Get Adobe Flash player

قرآن مجيد الله سائينءَ طرفان انسان ذات جي هدايت لاءِ موڪليل آسماني ڪتابن مان آّخري ڪتاب آهي جنهن کي حضرت محمد مصطفى ص جي نبوت جي لاءِ هڪ محڪم دليل۽ اهو عظيم بي نظير معجزو قرار ڏنو ويو جنهن جو مثل آڻڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي،ان مطلب جي نشاندهي ڪندي قرآن مجيد ۾ الله سائين سڀني جنن ۽ انسانن کي چئلنج ڏيندي فرمايو آهي ته: لئن اجتمعت الإنس والجن على أن يأتوا بمثل هذا القرآن لا يأتون بمثله ولو كان بعضهم لبعض ظهيرا [1](جيڪڏهن جن۽ انسان گڏجي پون ته هن قرآن جو مثل پيدا ڪن ته هرگز ان جو مثل نٿا آڻي سگهن ڀلي کڻي هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هجن)

هيءُ اهو ڪتاب آهي جنهن جي تلاوت لاءِ قرآن مجيد ۽ سنت نبويه ۾تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي.قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون،رسول الله ص جون ڪيتريون ئي حديثون قرآن مجيد جي تلاوت جي اهميت ۽ ثواب جي باري ۾ نقل ٿيون آهن مثلا هڪ آيت ۾ قرآن مجيد جي تلاوت جو امر ڏيندي خدا تعالى فرمائي ٿو(ْفَاقْرَؤُا ما تَيَسَّرَ مِنَ الْقُرْآن) (فاقرؤوا ما تَيَسَّرَ منه )[2] جيترو ممڪن ٿي سگهي،هن قرآن جي تلاوت ڪريو.اهڙي طرح حضرت رسول الله ص حضرت علي عليه السلام کي وصيت ڪندي فرمايو آهي ته(َ وَ عَلَيکَ بِتِلَاوَةِ الْقُرْآنِ عَلَى کلِّ حَالٍ) [3] هر حال ۾ قرآن جي تلاوت ڪندو رهه.

هڪ ٻئي حديث ۾ حضرت امام حسين عليه السلام کان نقل ٿيو اهي ته فرمايائون: مَنْ قَرَأ آيَةً مِنْ کتَابِ اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ فِي صَلَاتِهِ قَائِماً يُکتَبُ لَهُ بِکلِّ حَرْفٍ مِائَةُ حَسَنَةٍ فَاذَا قَرَأهَا فِي غَيْرِ صَلَاةٍ کتَبَ اللَّهُ لَهُ بِکلِّ حَرْفٍ عَشْرَ حَسَنَاتٍ وَ إنِ اسْتَمَعَ الْقُرْآنَ کَتَبَ اللَّهُ لَهُ بِکلِّ حَرْفٍ حَسَنَة .[4] جنهن قرآن مجيد جي هڪ آيت نماز ۾ بيٺي پڙهي ان جي لاءِ هر هڪ اکر جي بدلي 100 نيڪيون لکيون وينديون ۽ جيڪڏهن نماز کان علاوه هڪ آيت جي تلاوت ڪيائين ته هر هڪ اکر جي بدلي سندس نامه اعمال ۾ 10 نيڪيون لکيون ويندون پرجيڪڏهن قرآن جي تلاوت کي غور سان ٻڌائين ته ان جي لاءِ هر هڪ اکر جي بدلي هڪ نيڪي لکي ويندي

قرآن مجيد جو نه فقط پڙهڻ ثواب بلڪه ان جو ٻڌڻ به ثواب آهي.خدا تعالى قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته جڏهن قرآن جي تلاوت ٿئي ته ان کي غور سان ٻڌو (وَاِذا قُرِئَ الْقُرْآنُ فَاسْتَمِعُوا لَهُ وَانْصِتُوا لَعَلّکُمْ تُرْحَمُونَ) [5]جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته ان کي غور سان ٻڌو شايد توهان مٿان رحم ڪيو وڃي.

