Get Adobe Flash player

 

قرآن مجيد آسماني ڪتاب آهي ،جنهن ۾ هر مسئلي جو بهترين حل پيش ٿيل آهي. ان ۾ هر خشڪ و تر  شيءِ جو ذڪر آهي. ته امامت جهڙي بنيادي ۽ اهم مسئلي کي ڪيئن نظر انداز ٿيل هوندو، بيشڪ قرآن شريف امامت جو مختلف لحاظن کان جائزو ورتو آهي جن جو هتي ذڪر اسان هتي ڪريون ٿا

 

قرآن مجيد جي مطابق امامت هڪ خدائي عهدو آهي

قرآن امامت کي خدائي عهدو ٻڌائي ٿو:جهڙي نموني حضرت ابراهيم عليه السلام جي داستان ملي ٿو ته قرآن شريف سندن امامت جي مرحلي کي نبوت ، رسالت ۽ تمام وڏي امتحان کان پوءِ ذڪر ڪيو آهي. سورت بقره  ۾ ارشاد ٿيو آهي:

إذِ ابْتَلى إبْراهيمَ رَبُّهُ بِکلِماتٍ فَأتَمَّهُنَّ قالَ إنِّي جاعِلکَ لِلنَّاسِ إماماً قالَ وَ مِنْ ذُرِّيَّتي قالَ لا يَنالُ عَهْدِي الظَّالِمينَ[i]

 الله سائينءَ،حضرت ابراهيم عليه السلام کان وڏا امتحان ورتا، جڏهن انهن سڀني ۾سهڻي نموني ڪامياب ٿي ويوته الله  تعالى کيس فرمايو مان تو کي انسانن لاء امام بڻايان ٿو.مختلف قرآني ۽ تاريخ نشانيون ظاهر ڪن ٿيون ته امامت جو رتبو بابل جي بت پرستن سان مقابلي، شام ڏانهن هجرت ، ڪعبي کي ٺاهڻ ۽ اسماعيل کي قربانگاه وٺي وڃڻ کان پوء حضرت ابراهيم عليه السلام کي مليو.

        جڏهن نبوت ۽ رسالت جو رتبو خدا تعالى طرفان عطا ٿئي ٿو ته مخلوق جي هر طرح جي راهنمائي ڪرڻ آهي ته پوءِ امامت جو رتبو جيڪو رهبريءَ جو عروج آهي اهو ته يقيني طور تي الله طرفان عطا ٿيڻ کانسواءِ ملي نه ٿو سگهي، ان مان ظاهر ٿيو ته امامت  ماڻهن جي چونڊڻ جي شئ نه آهي.

           وري خود قرآن به انهي ڳالهه کي ان نموني بيان ڪري ٿو : اني جاعلڪ للناس اماما، مان تو کي ماڻهن لاءِ امام بڻايان ٿو.جهڙي نموني سورت انبياء جي آيت 73 ۾ ڪجهه وڏن نبين ابراهيم، لوط، اسحاق ۽ يعقوب عليهم السلام جي باري ۾ فرمائي ٿو:و جعلناهم آئمه يهدون بامرنا، اسان انهن کي امام بڻايوسين ته جيئن اسان جي فرمان سان هدايت جي ذميداري کڻن.

        ان آيت جهڙيون قرآن ۾ ٻيون آيتون به آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي خدائي رتبو الله طرفان معين ٿيڻ گهرجي.ان کان سواء به ساڳي آيت جي آخر ۾آيو آهي ته  جڏهن حضرت ابراهيم انهي رتبي جي گهر پنهنجي ايندڙنسل لاء ڪئي، ته سندس جواب مليو ته ”لا ينال عهدي الظالمون“ مطلب هي ته تنهنجي دعا ته قبول آهي پر تنهنجي اولاد منجهان جيڪي ظلم جا مرتڪب ٿيندا انهن کي هي اعلى رتبو نه ملندو.

جيڪڏهن ظلم جي معنى  تي غور ڪريو ته خبر پوي ٿي ته “ظالم“لغت ۾ ۽ اهڙي نموني قرآن جي منطق ۾ تمام وسيع معنى رکندڙ آهي جيڪا تمام ، ظاهري ۽ مخفي گناهن، ظاهري ۽ مخفي شرڪ ۽ پاڻ۽ ٻين تي ظلم جي تمام قسمن کي شامل آهي، ان نڪتي تي ڌيان ڏيندي چئي سگهجي ٿو ته ظلم جي تمام قسمن ۽ درجن جي مڪمل ڄاڻ فقط خدا  تعالى کي آهي ۽ ان کانسواءَ ڪنهن جي لاء ممڪن نه آهي تنهن ڪري امامت جهڙي هن  عظيم رتبي جي چونڊ  صرف خدا جي هٿ ۾ آهي.

