Get Adobe Flash player

ٻئين ڳالهه: زهراي مصطفى س خالق اڪبر جي نگاهه ۾

عزت ۽ ذلت جو معيار

جئين ماڻهن جا ڪيترائي قسم آهن اهڙي نموني سندن سوچ۽ فڪر به مختلف ٿئي ٿي بلڪه اساسا انسانن جا مختلف قسم سندن ان ئي فڪر جي بنياد تي وجود ۾ اچن ٿا.ڪي سخي ته ڪي ڪنجوس، ڪي ظالم ته ڪي مهربان،ڪي سڀني جا سڄڻ ته ڪي هر ڪنهن جا دشمن،ڪيبغير ڪنهن مفاد جي هرڪنهن جي مدد لاءِ تيار رهن ٿا ته ڪي پنهنجي مفاد خاطر ٻين جو خون پيئڻ کان به نٿا مڙن،ڪي الله جي راهه ۾ سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ آمده آهن ته ڪي ٽڪو به سندس راهه ۾خرچ ڪرڻ تيار ناهن،مطلب ته هر انسان جي پنهنجي نظر آهي ۽ پنهنجو فڪر آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ سندس عملن جو پرکڻ آسان ٿيو پوي ٿو ته هو اهو ڪم ڇا لاءِ پيو ڪري ۽ ٻيو ڪم ڇا جي لاءِ نه ٿو ڪري.

عزت ۽ذلت پڻ انهن مسئلن مان هڪ آهي جنهن جي معيار بابت مختلف انسانن جي سوچ جا پاڇا پري پري پون ٿا.ان ڳالهه ۾ شڪ ناهيته هر انسان عزت حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو ته جيئن عزت وارو چورائي۽ ذلت جي ڌٻڻ مان پنهنجي جان ڇڏائي،ليڪن اختلاف عزت ۽ ذلت جي معيار،ملاڪ ۽ منبع ۽پاڙ ۾ آهي ته عزت ڪٿان ۽ڪيئن ملي ٿي؟ ڪيرآهي جيڪو انسانن کي ذلت جي گَرَڻ مان ڪڍي،عزت جي خلعت سان نوازي ٿو؟ ان مسئلي ۾ ٽي اهم نظريا آهن.1_ عزت ۽ ذلت جو معيار دولت ۽ ثروت آهي2_ عزت جو معيار دولت سان گڏ قدرت ۽حڪومت جو هجڻ آهي3_عزت ۽ ذلت جو معيار نه قدرت ۽ حڪومت آهي نه ئي وري دولت ۽ ثروت بلڪه عزت ۽ ذلت خالق اڪبر جي هٿ ۾ آهي جنهن انسانن کي خلقيو آهي ۽ اهو ئي پالڻهار انسان کي عزت ۽ ذلت ڏئي سگهي ٿو نه ڪو ٻيو

 

اسلام انهن ٽنهي نظرين مان ٽئين کي پسند ڪيوآهي جنهن جي تائيد ۾ قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون موجود آهي جن مان اسان ڪن کي بطور مثال ذڪر ڪريون ٿا.

الله سائين قرآن مجيد ۾ ٽن جاين تي واضح طور تي اعلان ڪيو آهي ته عزت پنهنجي سڀني درجن رتبن ۽ ڪمالن سميت فقط الله تعالى جي ملڪيت آهي ،جيڪڏهن ڪنهن کي به عزت گھرجي تي سندس ئي در کڙڪائي ۽عزت جي لاءِ غير الله جي درن تي نه ڀٽڪي مثلا سوره نساءَ ۾ فرمان الٰهي آهي

الَّذينَ يَتَّخِذُونَ الْکافِرينَ أوْلِياءَ مِنْ دُونِ الْمُؤْمِنينَ أ يَبْتَغُونَ عِنْدَهُمُ الْعِزَّةَ فَإنَّ الْعِزَّةَ لِلَّهِ جَميعاً [1]

اهي ماڻهو جيڪي مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست بڻائن ٿا ڇا عزت جي ڳولها ۾ آهن؟ سموري عزت ته فقط الله لاءِ آهي

مَنْ کانَ يُريدُ الْعِزَّةَ فَلِلَّهِ الْعِزَّةُ جَميعاً

جيڪو ماڻهو عزت چاهي ٿو(اهو ڄاڻي ڇڏي) ته سموري عزت ته الله سان مخصوص آهي [2]

