَةٌ ، إذَا رُجَّتِ الْارْضُ رَجًّا ، وَبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّا ، فَکانَتْ هَبَاءً مُنْبَثًّا"[3]، ان ڏينهن جنهن ڏينهن”اذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ، لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا کاذِبَةٌ ، خَافِضَةٌ رَافِعَةٌ “ سڀ انهن لاهن چاڙهن ۾ حيران ۽پريشان هوندا.

ڪٿي لاهين۽ڪٿي مٿاهين هوندي .لاهين۽پستي اسفل السافلين ڏانهن هوندي ۽چاڙهي ۽بلندي اعلى عليين ڏانهن هوندي.

ان ڏينهن جبل ريزه ريزه ٿي هوا ۾ پکڙجي ويندا .سج جي روشني ۾ هوا منتشر ٿيل مٽيءَ جا ذرا ته ڏٺا هوندوَ....... جبل هڪ ڙر سان اهڙا ٿي ويندا.....قيامت اهو ڏينهن آهي (جنهن لاءِ قرآن چوي ٿو ته )يَا أيُّهَا النَّاسُ اتَّقُوا رَبَّکمْ إنَّ زَلْزَلَةَ السَّاعَةِ شَيْءٌ عَظِيمٌ ،يَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ کُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّا أرْضَعَتْ وَتَضَعُ کُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى النَّاسَ سُکارَى وَمَا هُمْ بِسُکارَى وَلَکنَّ عَذَابَ اللَّهِ شَدِيدٌ“ [4]

اي انسانو! ڊڄو پنهنجي پروردگار کان ،بيشڪ قيامت جو زلزلو تمام وڏو حادثو آهي،ان ڏينهن مائرون پنهنجي کير پياڪ ٻارن کي وساري ويهنديون۽پيٽ وارين عورتن جا ٻارضايع ٿي ويندا۽ تون ماڻهن کي نشي جي حالت ۾۾ ڏسندي جڏهن ته اهي نشي ۾ نه هوندا ليڪن الله جو عذاب نهايت شديد هوندو.

قيامت جي ڏينهن سڀ ان ئي پريشانيءَ ۾ هوندا ته اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ملندو يانه..؟ ڇو جو ڪجه اصحاب يمين (جن کي نامه اعمال ساڄي هٿ ۾ ملندو)۽ڪجهه اصحاب شمال (جن کي نامه اعمال کاٻي هٿ ۾ ملندو)هوندا.نامه اعمال به اهڙو مضبوط هوندو جو ”مالِ هَذَا الْکتَابِ لَا يُغَادِرُ صَغِيرَةً وَلَا کبِيرَةً اِلَّا احْصَاهَا جنهن ۾ هر ننڍي وڏي عمل جو ذڪر ٿيل هوندو. اهڙي ڪتاب جي باري ۾سڀني کي پريشان هوندا ته ڪهڙي هٿ ۾ ملندو.جيڪڏهن ساڄي هٿ ۾ ملندو ته ڇا ٿيندو؟ فهوفِي عِيشَةٍ رَاضِيَةٍ ، فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ ، قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ. اهو ان لاءِ آهي جيڪو من أوتِيَ کِتَابَهُ بِيَمِينِهِ “ ليڪن جنهن کي اهو ڪتاب ساڄي هٿ ۾ نه مليو ان جو انجام ڇا ٿيندو..؟ خُذُوهُ فَغُلُّوهُ ، ثُمَّ الْجَحِيمَ صَلُّوهُ ، ثُمَّ فِي سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَاسْلُکوهُ اهو انجام ان جو آهي جنهن کي اعمال ناموکاٻي هٿ ۾ ملندو........................اهو اهو وقت هوندو جو هڪ نجات ڏيندڙ جو هٿ اڳتي ايندو.......اهو وقت آهي جو جعفر بن محمد ع کي سڃاڻجي....

