Get Adobe Flash player

حضرت امام محمد باقر عليه السلام  جي عظمت ۽ فضيلت

1_سندن زندگيءَ تي مختصر نظر

آسمان ولايت۽ امامت جي هن پنجين ستاري جو نالو محمد بن علي جڏهن ته مشهور لقب باقر، هادي، شاڪر،[1] امين صابر ۽ شبيهه آهن کين ان ڪري شبيه سڏيو ويندو هيو جو رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم سان صورت ۽ سير ت ۾ گهڻي قدر قريب هئا ،امام محمد باقر ،اهي واحد امام آهن جيڪي ماءُ ۽پيءُ ٻنهي طرفان علوي سيد آهن ،سندن والده جو نالو فاطمه هيو جيڪا امام حسن عليه السلام جي نياڻي هئي[2]

سندن ولادت مشهور قول جي بنياد تي جمعي جي ڏينهن 1 رجب المرجب سن 57 هجريتي ٿئي ،امام پنهنجي زندگيءَ جا ابتدائي 4 سال سندن ڏاڏي حضرتامام حسين عليه السلام جي سائي ۾ پرورش پاتي ۽ پنهنجي والد بزرگوار سان گڏ ڪربلا جي قتلگاهه جا خوني منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا،ڪوفي ۽ شام جا دل دهلائيندڙ سفر لڱ ساڙيندڙگرميءَ۾ طئي ڪيا.ائين اهلبيت عڪربلا جي حادثي جي

 

امام محمد باقر عليه السلام 37 سال والد حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي خدمت ۾ گذاريا۽ علم امامت و ولايت جي بي بها بحر مان ڪسب فيض ڪيائون،سندن امامت جو دور 19 سالن تي مشتمل هئو،[3]جنهن دوران پاڻ ڪيتريون ئي عظيم خدمتون انجام ڏنائون خاص ڪري مدينه منوره ۾ سندن ديني درسگاهه باعث بڻي جو اهلبيت عليهم السلام جو علم سندن سوين شاگردن وسيلي اسلامي دنياسميت پوري جهان جي علمي مرڪزن جو محور بڻجي ۽ائين پاڻ ماڻهن کي معارف اهلبيت عليهم السلام سان روشناس ڪرايائون،اڄ به سندن ڪيترائي شاگرد اسلامي دنيا جا متبحر عالم ۽ فقيه مڃيا وڃن ٿا

7 ذوالحج 114 هجري ۾ [4] هشام بن عبد الملڪ جي سازش سان ٿي ابراهيم بن وليد بن عبدالملڪ جي زهر ڏيڻ سان سندن شهادت ٿي ائين پاڻ 57 سالن جي عمر ۾ هن جهان مان پردو مٽيو.[5]

2_ حضرت امام محمد باقر جي عظمت ۽ فضيلت

جيڪڏهن اهو چئجي ته امام باقر ان عظيم شخصيت جا مالڪ آهن،جيڪا هر لحاظ کان فضل ۽ ڪرم جو مجسمو آهي ، ته ڪو مبالغو نه هوندو ڇوته سندن حسب نسب،ذات پات،اخلاق ۽ڪردار، سيرت ۽ صورت ،علم ۽ بصيرت سڀ نهايت اعلى درجي جا آهن.

حضرت نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم کان وٺي حضرت امام جعفر صادق ع ۽ بعد ۾ ايندڙ ٻين امام سڳورن کان ڪيتريون ئي حديثون سندن فضيلت ۾ نقل ٿيون آهن جيڪي سندن عظيم شخصيت جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهن ٿيون اسان انهن مان فقط هڪ روايت کي ذڪر ڪريون ٿا

خاتم النبيين ص طرفان باقر العلوم ع کي سلام

رسول الله ص جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي غيب جو خبرون پنهنجي امت کي ڏنيون جيڪي سندن وڃڻ کانپوءِ به سچيون ثابت ٿينديون رهيون آهن،چاهي اها ،اسلام جي پوري دنيا ۾ ڦهلجڻ جي هجييا ايران ۽ روم جي فتح جي، سندن وفات کان بعد سندن ٻارنهن جانشينن جي اچڻ جي خبر هجي يا قيامت تائين قرآن ۽ سندن اهلبيت ع جي جدا نه ٿيڻ جي خبر هجي ،ايستائين جو رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن ڪجهه مخصوص ماڻهن کي انهن جي خصوصي زندگيءَ بابت به خبرون ڏنيون ته اهي سندن وڃڻ کان بعد ڇا ڪندا ۽ ڪيتري عمر ڪندا ،ايستائين ڪجهه ماڻهن جي جنتي ۽ جهنمي هجڻ جي خبر کي دنيا ۾ ڏنائون