وَ لا يَحْزُنْک قَوْلُهُمْ إنَّ الْعِزَّةَ لِلَّهِ جَميعاً هُوَ السَّميعُ الْعَليمُ

(اي رسول) توهان کي انهن جون ڳالهيون نه رنجائن.بيشڪ سموري عزت الله لاءِ آهي جيڪو ٻڌڻ وارو ڄاڻو آهي[3]

هڪ ٻئي آيت ۾ الله سائين منافقن جي ڌمڪين جي جواب ۾ کين دهمان ڏيندي اعلان ڪندي چوي ٿو:

يَقُولُونَ لَئِنْ رَجَعْنا إلَى الْمَدينَةِ لَيُخْرِجَنَّ الْأعَزُّ مِنْهَا الْأذَلَّ وَ لِلَّهِ الْعِزَّةُ وَ لِرَسُولِهِ وَ لِلْمُؤْمِنينَ وَ لکنَّ الْمُنافِقينَ لا يَعْلَمُونَ [4]

(اهي منافق) چون ٿا ته جيڪڏهن مديني موٽي هلون ته (اسان)عزت وارا ذلت وارن کي ڪڍي ڇڏينداسين جڏهن ته عزت الله لاءِ آهي ۽سندس رسول ۽ مومنن لاءِ ليڪن اهي منافق ڪجهه نٿا ڄاڻين.

آخر ۾ قرآن پنهنجو حتمي فيصلو ڏيندي اعلان ٿو ڪري ته عزت ۽ ذلت ،حڪومت ۽ملڪيت سڀ الله لاءِ ئي آهن جنهن کي چاهي ڏئي ۽ جنهن کان چاهي کسي، جو هو هر شيءِ تي قادر آهي جيئن سوره آل عمران ۾ آيو آهي قُلِ اللَّهُمَّ مالِک الْمُلْک تُؤْتِي الْمُلْک مَنْ تَشاءُ وَ تَنْزِعُ الْمُلْکمِمَّنْ تَشاءُ وَ تُعِزُّ مَنْ تَشاءُ وَ تُذِلُّ مَنْ تَشاءُ بِيَدِکَ الْخَيْرُ إِنَّک عَلى‏ کُلِّ شَيْ‏ءٍ قَديرٌ [1]

چئو ته اي اسانجا الله (هر) حڪومت جا مالڪ جنهن کي چاهين حڪومت ڏئين ۽جنهن کان چاهين حڪومت کسين،جنهن کي چاهين عزت ڏئين جنهن کي چاهين ذليل ڪرين، ڀلائي تنهن جي ئي هٿ ۾ آهي،بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين.

انهن آيتن جي روشنيءَ ۾ واضح ٿيو ته عزت ۽ ذلت جو معيار ،ملاڪ، منبع ۽ پاڙ خدا تعالى آهي ۽ان وٽان ئي عزت ملي ٿي هاڻي اچو ته ڏسون ته اهو پروردگار جيڪو پوري ڪائنات ۽ ان ۾ موجود مخلوقات جوخالق ۽ مالڪ آهي ،اهو پالڻهار جنهن جي هٿ ۾ هر قسم جي عزت ۽ذلت آهي اهڙي پروردگار جي نظر ۾ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي منزلت ۽ مقام ڇا آهي،اهڙي پالڻهار رب حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها کي عزت جي ڪهڙي مرتبي سان نوازيو آهي.

اسان اهو چونداسين ته الله سائينءَ حضرت فاطمه س کي جنهن عظيم مرتبي تي فائز ڪيو آهي ان جو ادارک هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي باقي الله سائينءَ اهي نشانيون ضرور ڇڏيون آهن جن مان حضرت فاطمه س جي قدر ومنزلت جو ڪنهن قدر اندازو لڳائي سگهجي ٿو انهن نشانين مان ڪجهه کي اسان هٿي ذڪر ڪريون ٿا

 

1_ حضرت زهرا س ڪوثر مصطفى

اسان سڀني کي خبر آهي ته قرآن مجيد جي ننڍي ۾ ننڍي سورت ڪوثر آهي جيڪا آهي ته تمام ننڍڙي سورت پر علم ۽ حڪمت جي لحاظ کان “ڪوثر” آهي، ڪوثر جيڪو “فوعل” جي وزن تي آهي عربي زبان جو هڪ لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ڪثرت يا اها شيءِ جنهن ۾ ڪثرت پاتي وڃي۽ جڏهن به بغير ڪنهن قريني جي استعمال ٿئي ته ان مان مراد ،خير۽ برڪت جي ڪثرت ورتي وڃي ٿي.[5]