جنهن گهر ۾ قرآن جي تلاوت ڪئي وڃي اهو گهر بهشتي گهر بڻجي وڃي ٿو ۽ ان گهر ۾خيرو برڪت وڌي ٿي،رزق۽روزيءِ جي فراواني ٿئي ٿي ،شيطان ان گهر کان پري ڀڄن ٿا،الله جا مالڪ ان گهر ۾ حاضر ٿين ٿا۽ ان گهر ۾ اهڙوته نور چمڪي ٿو آسمان وارن کي اهو گهر چمڪندڙ ستاري وانگر نظر اچي ٿو.

اهو ئي سبب جو اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفى ص جن فرمائن ٿا: نَوِّرُوا بُيُوتَكُمْ بِتِلَاوَةِ الْقُرْآنِ وَ لَا تَتَّخِذُوهَا قُبُوراً كَمَا فَعَلَتِ الْيَهُودُ وَ النَّصَارَى صَلَّوْا فِي الْكَنَائِسِ وَ الْبِيَعِ وَ عَطَّلُوا بُيُوتَهُمْ [6]

پنهنجي گهرن کي قرآن جي تلاوت سان نوراني ڪريو ۽ گهرن کي يهودين۽ نصارن وانگر قبرون نه بڻايو جيڪي ڪيلسائن۽ گرجاگهرن ۾ عبادت ڪندا هئا۽  پنهنجي گهرن کي بيڪار ڇڏيندا هئا.

    گهرن ۾ قرآن مجيد جي تلاوت جي فائدن کي ٻڌائيندي فرمائن ٿا. فَإِنَّ الْبَيْتَ إِذَا كَثُرَ فِيهِ تِلَاوَةُ الْقُرْآنِ كَثُرَ خَيْرُهُ وَ اتَّسَعَ أَهْلُهُ وَ أَضَاءَ لِأَهْلِ السَّمَاءِ كَمَا تُضِي‏ءُ نُجُومُ السَّمَاءِ لِأَهْلِ الدُّنْيَا [7]

جنهن گهر ۾ قرآن جي تلاوت وڌيڪ ٿئي ٿي ان گهر ۾ برڪت وڌي ٿي گهروارا خوشحال ٿين ٿا۽ اهو گهر آسمان وارن لاءِ ائين چمڪي ٿو جيئن زمين وارن لاءِ تارا چمڪن ٿا

هڪ ٻئي حديث ۾ فرمائن ٿا: إِنَّ الْبَيْتَ إِذَا كَانَ فِيهِ الْمَرْءُ الْمُسْلِمُ يَتْلُو الْقُرْآنَ يَتَرَاءَاهُ أَهْلُ السَّمَاءِ كَمَا يَتَرَاءَى أَهْلُ الدُّنْيَا الْكَوْكَبَ الدُّرِّيَّ فِي السَّمَاءِ[8]

جنهن گهر ۾ هڪ مسلمان قرآن مجيد جي تلاوت ڪري ٿو ته آسمان وارن کي اهو گهر ائين نظر اچي ٿو جئين زمين وارن کي آسمان ۾ چمڪندڙ تارو نظر اچي ٿو

       مولاءِ ڪائنات علي ابن ابي طالب ع جن قرآن جي تلاوت جي فائدن ،تلاوت جي ڇڏي ڏيڻ جي نقصانن کي بيان ڪندي فرمائن ٿا: الْبَيْتُ الَّذِي يُقْرَأُ فِيهِ الْقُرْآنُ وَ يُذْكَرُ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ فِيهِ تَكْثُرُ بَرَكَتُهُ وَ تَحْضُرُهُ الْمَلَائِكَةُ وَ تَهْجُرُهُ الشَّيَاطِينُ وَ يُضِي‏ءُ لِأَهْلِ السَّمَاءِ كَمَا تُضِي‏ءُ الْكَوَاكِبُ لِأَهْلِ الْأَرْضِ وَ إِنَّ الْبَيْتَ الَّذِي لَا يُقْرَأُ فِيهِ الْقُرْآنُ وَ لَا يُذْكَرُ اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ فِيهِ تَقِلُّ بَرَكَتُهُ وَ تَهْجُرُهُ الْمَلَائِكَةُ وَ تَحْضُرُهُ الشَّيَاطِينُ  [9] .

