Get Adobe Flash player

ٽيون حصو: هن حصي ۾ قرآن پاڪ جي عظمت ، اسلامي تمليمات ۽احڪامن جي باري ۾ وعظ ۽ نصيحت شامل آهي.

ان کان بعد پاڪ سائڻ مسجد ۾ ويٺل ماڻهن ڏانهن منهن ڪيو ۽ انهن جي اهم ذميدارين کي بيان ڪندي فرمايو ته؛ اي الله جا ٻانها ! توهان خدا جي امر ۽ نهي جا پرچمدار آهيو ۽ ان جي دين ۽ وحي جي پرچار ڪرڻ وارا آهيو ۽ هڪ ٻئي مٿان الله جا امين۽ٻين امتن تائين الله جي دين جو پيغام پهچائڻ وارا آهيو، ۽ توهان وٽ ئي آهي اهو سچو ۽ برحق رهبر جيڪو مقررڪيو ويو۽ اهو پيمان جيڪو پهريائين اوهان ڏي موڪليو ويو ۽ اهو باقي بچيل جنهن کي بچائي رکيو ويو، اهو قرآن ناطق(اهلبيت عليهم السلام) ۽ قرآن صادق (قرآن مجيد)،۽ جرڪندڙ نور۽ چمڪندڙ روشني آهي جيڪو سچائي سان هر مطلب کي واضح ڪندڙ، جنهن جا دليل روشن ۽ جنهن جا اسرار عيان ۽ جنهن جو ظواهربه چٽا آهن ۽ سندس پيروي ڪرڻ افتخار جو باعث آهي، جڏهن ته ان تي عمل ڪرڻ سان الله جي خوشنودي ۽ ان جو غور سان ٻڌڻ نجات جو سبب بڻجي ٿي،ان (قرآن جي ذريعي) الله جي نوراني حجتن،تفسير ٿيل واجبن،منع ٿيل حرام ڪمن،واضح نشانين،(هدايت لاءِ) ڪافي برهانن،پسنديده فضيلتن۽ عطا ڪيل اجازتن کي ماڻي سگهجي ٿو

الله تبارڪ و تعالي توهان لاءِ ايمان کي شرڪ جي پليدي کان پاڪ ٿيڻ نماز کي غرور کان بچڻ ،زڪات کي نفس جي پاڪائيءِ ۽ روزيءَ ۾ اضافي جو سبب،جڏهن ته روزي کي خلوص پيدا ڪرڻ جو وسيلو ۽ حج کي اسلام جي آئين جي تقويت،عدل کي دلين جي نرميءَ ۽اسان (يعني آل رسول عليهم السلام) جي اطاعت کي نظم۽ اسان جي امامت کي تفرقي کان امان (۾ هجڻ)جو وسيلو قرار ڏنو اٿائين،(ان کان علاوه) جهاد کي اسلام جي عزت،صبر ۽ بردباري اجر حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو اٿائين،جڏهن ته امر بالمعروف کي ماڻهن جي اصلاح،والدين سان نيڪي ڪرڻ کي خدا جي غضب کان بچڻ جو ذريعو ۽ صله رحمي کي قدرت ۽ برڪت جو وسيلو،قصاص کي جان جي حفاظت جو ذريعو نذر(باس) مغفرت جو وسيلو قرار ڏنواٿس، صحيح تور(۽ ماپ) کي کوٽ ۽ بي ايمانيءَ جو خاتمي جو سبب بڻايو اٿائين، جڏهن ته شراب کي حرام ڪري پليتيءَ کان بچڻ جو ذريعو ۽ تُهمت ۽ ڪوڙ کان پرهيز جو حڪم ڏئي لعنت کان بچڻ جو رستو ڏسيو اٿائين، چوريءَ کان پاسو ڪرڻ عزتِ نفس جي حفاظت ۽ شرڪ کي حرمت کي بندگيءَ ۾ اخلاص ۽ الله جي معرفت جو ذريعو قرار ڏنو.

 

خبردار!الله کان ڊڄو ڪريو ۽ خدا نافرمانيءَ کان بچو ۽ ڪوشش ڪيو ته جڏهن موت اچي ته مسلمان ٿي هن دنيا مان وڃو، جنهن شيءِ جو خدا حڪم ڏنو آهي ان ۾ خدا جي اطاعت ڪريو ۽ جنهن شيءِ کان الله روڪيو آهي ان کان رڪجي وڃو خدا جي بندن مان فقط علم وارا (علماء) ئي آهن جيڪي الله کان ڊڄن ٿا ۽ پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪن ٿا.

