Get Adobe Flash player

ويب اسٽيٽس

stats online

آنلائن صارفن جو تعداد

اسان سان گڏ 16 مہمان ۽ 0 رڪن آنلائن آهن

شيعه دوست فونٽس

ويب سائيٽ کي بهتر نموني ڏسڻ لاءِ سنڌي فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو

خطبي جو تعارف

 

جڏهن رسول الله ص جن جي وفات کان پوءِ حڪومت ابوبڪر جي هٿ ۾ آئي ته هن حضرت زهرا س کي پنهنجي بابا کان هبي طور مليل فدڪ واري باغ تي قبضو ڪيو ۽ هن حضرت زهرا سلام الله عليها جي مزدورن کي باغ فدڪ مان ٻاهر ڪڍي ۽ پنهنجا ڪارندا اتي بيهاري ڇڏيا، جڏهن حضرت زهرا سلام الله عليها کي اها خبر پئي ته پنهنجي حق جي تقاضا ڪيائون ،جڏهن کين ڪوبه مناسب جواب نه مليو ته بيبي صاحبه پاڻ چادر ويڙهي ۽ چند عورتن سان گڏجي مسجد ۾ آيون

 

جڏهن حضرت زهرا سلام الله عليها مسجد ۾ داخل ٿيون ته ابوبڪر ڪجهه مهاجر ۽ انصار صحابن سان گڏ مسجد ۾ ويٺو هيو، حضرت بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها پردي جي اوٽ ۾ ويهي پنهنجي بابا کي ياد ڪري روئڻ شروع ڪيوته مسجد ۾ ويٺل ماڻهو به روئڻ لڳا، ڪافي دير تائين مسجد ۾ روئڻ جو آواز بلند رهيو جڏهن سڀ ماڻهو خاموش ٿي ويا ته زهرا سلام الله عليها اٿي ڪري هيءُ خطبو پڙهيو جيڪو تاريخ ۾ ”خطبه فدڪيه“ جي نالي سان مشهور آهي ،هيءُ خطبو توحيد نبوت۽اعلى اخلاقي قدرن سميت ڪيترن ئي اهم موضوعن تي مشتمل آهي،هن خطبي کي ڪيترن ئي شيعه سني ڪتابن ٿوري گهڻي اختلاف سان نقل ڪيو آهي،هن خطبي جو سنڌي ترجمو توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي، جنهن کي اسان هتي ستن حصن ۾ بيان ڪنداسين

پهريون حصو: الله تبارڪ و تعالي جي توحيد ۽ صفات باري تعالي ، اسماء حُسني ۽ مخلوقات جي خلقت جي غرضِ وغايت بابت هڪ مختصر ۽ عميق تجزيو۽ تحليل آهي

الله سائينءَ جي ڏنل نعمتن تي سندس حمد ڪيان ٿي، عطا ڪيل توفيقات تي سندس شڪر ادا ڪيان ٿي ، ۽ خدا جي ثناء ٿي ڪيان انهن نعمتن تي جيڪي هن شروع کان ئي سڀني کي عطاء ڪيون،ان بي حد و حساب آرام ۽ آسائش تي جيڪا سڀني لاءِ مهيا ڪيائين ۽انهن لڳاتار نعمتن تي جيڪي عطا ڪيائين، اهڙيون نعمتون جن جو نه شمار ڪرڻ ممڪن آهي، ۽ نه انهن جو شڪر ادا ڪري سگهجي ٿو، ۽ نه ئي انهن نعمتن جو بدلو ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ته انهن نعمتن جو ادراڪ انسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي، ۽ خداوند عالم انهن نعمتن جي دوام لاءِ (انسان) کي شڪر ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن اهي هميشه باقي رهن ۽ انهن نعمتن جي واڌاري سان مخلوق کان حمد وثنا جو مطالبو ڪيو اٿس،۽ پنهنجي نعمتن ڏانهن دعوت ڏيندي انهن کي ٻيڻو ڪيائين