جنهن گهر ۾ قرآن پڙهيو وڃي ۽ الله جو ذڪر ڪيو وڃي ان ۾ برڪت وڌي ٿي الله جا ملائڪ حاضر ٿين ٿا،شيطان اتان دور ٿين ٿا۽ اهو گهر آسمان وارن کي ائين روشن نظر اچي ٿو جئين تارا زمين وارن لاءِ (ان جي ابتڙ) اهو گهر جنهن ۾ قرآن مجيد جي تلاوت نه ٿئي نه ئي الله جو ذڪر هجي  ته ان جي برڪت گهٽجي وڃي ٿي،ملائڪ ان گهر کي ڇڏي ڏين ٿا۽ شيطان ان گهر ۾ گڏ ٿي وڃن ٿا.

 

 

قرآن مجيد جي تلاوت ايڏي وڏي اهميت جي ڪري ئي اسلام ۾ قرآن مجيد جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تما گهڻو زور ڀريو ويو آهي،هڪ حديث ۾ رسول الله ص جن مسلمانن کي قرآن جي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق ڏياريندي فرمائن ٿا:

           لَا يُعَذِّبُ اللَّهُ قَلْباً وَعَى الْقُرْآنَ جنهن دل ۾ قرآن هجي الله ان تي هرگز عذاب نه ڪندو [10]

هڪ ٻئي حديث ۾ فرمايو اٿائون :

   قَالَ خِيَارُكُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُرْآنَ وَ عَلَّمَهُ  توهان مان ڀلو اهو آهي جنهن قرآن سکيو۽ ٻين کي سيکاريو.[11]

هڪ ٽئين حديث ۾ فرمايائون :أَفْضَلُ الْعِبَادَةِ قِرَاءَةُ الْقُرْآنِ بهترين عبادت قرآن جي تلاوت آهي.[12]

اهڙي ئي قسم جي هڪ ٻئي حديث آهي: أَشْرَافُ أُمَّتِي حَمَلَةُ الْقُرْآنِ وَ أَصْحَابُ اللَّيْلِ .[13]

منهنجي امت جا سڀ کان وڌيڪ شرافت وارا ٻه گروهه آهن 1_ اهل قرآن 2_اهل شب (جيڪي رات ۾ الله جي عبادت ڪن ٿا)

جيڪي ماءُ پيءُ پنهنجي ٻارن کي قرآن مجيد جي تعليم ڏين ٿا انهن جي باري ۾ رسول الله ص جو فرمان آهي ته : مَا مِنْ رَجُلٍ عَلَّمَ وَلَدَهُ الْقُرْآنَ إِلَّا تَوَّجَ اللَّهُ أَبَوَيْهِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ تَاجَ الْمُلْكِ وَ كُسِيَا حُلَّتَيْنِ لَمْ يَرَ النَّاسُ مِثْلَهُمَا

جيڪو ماڻهوپنهنجي ٻارن کي قرآن پڙهائي قيامت جي ڏينهن الله سائين ان جي والدين کي تاج پارائيندو۽کين اهي لباس پهرايا ويندا جنهن کي ماڻهن ان کان پهريان نه ڏٺو هوندو. .[14]

 حضرت امير المومنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:

 تَعَلَّمُوا الْقُرْآنَ فَإِنَّهُ رَبِيعُ الْقُلُوبِ وَ اسْتَشْفُوا بِنُورِهِ فَإِنَّهُ شِفَاءُ الصُّدُورِ وَ أَحْسِنُوا تِلَاوَتَهُ فَإِنَّهُ أَنْفَعُ الْقِصَصِ

قرآن سکو بيشڪ اهو دلين جي بهار آهي،قرآن جي نور مان شفا وٺو بيشڪ قرآن سينن جي شفا آهي ۽ ان جي سهڻي نموني تلاوت ڪيو،بيشڪ قرآن (جا قصا بهترين۽ )فائده مند قصا (آهن). [15]