امام رضا عليه السلام کان روايت آهي جيڪا پاڻ رسول الله ص کان نقل ڪئي اٿائون ته فرمايائون ته ”من اراد ان يلقي الله“ جيڪو چاهي ته خدا سان ملاقات ڪري....ڪير آهي جيڪو نه چاهي ته پنهنجي پروردگار سان ملاقات ڪري. يعني حديث سڀني جي لاءِ آهي... ”من اراد ان يلقي الله يعطيه کتابه بيمينه“ ۽ اهو چاهي خداي متعال پاڻ سندس اعمال نامو کيس ساڄي هٿ ۾ ڏئي ته ” فليتوال جعفر بن محمد الصادق “ ته جعفربن محمد جي پيروي ڪري .

اتان روشن ٿئي ٿو ته امام جو هڪ لقب منجي آهي يعني ڇا...ان هلاڪت ڀري ڌٻڻ مان جنهن ۾ سڀ گرفتار آهن نجات ڏيندڙ جعفربن محمد ۽ان جو مذهب آهي.

اختتام شافعي جي ان جملي سان ٿا ڪيون جنهن ۾ چيو اٿائين ته: ومناقبه کثيرة تفوق عدد الحاسب ويحارفيأنواعها فهم اليقظ الکاتب امام صادق عليه السلام جا فضائل ايترا ته وڌيڪ آهن جو ڳڻيندڙ ان جي ڳڻڻ کان لاچار ۽ بيدار (ذهن) ماڻهو ان جي فضيلتن جي قسمن کي سمجهڻ ۾حيران آهن

طبراني(جيڪو مذهب جعفريه جي مخالفن ۾ شمار ٿئي ٿو) ليث بن سعد کان نقل ٿو ڪري ته چيائين ته حج تي ويس مسجد ۾عصر جي نماز پڙهي ڪري هڪ جبل (جنهن کي ”ڪوهه ابوقبيس “ چوندا آهن)ويس ته جيئن ساهه پٽيان ،اتي پهتس ته ڏٺم ته هڪ شخص جبل مٿان ويٺو آهي آءُ ان ويجهو وڃي ويٺس ته ذڪرپئي ڪيائين ”يارب..يارب...يارب..“ وري شروع ڪيائين ”ياحيُّ... ياحيُّ ..... ياحيُّ “ آخر ۾ چيائين ته پروردگارا! انگورکپن اهي پهچاءِ لباس ٿو کپي اهو پهراءِ...(ليث ٿو چوي)اڃان سندس دعا پوري ئي نه ٿي هئي جوانگورن جو هڪ ڇنگهو ان جي ڀرسان پيل هيو ٻئي پاس ٻه وڳا پڻ ،موجود هئا مون چيومانس ته مونکي به کاراءِ چيائين ته اچ ..تعجب جي ڳالهه اها هئي ته جيترا به کاڌاسين پئي کٽا نه پئي.جڏهن کائي بس ڪيوسين ته انهن ٻن ڪپڙن مان هڪ گوڏ ڪيائين۽ٻئي کي چادر ڪري پهرئي وڃڻ لڳو...مان حيران هيس ته اهو ڪير آهي جنهن کي الله ٿو کارائي ۽لباس پارائي؟ جڏهن جبل کان هيٺان لٿاسين ته واٽ تي هڪ شخص کيس چيو ته يا ابن رسول الله ع لباس ناهي ڪپڙا پهرايو..هن هڪ لباس ان کي ڏئي ڇڏيو۽ هليو ويو...مون شخص کان سوال ڪيو جنهن کي لباس ڏنو هئائين : اهو شخص ڪير هئو ته جواب ڏنائين ته اهو جعفر بن محمد صادق ع هيو.

اهو اوهان سڀني جو فرض آهي،هران شخص جو فرض آهي جنهن سندن دسترخوان تي ويٺل آهي،هي مدرسا هيءُ پيش نماز حضرات ته ان امام جي شهادت واري ڏينهن پهريان کان وڌيڪ تحرڪ ڏيکارن هن عظيم مقصد کي سمجهن ته امام جو اسان جي مٿان ڪيڏو وڏو حق آهي اگر هو نه هجي ته اسان خدا ص رسول ص قيامت جي باري ۾ ڪٿان معرفت حاصل ڪيون ها؟،نماز روزي کان وٺي نڪاح ۽طلاق تائين اسان وٽ ڇا هجي ها ؟ اهو حق محَقَق ٿيڻ گهرجي ،مسجدن ۾ گهٽ ۾گهٽ ٽي ڏينهن مجلسون برپا ٿين،امام جا فضائل۽ مناقب بيان ڪيا وڃن ته جئين ماڻهون سمجهن ته ڪنهن جي احسان هيٺآن آهن جڏهن ماءُ کين سيکاريو ٿي ته ڪنهن جي مذهب جو آهي..؟ ته چئو امام جعفر صادق جي مذهب جو پيروڪار آهيان. مبلغن جو فرض آهي ته شهر شهر ۾ وڃي اهي حقائق ماڻهن تائين پهچائن.