سندن اهڙين غيبي علم تي مشتمل خبرن مان هڪ اها خبر آهي جيڪا پاڻ پنهنجي پياري صحابي جابر بن عبد الله انصاري کي ڏنائون جنهن۾ کين سندن طويل عمر جي نويد ڏيندي سندن مٿان اهم ذميواري رکيائون ته سندس پنجين جانشين يعني حضرت امام محمد باقر عليه السلام کي سندن سلام پهچائين ،هن روايت کي شيعه ڪتابن کان علاوهه ابن عساڪر پنهنجي تاريخي ڪتاب ۾ لکيو درج ڪيو آهي،هيءَ روايت ڪيترن ئي حوالن کان امام عليه السلام جي عظمت کي بيان ڪري ٿي

روايت هيءَ آهي

إنَّ رَسُولَ اللَّهِ ص قَالَ ذَاتَ يَوْمٍ لِجَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللَّهِ الاَنْصَارِيِّ يَا جَابِرُ اِنّک سَتَبْقَى حَتَّى تَلْقَى وَلَدِي مُحَمَّدَ بْنَ عَلِيِّ بْنِ الْحُسَيْنِ بْنِ عَلِيِّ بْنِا اَبِي طَالِبٍ الْمَعْرُوفَ فِي التَّوْرَاةِ بِالْبَاقِرِ فَاذَا لَقِيتَهُ فاَقْرِئْهُ مِنِّي السَّلَامَ فَدَخَلَ جَابِرٌ إلَى عَلِيِّ بْنِ الْحُسَيْنِ ع فَوَجَدَ مُحَمَّدَ بْنَ عَلِيٍّ ع عِنْدَهُ غُلَاماً فَقَالَ لَهُ يَا غُلَامُ أقْبِلْ فَاَقْبَلَ ثُمَّ قَالَ لَهُ اَدْبِرْ فَادْبَرَ فَقَالَ جَابِرٌ شَمَائِلُ رَسُولِ اللَّهِ ص وَ رَبِّ الکْعْبَةِ ثُمَّ اَقْبَلَ عَلَى عَلِيِّ بْنِ الْحُسَيْنِ فَقَالَ لَهُ مَنْ هَذَا قَالَ هَذَا ابْنِي وَ صَاحِبُ الاَمْرِ بَعْدِي مُحَمَّدٌ الْبَاقِرُ فَقَامَ جَابِرٌ فَوَقَعَ عَلَى قَدَمَيْهِ يُقَبِّلُهُمَا وَ يَقُولُ نَفْسِي لِنَفْسک الْفِدَاءُ يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ اقْبَلْ سَلَام[6]

هڪ ڏينهن رسول الله ص جن جابربن عبد الله کي فرمايو:اي جابر تون (ڊگهي مدت تائين) عمر ڪندي ايستائين جو منهنجي فرزند محمد بن علي...سان ملندي جيڪو تورات ۾ باقر جي نالي سان معروف آهي، جڏهن ان سان ملين ته کيس منهنجا سلام چئجان،(ايستائين جو وقت گذريو ۽ هڪ ڏينهن) جابر حضرت امام سجاد ع وٽ آيو اتي حضرت امام باقر ع کي ڏٺائين جيڪو اڃان ٻار هيوته کيس چيائين ته ڪجهه اڳتي اچ،وري چيائين ته وري واپس وچ،(اهو ڏسي) جابر چيو ،ڪعبه جي رب جو قسم رسول الله وارو انداز پيو ڏسان،پوءِ امام سجاد وٽ آيو ۽ سوال ڪيائين ته هيءُ ٻار ڪير آهي پاڻ فرمايائون ته هيءُ منهن فرزند ۽ مون بعد امت جو امام محمد باقر آهي (اهو ٻڌندي ئي )جابر بن عبدالله امام محمد باقر جي قدم ۾ ڪري کين چمڻ لڳو ۽ اهوپئي چيائين ته منهنجي جان اوهان تان قربان الله الله جي رسول جاٻچڙا ،رسول الله جاسلام قبول ڪريو...................

روايت تي تبصرو

هن روايت جا ڪجهه حصا نهايت ئي توجهه طلب آهن اسان انهن کي عليحده عليحده بيان ڪريون ٿا

1__ اِنّک سَتَبْقَى............