چوٿون حصو: هن حصي ۾ حضرت زهرا سلام الله عليها پنهنجو تعارف ڪرائيندي پنهنجي بابي رسول الله (ص) جن جي زحمتن کي بيان ڪيو آهي، مسلمانن کي ماضي ۽ زماني جاهليت جي ياد ڏياريندي سندن ستل ضمير کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اي مسلمانو! (اِعْلَمُوا اَني فاطِمَةُ وَ اَبي ‏مُحَمَّدٌ،) مونکي سڃاڻو مان فاطمه (س) آهيان ۽ منهنجو بابو محمد (ص) آهي منهنجي پهرئين ۽ آخري ڳالهه اها آهي ته:مان جيڪو ڪجهه چئي رهي آهيان، اهو غلط ناهي ۽ ۽جيڪو ڪجهه ڪريان ٿي ان ۾ خطا ناهي ” لَقَدْ جاءَکمْ رَسُولٌ مِنْ اَنْفُسِکُمْ عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّمْ حَريصٌ عَلَيکمْ بِالْمُؤْمِنينَ رَؤُوفٌ رَحيمٌ “بيشڪ توهان منجهان ئي هڪ رسول توهان ڏي موڪليو ويو جيڪو توهان تي وڏو مهربان هيو ۽ توهان جي هدايت پئي چاهيائين ۽ مومنين تي روۡف ۽ مهربان هيو، اگر توهان ان کي سڃاڻو ٿا (ته ان ڳالهه کان به خوب آگاهه آهيو ته اهو) عورتن مان منهنجو والد آهي نه اوهان جي عورتن جو ۽ جڏهن ته مردن ۾ منهنجي شوهر (علي) جوڀاءُ آهي نه توهان جي مردن مان ڪنهن جو ڀاءُ ، اها ڪيڏي نه ڀلي فضيلت آهي.بس درود ۽ سلام هجي محمد (ص) تي ۽ ان جي پاڪ آل تي.

جنهن سان منهنجو اهو رشتو آهي اهو ان رسالت کي انذارسان(ڊيڄاريندي)،مشرڪن جي گمراهيءَ(واري کاهيءَ ۾ ڪرڻ)کان پاسو ڪندي سندن سرن تي ٿي وار ڪيائين،کين ڳچيءِ کان وٺي حڪمت سان وعظ ۽ نصيحت ڪندي پنهنجي رب جي رستي ڏانهن دعوت ٿي ڏنائين،انهن جي بتن کي ڊاهي ڪيني رکڻ وارن جو ڳاٽو ٿي ڀڳائين ايستائين جو اهي ميدان ڇڏي ٽڙي کنڊڙِي ويا

ايستائين جو رات جي پيٽ مان صبح ظاهر ٿيو ۽ حق پنهنجي چهري تان نقاب لاهي ڦٽو ڪيو،دين(اسلام) جي رهبر جو آواز بلند ٿيو ۽ شيطانن جا واڪا خاموش ٿي ويا.نفاق جا ڪنڊا رستي مان هٽي ويا،ڪفر۽ تفرقي جا ڳنڍ ٽٽي پيا.۽ توهان جون زبانون ڪلمه اخلاص جي چوڻ لاءِ کلي ويون جڏهن ته توهان ( جي حالت اها هئي ته) انهن سفيد پوش ماڻهن جي درميان هيا جن جا پيٽ پٺيءَ سان لڳل هيا (يعني توهان غربت ۽ فقر جي عالم ۾ هيا)

توهان ان وقت جهنم جي باهه جي دهاني تي هيا ،توهان پاڻيءَ جي ان ڍُڪ مثل هئا جنهن کي حريص ماڻهو ڪنهن به وقت پئي ختم ڪري ڇڏين،ها،باهه جي ان شعلي وانگر هيا جيڪو ڪنهن به وقت وسامي سگهي پيو،توهان قدمن ۾ ڪچلجندڙ(گاهه وانگر) هيا،ان وقت توهان اٺن جي (ڪني لٻيل) پاڻيءَ مان پيندا ۽ وڻن جي پنن کي لباس ڪري پائيندا هيئو۽(ائين هميشه)ذليل و خوار هئا،توهان کي هر وقت اهو خوف هوندو هيو ته متان دشمن ڪيڏي مهل به حملو ڪري اوهان کي اغوا نه وٺي .

ليڪن خداوند متعال توهان کي ( ان ذلت ۽ رسوائي کان بعدمنهنجي بابي) محمد (ص) جي ذريعي ان کان بعد جو توهان عربن جي طاقتور بگهڙن۽ اهل کتاب جي شرڪشن جي تڪليفن کان نجات،جڏهن به انهن جنگ جي باهه کي ٻارڻ چاهيو ته خداوندعالم ان کي وسائي ڇڏيو،جڏهن به شيطان پنهنجا سڱ ٿي ڪڍيا ۽ جڏهن مشرڪن مان ڪنهن ازدها وات ٿي کوليو(جڏهن به شيطان جي شيطانگري ظاهر پئي ٿئي ۽ مشرڪن فتنا مچائڻ شروع ڪيا ته) منهنجي بابي پنهنجي ڀاءُ علي (ع) کي انهن جي منهه ۾ ٿي ڏنو ۽ هو ايستائين نه ٿي موٽيو جيستائين انهن جو مٿو زمين تي نه ٿي مليائين۽ انهن جي باهه کي پنهنجي تلوار سان خاموش نٿي ڪيائين،الله جي راهه ۾ هميشه ڪوشش ڪيائين، الله جي امر جي تحقق لاءِ جدوجهد ڪيائين۽ هو رسول الله جي قريب،تمام ولين جي سرور،جهاد لاءِ هر وقت آماده ،نصيحت ڪندڙ،ڪوشش ڪندڙ،الله جي راهه ۾ ملامت ڪندڙن جي ملامت کان ڊنل نه رهندو هيو،جڏهن ته توهان ان وقت،امن جي وادين ۾ عيش ۽ آرام جي زندگي بسر ڪري رهيا هيو ۽ توهان ان انتظار ۾ هيو ته اسان جي مٿان مصيبتن جا پهاڙ ٽٽن ۽ (اهڙين)خبرن جي ٻڌڻ لاءِ آتا هيا ۽ توهان ويڙهه جي موقعي تي پوئتي هٽي ويندا هئا ۽ لڙائي ڏسي ڀڄي ويندا هئا.