امام جي شهادت واري ڏينهن سڄو ملڪ متحد ٿي ڪري سندن عزا ۾ ويهي ته جڏهن امام زمانه پريشان ٿي سندن ويران قبر ٿيل ڏانهن ڏسندو ته ڪو ان جي زيارت ڪرڻ وارو ناهي ته ٻئي پاسي جڏهن روڊن ۽رستن تي عزادارن جا دستا۽ ماتمدار مومنن کي ڏسندو ته اهو سندن زحمن لاءِ مرحم ٿيندو.

اللهم صل و سلم على وليک جعفر بن محمد، عدد ما في علمک و ما احصاه کتابک واجعلنا من اشياعه وانصاره واتباعه.



[1][1] _(نوٽ: خداوند متعال جي صفتن جي باري ۾ ته آيا انساني عقل انهن صفتن کي سمجهي سگهي ٿو يا نه ٽن گروهن ۾ تقسيم ٿيل آهن

1_تعطيل جا قائل : انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته انساني عقل اها طاقت نه ٿو رکي جو الله تعالى جي صفتن کي سمجهي سگهي.

2_ تشبيه جا قائل: ان گروهه جو چوڻ آهي ته انساني عقل جي ذريعي الله جون صفتون سمجهڻ ممڪن آهن ڇو جو اهي صفتون هوبهو انساني صفتن وانگر آهن.

3_نه تعطيل ڪامل نه تشبيه ڪامل:ان گروهه جو چوڻ آهي ته الله تعالى جي ذات وانگر سندس ڪجهه صفتن جو ادراک انسان جي وس جي ڳالهه ناهي البته جيڪي صفتون انسان سان مشابهه نظر اچن ٿيون اهي پڻ هرقسم جي نقص ۽ عيب کان خالي آهن.

ٽنهي لاءِ مثال :الله تعالى قادر آهي پهرئين گروهه جي نزديڪ اسان نه ٿا سمجهي سگهون ته قادر معنى ڇا آهي؟ ٻئي گروهه جو چوڻ آهي ته الله قادر آهي جيئن انسان قادر آهي جڏهن ته ٽئين گروهه جو چوڻ آهي ته الله سائين قادر آهي انسان وانگر ليڪن فرق اهو آهي ته انسان جي قدرت جو عيب نقص هيءُ آهي ته محدود آهي ليڪن خدا تعالى جي قدرت محدود ناهي.)

[2] _ انسان پنهنجي ڪمن جي انجام ڏيڻ۾ آيا خود مختار آهي يا نه ؟ ٽي نظريه آهن.

1_مفوضه جو نظريو: انسان جيڪو به ڪم ڪري ٿو اهو ڪاملا پنهنجي اختيار سان ڪري ٿو،ان ۾ الله سائينءَ جوڪوبه ڪردار ناهي.

2_مجبره جو نظريو:انسان پنهنجي ڪمن ۾ ڪوبه اختيار نه ٿو رکي،هرڪم ۾ فقط نمايشي گڏو آهي جڏهن ته هر ڪم ڪرڻ وارو خود خدا آهي .

3_اماميه جو نظريو: (لا جبر ولا تفويض بل امر بين الامرين) انسان نه ڪاملا خود مختار آهي نه ڪاملا مجبور الله انسان کي ڪنهن به ڪم جي انجام ڏيڻ لاءِ قدرت ۽ ارادو ۽اختيار ڏنو آهي البته اگر چاهي ته ان کان اهو اختيار۽قدرت کسي سگهي ٿو.انسان جيڪڏهن ارادو ڪري ۽پنهنجي اختيار سان ڪم انجام ڏئي ان جي جوابداري به ان جي ئي مٿان آهي.

[3] _سوره واقعه 1کان6

[4] _سوره حج 1،2