حضرت امام صادق عليه السلام هڪ بهترين حديث ۾ فرمائن ٿا: يُدْعَى ابْنُ آدَمَ الْمُؤْمِنُ لِلْحِسَابِ فَيَتَقَدَّمُ الْقُرْآنُ أَمَامَهُ فِي أَحْسَنِ صُورَةٍ فَيَقُولُ يَا رَبِّ أَنَا الْقُرْآنُ وَ هَذَا عَبْدُكَ الْمُؤْمِنُ قَدْ كَانَ يُتْعِبُ نَفْسَهُ بِتِلَاوَتِي وَ يُطِيلُ لَيْلَهُ بِتَرْتِيلِي ... فَأَرْضِهِ كَمَا أَرْضَانِي قَالَ فَيَقُولُ الْعَزِيزُ الْجَبَّارُ عَبْدِي ابْسُطْ يَمِينَكَ فَيَمْلَؤُهَا مِنْ رِضْوَانِ اللَّهِ وَ يَمْلَأُ شِمَالَهُ مِنْ رَحْمَةِ اللَّهِ ثُمَّ يُقَالُ هَذِهِ الْجَنَّةُ مُبَاحَةٌ لَكَ فَاقْرَأْ وَ اصْعَدْ فَإِذَا قَرَأَ آيَةً صَعِدَ دَرَجَةً [16]

قيامت جي ڏينهن جڏهن مومن کي گهرايو ويندو ته قرآن ان جي سامهون هڪ تمام سهڻي صورت ۾ ظاهر ٿيندو ۽پروردگار جي درگاه ۾ عرض ڪندو : اي پروردگار آءُ قرآن آهيان۽ هيءُ تنهنجو مومن ٻانهو  جنهن منهنجي تلاوت سان پنهنجي پاڻ کي تڪليف ڏني منهنجي پڙهڻ سان پنهنجي رات گذاري....جيئن هن مون کي راضي ڪيو آهي تون هن کي راضي ڪر.الله تعالى چوندو اي منهنجا ٻانها  پنهنجو ساڄو هٿ کول پوءِ (ان جو ساڄو هٿ) الله جي مرضين۽کاٻو هٿ الله جي رحمت سان ڀريو ويندو ۽کيس چيو ويندو  هيءَ جنت تنهنجي لاءِ مباح آهي قرآن پڙهندو وڃ ۽چڙهندو وڃ. پوءِ جڏهن هڪ آيت پڙهندو ته هڪ درجو وڌندو ويندو.

قرآن مجيد ۾ الله تعالى هر شيءِ جو علم رکيو ۽ ڪابه اهڙي خشڪ و تر شيءِ ناهي جنهن جو علم قرآن ۾ نه هجي(َ لا رَطْبٍ وَ لا يابِسٍ إِلاَّ في‏ كِتابٍ مُبينٍ)[17]،قرآن جي مجيد جي عربيءَ ۾ نازل ٿيڻ سان جتي عربن تي الله جي رحمت ٿئي جوکين پنهنجي مادري زبان ۾ الله جو پيغام مليو (وَ إِنَّهُ لَتَنزِيلُ رَبّ‏ِ الْعَالَمِينَ...بِلِسَانٍ عَرَبىِ‏ٍّ مُّبِينٍ) [18]اتي قرآن جو عربيءَ ۾ نازل ٿيڻ سبب ٿيو جو قرآن جي صدقي عربي ٻولي وسعت پائي ۽ هڪ غيرمنظم صورت مان نڪري هڪ محڪم منظم۽ قوي ٻوليءَ جي صورت اپنائي ۽ائين قيامت تائين قرآن جي بقا سان گڏ عربي ٻوليءِ جي بقا جي ضمانت به ڏني وئي.قرآن مجيد جي فصاحت(واضح بياني) ۽ بلاغت (موقعي مناسبت موجب هجڻ) ايتري ته عروج تي هئي جو عربن به پنهنجي ٻوليءَ کي ان کان پهريان اهڙي مقام تي نٿي پاتو۽الله جو ڪلام ڏسي ما هذا ڪلام البشر (هيءُ انسان جو ڪلام ٿي ئي نه ٿو سگهي) اقرار ڪيائون.

                 هڪ پاسي جتي قرآن پوري دنيا ۾ موجود هر شيءِ جي علم جو مجموعو آهي اتي ٻئي پاسي فصاحت ۽بلاغت جو حسين امتزاج پڻ آهي.قرآن مجيد کي پڙهڻ سان جتي انسان کي دنيا جهان جو علم ملي ٿو اتي سندس تلاوت سان روح کي راحت ۽دل کي چين۽نفس کي سڪون ملي ٿو.