ڪوثر مان مراد ڇا آهي ؟ان بابت مفسرن ڪيترائي احتمال پيش ڪيا آهن مثلا 1_ ڪوثر جنت ۾ موجود هڪ نهر آهي2_ رسول الله ص سان منسوب هڪ خاص حوض جو نالو آهي3_ رسول الله جواولاد ۽ نسل 4_ رسول الله جا اصحاب ۽ پوئلڳ 5_رسول الله جي امت جا عالم 6_ قرآن ۽ ان جا فضائل 7_نبوت جو اعلى درجو 8_قرآن جي آساني ۽ شرعي حڪمن ۾ تخفيف 9_اسلام 10_توحيد الهي 11_علم ودانش 12_رسول الله ص جو خصلتون 13_ رسول سان مخصوص مقام محمود 14_سندن دل جو نور15_گهڻي خير و برڪتوغيره....[6]

علامه فخر الدين رازي جيڪو اهل سنت جو هڪ وڏو مفسرآهي ڪوثر جي باري ۾ 15 نظريه نقل ڪيا آهن جن مان ٽئين نظرئي کي ذڪر ڪندي چوي ٿو:و القول الثالث: الکوثر أولاده قالوا: لأن هذه السورة إنما نزلت ردا على من عابه عليه السلام بعدم الأولاد، فالمعنى أنه يعطيه نسلا يبقون على مر الزمان، فانظر کم قتل من أهل البيت، ثم العالم ممتلئ منهم، و لم يبق من بني أمية في الدنيا أحد يعبأ به، ثم انظر کم کان فيهم من الأکابر من العلماء کالباقر و الصادق و الکاظم و الرضا عليهم السلام و النفس الزکية

( ٽيون قول اهو آهي ته ڪوثر رسول الله ص جو اولاد هجي .ڇو جو چون ٿا ته هيءَ سورت حقيقت ۾ جواب هئي انهن عيبجو ماڻهن جو، جيڪي کين اولاد جي نه هجڻ جو طعنو ڏيندا هئا.ان بنياد تي ڪوثر جي معنى آهي ته الله سائينءَ کين اهڙو نسل عطا ڪيو آهي جيڪو هميشه رهندو، ڏسو اهلبيت ع مان ڪيترا ته ماڻهو شهيد ڪيا ويا، ان باوجود جهان اهلبيت سان ڀريل آهي جڏهن ته بنو اميه منجهان ڪوبه ناهي بچو پوءِ وري ڏس ڪيترا ته وڏا وڏا عالم اهلبيت ع منجهان آهن باقر،صادق، ڪاظم،رضا عليهم السلام ۽ نفس زکيه ..) [7]

بهرحال جيڪڏهن اهو چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ممڪن آهي ته اهي سڀ مورد ان خير ڪثير جا مصداق هجن ۽لازم ناهي جو اسان انهن مان ڪنهن هڪ کي معين ڪري ٻين جو انڪار ڪريون جيتوڻيڪ مٿي ذڪر ٿيل احتمالن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي خير ڪثير جا ڪامل ترين مصداق آهي ته ڪي وري اصلا قابل ذڪر ناهي جو خدا انهن جي ذريعي پنهنجي حبيب تي احسان جتائي.

خير ڪثير جي ڪامل ترين مصداقن مان سندن ذريت ۽ نسل جو قيامت تائين باقي رهڻ آهي يعني الله سائين رسول الله ص کي حضرت فاطمه س جي صورت ۾ اها نعمت ڏئي رهيو آهي جنهن جي برڪت سان سندن نسل قيامت تائين باقي رهندو،الله سائين اها عظيم نعمت ڏيندي پنهنجي حبيب تي احسان ڪري رهيو آهي ۽ مقابلي ۾ ڪجهه گهري رهيو آهي .ان احتمال کي تقويت پهچائيندڙ ڪيترائي دليل موجود آهي مثلا

1_ سوره ڪوثر جو شان نزول:

