Get Adobe Flash player

سوانح حيات مولانا عباس علي نجفي رح (آخري حصو)

ڏاتون ۽ خوبيون

ڪنهن به عظيم انسان جي شخصيت جو اندازو ان ۾ موجود سٺين خصلتن ، خوبين ۽ خدادادي صلاحيتن سان ئي لڳائي سگھجي ٿو جڏهن اسان قبله مولانا عباس علي نجفي( رح ) جن جي شخصيت تي نظر ٿا ڪيون ته پاڻ به اهڙين وصفن جا مالڪ هئا جيڪي هڪ عظيم انسان ۾ هجڻ گھرجن .سندن انهن خصلتن ۽ ڏاتن کي هيٺين ريت ذڪر ڪجي ٿو

الف : وسيع سوچ

قبله عباس علي نجفي (رح ) وڏي گهري سوچ رکندڙ انسان هو ، سندن فڪر تمام اونهو هو وڏي سوچ جي ناتي ئي هر ماڻهو جي دل ۾ سندن لاءِ محبت سمائجي ويندي هئي ، ڇاڪاڻ ته پاڻ پنهنجي پوري وجود کي اهل بيت عليهم السلام جي پاڪ مذهب جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ وقف ڪري چڏيو هيائون تنهن ڪري هميشه سندن سوچ ديني ڪمن ۾مصروف رهندي هئي ، هر طالبعلم تي نظر رکڻ ، هر ڪنهن کي سندس صلاحيت مطابق ذميداري سونپڻ ،طالبعلمن جي مستقبل جي باري ۾ هر وقت فڪر ۾ رهڻ سندن مشغلو بنجي چڪو هو ، طالبعلمن جي صلاحيتن تي ايتري ته گهري نگاھ هوندي هين جو ڪنهن ننڍي ۽ گھٽ صلاحيتن واري طالبعلم کي به ناڪارھ نه سمجھندا هئا ، هڪ دفعو جڏهن دانشگاھ جعفريه جي هڪ استاد شڪايت واري انداز ۾ ننڍن ۽ ڏڏ طالبعلمن کي مدرسي مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي ته پاڻ فورا ان کي چوڻ لڳا ته : جتي قم ۽ نجف جي حوزي مان اعلى تعليم حاصل ڪري ايندڙ طالبعلم ڪم نه ڪري سگھندا اتي اهي طالبعلم ئي ڪم ڪندا ، ٻهراڙي جي پوئتي پيل ڳوٺن ، ٿر ۽ بر ۾ اهي آهن جيڪي وڃي قرآن ۽ دينيات جي تعليم ڏيندا ان جي ڪري انهن کي ناڪارهه نه سمجھڻ گھرجي اهو ئي سبب هو جو ڪيترا طالبعلم جيڪي ديني تعليم ترڪ ڪري وڃي پنهنجن ڳوٺن ۾اجايو ويهي رهيا يا ڪنهن دنياوي ڌنڌي ڌاڙي ۾ لڳي ويا انهن کي اهي ڌنڌو ڇڏائي ڪنهن نه جڳهه تي مقرر ڪري ايندا هئا ۽ ائين ڪيترن طالبعلمن کي وري سڌي راهه تي آڻي ڇڏيائون ، هر طالبعلم کي اهميت جي نگاهه سان ڏسڻ جو سبب به پاڻ ملتان جي هڪ شخص پروفيسر خادم حسين لغاري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ بيان ڪيائون سندن اهو انٽرويو ڏهاڪو سال کن پهرين جامعته المنتظر لاهور طرفان شائع ٿيندڙالمنتظر “ رسالي ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ قبله جن ذڪر ڪيو ته ، هڪ طالبعلم کي ڏڏ سمجھي مدرسي مان ڪڍي ڇڏيوسين ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته امام زمانه ( عج ) جن جي زيارت ٿي رهي آهي ليڪن ان لاءِ پهرين ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي مون ڏٺو ته ٽڪيٽ وٺڻ وارن جي تمام وڏي صف آهي آئون به اڳتي وڌي ان صف ۾ بيٺس ، ڪجھ دير گذرڻ کان پوءِ ڏٺم ته اهو طالبعلم جنهن کي اسان ڏڏ سمجھي ڪڍي ڇڏيوهيوسين مون ڏانهن وڌي اچي چوڻ لڳو ته سائين آئون ٻه ٽڪيٽون وٺي آيو آهيان هڪ توهان جي لاءِ ۽ هڪ منهنجي لاءِ هلو ته هلي امام عليه السلام جي زيارت ڪريون ، ننڊ مان بيدار ٿيڻ کان پوءِ مون عهد ڪري ڇڏيو ته ڪنهن به طالبعلم کي سندس ذهني صلاحيت گھٽ هجڻ جي ڪري نه ڪڍندس ، تنهن ڪري هر ننڍي وڏي طالبعلم جو احترام ڪندا هئا ۽ اگر ڪو طالبعلم ڪن مجبورين جي ڪري يا ڪنهن ناراضگي جي ڪري مدرسو ڇڏي ويندو هو ته ان جي ڳوٺ وڃي سندس مٽن مائٽن کي راضي ڪري وري واپس وٺي ايندا هئا ، اگر ڪنهن به مدرسي جوڪو طالبعلم دانشگاهه جعفريه يا انجمن اماميه ( قدم گاهه مولاعلي ) حيدرآباد سندن دفتر ۾ ساڻن ملڻ جي خيال سان به ايندو هو ته ان کان سندس حال احوال وٺندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن مالي پريشاني جو شڪار هوندو هو ته ان کي برطرف ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا هئا ، هي ڳالهه سندن اعلى خصوصيتن ۾ شامل هوندي هئي جو هر طالبعلم سان ايترو ته پيار سان پيش ايندا هئا جو مدرسي جو هر طالبعلم اهو سمجھندو هو ته سائين مون کي سڀني کان وڌيڪ ٿوپيار ڏئي هميشه هر طالبعلم جي لاءِ ”بابا “ يا ”منهنجا ٻچڙا “ جا لفظ ئي اسان سندن زبان تان ٻڌا ، مون کي ياد ناهي ته ڪنهن طالبعلم جي لاءِ ڪو هلڪو لفظ زبان تي آندو هجين ، طالبعلمن کي ڪنهن تڪليف ۾ ڏسڻ کانئن برداشت نه ٿيندو هو ايسيتائين جو زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ ڪن طالبعلمن جي ڪمري مان ٻهاري ڏيندي به ڏٺو ويو مون سندن وسعت قلبي جو اندازو ان وقت لڳايو جو جڏهن مدرسي جو هڪ ٻهاري دار ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي هليو ويو ته ان جي ڳوٺ وڃي کيس راضي ڪري واپس وٺي آيا