جيڪو انسان پوري توجه غور۽فڪر سان ان پاڪ ڪتاب جي تلاوت ڪري ٿو ان جي تلاوت سان سندس اکين جو نور وڌي ،دل روشن ٿئي ٿي۽انسان جو عقل۽ شعور وڌي ٿو ۽انسان جي سوچ ۽فڪر بلڪل هڪ نئين راهه اپنائي ٿي۽ هر شيءِ نئين رنگ ۾ رڱيل نظر اچي ٿي.جنهن گهر ۾ قرآن پڙهيو وڃي ان ۾ خيرو برڪت وڌي ٿي ،خوشيون اچن ٿيون ان گهر تي الله جا فرشتا نازل   ٿين ٿا۽ شيطان ڀڄن ٿا.

ليڪن شرط اهو آهي ته انسان قرآن مجيد جي تلاوت وقت ان جي آدابن جي رعايت ڪندي تلاوت ڪري ورنه ٻئي صورت ۾ اهي فائدا جيڪي هن ڪتاب مان انسان کي ملڻ کپن حاصل ٿي نه سگهندا.اسان هن مقالي جي ۾اسان قرآن مجيد جي تلاوت جي آدابن کي مختصر طريقي سان بيان ڪيون ٿا

قرآن مجيد جي تلاوت جا آداب

قرآن مجيد جي تلاوت جي لاءِ ڪيترائي آداب وڏن ڪتابن ۾ نقل ٿيا آهن اسان ڪجهه اهم آدابن کي هتي ذڪر ڪريون ٿا.

1_ خلوص نيت

تلاوت جو سڀ کان اهم شرط اهو آهي ته انسان خلوص دل ۽ پاڪ نيت سان الله جي عبادت سمجهي يا پنهنجي لاءِ هدايت سمجهي تلاوت ڪري ۽ ان جي پڙهڻ ۾ ڏيکاءِ۽ رياءڪاري ،مال ۽دولت جي لالچ۽لوڀ۽ هوس نه هجي ورنه ان جو پڙهڻ جو ڪوبه فائدو ناهي.

حضرت امام محمد باقر عه جن قرآن جي پڙهندڙن جا ٽي قسم بيان ڪندي فرمائن ٿا: َ قُرَّاءُ الْقُرْآنِ ثَلَاثَةٌ رَجُلٌ قَرَأَ الْقُرْآنَ فَاتَّخَذَهُ بِضَاعَةً وَ اسْتَدَرَّ بِهِ الْمُلُوكَ وَ اسْتَطَالَ بِهِ عَلَى النَّاس.......... [19]  هڪ گروهه اهو آهي جيڪي قرآن پڙهن ٿا ۽ ان کي وسليو بڻائن ٿا ته جئين بادشاهن کان (مال) وٺن۽ماڻهن مٿان فخر ڪري سگهن ڪن............

2_ وضوءِ۽پاڪائيءَ

قرآن مجيد الله جو پاڪ ڪتاب آهي تنهنڪري ان جي تلاوت به پاڪائيءَ سان هجڻ گهرجي جئين سوره واقعه ۾ آيو آهي” لا يَمَسُّهُ إِلاَّ الْمُطَهَّرُون [20] ”هن کي ڪو مس نه ڪندو مگر پاڪ ماڻهو“

 لهذا انسان کي کپي ته تلاوت کان پهريان وضو ڪري پاڪ ٿئي پوءِ قرآن کي هٿ لائي۽ تلاوت ڪري .مولاي متقيان علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:  لَا يَقْرَأُ الْعَبْدُ الْقُرْآنَ إِذَا كَانَ عَلَى غَيْرِ طَهُورٍ حَتَّى يَتَطَهَّرَ

انسان جيڪڏهن پاڪ ناهي ته قرآن جي قرائت ايستائين جو پاڪ ٿي وڃي.[21]