هيءُ حصو رسول الله ص جي جابر لاءِ پيشگوئي تي مبني آهي ته جابر جي عمر طولاني ٿيندي جيڪا پيش گوئي ظاهر پوري ٿئي جو حضرت جابر نه فقط خلفاءِ ثلاثه جي حڪومت ڏٺي بلڪه حضرت علي عليه السلام جي حڪومت کان علاوه بنو اميه جي تاريڪ دور جي آخر تائين محيط آهي

2_ حَتَّى تَلْقَى وَلَدِي مُحَمَّدَ بْنَ عَلِيّ

رسول الله نه فقط جابر جي طولاني عمر جي پيشگوئي ڪئي بلڪه کيس اهو به ٻڌايائون ته سندس ملاقات ضرور به ضرور حضرت امام باقر عليه السلام سان ٿيندي،جڏهن ته امام باقر عليه السلام جي لاءِ “وَلَدِي مُحَمَّدَ بْنَ عَلِيّ”جي تعبير استعمال ڪندي امام ع سان پنهنجي خاص محبت جو اظهار ڪيو اٿائون

3_ الْمَعْرُوفَ فِي التَّوْرَاةِ بِالْبَاقِرِ

رسول الله ص امام ع جي فضيلت ۽ منزلت کي بيان ڪندي ٻن اهم نقطن طرف اشارو ڪن ٿا

1_ امام محمد بن علي جو لقب آهي “باقر” باقر عربي زبان جي لفظ بقر مان نڪتل آهي جنهن جي معنى شگاف ڪرڻ ،چيرڻ آهي ،امام باقر عليه السلام کي اهو لقب ان ڪري مليو جو امام عليه السلام علم جي لڪيل خزانن کي ٻاهر ڪڍيو،اصول ڪافيءِ ۾ هڪ روايت آهي ،زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ جابر بن عبد الله انصاري سياهه عمامو (پڳ)پائي مسجد نبوي ۾ ايندو هيو آهي ،واڪا ڪري چوندو هيو يا ”باقر العلم يا باقر العلم“ جڏهن ماڻهو کائنس پڇنداهئا ته اهو ڇا پيو چوين (وڦلين تهڪونه پيو ...) ته جواب ڏيندو هئن ته:لَا وَ اللَّهِ مَا اَهْجُرُ وَ لکني سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ ص يَقُولُ اِنکَ سَتُدْرک رَجُلًا مِنِّي اسْمُهُ اسْمِي وَ شَمَائِلُهُ شَمَائِلِي يَبْقُرُ الْعِلْمَ بَقْراً[7]

خدا جو قسم هرگز نه....مون رسول الله کان ٻڌو آهي ته فرمايائون ته تون منهنجي نسل مان اهڙي شخص سان ملندي جنهن جو نالومنهنجي نالو ۽ منهن مهانڊا مون وانگر هوندس علم کي پوري ڪمال سان چيرندو۽کولي واضح ڪندو

2_المعروف في التورات بالباقر وارو جملو واضح ڪري ٿو ته حضرت امام محمد باقر ع جو مقدس وجود،ايتري ته اهميت جو حامل آهي جو سندن ذڪر تورات ۾ موجود نه بلڪه معروف آهي،

4_ شَمَائِلُ رَسُولِ اللَّهِ ص وَ رَبِّ الکْعْبَةِ

حديث ٻڌائي ٿي ته جڏهن جابر حضرت امام محمد باقر عليه السلام جي هلڻ ،منهن مهانڊا ڏٺا ته کيس رسول الله جي شبيه نظر آهي ايستائين جو ايڏو وڏو قسم کڻندي زبان سان اقرار ڪيائين ته حضرت امام محمد باقر عليه السلام ننڍپڻ ۾ ئي رسول الله جي شڪل صورت رکڻ وارا آهن ايستائين جو سندن هلڻ جو انداز به ساڳيو آهي

5_ هَذَا ابْنِي وَ صَاحِبُ الاَمْرِ بَعْدِي مُحَمَّدٌ الْبَاقِرُ

پوري روايت ۾هيءُ تنها جملو آهي جيڪو حضرت امام سجاد عليه السلام جي زبان تان جاري ٿيو جنهن ۾ امام جو تعارف ۽ سندن امامت جو اعلان ڪيو ويو آهي ،امام سجاد جابر کي نه فقط اهو ٻڌايو ته هيءُ منهنجو فرزند آهي بلڪه مون کان بعد امام برحق به آهي،اهو جملو جتي حضرت امام باقر ع جي امامت جو اعلان آهي اتي رسول الله جي حقيقي جانشينن ۽ خاندان نبوت جي حقيقي وارثن جي راهه کي به معين ڪري ٿو ته الله تبارڪ و تعالى اصلي نمائندن جي راهه ڪهڙي آهي؟

