Get Adobe Flash player

مولانا غلام مهدي نجفي اعلى الله مقامه جي سوانح حيات (آخري حصو)

سيرت

مولانا صاحب جن سچاديندار انسان هئا . سندس مهر جي مرڪ ۾ خلوص جا خراز سمايل هوندا هئا سندن قربئتي نظر بد بخت کي به بسيار بخت جو مالڪ بڻائي ڏيندي هئي . پاڻ ديني تعليم ۾ هڪ واعظ تند خوان بجاءِ باعمل ڪارڪن هوندا هئا . مان کين حلم ، محبت ۽ علم جي کاڻ چوان ته به سندن واکاڻ جو حق ادا نٿو ڪري سگهان . ڇو جو کاڻ تائين ضرورتمند ڪهي ويندو آهي پر قبله غلام مهدي صاحب اهڙو دعا جو در هيا جيڪو هر دل واري ۽ آل محمد عليهم السلام سان محبت ڪرڻ واري جي گهرج واري گهر سان منسلڪ هيو . پاڻ تقوى ۽ اخلاق حميده جو روشن مينار هئا . جنهن جي روحاني چمڪ کي ڏسي ، ڪفر ، لالچ ، لوڀ ۽ ڪم علمي واري اونداهيءَ رات ۾ ڀليل ڪيترائي مسافر سنئين دڳ لڳا اسان پنهنجي حق جي امامن ۽ پيغمبرن لاءِ به ٻڌو آهي مگر مولانا غلام مهدي صاحب جي لڇڻن اوصاف حميده ڏسي ايمان ٿو اچي ته اسان جا امام يقينا معصوم آهن . پاڻ هر ڪاهيندا هئا گهر جو ڪم اڌ کان وڌيڪ پاڻ ڪندا هئا ، ايتري تائين جو ماني به پاڻ پچائيندا هئا

تقرب اهل بيت :

قبله مولانا غلام مهدي(عليه رحمت)، جن بلا شبهه هڪ ڪامل ولي هيا . سندن پاڪ دامني ءَ۾ روحانيت جي لحاظ کان اعلى جا ڪيترائي مثال ماڻهن کي ياد آهن . جڏهن پاڻ اڃا لکنئو ۾ زير تعليم هيا ، سندن اعلى اخلاق کان متاثرٿي هڪ دفعي سندن استاد حافظ ڪفايت حسين صاحب فرمايو ته جيڪڏهن غلام مهدي نماز پڙهائي ته مان سندس پٺيان نماز پڙهندس .

جڏهن پاڻ نجف اشرف ۾ تعليم پرائيندا هئا ته سندن تقوى کان متاثر ٿي مرجع شيعانِ اهل بيت آيت الله محسن الحڪيم اعلى الله مقامه جن جو مٿن ايترو اعتماد هيو جو مڙني طالب العلمن کي مولانا غلام مهدي (رح) هٿان وظيفو(شهريو) ملندو هو.

سهڻي اخلاق،بي لوث خدمت ۽ پاڪ دامني ءَ سبب کين تقربِ هل بيت عليهم السلام به حاصل هيو . مولانا صاحب جن جي هڪ پياري شاگرد مولانا سيد شبيهه الرضا زيدي جي روايت آهي ته هڪ دفعي مون مولانا صاحب جن کان پڇيو ته عام ماڻهو چون ٿا ته اوهان وٽ اهلبيت عليهم السلام اچن ٿا . انهيءَ حقيقت بابت مون کي ڪجهه ٻڌايو ؟مولانا صاحب جن فرمايو ته اهلبيت عليهم السلام هر مومن وٽ ايندا رهندا آهن شاه صاحب جي اصرار تي مولانا صاحب جن انهيءَ شرط تي هڪ واقعي جو بيان فرمايائين ته سندن زندگي ۾ شاهه صاحب اِهو واقعو ڪنهن کي نه ٻڌائيندو . مولانا سيد شبيهه الرضا صاحب جو چوڻ آهي ته مولانا جن فرمايو ته :

نجف اشرف کان واپس اچڻ بعد اڪثر ڪري روئي مولى پاڪ کي پڪاريندو هيس ته مولى نجف ۾ ته هر روز توهان جي زيارت نصيب ٿيندي هئي . هاڻي مون کي طاقت ناهي جو اوهان جي در تي اچي زيارت ڪريان . مان لڳاتار ست سال مولى علي عليه السلام کي پڪاريندو رهيس . هڪ ڏينهن ٽپهري وقت آئون پنهنجي ڪتب خاني ۾ ويٺو هيس جو در تي دق الباب ٿيو . در کوليم ته ٻه گهوڙي سوار برقعه پوش سامهون ڏٺم ، مون انهن کي آڌر ڀاءُ ڪري لائبريري ۾ وهاريو . تعارف پڇڻ تي پاڻ برقعو مٿي ڪري فرمايائون ته روز سڏين ٿو ۽ اڄ وري پڇين ٿو ته ڪير آهيان ؟ اڄ جيتري وڻئي زيارت ڪر

