Get Adobe Flash player

سوانح حيات مولانا عباس علي نجفي رح (3)

ٻيون ديني خدمتون

قبله عباس علي نجفي ( رح ) جن پنهنجي بلند خيالي ۽ ديني درد جي آڌار تي اهو سمجھي ورتو هو ته صوبي سنڌ ۾ اهل بيت عليهم السلام جي پاڪ مذهب جي پرچار ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ۽ سخت جاکوڙ جي ضرورت آهي ، تنهنڪري پاڻ سندن پروگرام کي فقط دانشگاه جعفريه جي چار ديواري تائين محدود نه رکيائون ، بلڪه دانشگاه جي تعميرات جي دوران ۽ خاص طور تي تعميرات مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهل بيت عليهم السلام جي پاڪ مذهب جو پيغام سنڌ واسي مومنين جي گهر گهر تائين پهچائڻ جو پروگرام شروع ڪيائون ۽ ان ڪم لاءِ قبله عباس علي نجفي( رح ) جن جي خدمتن کي هيٺين ريت تقسيم ڪري سگھجي ٿو

الف : ضمني ( پرائمري ) مدرسن جو قيام

قبله عباس علي نجفي (رح ) جن پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي سان اهو محسوس ڪري رهيا هئا ته سنڌ واسي مومنن جي علمي پياس اجھائڻ لاءِ سخت جفاڪشي جي ضرورت آهي ، دانشگاھ جعفريه لاءِ پنهنجي تمام تر سهوليات جي ميسر هجڻ جي باوجود سنڌ صوبي جي تمام علائقن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ مشڪل هو تنهنڪري ڇو نه اهڙي حڪمت عملي کان ڪم ورتو وڃي جو دور دراز جا مومنين جيڪي پنهنجي اولاد کي ديني تعليم ڏيارڻ جو شوق رکڻ جي باوجود ان نيڪ عمل کان مايوسي جو اظهار ڪري رهيا آهن تن لاءِ سندن ئي علائقي ۾ ديني تعليم پرائڻ جي سهولت ميسر ٿي سگھي ، جنهن جو هڪ فائدو اهو هو ته ديني تعليم پرائڻ وارن جو تعداد وڌندو ۽ ٻيو ته طالبعلم جي والدين تي به گهڻو بوجھ نه پوندو ، ۽ ان نڪتي جي پيش نظر پاڻ سنڌ جي وسندي وسندي ۾ وڃي رائج طريقه ڪارن کان هٽي نئين رخ سان ميدان ۾ قدم رکيائون جتي به مناسب جڳھ ٿي ڏٺائون ته اتي مختلف ڳوٺن مان طالبعلم گڏ ڪري ۽ انهن لاءِ هنڌ بسترن ، رڌ پچاءُ ۽ بورچي جو بندوبست ڪري ديني درسگاھ جو بنياد رکي ، نئين پروگرام جي لاءِ نڪري پوندا هئا ، ۽ پاڻ پنهنجي ان پروگرام سان گڏ جيڪو وڏو ڪارنامو انجام ڏئي رهيا هئا جيڪو حقيقت ۾ سندن دور انديشي جي عڪاسي ڪري رهيو هو، مدرسن سان وابسته علائقي جي ڪيترن ئي سرندي وارن مومنن کي جتي سندن علائقي جي مدرسي سان تعاون جي اپيل ڪندا هئا ته اتي وري قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ خمس ۽ زڪوات جي اهميت کي اجاگر ڪري شريعت جي ان ٻن مهم فريضن جي ادائيگي لاءِ کين آماده به ڪري ايندا هئا ، نيٺ مختصر عرصي ۾ سترنهن ضمني ( پرائمري ) مدرسا کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، جن مان چوڏنهن (14) مدرسا اڃان تائين پنهنجن علائقن ۾ علوم محمد آل محمد عليهم السلام جي سکيا ۽ انهن پاڪ هستين جي مذهب جي تبليغ ۾ مصروف آهن ، ياد رهي ته سندن اهو پروگرام سنڌ جون حدون پار ڪري بلوچستان جي سرزمين تائين وڃي پهتو.

