Get Adobe Flash player

نمازِ تَهَجَّد قرآن جي روشني ۾

هر با ايمان انسان جي اها ئي تمنا هوندي آهي ته هو خداوندمتعال جو وڌ کان وڌ قرب حاصل ڪري،جڏهن ته  ٻئي طرف الله سائين پنهنجي بندي جي اڳيان قرب حاصل ڪرڻ لاءِ  ڪيترائي وسيله آهن،انهن سڀني طريقن مان نماز الله جو قرب حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو نماز آهي، نمازن مان نه فقط واجب نمازون بلڪه مستحب نمازون پڻ خدا جو تقرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهترين وسيلو آهن، سنتي نمازن جي ذريعي به انسان عالي هدف تائين پهچي سگهي ٿو، جهڙوڪ امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

 صَلَاةُ النَّوَافِلِ قُرْبَانُ كُلِّ مُؤْمِنٍ[1]  “يعني هر مومن جي لاءِ الله تعالى جو قرب  حاصل ڪرڻ جي (وسيلن منجهان بهترين) وسيلو نافله (سنت) نمازون آهن”

نافله نمازن منهجان هڪ نماز، نمازِ تهجد آهي، هن نماز جي اهميت ۽ فضيلت جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته قرآن جهڙي مقدس ڪتاب هن نماز کي تمام سهڻي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، نه فقط قرآن بلڪه احاديثِ معصومين عليهم السلام ۾ به هن جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي، لهذا هن مقالي ۾ نمازِ تهجد کي قرآني آيتن جي روشني ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو.

پهرين آيت:

       الصَّابِرينَ وَ الصَّادِقينَ وَ الْقانِتينَ وَ الْمُنْفِقينَ وَ الْمُسْتَغْفِرينَ بِالْأَسْحارِ[2]

            هي سڀ صبر ڪرڻ وارا، سچ ڳالهائڻ وارا، اطاعت ڪرڻ وارا، خُدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ وارا ۽ سحر جي وقت استغفار ڪرڻ وارا آهن

خداوند متعال هن آيت ۾ پرهيزگارن جي پنج نشانين جي طرف اشارو ڪيو آهي، جيڪي هن ريت آهن:

1_ صابرين: يعني دنيا جي حوادٽ ۽ مشڪلاتن جي مقابلي ۾ صبر ڪرڻ وارا، ۽ واجبات جي سلسلي ۾ پنهنجي پاڻ کي گناهن کان بچائڻ ۾ صبر ڪرڻ وارا، ڇو جو صبر پڻ هڪ طرح جي عبادت آهي.

2_ قانِتين: يعني الله جا مُطيع بنده، ۽ سندس اطاعت ڪرڻ وارا، قانتين انهن ماڻهن کي چيو ويندو آهي جيڪي پنهنجي پالڻهار جي اطاعت ۽ عبادت کي هميشه جاري رکن ٿا.

3_ مُنفِقِين: الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ وارا.

            4_ صادقين: سچ ڳالهائڻ وارا.

            5_ مُستَغفِرين بِالاسحَار: يعني خدا جا اُهي بنده جيڪي فجر جي وقت اٿي ڪري پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پنهنجي گناهن جي بخشش طلب ڪن ٿا، قتاده جو چوڻ آهي ته هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي سحر جي وقت نماز پڙهن ٿا يعني نمازِ تهجد ادا ڪن ٿا.

      هڪ حديث ۾ امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:أَنَّ مَنِ اسْتَغْفَرَ اللَّهَ سَبْعِينَ مَرَّةً فِي وَقْتِ السَّحَرِ فَهُوَ مِنْ أَهْلِ هَذِهِ الْآيَةِ.[3]

            “يعني جيڪو شخص اسر جي وقت ستر دفعه استغفار ڪري اهو هن آيت وارن منجهان آهي، يعني پرهيزگارن منجهان آهي”

            ابو بصير چوي ٿو ته مون امام صادق عليه السلام جي خدمت ۾ عرض ڪيو: “مستغفرين بالاسحار” جو مطلب ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون:

