Get Adobe Flash player

مولانا غلام مهدي نجفي اعلى الله مقامه جي سوانح حيات (2)

ڪمپوزنگ: مداح حسين مخلصي

مولانا غلام مهدي صاحب جن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد ڪونه هوندو هو. پاڻ سٺي علمي استعداد رکڻ سان گڏوگڏ هڪ عملي رھبر وانگر هيا . سندن ديني خدمتن کي آئون هٺين عنوانن ۾ ورهايان ٿو ـ

1_سفر جون صعوبتون : مولانا غلام مهدي صاحب جن نه صرف علم پرئڻ لاءِ سفر جون سختيون سٺيون بلڪه علم حاصل ڪري ا چڻ بعد به پاڻ سموري سنڌ جي ڏوراهين ماڳن تائين به دين جي تبليغ لاءِ ويندا هئا . ڪن جڳهن تائين رسڻ لاءِ پاڻ ميلن جا ميل پيرين پيادا به ويندا هئا . جيئن جو سندن سفر قربةً الى الله هوندو هو . انهي ڪري پاڻ جيڏانهن به هڪ دفعو پير گهمائي ايندا هيا .منهنجو ايمان آهي ته پاڻ سموري سنڌ جا سرتاج هيا . پوءِ به هنن ڳوٺن /شهرن کي اهو شرف حاصل آهي جو انهن ماڳن کي متعدد دفعا سائين جي جتي چمڻ جي سعادت نصيب ٿي . مثال جي طور تي : باگڙجي ، ٻانڌي ، پٽڻي ، ٽنڊو آغا ، ٽنڊو ٽوڙهو ، جوهي ، جيمس آباد ، ڄاڃي ٻرڙا ، جهلوري ، چوٻار ، خانپور ، خيرپور ميرس ، خيرپور ناٿن شاه ، دادو ، رڻيپور ، روشن آباد ، روهڙي ، زوار آباد ڪنب ، سرهاري ، سعيدآباد ، سيٺارجا ، شفيع آباد ، (ڳوٺ حاجي محمد بخش زرداري ) ، ڳوٺ ڇپر ان کوسو ، ڳوٺ ڳچيل ، ڳوٺ مير غلام علي ،ڳوٺ نور محمد شاهه ، ڳوٺ نهال خان ، مقصودو رند ، ميرپورخاص ،نوابشاهه ، هالا

2_ تقريرون : مولانا صاحب جن جي تقرير سادن لفظن سان ٽمٽار هوندي هئي ،جيڪا هر ٻڌندڙ جي دلين ۾ جاءِ وٺندي هئي . علم سان گڏوگڏ عمل لاءِ به پختو عزم کڻي مجلسن مان اٿبو هيو .سندن مجلسن واري تقرير هجي يا ڪچهري واري گفتگو، اهڙي تاثير رکندي هئي جو پٿر دل ماڻهو به ميڻ مثل بڻجي ويندو هيو . ڪيترائي آلِ محمد جا دشمن جيڪي کيس ڳالهائڻ ۾ مات ڪرڻ لاءِ اينداهيا اُهي سندس مدلل ۽ مِٺيءُ ڳالهائڻ کان ايترو ته متاثر ٿي اٿنداهيا جو اڪثر دفعاکيس پيرين پئي ۽ هٿ چمي موڪلائيندا هئا

صلوات ، اسباب معرفت ، رحمت ، دعا ، علم غيب ، حقوق والدين ، نور ۽ بشر ۽ واقعات ڪربلا ، سندن لا تعداد تقريرن مان چند عنوان آهن جيڪي سامعين باربار سائين جن کان ٻڌڻ لاءِ اصرار ڪندا هئا

2_تحريرون : مولانا غلام مهدي صاحب جن ٻين ديني خدمتن سان گڏوگڏ تحرير جي رستي به تبليغ جو سلسلو جاري رکڻ ٿي گهريو سندن خواهش هئي ته مولاءِ ڪائنات حضرت علي مشڪل ڪشا جي اقوال جو مجموعو غرر الحکم مڪمل طور سنڌي ۾ ترجمو ٿي پوي پاڻ انهي سلسلي ۾ سفر خواهه حاضر ۾ غرر الحکم جي ترجمي ۽ تفسير ۾ مصروف رهندا هئا .انهي ڪتاب جو حصو انجمن اماميه سنڌ وارن شايع ڪرايو هو . باقي مڪمل ڪتاب اڃان شايع ٿيڻ جي او سيئڙي ۾ آهي ڪاش اسان جا اهل ثروت حضرات هن علمي خزاني کي ڇپرائي سنڌ واسين تي ٿورو به ڪن ۽ آل محمد عليهم السلام جي خوشنودي به حاصل ڪن .ان کان علاوه نهج البلاغه جو ڪجهه حصو ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به اڻ پورا ترجمو ڪيل سندس تبرڪات ۾ شامل آهن .