قبله عباس علي نجفي ( رح ) جي ڪاوشن سان قائم ٿيل ضمني مدرسن جوتفصيل هن ريت آهي.

(1) مدرسه امام زين العابدين عه تلهار ضلع بدين

(2) مدرسه امام زين العابدين عه چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار

(3) مدرسه رضويه شاهپور رضوي ضلع ٽنڊو الهيار

(4) مدرسه ابو تراب هالا نوان ضلع مٽياري

(5) مدرسه سجاديه مقصودو رند شهداد پور ضلع سانگھڙ

(6) مدرسه رضويه ٻانڌي ضلع نوابشاه

(7) مدرسه صاحب الزمان ٺري ميرواھ ضلع خيرپورميرس

(8) مدرسه جواديه لکي غلام شاھ ضلع شڪارپور

(9) مدرسه جعفريه ميرپور ماٿيلو ضلع گھوٽڪي

(10) مدرسه امام علي نقي عه پنو عاقل ضلع گھوٽڪي

(11) مدرسه باب الحوائج مٽياري

(12) مدرسه ابوطالب جيڪب آباد

(13) جامعه فيضيه صحبت پور ضلع جعفر آباد ( بلوچستان)

(14) مدرسه سجاديه گنداواھ ضلع جھل مگسي ( بلوچستان)

ب : غير آباد مسجدن ۽ امام بارگاهن کي آباد ڪرڻ

قبله عباس علي نجفي ( رح ) جن جي نگاھ ۾ جتي مدرسن جو بنياد مذهبي پياس کي اجھائڻ لاءِ نهايت ئي ضروري هو ته اتي سنڌ جي ڪيتن ئي علائقن ۾ غير آباد مسجدن ۽ امام بارگاهن تي سندن نظر به تيزي سان گھمي رهي هئي ، تنهنڪري جتي به غيرآباد مسجد يا امام بارگاھ ٿي ڏٺائون ته ان کي آباد ڪرڻ جي فڪر ۾ لڳي ويندا هئا ۽ يڪدم ڳوٺاڻن سان ملي مسجد ۽ امام بارگاھ کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪنهن مولوي ، عالم جو بندوبست ڪري وٺندا هئا ، سنڌ ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن جي غير آباد هجڻ جو کين تمام گھڻو احساس هين ، ان جي ڪري جڏهن هڪ ڳوٺ ۾زبون حال۾پيل هڪ امام بارگاھ تي نگاھ پين ته ڳوٺاڻن کي گھرائي کين چوڻ لڳا ته: اسان جهڙا دنيادار مولوي ته اوهان جي بنگلن ۾اچي ويهندا آهن ليڪن ياد رکو امام زمانه جڏهن ايندو ته ڪنهن زميندار جي بنگلي ۾ نه ويهندو بلڪه امام بارگاھ ۾ وڃي ويهندو ، ڇا امام جي ويهڻ لاءِ اها جاءِ ٺاهي اٿو؟ آخرڪار جتي هيترا ضمني (پرائمري ) مدرسا قائم ڪيائون ته اتي پنجاه کن مسجدن ۽ امام بارگاهن کي آباد ڪرڻ به سندن ڪيل خدمتن ۾ شمار ٿئي ٿو ، تنهن کان علاوه ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪراچي جي ڪجھ مومنين جي تعاون سان مسجدون به تعمير ڪرايائون.