ڪيترن ئي مفسرن سورهڪوثر جي شان نزول جي بابت لکيو آهي ته عاص بن وائل جنهن رسول الله کي ابتر هجڻ جو طعنو ڏنو هئو تنهنجي جواب ۾ هيءَ سورت نازل ٿئي آهي

مثلا،شيخ طوسي پنهنجي تفسير تبيان ۾[8]،طبرسي مجمع البيان ۾ [9]علامه طباطبائي تفسير الميزان ۾ [10] سيد هاشم بحراني تفسير برهان ۾ [11]جڏهن ته اهلسنت جي مفسر منجهان فخر الدين رازي تفسير ڪبير ۾[12] زمخشريءَ تفسير الڪشاف۾[13] آلوسيءَ روح المعاني ۾[14]،جلال الدين سيوطيءِ در منثور [15]۾ ابن جرير تفسير طبريءِ[16]۾۽قرطبيءَ الجامع لاحکام القرآن ۾ [17] ان واقعي کي سوره ڪوثر جي شان نزول ۾ بيان ڪيو آهي

ڪوثر جي اها تفسير جيڪا اسان بيان ڪئي آهي سورت جي شان نزول سان سازگار آهي. ڪثرت اولاد ۽ بقاي ذريت محمد مصطفى ص آهي جيڪا حضرت زهرا س جي ذريعي سان سادات فاطمي جي شڪل ۾ اڄ دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪي آهي.

2_ سورت جي آخري آيت

سورت ڪوثر جي آخري آيت آهي” إنَّ شانِئَک هُوَ الْأبْتَر“ (يعني تنهنجو دشمن ابتر آهي) ،ابتر عربي زبان ۾ ان شخص کي چوندا آهن جيڪو مقطوع النسل (جنهن جو منقطع ٿيل ) هجي ڪافر رسول الله ص کي ان ڪري ابتر چوندا هئا جوکين پٽ جو اولاد نه هيو سندن خيال هئو ته رسول الله ص جي وڃڻ کانپوءِ سندن ذڪر ختم ٿي ويندو ۽ نسل قطع ٿي ويندو جو کين پٽاڻو اولاد ناهي،ان آيت مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته خدا حضرت فاطمه س جي شڪل ۾ رسول الله جي نسل جي بقا جي ضمانت کڻندي سندن دشمن جي ابتر هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان آخري آيت جي بنياد تي به چئي سگھجي ٿو ته ڪوثر مان مراد اولاد جي ڪثرت ۽ فراواني هجڻ گهرجي جيڪا رسول الله ص جي لاءِ حضرت فاطمه س جي ذريعي ممڪن ٿي

3_ نعمت جو عظيم هجڻ ۽الله سائينءَ جو احسانجتائڻ

خداي متعال طرفان هزارين نعمتون رسول الله ص تي نازل ٿيون آهن ليڪن ڪڏهن به الله سائينءَ انهن کي ايڏي وڏي اهتمام سان ذڪر ناهي ڪيو نه ئي وري ان نعمت کي ذڪر ڪندي رسول الله ص تي احسان جتائيندي ڪنهن شيءِ جي گهر ڪئي آهي چاهي اها نبوت هجي يا رسالت صداقت هجي امامت ۽ خاتميت ،قرآن ڪريم هجي يا ٻيون نعمتون ... ان بنياد تي نعمت اهڙي عظيم ۽جسيم هجڻ گهرجي جيڪا سورت جي لهجي مطابق هجي نسل جي قيامت تائين بقا ۽گهڻائي واقعا اها نعمت ٿي سگهي ٿي خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن رسول الله جو ڪو به پٽاڻو اولاد باقي نه بچو هو. واقعا اها نعمت ذڪر جي لائق آهي ،ان نعمت جي اهميت ان وقت اڃان به وڌي وڃي ٿيجڏهن اسان ڏسون ٿا ته سندن نسل ۾ اهڙا ماڻهو هئا جيڪي علم ۽ دانش ،ايمان ۽ عصمت،عفت پاکدامنيءَ جي اهڙي اعلى درجي تي فائز هجن جو ڪائنات ۾ ڪو ٻيو انهن کان سبقت وٺي نه سگهي.