 

آيت تبليغ

سورت مائده ۾ هن ريت آيو آهي:

يا ايها الرسول بلغ ما انزل اليک من ربک و ان لم تفعل فما بلغت رسالته والله يعصمک من الناس ان الله لا يهدي القوم الکافرين،[ii]

 اي نبي جيڪو ڪجهه تو تي الله طرفان نازل ٿيو آهي، ماڻهن تائين پڄاءِ ۽ جيڪڏهن هي ڪم نه ڪئي ته(ڄڻ) رسالت جو ڪو به ڪم انجام نه ڏنئي۽ الله تو کي ماڻهن کان بچائيندو، خدا ڪافر قوم جي هدايت نه ڪندو آهي.

هن آيت جي انداز مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڳالهه ڪنهن وڏي ذميداري جي آهي جيڪا نبيءَ ص جي ڪلهن تي هئي، جنهن ڪري هر پاسي کان مخصوص پريشانين کين وڪوڙي ڇڏيو هو، ۽ ممڪن هو ته ماڻهن جو ڪو ٽولو سندن مخالفت ڪري، تنهنڪري هي آيت سختي سان ان فرمان کي پڄائڻ جي تاڪيد ڪري ٿي ۽ احتمالي خطرن ۽ پريشانين جي ڀيٽ ۾ نبي کي تسلي ڏئي ٿي.

اهو اهم مسئلو يقني طور تي توحيد ۽ شرڪ يا يهودي ۽ منافقن يا ٻين دشمنن سان مقابلي جو نه هو؛ ڇو جو ان وقت تائين( سورت مائده جي نازل ٿيڻ وقت) اهو مسئلو مڪمل طور تي حل ٿي چڪو هو.

معمولي اسلامي حڪمن جو بيان به ايتري اهميت ۽ پريشاني جوڳو نه هو؛ ڇو جو مٿين آيت جي ظاهر مطابق ڪو اهڙو حڪم هو جيڪو رسالت جي هم وزن ۽ برابر هو جنهن جي جيڪڏهن تبليغ نه ٿئي ها ته رسالت جو حق ادا نه ٿئي ها. ڇا نبي ص جي جان نشيني ۽ خلافت کان سوا ڪومسئلو ٿي سگهي ٿو؟

        ان کان سوا ڪيترن  ئي صحابين جهڙوڪزيد بن ارقم،ابو سعيد خدري،ابن عباس،جابر بن عبدالله انصاري،ابو هريره، ذيفه يماني ۽ ابن مسعود ڪافي روايتون نقل ٿيون آهن. تن مان ڪي  روايتون ته يارنهن(11) سَنَدُن سان اسان تائين پهتيون آهن، اهل سنت جي مفسرن، محدثن ۽ تاريخ دان عالمن جي وڏي انگ نقل ڪيو آهي ته اها مٿين آيت علي جي باري ۾ ۽ غدير جي داستان بابت نازل ٿئي آهي “[iii]

هي آيت روشن دليل آهي ان ڳاله جي ته نبي جي ذميداري هئي ته حجة الوداع کان واپسي وقت ۽ پنهنجي عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ علي عليه السلام کي رسمي طور پنهنجو جانشين  معين ڪن ۽ مسلمانن کي انهن جو تعارف ڪرائين.

 

آيت اطاعت اولو الامر

سورت نساء ۾ ملي ٿو :

يا ايها الذين آمنوا اطيعوا الله و اطيعوا الرسول و اولي الامر منکم،[iv]

 اي ايمان آڻڻ وارؤ! اطاعت ڪريو الله جي، اطاعت ڪريو الله جي رسول جي ۽ اولو الامر جي.

هن آيت شريفه ۾ اولو الامر جي اطاعت هر قسم جي شرط ۽ قيد کان سواء ذڪر ٿئي آهي اها به الله ۽ رسول جي اطاعت سان گڏ.

  هاڻ ڇا اولو الامر مان مراد هر علائقي ۽ دور جا حڪمران آهن؟ مطلب ته اڄوڪي دور ۾ هر مسلمان جي ذميداري آهي ته پنهنجي ملڪ جي حاڪم جي بغير قيد ۽ شرط جي اطاعت ڪري؟ ( جهڙي نموني اهل سنت جي ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي).اها ڳالهه ڪنهن به نموني عقل ۽ منطق سان نه ٿي ٺهڪي؛ ڇو جو گهڻو ڪري هر دور جا حڪمران تڙيل، ظالم ۽ غاصب هوندا آهن.

يا ايت مان مراد ان شرط سان انهن جي پيروي آهي جو جيڪڏهن انهن جو حڪم اسلام جي حڪمن جي مخالف نه هجي؟ اها ڳالهه به آيت جي مطلق هجڻ جي خلاف آهي.

يا ڇا فقط رسول جا صحابي مراد آهن؟ اهو احتمال به آيت جي وسيع مفهوم سان مطابقت نٿو رکي؛ ڇو جو آيت هر دور ۽ زماني لاء آهي.