ج : تبليغي پروگرام

قبله عباس علي نجفي ( رح ) جتي هيڏا سارا پروگرام پنهنجي سر هلائي رهيا هئا ته اتي دانشگاه جعفريه جي فاضل طالبعلمن جون صلاحيتون به سندن نظر ۾ هيون تنهن جي ڪري سنڌ صوبي جي وسيع سرزمين تي اهل بيت عليهم السلام جو پروگرام عام ڪرڻ لاءِ نماز جمعه جا ڪيترا ئي سينٽر قائم ڪري فاضل طالبعلمن کي شريعت جو هي اهم وظيفو ادا ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون ، اڪثر مبلغ ته خميس جي ڏينهن ئي روانو ٿي ويندا هئا ۽ پنهنجين مقرره جڳهين تي وڃي علائقي جي مومنن سان ديني ڪچهري ڪرڻ ، دعاءِ ڪميل جو پروگرام ڪرائڻ ۽ ٻارن کي قرآن ۽ دينيات جي تعليم ڏيارڻ ۾ مصروف رهندا هئا ، قبله عباس علي نجفي ( رح ) جن کي طالبعلمن جي مالي پريشاني جو تمام گھڻو فڪر هوندو هو ، تنهنجي ڪري علائقي جي مومنن کان ملندڙ ڀاڙي ڪرائي کان علاوھ به هر طالبعلم کي 50 ( پنجاھ ) روپيه ”ٽرانسپورٽ الائونس “ جي عنوان سان ڏيندا هئا ، اهو تعداد 16 ( سورنهن ) کان شروع ٿي 50 ( پنجا ھ ) تائين پهتو ، ۽ مبلغن جو ساڳيو تعداد رمضان المبارڪ ۽ محرم الحرام جي ڏهارن ۾ به ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾محمد وآل محمد جي پاڪ مشن جي تبليغ جا فرائض انجام ڏيندو هو ، ٿر جي دور دراز ۽ پوئتي پيل علائقن جو کين تمام گھڻُو احساس هين ، ۽ سانگي سان ڪو مولوي عالم روانو ڪري اتان جي حال احوال کان معلومات به وٺندا هيا ۽ تنهن جي دوران اتان جي ڪجھ مرڪزي جڳهين جهڙوڪ مٺي ۽ ننگر پارڪر ۾ مستقل طور تي مبلغن کي موڪلي به چڪا هئا ، نيٺ ٿر جهڙي ريگستاني علائقي ۾ منظم طور تي تبليغي پروگرام هلائڻ لاءِ پنجن طالبعلمن تي مشتمل ” پنجتني گروپ “ جي نالي سان هڪ ٽيم تشڪيل ڏنائون جنھن ۾ آئون پاڻ به شامل هيس ، محرم الحرام سن 1418 ھ ۾ ڇاڇري شهر ۽ ان کان 25 کا 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رند برادري جي ڪجھ ڳوٺن ڏانهن جيڪي هندوستان جي بارڊر جي نزديڪ ئي وڃي ٿين ٿا ، روانو ڪيائون ۽ ڪراچي جي ڪجھ مخير مومنين جي تعاون سان هر مبلغ لاءِ پنج هزار روپيه به مقرر ڪيائون ، ليڪن قضا کي ڪجھ ٻيو منظور هو جو ان سال جي ربيع الاول مهيني ۾ هن دار فاني کي هميشه لاءِ ڇڏي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا ، ليڪن خلوص سان کنيل سندن قدم مالڪن کي ايترو ته منظور آيو جوهيترا سال گذرڻ جي باوجود اڃان تائين سندن اهو پروگرام جيئن جو تيئن هلندو ٿو رهي ۽ هر سال رمضان المبارڪ ۽ محرم الحرام ۾ ڪيترائي مبلغ ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڪن جو پيغام کڻي روانو ٿيندا آهن ۽ جيئن ته سندن حسرت هئي ته هن وارياسي وسندين ۾ به اهل بيت عليهم السلام جي دين کي گھر گھر پهچائڻ لاءِ ديني درسگاهن جو بنياد رکڻ گھرجي ، سندن ئي جانشين قبله مولانا محمد محسن مهدوي جن ” ڳوٺ آدم تڙ “ ۾ مدرسه ابو الفضل جو بنياد رکيو.