4_مدرسا : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن هڪ بهترين مدرس هئا ،فقه ۽ حديث تي کين تمام گهڻي دسترسي هوندي هئي .سندن خواهش هئي ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين شيعا مدرسا قائم ٿين. پاڻ اڪثر مدرسن جي قيام ۾ ٻين جي مدد ڪندا هيا .سن 1945 ع ۾ جڏهن پاڻ عراق مان فرغ تحصيل ٿي آيا ته اچڻ ساڻ پنهنڳي ڳوٺ واگهريجي ءَ ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪيائون .جنهن جو نالو “مدرسه جعفريه ” رکيائون . چند ڏينهن بعد مولانا مرحوم ثمر حسن زيدي جن سان گڏيل ڪوشش ڪري حيدر آباد ۾ مدرسه مشارع العلوم جو قيام فرمايائون . واگهريجي ۾ ئي بلاول تربيت گاهه قائم ڪيائون.۽ آخر ۾ مدرسي جعفريه کي هڪ ترقي يافته صورت ۾ ۽ جديد نڪته نظر موجب اثنا عشري مسلڪ وارن لاءِ هڪ ديني درس گاهه دانشگاهه جعفريه جي نالي سان قائم ڪيائون ،هي مدرسو هِن وقت سموري سنڌ ۾ هڪ منفرد مقام جو مالڪ مدرسو بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ شاگردن جي اعلى تعليم ،سهڻي خريقي سان رهائش ، عمده خوراڪ ۽ عظيم الشان ڪتاب خاني جو اهتمام ڪيو ويو آهي . هن وقت هن مدرسي جا هيٺين شهرن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن

لکي غلام شاه ، زوار آباد ڪنب، مورو ، نوابشاهه ، سانگهڙ ،شهداد پور ،شاهپور رضوي ، چنبڙ ، تلهار، ٺٽو ۽

محراب پور

5_شاگرد : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت)،هڪ اهڙو معظم متبرڪ استاد هيو جنهن کي صحيح نموني سان پارس پٿر سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي، چون ٿا ته پارس پٿر سان جيڪڏهن لوهه کي ڇهبو آهي ته اهو لوهه سون بڻجي پوندو آهي .مون پارس پٿر کي ناهي ڏٺو ،مگر مان پوري يقين سان چوان ٿو ته قبله مولانا غلام مهدي صاحب جن کي الله تبارڪ وتعالى اهيا ڪرامت عطا ڪئي هئي ،جو پاڻ جنهن کي نظر ڪرم سان ڏٺائون ته ان جو بخت سوايو ٿي ويو .اهيو ٻاجهه وارو ٻوٽو جن به دلين ۾ سانڍيو ته اهي اڄ پاڻ وڏي علمي رتبي ۽ روحاني رمزن سان مفڪرين ٿي ڇڪا آهن .سائين غلام مهدي هندوستان ،نجف اشرف ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علم جي پياسن کي سيراب ڪرايو .انهن خوش نصيبن مان چند جا نالا لکڻ ضروري سمجهان ٿو،جيڪي هن وقت بذات خود ديني علم جا سرچشما بڻجي چڪا آهن

مولانا سيد حميدالحسن (پرنسيپال مدرسه ناظميه لکنئو)

مولانا سيد محمدباقر ٺٽوي (ننڍوڀاءُ مولانا سيد علي نقي النقوي )

مولانا ڪلب صادق لکنئو

مولانا سيد علي صغير زيدي (ڪوٽ ڏيجي)

مولانا عباس علي نجفي (سرپرست دانشگاه جعفريه )

مولانا محمد محسن مهدوي فرزند اڪبر مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب

مولانا حيدر بخش مزاري (ٽنڊو باگو)

مولانا محمد بلاول رند(ڪنري)

۽ مولانا سيد شبيهه الرضا(مبلغ آفريڪا)

6_ اولاد : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن جي اولاد کي به سندن ديني خدمتن واري بابت ۾ شامل ڪجي ته ڪوبه حرج نه آهي ،ڇو جو مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن جيئن جو پنهجي سموري زندگي مذهب آل محمد عليهم السلام لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ان حساب سان سندس نيڪ سيرت اولاد به خود سندن ديني خدمتن ۾ شمار ٿئي ٿي،مولانا صاحب کي مولا پاڪ پنج پٽ ۽ ڇهه نياڻيون عطا ڪيون . سندن پنجن ئي پٽن جا نالا هي آهن

محمد محمد محسن ،امان علي ، محمد مرتضى ، حسن مصطفى ۽ امين حيدر

انهن پنجن پٽن مان مولانا صاحب جا ٽي پٽ ديني تعليم سان سنواريل آهن .سندن فرزند اڪبر مولانا محمد محسن مهدوي صاحب قم منجهان زيور تعليم سان به آراسته ٿيل آهي . قبله غلام مهدي صاحب جن جا نه صرف ٽي پٽ عالم آهن بلڪه هن مٺڙي سائين پنهنجي خاندان تي به ديني علم جو جنون طاري ڪري ڇڏيو. صرف سندس پنهنجا ڇهه ڀائٽيا ۽ ٻه ڏهٽا به اڄ خدا جي فضل ۽ ڪرم سان علماء جي صف ۾ شمار ٿين ٿا

1_ مولانا عباس علي ، مولانا سجاد علي ، مولانا سڪندر علي ، مولانا محمد امين ، مولانا جابر حسين ، مولانا خادم

حسين .ڀائيٽيا

2_ مولوي حاڪم علي ،مولوي معراج حسين

جاري آهي..........