هي واقعو خواب جو نه هو بلڪه جاڳندي جو هيو . ڇو جو ڪجهه ماڻهن کي انهي جي کڻڪ پيل هئي . واگهرجي ڀرسان هڪ ڳوٺ “ڌپ سڙيا” آهي اتان جي هڪ رهاڪو ءَ انهن برقعه پوش گهوڙِ سوارن کي ڏسي پڇيو هوته اوهان ڪيرڀ آهيو ۽سندس استفسار تي کيس جواب مليو هوته اسان کي تڪڙ آهي ڇو جو غلام مهدي اسان جي انتظار ۾آهي .پاڪن جي صحبت ڪري پاڻ صاحب ڪرامت به هئا . مولانا سيد ارشاد حسين صاحب ۽ سندن فرزند مولانا محمد محسن صاحب جن جي روايت آهي ته : هڪ دفعي مولاناصاحب جن حڪم ڪيو ته مدرسي ڀرسان پوکيل تورين جي ول مان توريون پٽي اچو ته پچائي کائون شاه صاحب ۽ محسن صاحب جن ول ڏانهن ويا ايا ول ڏهه فوٽ ڊگهي اڍائي فوٽ ويڪري هئي .اسان سڄي ول ڇنڊي ڏٺوسين ته هڪ ٻن تورين کان وڌيڪ ڪابه توري هٿ نه آئي . اسان جڏهن کين تورين نه هجڻ جو ٻڌايو ته پاڻ اٿي بسم الله ڪري ول مان توريون پٽڻ شروع ڪيائون ۽ ٻه اڍائي ڪلو توريون پٽي اچي اسان جي اڳيان رکيائون.

جڏهن آخري دفعو پاڻ اسپتال داخل هيا پاڻ اڪثر ڪري اکيون بند ٿي ڪيائون ۽ وري ٿي کوليائون ، ائين متعدد دفعا ڪرڻ تي جڏهن سائين جن کان ان جو سبب پڇيو ويو ته ڇا اکيو بند ۽ کلڻ جو باعث تڪليف ۾ شدت آهي ته پاڻ فرمايائون ! ڪابه تڪليف نه آهي پر ڪجهه اهڙيون هستيون منهنجي اڳيان اچي وڃن ٿيون جن انهن جي آڏو مونکي اکيون بند ڪرڻيون پون ٿيون

وفات

ديني علوم جو سخي سرتاج سونهاري سنڌ جو مايه ناز عالم 23 جنوري 1987ع تي رات جو نائين وڳين مالڪ حقيقي جي سڏ تي وڃي پنجن جي پناه ۾ پهتو

انا لله و انا اليه راجعون.

قبله مولانا صاحب جي رحلت جي خبر وڄ وانگر برق رفتاري سان سموري سنڌ ۾ پکڙجي ويئي سندن ميت مبارڪ 24 جنوري مطابق 23 جمادي الاول 1407هجري منجهندهڪوڳي ڌاري واگهريجي پهتي شام جو 4 وڳي دانشگاه واگهريجي ۾ سندن جنازي نماز پڙهي وئي سندن وصيت موجب سائين جن جي جنازي نماز مولانا سيد ارشاد حسين شاه نقوي پڙهائي سندن جنازي جي تدفين ۾ ساري سنڌ جا هزارين سوڳوار شريڪ ٿيا. هڪ طرف سج اولهه ۾ غروب ٿي رهيو هو ته ٻي طرف وري ملت جعفريه جو سرپرست ۽ ممتاز عالم دين علم حضرت عباس جي ڇانو هيٽ ابدي آرام گاه جي سپرد ٿي رهيو هو . سنڌ پنهنجي سرتاج کان محروم ٿي وئي . ڪيترائي بي سهارا مسڪين پنهنجي آسري کان محروم ٿي ويا . سندن وفات حسرت آيات تي مسلمان ته ڇڏيو پر تر جا غير مسلم به اشق بار هئا سچ پچ ته قبله غلام مهدي صاحب اها عظيم هستي هيا جن جي رحلت تي انسان ته ٺهيو وڻ به روئي رهيا هئا عيسوي سن جي لحاظ کان مولانا غلام مهدي صاحب جن هن دنيا۾ چوهٺ سال ، نو مهينا ۽ ڏهه ڏينهن مهمان ٿي رهيا . قمري سن جي حساب سان مولانا صاحب جن تقريبا 67 سال پنهنجا دم کنيا

دمزدن ۾ دل گهريا دلبند دلبر ٿو کسي ، موت پئي شل موت کي، ڪيڏا وڇوڙا ٿو وجهي!

پورو ٿيو...................