Get Adobe Flash player

اسلامي نظام ۾ مقام نبوت ۽ رسالت کان پوءِ هڪ ٻيو مقام به آهي جنهن کي مقام امامت جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. قرآن به ان مقام ڏانهن اشارو ڪيو آهي.

            اهو واضح آهي ته مقام امامت، نبوت جي مقام کان الڳ ۽ جدا آهي نبي اهو انسان آهي جنهن ڏانهن وحي ٿيندي هجي. ۽ جيڪو دين ۽ آئين جو باني هجي، جڏهن ته امام ڏانهن وحي ناهي ٿيندي ۽ دين جو باني به ناهي هوندو، ليڪن وحي کان علاوه نبيءَ جا تمام ڪم سندس مٿان آهن ۽ امامت جي معنيٰ ۾ نبيءَ جي ذميدارين کي جاري رکڻ وارو آهي. نبي ڪريم 6 به ٻين سڀني پيغمبرن ۽ رسولن وانگر عقيدن۽عملي احڪمن جي اصلي ۽ ڪلي شين کي سان بيان ڪيو آهي. جڏهن ته انهن اصولن جي تفسير ۽ وضاحت پاڻ کان بعد هڪ اهڙي شخص جي ذمي ڪئي اٿس جيڪو سندس جانشين هجي. بس مان  ظاهر ٿئي ٿو ته امام۽ نظام امامت پيغمبر اڪرم6 جن جي رحلت کان پوءِ دين ۽ شريعت جي حفاظت ڪندڙ آهي.

        علم ڪلام جي ماهرن جا امامت جي باري ۾ ٻه نظريا آهن.

1. پيغمبر اڪرم6 جن جي وفات کان پوءِ امامت، هڪ خدائي منصب آهي جنهن لاءِ ضروري آهي  ته اهو منصب  پيغمبر اسلام6 جي وسيلي ۽ اهو به الله سائينءَ جي خصوصي وحي جي ذريعي معين ۽ مشخص ٿئي.

2.جڏهن ته ٻئين گروهه وٽ امامت هڪ عادي۽ دنياوي منصب آهي نه خدائي منصب جڏهن ته امام کي انتخاب ڪرڻ جو ذمو به ماڻهن تي آهي

         هاڻي ڏسون ته قرآن جون آيتون ۽ پيغمبر6 جون روايتون ٻنهي نظرين مان ڪنهن جي تائيد ڪن ٿيون. اهي ٽي دليل جنهن کي اسان عنقريب ذڪر ڪنداسين انهن  جتي اهو ثابت ٿئي ٿو ته امامت ۽ ولايت جو نظام ڪهڙن ڪمن کي انجام ڏيڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي،اتي جيڪي آيتون ۽ روايتون پيش ڪنداسين تن مان مٿي بيان ٿيل پهرين نظر کي پڻ هٿي ملي ٿي.

ڇو جو جڏهن اسلام جي نظر ۾ امام جون ذمينداريون ۽ نظام امامتحقيقي مقام ۽ مرتبو معين ٿيو ته  پاڻهي ان کي انتخاب ڪرڻ وارو به واضح ٿي ويندو.

اهي ٽي اهم ذميداريون  جيڪي امام جي ذمي آهن ۽ جن جي لاءِ اسلام م نظام امامت وجود ۾ آيو آهي ،هي آهن.

 

الف: نبوت جي ذميوارين کي نبي کان پوءِ  جاري رکڻ .

1. نبيءَ جو فرض آهي قرآن جي آيتن جي اجمال تفسير ڪندي اسلام حڪمن کي بيان ڪري نبيءَ کان پوءِ اها امام جي ذميواري آهي ته  اسلام جي بيان نه ٿيل احڪامن کي بيان ڪري ۽ نون واقع ٿيندڙ واقعن بابت اسلامي حقيقي حڪمن کي قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ بيان ڪري

2. امام حق جو مرڪز هئڻ گھرجي ۽ ان ڏانهن رجوع ڪرڻ سان حقيقتون واضح ٿين ۽ جڏهن حقيقتون واضح ٿينديون نتيجي ۾ دين ۾ ڪا به تحريف ۽ تبديلي ڪانه ٿيندي ۽ امت ۾ اختلاف به ڪونه ٿيندو.    

3. امام کي گھرجي ته اسلامي حڪمن کي حقيقي ۽ واقعي صورت ۾ بيان ڪري ۽ انهن حڪمن ۾  ڪوبه گھٽ ۽وڌاءُ  نه ڪندي انهن کي جاري ڪري.

       ان ڳالهه کان انڪار ممڪن ناهي ته بيان ٿيل وظيفن مان پهرين ٻن ڪمن کي انجام ڏيڻ جي لاءِ امام وسيع علم ۽ غيبي تربيت جو محتاج آهي. ته جئين پنهنجي زماني جي تقاضائن مطابق جي اسلامي حڪمن ۽ نون واقع ٿيل واقعن بابت اسلامي نقطه نظر بيان ڪري سگھي جيڪي پيغمبر اسلام0 جي زماني ۾ واقع نه ٿيا هئا ۽ اهڙي طرح امام امت کي نون نون فرقن ۾ تقسيم ٿيڻ کان به بچائي ٿو جهڙوڪ پيغمبر اسلام 0سندس حياتيءِ ۾ انهن ٻن ڪمن کي ڪامل طريقي سان انجام پئي ڏنو.