اسْتَغْفَرَ رَسُولُ اللَّهِ ص فِي وَتْرِهِ سَبْعِينَ مَرَّةً (فَمَنْ دَاوَمَ عَلَى ذَلِكَ سَنَةً كَتَبَهُ اللَّهُ مِنَ الْمُسْتَغْفِرِينَ بِالْأَسْحَارِ)[4]

            “يعني رسول خدا (ص) نماز وِتر ۾ ستر دفعه استغفار ڪندا هئا، ۽ جيڪو شخص هن عمل کي هڪ سال تائين انجام ڏي ته خدا ان کي استغفار ڪرڻ وارن منجهان قرار ڏيندو”

            ٻئين آيت:

 وَ مِنَ اللَّيْلِ فَتَهَجَّدْ بِهِ نافِلَةً لَكَ عَسى‏ أَنْ يَبْعَثَكَ رَبُّكَ مَقاماً مَحْمُوداً[5]

۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ قرآن سان گڏ بيدار رهو، شايد تنهنجو پروردگار توکي مقام محمود تائين پهچائي ڇڏي

لفظ “ تَهَجَّدْ ماده (هجد) (هجود) منجهان ورتل آهي، جيڪو ”ننڊ“ جي معني ۾ آهي، بس هجد يعني ننڊ، ليڪن جنهن وقت ان کي باب تفعيل ۾ وٺي وڃجي، يعني جنهن ملهه لفظِ هجد کي تهجّد جي صورت ۾ استعمال ڪندا سين ته ان وقت ننڊ کي ٽوڙڻ جي معني ڏيندو، يعني ٻنهي جون معنائون هڪ ٻئي جي برعڪس آهن، هجد جي معني ننڊ آهي ۽ تهجد بيداري واري حالت کي چيو ويندو آهي، انهي ئي ڪري نمازِ تهجد کي تَهَجَّد چيو ويندو آهي ڇو جو انسان ننڊ مان اٿي ڪري هن نماز کي ادا ڪندو آهي، بس تهجد يعني سحر (فجر)جي وقت واري نماز، ۽ مُتَهَجِّد يعني اهو شخص جيڪو نماز تهجد پڙهي ٿو.

۽ اڌ رات جو اٿي ڪري خدا جي بارگاهه ۾ سجدو ڪرڻ واري جي فضيلت ايتري قدر آهي جو اهڙو انسان رسول اڪرم (ص) جي نگاهه ۾ سڀ کان افضل آهي جهڙوڪ پاڻ فرمائن ٿا:

خَيْرُکمْ مَنْ أطَابَ الکلَامَ وَ أطْعَمَ الطَّعَامَ وَ صَلَّى بِاللَّيْلِ وَ النَّاسُ نِيَامٌ[6]

“توهان منجهان سڀ کان بهترين شخص اهو آهي جيڪو سٺو ڳالهائي ٿو، بُکايلن کي کاڌو کارائي ٿو ۽ رات جي وقت نماز پڙهي ٿو جڏهن ته ماڻهو ننڊ پيا هوندا آهن”

 

ٽئين آيت

وَ بِالاَسْحارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ[7]   “۽ اُھي سحر جي وقت الله جي بارگاهه ۾ بخشش گھرندا ھوا”

امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

وَ بِالاَسْحارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ: «في الوتر في آخر الليل سبعين مرة»[8]

“يعني هن استغفار مان مراد اهو استغفار آهي جيڪو نماز وِتر ۾ رات جي آخري حصي ۾ ڪيو ويندو آهي”

هڪ ٻئي حديث ۾ امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا:

“هيءَ آيت انهن ماڻهن جي شان ۾ لٿي آهي جيڪي فجر جي وقت نماز وِتر ۾ ستر ڀيرا استغفار ڪن ٿا”[9]

قتاده (جيڪو اهل سنت جو مشهور عالم آهي) سعيد ابن جبير کان ۽ هن ابن عباس کان نقل ڪيو آهي ته هي آيت اهل بيت “يعني علي، فاطمه، حسن ۽ حسين عليهم السلام” جي شان ۾ نازل ٿي آهي، ان کان بعد ابن عباس چوي ٿو:

و کان على عليه السّلام يصلّى ثلثى الليل الاخرين و نيام الثلث الاول فاذا کان السحر جلس للاستغفار و الدعا و کان ورده فى کل ليلة سبعين رکعة يختم فيه القرآن‏.[10]

“يعني اميرالمومنين (ع) رات جي پهرين حصي ۾ سمهندا هئا ۽ اسر جي وقت اٿي ڪري استغفار  ۽ دعا گهرندا هئا، سندس ذڪر ۽ ورد اهو هو ته هر رات ستر رڪعت نماز پڙهندا هئا ۽ هڪ قرآن ختم ڪندا هئا”.