3_شيطان جي شر پناهه گهرڻ

شيطان جيڪو انسان جو پڪو دشمن آهي هرگز نه چاهيندو آهي جو انسان ڪو چڱو ڪم ڪري پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڪم کي شروع ڪري ڇڏيندو آهي ته ان جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي ته جئين اهو چڱو ڪم مڪمل ٿي نه سهگي لهذا انسان ڪوبه سٺو ڪم شروع ڪري ته کيس گهرجي الله سائين کان شيطان مردود جي شر کان پناهه گهري مثلا(اعوذ بالله من الشيطان الرجيم) چوي ۽ پوءِ ڪم شروع ڪري 

قرآن مجيد جي تلاوت جي آدابن مان هڪ اهو آهي ته هو تلاوت جو آغاز الله سائين کان شيطان مردود جي شر کان پناهه گهرندي ڪري جيئن خود قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته: فَإِذا قَرَأْتَ الْقُرْآنَ فَاسْتَعِذْ بِاللَّهِ مِنَ الشَّيْطانِ الرَّجيم[22]  ”جڏهن قرآن جي تلاوت ڪئين ته الله کان شيطان مردود کان پناهه گهر“

4_تلاوت کان پهريان ڏندڻ ڏيڻ

تلاوت کان پهريان ڏندڻ ڏيڻ رسول الله جي سنت آهي جنهن جي باري ۾ پاڻ سڳورن پنهنجي اصحابن کي امر ڪندي فرمايو آهي ته: نَظِّفُوا طَرِيقَ الْقُرْآنِ فَقِيلَ يَا رَسُولَ اللَّهِ وَ مَا طَرِيقُ الْقُرْآنِ قَالَ أَفْوَاهُكُمْ فَقِيلَ يَا رَسُولَ اللَّهِ وَ كَيْفَ نُنَظِّفُهُ قَالَ ص بِالسِّوَاكِ[23]

قرآن جي رستي کي صاف ڪيو،پڇيو ويو يارسول الله قرآن جو رستو ڪهڙيو آهي؟ فرمايائون توهان جا (واتَ). پڇيو ويو ڪئين صاف ڪيون يارسول الله؟ فرمايائون ڏندڻ ڏيڻ سان.

5_قرآن تان ڏسي پڙهڻ

قرآن مجيد کي حفظ ڪرڻ جيتوڻيڪ هڪ تمام ڀلو ۽ بهتر ڪم آهي ليڪن رسول خدا ص جن کان هڪ حديث ۾ نقل ٿيو آهي ته قرآن مجيد ڏسي پڙهڻ ياد پڙهڻ کان بهتر آهي پاڻ فرمايو اٿائون: الْقِرَاءَةُ فِي الْمُصْحَفِ أَفْضَلُ مِنَ الْقِرَاءَةِ ظَاهِراً  قرآن کي ڏسي پڙهڻ ياد پڙهڻ کان بهتر آهي .[24]

6_صحيح پڙهڻ

انسان کي گهرجي ته انسان کي صحيح پڙهي ۽ ان جي پڙهڻ ۾ هر زير زبر لفظ ۽ جملي جو خيال رکي ڇو جو قرآن عربي زبان ۾ آهي،جنهن ۾ هڪ زير زبر جو فرق پوري جملي جي معنى کي تبديل ڪري سگهي ٿي لهذا انسان قرآن کي صحيح ۽ عربي لهجي ۾ پڙهي رسول خدا ص جن ان سلسلي ۾ فرمائن ٿا: اِعْرِبُوا الْقُرْآنَ وَ الْتَمِسُوا غَرَائِبَهُ قرآن کي صحيح اعراب سان پڙهو ۽ ان جي عجائبن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. اهڙي ئي قسم جي هڪ حديث ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا:  أعْرِبِ الْقُرْآنَ فَإنَّهُ عَرَبِيٌّ  قرآن مجيد کي صحيح اعراب سان پڙهو ڇو جو اهو عربي (ٻوليءَ ۾) آهي.

قرآن مجيد کي بهتر نموني سان پڙهڻ لاءِ علم تجويد ٺاهيو ويو آهي،جيڪو قرآن مجيد کي صحيح طريقي سان پڙهڻ جي قاعدن تي مشتمل آهي.ڪيڏو نه هوندو جو هر ماڻهو علم تجويد کي ڪجهه ڏينهن سيڙائي سکي وٺي.