ب :مال امام جي خرچ تي خاص توجه

، سندن هڪ خاصيت جيڪا حقيقت ۾ سندن پرهيزگاري ، دنيا کان بي توجهي ۽ پنهنجي امام جي سامهون پاڻ کي هر وقت حساب ۽ ڪتاب لاءِ حاضر تصور ڪرڻ لاءِ واضح دليل هئي سا سندن مال امام جي استعمال تي خاص توجه رکڻ هين . قبله مولانا غلام مهدي (رح )جن جي حياتي ۾ جڏهن پاڻ دانشگاهه جعفريه ۾ استادي جا فرائض انجام ڏئي رهيا هئا ته مراجع جي طرفان ملندڙ شهريو ٻين استادن وانگر وٺندا هئا پر جيئن ئي قبله مولانا غلام مهدي (رح ) جن جي وفات ٿي ۽ پاڻ مدرسي جا سرپرست ٿيا ته اهو شهريو اهو چئي وٺڻ بند ڪري ڇڏيائون ته هي شهريو استادي جي عنوان سان منهنجي لاءِ مخصوص هو جڏهن ته هاڻي آئون استادي وارا فرائض انجام نه ڏئي رهيو آهيان ان جي ڪري اهو شهريو منهنجي لاءِ وٺڻ صحيح ناهي ،

مال اما جي حساب ۽ ڪتاب تي خاص توجه هين ، حوزه علميه قم ۾ تعليم حاصل ڪندڙ مولانا سيد مسرت اقبال ، جيڪو سائين جن جي زندگي ۾ دانشگاه جعفريه ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو هو ۽ قبله عباس علي نجفي (رح ) جن کيس تعليم پرائڻ سان گڏ آفيس جي ڪلارڪ مرحوم سيد علي شبر سان مدد خاطر حساب ۽ ڪتاب جي ذميداري ٻه سونپي هئي ، ذڪرڪري رهيو هو ته هڪ دفعو ڪجھ طالبعلمن جي رقم جيڪا اندازي مطابق سئورپين کان به گھٽ هئي ، سائين جن اسان کي رکڻ لاءِ ڏني اسان ميز جي دراز جي ڪنڊ ۾ اها رقم رکيسين ته جيئن اها رقم ٻي رقم سان گڏجي نه وڃي سائين جن پنهنجي معمول مطابق هر مهيني پاڻ ويهي مڪمل حساب چيڪ ڪندا هئا جڏهن حساب ڪتاب مڪمل ٿيو ته ذڪر ٿيل رقم بچت ۾ ڏيکارجي پئي پر ظاهري طور تي موجود نه هئي آئون علاج خاطر ڪراچي ويل هيس ۽ مرحوم سيد علي شبر عمر رسيده هجڻ ڪري سندس ذهن مان وسري ويو هو ته اها رقم ڪيڏانهن وئي آخرڪارپاڻ تلاش جو حڪم ڏنائون ۽ ڪافي تلاش کان پوءِ مرحوم علي شبر کي ياد آيو ته اها رقم اسان ميز جي دراز ۾ رکي هئيسين ۽ پوءِ ذڪر ٿيل رقم اتان ڪڍي سائين جي حوالي ڪيائين ، ڪڏهن ڪڏهن ته حساب ڪتاب ۾ رات جا اڍائي ٽي به ٿي ويندا هئا پر جيسيتائين حساب مڪمل نه ٿيندو هو نه پاڻ سمهندا هئا ۽ نه وري ڪلارڪن کي سمهڻ جي اجازت هوندي هئي ،