6_ فَوَقَعَ عَلَى قَدَمَيْهِ يُقَبِّلُهُمَا وَ يَقُولُ نَفْسِي لِنَفْسک الْفِدَاءُ

هيءُ جملو جتي امام جي معرفت حاصل ڪرڻ کان پوءِ جابر بن عبدالله انصاريءَ جي بي پناهه خوشيءَ ۽خاندان نبوت سان سندس لڳاءَ کي ثابت ڪري ٿو اٿي امام محمد باقر عليه السلام جي عظمت جو به عڪاس آهي ته ،جتوڻيڪ حضرت امام باقر عليه السلام اڃان ننڍپڻ جي عالم ۾ هيا،ليڪن تنهن هوندي به سندن عظمت جو مقام ايترو ته وڌيڪ هئو جو جابر پنهنجي وڏي عمر،بزرگيءَجي باوجود سندن قدمن ۾ ڪري پيو،رسول الله جو صحابي هجڻ باوجود کين چمڻ تي مجبور ٿئي پيو ايستائين جو اهو ٿي چيائين ته منهنجي جان اوهان تان قربان .....

7_ يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ اقْبَلْ سَلَام

هن جملي ۾ جابر ٻه اهم ڪم انجام ڏنا آهن 1_ حضرت رسول الله ص جي قول تي عمل ڪندي حضرت امام محمد باقر کي يَا ابْنَ رَسُولِ اللَّهِ يعني رسول الله جا فرزند چيائين ڇو جو رسول الله “ولدي” جي تعبير استعمال ڪئي هئي2_ رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن جي طرفان رکيل اهم ذميواري يعني سندن سلام امام ع تائين پهچائڻ

جيڪڏهن غور ڪجي ته صاف نظر ايندو ته تمام گهٽ اهي ماڻهو پيدا ٿيندا جن سان رسول الله پنهنجي خصوصي محبت جو اظهار ڪيو آهي،جيڪو ان ماڻهوءَ جي عزت عظمت کي بيان ڪري ٿو جيڪا رسول الله جي دل ۾ ان شخص لاءِ موجود آهي،مثلا پاڻ سڳورن ص اويس قرنيءَ جي لاءِ اهو فرمائيندا :مون کي يمن جي طرف کان جنت جي خوشبوءِ اچي .....هتي رسول الله ص جابر کي سلام امام محمد باقر عليه السلام جي لاءِ ڏنا جيڪي حقيقت ۾ ڪيترائي راز پنهنجي اندر سموئي رهيا هئا.جن مان ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه هيءُ هجن

1_حضرت امام محمد باقر منهنجو جانشين برحق آهي

2_ حضرت امام محمد باقر منهنجو فرزند آهي جيڪو منهنجي نسل مان آهي

3_ سندس علم منهنجو علم آهي

4_ سندن ٻڌايل راهه منهنجي راهه آهي

5_ منهنجي دين “اسلام” ۾ ٿيندڙ فرقن ۾ فرقه ناجيه اهو آهي جنهن ۾ امام محمد باقر ع هجي.

انهن احتمالن جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي ته..امام محمد باقر عليه السلام جي دور ۾ ڪيترائي علمي مسلڪ ۽ فڪري مَنۡهَجون بڻجي چڪيون هيو ۽ عام ماڻهو ٻڏ تر جو جو شڪار هئا ت ڪهڙي طرف وڃن

جابر بن عبد الله جي هٿان کنيل رسول الله ص جو اهو اقدام تمام گهڻي حد تائين اهڙي قسم جي ماڻهن لاءِ مدد گار ثابت ٿئي پيو

هلندڙ...............................



[1]_ ڪشف الغمه ج2 ص117

[2]_ ڪشف الغمه ج2 ص117

[3][3]_ تاريخ تشيع ج1 ص221

[4]_تاريخ ياقوبي ج2ص 320۽ تذڪرة الخواص ص 306

[5]_ الارشاد ج2ص156،اصول کافي ج2 ص372

[6]_ الامالي‏للصدوق ص353

[7]_ اصول ڪافي ج1 ص469