ان بنياد تي واضح طور تي سمهجه ۾ اچي ٿو ته آيت معصوم امام لاء آهي جيڪو هر دور ۽ زماني هوندو آهي، جنهن جي اطاعت بغير شرط ۽ قيد جي واجب آهي ۽ جنهن جو حڪم الله ۽ رسول جي حڪم وانگر لازم الاجرا آهي.

 

آيت ولايت

سورت مائده ۾ بيان ٿيو آهي:

 انما وليکم الله و رسوله والذين آمنوا الذين يقيمون الصلات و يوتون الزکات و هم راکعون،[v]

 توهان جو حاڪم ۽ رهبر فقط الله آهي ۽ ان جو رسول ۽ اهي آهن جن ايمان آندو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ رڪوع جي حالت ۾زڪات ڏني.

             قرآن شريف ”انما“ جي لفظ سان جيڪو عرب لغت ۾ انحصار لاء آهي مسلمانن جي ولايت ۽ رهبري کي ٽن حصن ۾ محدود ڪيو آهي : الله سندس رسول ۽ اهي جن ايمان آندو ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪات ڏني.

            بغير شڪ جي ”ولايت“ مان مراد مسلمانن جي هڪ ٻئي سان دوستي نه آهي: ڇو جو هڪ ٻئي سان دوستي لاء ان قيد ۽ شرط جي ضرورت نه هئي. سڀ مسلمان هڪٻئي جا ڀاء ۽ دوست آهن ڀلي کڻي رڪوع ۾ زڪات نه ڏين، تنهنڪري ”ولايت“ هتي سرپرستي ۽ مادي،معنوي رهبريءَ جي معنى ۾ آهي، خاص طور تي ان ڪري جو الله ۽ رسول جي ولايت سان گڏ بيان ٿي آهي.

اهو نڪتو به روشن آهي ته مٿين آيت مذڪوره صفتن جي ذريعي (جيڪي آيت ۾ آيون آهن )ڪنهن خاص فرد ڏانهن اشارو ڪري ٿي جنهن رڪوع جي حالت ۾ زڪات ڏني آهي، ڇو جو لازمي نه آهي ته انسان پنهنجي زڪات رڪوع جي حالت ۾ ادا ڪري. حقيقت ۾ هي هڪ نشاني آهي نه هڪ صفت.

انهن سڀني ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو مٿين آيت حضرت علي جي داستان ڏانهن پر معنا اشارو ڪري ٿي جو حضرت علي عليه السلام نماز جي رڪوع ۾ هئا ان وقت مسجد النبي ۾ ڪنهن سائل مدد جي گهر ڪئي، ڪنهن به ان جي سوال جو مثبت جواب نه ڏنو، انهي حالت ۾ حضرت علي پنهنجي ساڄي هٿ جي آنڱر ڏانهن اشارو ڪيو، سائل ويجهو آيو ۽ قيمتي منڊي جيڪا امام جي هٿ ۾ هئي اها لاٿائين.

جڏهن رسول اڪرم ص اهو لقاءُ ڏٺو ته هيءَ دعا گهريائون: ” اي الله! منهنجي ڀاء موسى دعا گهري هئي ته انجي سيني کي ڪشادو ڪر، سندس ڪمن کي آسان بڻا، سندس زبان جي ڳنڊ کول۽ سندس ڀاء هارون کي انجو وزير ۽ خليفو بڻاءِ.... اي الله! مان تنهنجو نبي ۽ چونڊيل محمد آهيان منهنجو سينو ڪشادو ڪر، ڪمن کي منهنجي لاء آسان بڻاءِ منهنجي خاندان مان عليءَ کي منهنجو وزير بڻاءِ جيئن انجي ذريعي سان منهنجي پٺ مضبوط بڻجي“.

اڃان نبي جي دعا مڪمل نه ٿئي هئي جو جبرائيل نازل ٿيو ۽ مٿين آيت کڻي آيو.

دلچسپ ڳالهه هي ته اهل سنت جي ڪيترن ئي عالمن،تاريخ دانن، محدثن ان آيت جي علي عليه السلام جي باري ۾ نازل ٿيڻ کي نقل ڪيو آهي. ۽ صحابين جي هڪ گروهه جنهن جي تعداد ڏهن کان وڌيڪ آهي اها حديث نبي اڪرم کان نقل ڪئي آهي.[2]

ولايت بابت آيتون تمام گهڻيون آهن اسان هتي فقط چار آيتون آنديون آهن.[vi]



[i] _ سورت بقره  جي آيت 124

[ii] _ سورت مائده جي آيت 67

[iii] _ ان بابت وڌيڪ ڄاڻ لاء ”احقاق الحق“ ”الغدير“ ”المراجعات“ ۽ ”دلائل الصدق“ کي ڏسو.

[iv] _ سورت نساء جي آيت 59 ۾

[v] _ سورت مائده جي آيت 55

[vi] _ وڌيڪ وضاحت لاء ”المراجعات“ کي ڏسندا.