 ٿي سگهي ٿو ته هڪ عام ماڻهو پنهنجي محدود علم ۽ بصيرت سان انهن ٻن اهم ذميدارين کي عملي لباس پهرائي نٿو سگھي خاص ڪري ٽئين ذميداري کي ته فقط هڪ معصوم ئي آهي جيڪو اهو ڪري سگھي ٿو جو اسلام جي حڪمن کي بغير گھٽائڻ ۽ وڌائڻ جي ۽ هر اشتباهه ۽ ڀل چڪ کان پري ۽ عادلانه طريقي سان بيان ڪري.

اهي ٽي ذميداريون ثابت ڪن ٿيون ته منصبِ امامت ۽ ولايت منصوص من الله آهي. ۽ هرگز ماڻهن جي اختيار ۾ نٿو ٿي سگھي، نبي ڪريم7 سندس بعثت واري زماني ۾ اشاري ۽ صراحت سان منصبِ امامت کي بيان ڪيو آهي. ۽ بعثت جي ابتدا ۾ به جڏهن پنهنجي نبوت کي بيان ڪيائون ته عليC جي امامت کي پڻ واضح ڪيائون ۽ فرمايائون ته اِنَّ هٰذَا اَخِيۡ وَ وَصِيّيۡ وَ خَلِيۡفَتِيۡ فِيۡکُمۡ [1]. بيشڪ هي توهان جي درميان منهنجو ڀاءُ ۽ وصي ۽ خليفو آهي.

 جڏهن نبي ڪريم7 جن تبوڪ جي طرف ويا ته عليCکي مديني ۾ پنهنجو جانشين مقرر ڪيائون ۽ فرمايائون ته : اَنۡتَ مِنِّيۡ بِمَنۡزِلَة هارُوۡنَ مِنۡ مُوۡسيٰ  اِلّا اَنّه لَا نَبِيَّ بَعۡدِيۡ [2] .تون منهنجي بنسبت ائين آهين جيئن هارون ، موسيٰ جي بنسبت پر هي ته مون کان پوءِ ڪو به نبي نه ايندو.

غدير واري ڏينهن پيغمبر اسلام7 امام عليC جن جو  هڪ وڏي اجتماع ۾ تعارف ڪرايو ۽ هي حديث متواتر طريقي سان نقل ٿي آهي نبي ڪريم7 جن امام عليC جي حق ۾ فرمايو ته مَنۡ کُنۡتُ مَوۡلَاهُ فَهٰذَا عَلِيّ مَوۡلَاهُ [3]  جنهن جنهن جو مان موليٰ آهيان ان جو عليC به مولا آهي.

 

ب) سياسي ۽ اجتماعي محاسبو

جيڪڏهن ان وقت جي سياسي ۽ اجتماعي  حالات جو محاسبو  ڪجي تب  ظاهر ٿئي ٿو ته انهن حالتن ۾ پيغمبر اسلام7 پاڻ کان بعد ڪنهن رهبر جو تعارف ڪرائي  وڃي  ها ڇو ته اسلامي حڪومت کي ٽن پاسن کان خوف هو.

1. مشرق کان ايران جي سلطنت ۽ بادشاهيءَ جو خوف.

2. مغرب کان روم جي سلطنت ۽ بادشاهيءَ جو خوف.

3. داخلي منافقن ۽ قبائلي طاقتن جو خوف.

هڪ عقلمند سياستدان طبيعي طور اهڙي وقت پنهنجي حڪومت جي بقاء لاءِ ڪو نه ڪو طريقو سوچيندو ۽ پاڻ کان بعد ڪنهن کي رهبر معين ڪندو تاڪه سندس پيروڪار سندس وفات کان پوءِ ٻن حصن ۾ ورهائجي نه وڃن جڏهن هڪ عام سياستدان جي اها سوچ آهي ته پاڻ سڳورن 3 کي بطريق اولي ٰ اها سوچ هجڻ کپي.

 

ج) بني ڪريم3 جي فرمان مطابق ٻارهن خليفن جو هجڻ.

 پيغمبر اسلام 3 ڪيترين ئي حديثن ۾ سندن ٻارهن خليفن جي هجڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽ ( الائمة ا ثنا عشر ) واري حديث انهن روايتن مان آهي جنهن کي سڀني نقل ڪيو آهي ۽ پاڻ سڳورن3 هينئن فرمايو ته لَا يَزَالُ الۡاِسۡلَامُ عَزِيۡزاً اِلي اِثۡنَيۡ عَشَرَ خَلِيۡفَة [4] . اسلام جي بقاء  ٻارهن خليفن تائين آهي. هاڻي ڏسڻ گھرجي ته هي ٻارهن خليفا جن جي باري ۾ نبي اڪرم3 فرمايو آهي اهي ڪهڙا آهن ؟ ڇا هي ٻارهن خليفا بني اميه ۽ بني عباس منجھان آهن؟

جيڪڏهن دقت سان اهي سڀ شيون ان ڳالهه تي گواهه آهن ته اسلام جو سياسي نظام پيغمبر اسلام3 جن جي رحلت کان بعد پاڻ سڳورن 3جي اهلبيتF ۽ ٻارهن خليفن تي قائم آهي جيڪي سندس خاندان مان آهن.



[1]  مسند احمد ج1، صفحو 195.

 [2]  صحيح مسلم ج7، صفحو 120.

  [3]  الغدير ج1.

[4] صحيح بخاري ج9، صفحو 11 _ صحيح مسلم ج6، صفحو 3.