سندن زندگي جي آخري ڏينهن تي انجمن اماميه حيدرآباد ۾ سندن آفيس ۾صبح کان شام پنجي بجي تائين دانشگاهه جعفريه چوڏنهن ضمني مدارس ۽ مومنين ۽سادات جي رهيل امانتن جو جيسيتائين حساب نه ڪيائون تيسيتائين ماني به نه کاڌائون ۽ ٻنپهرن جو هوٽل تان گھرايل ماني شگر جي تڪليف جي باوجود اڍائي ٽن ڪلاڪن جي فاصلي کان پوءِ کاڌائون.

پاڻ ڪوشش ڪندا هئا جيترو ٿي سگھي مال امام مان پنهنجي ذات تي خرچ نه ڪن ۽ مجلسن مان ملندڙ نيازنذر مان پنهنجي گھر جو خرچ هلائين هڪ دفعو هڪ جڳهه تي عشره محرم الحرام پڙهيائون ته ايترو نياز ملين جنهن سندن سال جي خرچ جو پورائو ٿي رهيو هوته پوري سال جو خرچ ان مان هلايائون.

ج : سادگي ،

هميشه سادي زندگي گذارڻ پسند ڪندا هئا سادو لباس پائڻ ، سادي غذا واپرائڻ سندن طبيعت جو حصو بنجي چڪوهو سڄي زندگي ڪچي گھر ۾گذاري ڇڏيائون ، ڪراچي جي خواجه برادري جي ڪافي اصرار جي باوجود نئين گھر ٺاهڻ جي اجازت نه ڏنائون هڪ دفعو ڪافي برسات پوڻ ڪري سندن گھرجي ڇت ٽمڻ شروع ڪيو ته چوڻ لڳا خدا جو شڪرآهي جو الله تعالى جي رحمت جون ڦڙيون منهنجي گھر۾ پيون ، ڪراچي جي مخير ۽ دانشگاهه جعفريه جي خاص معاون جناب تقي جعفر جن هڪ دفعو حسرت ڀرئي انداز ۾ چئي رهيا هئا ته اسان مولانا صاحب جو خيال نه ڪري سگھياسين اسنان کي سندن وفات کان پوءِ خبر پئي ته سندن گھر ۾ هلائڻ جي لاءِ صحيح پکو به نه هو ۽ وري ٻڏايائين ته هڪ دفعوشام ۾ بيبي زينب سلام الله عليها جي زيارت تي گڏ هياسين ته سردي تمام گھڻي هئي مولانا صاحب وٽ پائڻ لاءِ جرسي به نه هئي نيٺ مون پنهنجي جرسي لاهي مولانا صاحب جن کي ڏني جيڪا پاڻ پاتائون

د :خطابت ،

الله تعالى سندن زبان ۾ اهڙو ته اثر رکيو هو جو هڪ دفعو سندن مجلس ٻڌڻ وارو وري وري پيو سندن مجلس ٻڌڻ لاءِ واجھائيندوهو خاص طور تي مصائب پڙهڻ جي ته اهلبيت عليهم السلام طرفان اهڙي ڏات مليل هين جو پٿر دل انسان جا به لڙڪ لڙي پوندا هئا ڪيترن ئي مجلسن ۾ مصائب جي دوران ڪيترا ئي مومن روئي روئي بيهوش ٿي ويندا هئا قبله مولانا ثابت علي نجفي (رح ) جن سان

طالبعلمي واري دور کان برادرانه تعلقات هجڻ ڪري هر سال ٻارنهن شعبان تي مدرسه دارالحڪمت ٻٻرلو ۾ سالانه مجلس عزا کي خطاب ڪندا هئا ، مون کي ياد آهي ته هڪ دفعو دانشگاهه جعفريه جا اسان ڪجھ طالبعلم ان جلسي ۾ شريڪ ٿياسين قبله جن اڃان نه پهتا هيا ته اڪثر مومنين دانشگاهه جي طالبعلمن کان بار بار پڇي رهيا هجن ته سائين جن ايندا يا نه؟ ليڪن جيئن ته قبله جن ڪراچي کان سکر فلائيٽ ذريعي اچڻا هئا جيڪا اتفاق سان موسم جي خرابي جي ڪري ڪينسل ٿي وئي ۽ پاڻ پهچي نه سگھيا ته اڪثر مومن بي چين نظر اچي رهيا هئا ، ائين لڳي رهيوهوته ڄڻ مومنين سندن مجلس ٻڌڻ لاءِ سڄو سال انتظار ۾ گذاريو هجي

مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن پاڻ خطابت جي ميدان ۾ لهن ها ته ڪيترن ئي پنهنجن همعصر خطيبن کان سبقت حاصل ڪري وڃن ها پر پاڻ سمجھي چڪا هئا ته ان ميدان ۾ ڪم ڪرڻ واراڪيترائي ملي پوندا ان جي ڪري اهڙو ڪو بنيادي ڪم ڇو نه ڪجي جنهن سان هر ميدان ۾ مذهب جي خدمت ڪري سگھجي ان جي ڪري پنهنجو پورو ڌيان مدرسا قائم ڪرڻ غيرآباد مسجدون ۽ امام بارگاهون آباد ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيائون جيڪي حقيقت ۾ عالم ، فاضل ،خطيب ،محقق ۽ مصنف پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعوآهن.

وڇوڙيِ جون وايون

سندن وفات کان اڳ ڪجھ اهڙا ڪارناما ڏسڻ ۾ آيا جو کين خبر پئجي چڪي هئي ته هاڻي هن فاني دنيا ۾ چند ڏينهن جا مهمان آهن وفات کان هڪ هفتوپهرين گاڏي بيهاري بسن ۾سفر شروع ڪيائون ، وفات واري ڏينهن استاد محترم مولانا جابرحسين صاحب سندن ڪپڙا ڌوئي رهيا هئا ته کين اهو چيائون ته منهنجا ڪپڙا نه ڌو، هاڻي مون کي ان ڪپڙن جي ضرورت ناهي ، دانشگاهه جعفريه ۾ جتي هن وقت سندن مزار آهي اتي سندن اجازت سان هڪ مومن ٽريڪٽر بيهاريو هو وفات کان ڪجھ ڏينهن پهرين اهو چئي هٽرائي ڇڏيائون ته هاڻي اها جڳهه ضرورت ۾ آهي .

وفات

اهل بيت عليهم السلام جي پاڪ مشن جي پرچار ۾ ڏينهن رات پاڻ پتوڙِيندي پهرين آگسٽ سن 1997ع جمعي جي ڏينهن سڀئي حساب ڪتاب مڪمل ڪري چڪا ته اچانڪ طبيعت ناسازگار ٿيڻ ڪري فرش تي ليٽيا ۽ ٽي دفعا پنهنجي مولا جو اسم مبارڪ ”ياعلي“ زبان تي جاري ٿين ۽ شام جو پنج لڳي پنجويهه منٽن تي روح پنهنجي حقيقي مالڪ جي حوالي ڪري هن فاني جهان کي هميشه لاءِالوداع ڪري ويا ، سندن پهرين نمازجنازه قدم گاهه مولا علي حيدرآباد ۾ حجه الاسلام والمسلمين مولانا لئيق حسين نجفي صاحب جن جي اقتداء ۾ ادا ڪئي وئي ۽ ٻي نمازجنازه سندن سوين سوگوارن قائد ملت جعفريه علامه سيد ساجد علي نقوي صاحب جن جي اقتداء ۾دانشگاهه جعفريه ۾ ادا ڪئي ۽ دانشگاهه جي دائري ۾ حضرت ابوالفضل العباس عليه السلام جي علم جي سائي هيٺ سندن مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سندن وفات کانپوءِ هر طرف اداسي ڇانيل هئي ، گهرن ۾ ماتم وارو منظرهو ، هرمومن جوچهرو ڪوماڻيل هو ، ڇونه ادسي ۽ مايوسي وارو منظر هجي جوسندن پنجن پٽن ۽ ٽن نياڻين کان سندن شفيق بابي جوسايوهٽي چڪو هو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي ايندڙ سوين طالبعلمن کان هڪ مهربان استاد ۽ سرپرست جدا ٿي چڪو هو ۽ ڪيترن ئي بي سهارا سادات ۽ مومنين جي سرن تان سندن ڀرجهلي جو شفقت ڀريو هٿ هٽي چڪو هو ها شايد وري زماني کي ڪو عباس علي نجفي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيترا سج ڏسڻاپون سندن روح کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندن هن حقير شاگرد وٽ ٻيا لفظ ته موجود ناهن بس سندن شخصيت جي عڪاسي ڪندڙ ڀٽائي سرڪار جو هي بيت ئي بي ساخته زبان تي جاري ٿي پوي ٿوته

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ اچي بوءِ بهار جي