7_سهڻي آواز سان پڙهڻ

قرآن جي آدابن مان هڪ اهو آهي ته انسان قرآن مجيد کي ٺاهي ٺاهي ۽ سهڻي آواز سان پڙهي،قرآن مجيد کي سهڻي آواز ۾ پڙهڻ سان نه فقط پڙهڻ واري جي دل وڌي ٿي ۽ شوق ۾ اضافو ٿئي ٿو بلڪه اهو قرآن جي حسن ۾ به اضافي جو باعث بڻجي ٿو رسول خدا ص جن فرمائن ٿا:

 لِکلِّ شَيْ‏ءٍ حِلْيَةٌ وَ حِلْيَةُ الْقُرْآنِ الصَّوْتُ الْحَسَنُ [25]

 هر شيءِ جي لاءِ هڪ (سونهن۽) سينگار آهي قرآن جي سونهن سينگار سهڻو آواز آهي.

 هڪ ٻئي حديث ۾ فرمايو اٿائون ته : حَسِّنُوا الْقُرْآنَ بِأَصْوَاتِكُمْ فَإِنَّ الصَّوْتَ الْحَسَنَ يَزِيدُ الْقُرْآنَ حُسْناً [26]

قرآن  مجيد کي پنهنجي آواز سان سهڻو بڻايو،بيشڪ سهڻو آواز قرآن جو حسن وڌائي ٿو.

.8_ دقت۽ غور سان پڙهڻ

قرآن مجيد جي تلاوت جو اصل فائدو جنهن جي لاءِ ئي الله سائينءَ هن ڪتاب کي نازل ڪيو يعني هدايت ۽ رهنمائي ،قرآن تڏهن ئي هدايت ڪندو جڏهن ان جي آيتن ۾ تدبر ڪيو وڃي ۽ غور فڪر ڪندي ان جي تلاوت ڪئي وڃي ۽ ان جي حقيقي پيغام سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

قرآن مجيد باربار ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته قرآن کي غور سان پڙهو ،ان جي آيتن تي سوچ ويچار ڪيو۽انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو مثلا هڪ آيت ۾ آيو آهي :أفَلا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ[27] قرآن ۾ غور ڇونه ٿا ڪن يا أ فَلا يَتَدَبَّرُونَ الْقُرْآنَ أمْ عَلى‏ قُلُوبٍ أقْفالُها [28] قرآن ۾ غور ڇونه ٿا ڪن يا انهن جي دلين تي تالا لڳل آهن .

حضرت علي عليه السلام جن فرمائن ٿا:

ألَا لَا خَيْرَ فِي قِرَاءَةٍ لَيْسَ فِيهَا تَدَبُّرٌ ألَا لَا خَيْرَ فِي عِبَادَةٍ لَيْسَ فِيهَا تَفَکرٌ. [29]

آگاه رهو! جنهن قرآئت ۾ تدبر۽جنهن عبادت ۾ تفڪر نه هجي ان ۾ ڪوبه فائدو ناهي.

خداي متعال کان دعا آهي ته اسان کي قرآن مجيد جي تلاوت جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان جي برڪتن مان فيضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.



[1] _ الإسراء : 88

[2] _ المزمل : 20

[3] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 186

[4] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 187

[5] _ الأعراف : 204

[6] _   الکافي ج : 2 ص : 610

[7] _   الکافي ج : 2 ص : 610

[8] _   الکافي ج : 2 ص : 610

[9] _   الکافي ج : 2 ص : 610

[10] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 167

[11] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 167

[12] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 168

[13] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 168

[14] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 168

[15] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 167

[16] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص : 166

[17] _الأنعام : 59

[18] _الشعراء : 193،195

[19] _ الکافي ج : 2 ص : 627

[20] _الواقعه :79

[21] _ وسائل‏الشيعة ج : 6 ص :196

[22] _الاعراف :98

[23] _ مستدرك‏الوسائل ج: 1 ص: 367

[24] _ مستدرك‏الوسائل ج : 4 ص : 268

[25] _ الکافي ج : 2 ص : 615

[26] _ وسائل‏الشيعة  ج: 6 ص:  212 

[27] _النساء 82

[28] _محمد 24

[29] _ الکافي ج : 1 ص : 36