مان گواهي ڏيان ٿي ته الله(ج) کان سواء ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، ۽ ان جو ڪو به شريڪ نه آهي،“ ان ڪلمه “لا اله الا الله” اخلاص کي ان جي تاويل ۽ دلين کي انهن جي وصول جو حامل بڻايو ،ان جي اثر فڪرن کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، اهو خدا جنهن جو ديدار اکين سان ممڪن ناهي، ۽ جنهن جي تعريف زبان سان نٿي ڪري سگهجي، جنهن جي کيفيت جو ادراک ذهن سان ممڪن ناهي،هن شين کي بغير ڪنهن (مادي ) مان بغير ڪنهن نموني ۽ مثال ڏسڻ جي

هن ڪائنات کي پنهنجي قدرت ۽ ارادي سان پيدا ڪيو جڏهن ته ان جي ڪا ضرورت نه هيس ، نه ئي ڪنهن نفعي کي نظر۾ رکيائين ٿي سواءِ ان جي جو پنهنجي حڪمت کي ظاهر ڪرڻ بندن کي پنهنجي اطاعت کان متوجه ڪرڻ،پنهنجي بندگيءَ جي راهه ڏيکارڻ،پنهنجي دعوت جي کي اعزاز بخشڻ جي.

پوءِ پنهنجي اطاعت تي ثواب نافرمانيءَ تي عذاب مقرر ڪيائين ته جيئن پنهنجي بندن عذاب کان بچائي ۽ جنت ڏانهن راهنمائي ڪري

ٻيون حصو :هن حصي ۾ حضرت محمد مصطفي (ص) جن جي عظمت ۽ پاڻ ڪريم جن جي ذميوارين ۾ ۽ خصوصيتن جي باري بحث ڪئي وئي آهي

.مان گواهي ٿي ڏيان ته منهنجو بابو محمد (ص) الله جو بندو ۽ ان جو رسول آهي، الله کيس انتخاب ڪيو ان کان پهريان جو کيس رسول بڻائي،سندس نالو رکيو ان کان پهريائين جو ان(حضرت محمد مصطفي (ص) کي موڪليائين ڇوجو ڪمن جي نتيجن کان آگاهه،۽ حوادث دنيا تي محيط ۽ شين جي حقيقت کان واقف هيو خدا حضرت محمد (ص) کي موڪليوپنهنجي پنهنجي ئي حڪم جي تڪميل ڪندي ،پنهنجي حڪمت کي عملي جامو پهرائيندي ۽ پنهنجي رحمت جي پيمانن کي جاري ڪندي ، (جڏهن پيغمبر اسلام حضرت محمد (ص)) رسالت لاءِ موڪليا ويا ته قوم کي عقيدن ۾ ڇڙوڇڙ پاتو،باهه اڳيان جهڪيل۽بتن جي پوڄا ڪندڙ ،۽ الله سائينءِ جو منڪر پاتو جڏهن ته کيس چڱيءَ طرح سڃاڻن پيا.

خداوندعالم منهنجي والد حضرتمحمد مصطفى جي (نور) وسيلي اونداهين ۾ روشني ڪئي ،دلين تان غلاف، ۽ اکين تان جهالت جا پردا هٽايا، پاڻ (ص) هدايت سان قيام ڪندي ماڻهن کي گمراهي ۽ ضلالت کان نجات ڏياري ۽سندن اکين کي نور۽ بصيرت عطاڪندي مضبوط دين (اسلام) طرف راهنمائي ڪئي ۽ سڌي رستي جي کي دعوت ڏني

پوءِ الله سائين کين پاڻ وٽ گهرايو پنهنجي بي پناهه محبت ۽ رغبت ڪندي،کين اختيار ڪندي ۽(ائين) حضرت محمد مصطفى ص هن دنيا جي ڏکن ۽ غمن کان آزاد ٿي ويا ۽ فرشتن جي جهرمٽ ۾ پنهنجي مالڪ جي رضا سان پنهنجي پالڻهار سان وڃي مليا

الله جي رحمد هجي منهنجي بابي الله جو نبي ۽ سندس امين (جبرائيل) تي جيڪو سڀني مخلوقات ۾ ان جو چونڊيل بندو آهي، ۽ سندن مٿان الله جا سلام ،رحمتون ۽ برڪتون هجن