د : مستحق طالبعلمن جي مدد ڪرڻ

پاڻ مختلف طريقن ۽ عنوانن سان مستحق طالبعلمن جي مدد ڪرڻ ۾ هر وقت سرگرم رهندا هئا ، مستحق ۽ بي سهارا طالبعلمن جي مشڪلات کي حل ڪرڻ ۽ انهن جي تعليمي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هر طرح سان مالي توڙي جاني مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا ، ۽ ائين 70 ( ستر ) کن طالبعلمن کي مختلف مقامن تي تبليغي توڙي ٻين ديني سرگرمين ۾ مصروف ڪري ڇڏيائون تنهن سان نه فقط مستحق طالبعلمن جون مشڪلون ڪنهن حد تائين حل ٿي رهيون هيون پر مذهب حقه جي تبليغ ۾ به ڏينهنون ڏينهن ترقي ٿي رهي هئي. ايران جي حوزه علميه قم المقدسه ۾ تعليم حاصل ڪندڙ طالبعلن جي ڀرپور مدد ڪرڻ سندن اهم ڪارنامن ۾ شمار ٿئي ٿو، ڪراچي جي خواجه برادري جي هڪ مخير جناب تقي جعفر جي تعاون سان پاڪستان مان ايران وڃڻ وارن طالبعلن جي ڀاڙِي ڪرائي جو بندوبست ڪرڻ ، اتي موجود طالبعلمن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي لکئين رپيا خرچ ڪيائون ، سندن دل طالبعلمن جي دردن سان گڏ ڌڙڪندي هئي ، تنهنجي ڪري سوچيندا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان طالبعلمن جي مدد ٿي پوي ، هڪ دفعي جڏهن سندن ايران اچڻ ٿيو ته لاڙڪاڻي مان آيل ڪجهه زائرين سان سندن ملاقات ٿي ، ته پاڻ فورا لاڙڪاڻي ضلعي جي طالبعلمن جي لسٽ گھرائي تن مومنن کي چيائون ته توهان جي علائقي جا هيترا طالبعلم قم جي سرزمين تي علم حاصل ڪري رهيا آهن انهن جي مدد ڪرڻ توهان جو فرض آهي ، تنهن تي انهن مومنن طالبعلمن جي مدد لاءِ ڪجھ رقم سائين جن کي ڏنائون جيڪا پاڻ تن طالبعلمن ۾ تقسيم ڪيائون

ھ : غريب سادات جي پر گھور لهڻ

هڪ وڏو ڪارنامو جيڪو سندن خدمتن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو ، غريب ۽ مستحق سيدن جي پر گھور لهڻ هو ، هڪ طرف ته سادات سان سندن ذاتي عقيدت جيڪا هميشه کان سندن خاندان جي خوبين ۾ شمار ٿيندي رهي آهي ۽ ٻئي طرف مختلف مومنن ۽ مخير حضرات جي طرفان ملندڙ سهم سادات ( خمس جي رقم جي ٻن حصن مان مستحق سيدن جو حصو ) کي به مستحق سيدن تائين پهچائڻ پنهنجي شرعي ذميداري سمجھندي ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سادات جي درن تائين به وڃي سندن امانت پهچائيندا هئا ، مدرسي ۾ ايندڙ مستحق سيدن کي ڪڏهن به خالي نه موٽائيندا هئا ، اگر ڪنهن سيد طالبعلم جي پريشاني جي خبر پوندي هين ته هڙئون وڙئون ان جي مدد ڪندا هئا

هلندڙ..............

د : مستحق طالبعلمن جي مدد ڪرڻ
ب : غير آباد مسجدن ۽ امام بارگاهن کي آباد ڪرڻ
الف : ضمني ( پرائمري ) مدرسن جو قيام