مٿين بحث مان معلوم ٿيو ته الله سائينءَ حضرت زهرا سجي صورت ۾ پنهنجي حبيب کي اها نعمت عطا ڪئي جيڪا خير و برڪت جي منبع ۽ مرڪز هئي جنهن جي شان وٽان فقط ڪثرت ئي ڪثرت ئي هئي .سندن وجود جو هرهڪ ذرو،هر هڪ لمحو ،رسول الله ص لاءِ ڪوثر هئو اها ڪوثر جنهن جي عطا ڪرڻ وارو فخر پيو ڪري ته ان جي وٺڻ تي عطا وٺڻ وارو سرهو پيو ٿئي .جنهن جي وجود سان نه فقط رسول الله ص جي نسل جي بقا جي ضمانت ڪئي وئي بلڪه تاريخ گواهه آهي ته حضرت فاطمه زهرا س جو عظمت ڀريو وجود سدائين خير۽ برڪت جو محور ۽ مرڪز هيو سندن گهر هميشه اسلام جي پناهگاهه هيو ته سندن گهراڻو هميشه اسلام جو محافظ ،جڏهن به اسلام تي ڏکيو وقت ٿي آيو ته اهو زهرا س جو گهراڻو ئي هيو جنهن کيس تي بچايو.

زهرا س جو در اهو در هيو جتان ڪو سوالي خالي نه ٿئي آيو ،ڪو بکيو۽ اڃون واپس نه ٿي وريو، ڪو اميدوارنا اميد نه ٿي ٿيو،ڪنهن جي آس سندن در تي نٿي ٽٽي،ڇو جو سندن گهر فضل ۽ رحمت محور هيو ايستائين جو سندس گهر جا ڀاتي پاڻ بک،اڃ سهي ڪري به ٻين جي حاجت روائي پيا ڪن ايستائين جو خود خالق اڪبر زهرا س جي گهراڻي جي مدحت ۾ قصيدا پڙهندي چيو ته:وَ يُطْعِمُونَ الطَّعامَ عَلى‏ حُبِّهِ مِسْکيناً وَ يَتيماً وَ أسيراً [18] ته اهي منهنجي محبت ۾ مسڪينن يتيمن۽اسيرن کي کاڌو کارائين ٿا

هڪ لک هڪ گهٽ چويهه هزار نبين جي آل تي نظر وجهون ٿا ته ڪو اهڙو نظر نه ٿو جنهن جي نسل جي ائين ضمانت ڪئي وئي هجي جيئن حضرت محمد مصطفى ص جي نسل جي ضمانت کئين وئي ،ڪنهن نبيءَ جي آل اهڙي آل نه هئي جنهن جوحضرت محمد مصطفى ص جي آل پاڪ سان مقايسو ڪري سگهون،ڪنهن جو اولاد اهڙو نظر نه ٿو اچي جنهن ان نبيءَ جي دين کي بچائڻ خاطر اهي قربانيون ۽ ڪارناما انجام ڏنا هجن جيڪي حضرت محمد مصطفى جي آل ۽زهرا س جي اولاد ڏنيون آهن.

ڇا اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ باوجود نٿو چئي سگهجي ته حضرت فاطمه زهرا س حضرت محمد مصطفى لاءِ اها ئي ڪوثر آهي جنهن جو ذڪر الله سائينءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي

 

هلندڙ.................................

حوالا...



[1]_آل‏عمران : 26



[1]_ النساء / 139

[2]_ فاطر : 10

[3]_ يونس : 65

[4]_المنافقون : 8

[5]_تفسير الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص 370

[6]_ تفسير الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص 370

[7]_تفسير مفاتيح الغيب، ج‏32، ص 313

[8]_ التبيان في تفسير القرآن، ج‏10، ص 418

[9]_ مجمع البيان في تفسير القرآن، ج‏10، ص 837

[10]_ الميزان في تفسير القرآن، ج‏20، ص: 373

[11]_ البرهان في تفسير القرآن، ج‏5، ص 777

[12]_ مفاتيح الغيب، ج‏32، ص320

[13]_ الڪشاف عن حقائق غوامض التنزيل، ج‏4، ص 808

[14]_ روح المعاني في تفسير القرآن العظيم، ج‏15، ص 482

[15]_ الدر المنثور في تفسير المأثور، ج‏6، ص 401

[16]_ جامع البيان في تفسير القرآن، ج‏30، ص 213

[17]_ الجامع لأحکام القرآن، ج‏21، ص 222

[18]_سوره دهر آيت8