 

چوٿين آيت:

كانُوا قَليلاً مِنَ اللَّيْلِ ما يَهْجَعُونَ[11]“رات جو ٿورو سمھندا ھوا”

امام باقر (ع) هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا:

کان القوم ينامون، و لکن کلّما انقلب أحدهم قال: الحمد للَّه، و لا إله إلّا اللَّه، و اللَّه أکبر.[12]

“يعني اهي ننڊ ڪندا هئا، ۽ جنهن ملهه به پاسو مٽائيندا هئا ته الحمد لله لا اله الاّ الله والله اڪبر، چوندا هئا”.

“يَهجَعُونَ” يعني رات جي ٿوري حصي ۾ سمهندا هئا، ۽ گهڻي حصي ۾ نماز پڙهندا هئا، ۽ ذڪرِ خدا ۾ مشغول رهندا هئا، غافل ۽ بي خبر ماڻهن وانگر نه هيا جيڪي سڄي رات ننڊ پيا هوندا آهن.

ابو دردا رسول خدا (ص) کان پڇيو ته رات واري نمازن منجهان ڪهڙي نماز وڌيڪ افضل آهي؟ پاڻ فرمايائون:

فى نصف الليل و قليل فاعله.‏[13]“يعني اڌ رات واري (نماز وڌيڪ فضيلت رکي ٿي) ليڪن ان کي انجام ڏيڻ وارا تمام ٿورا آهن”.

 

پنجين آيت:

أَمَّنْ هُوَ قانِتٌ آناءَ اللَّيْلِ ساجِداً وَ قائِماً يَحْذَرُ الْآخِرَةَ وَ يَرْجُوا رَحْمَةَ رَبِّهِ قُلْ هَلْ يَسْتَوِي الَّذينَ يَعْلَمُونَ وَ الَّذينَ لا يَعْلَمُونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الْأَلْبابِ[14]

“ڀلا جيڪو رات جي لحظن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيھي عبادت ڪندڙ آھي ۽ آخرت کان ڊڄندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت جي اميد رکندو آھي، (اي پيغمبر) چئو ته سمجھ وارا ۽ بي سمجھ (پاڻ ۾) هڪجهڙا آهن ڇا؟ ڌيان وارا ئي نصيحت وٺندا آھن”

“قَانِت” ان شخص کي چيو ويندو آهي جيڪو پنهنجي پرودگار جي اطاعت جي لاءِ قيام ڪندو آهي، لهذا رسول خدا(ص) فرمائن ٿا:

“بهترين نماز قنوت آهي، ڇو جو اهو قيام واجبات منجهان آهي”[15]

۽ لفظِ “آناءَ اللَّيْلِ” مان مراد رات جو پهريون، وچون ۽ آخري حصو آهي، ۽ روايت ۾ آيو آهي ته قنوت مان مراد نمازِ تهجد آهي[16].

هن آيت ۾ نمازِ تهجد کي ڏينهن واري نمازن تي هڪ قسم جي فضيلت ۽ برتري ڏني وئي آهي، ڇو جو ڏينهن واريون نمازون آشڪار آهن پر نماز شب ڏسڻ وارين اکين کان پوشيده ۽ لڪيل هوندي آهي، ۽ ريا ۽ خودنمائي کان پاڪ هوندي آهي.

 

            ڇهين آيت:

يا أَيُّهَا الْمُزَّمِّلُ * قُمِ اللَّيْلَ إِلاَّ قَليلاً * نِصْفَهُ أَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَليلاً[17]

“اي چادر ويڙھڻ وارا، رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو، رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ”

خداوندمتعال پنهنجي پيغمبر(ص) کي حڪم ڏنو آهي ته رات جو ٽيون حصو،اڌ يا ان کان ڪجهه  وڌيڪ اٿي ڪري قيام ڪر ۽ نماز تهجد پڙهه، يعني کيس اختيار ڏنو اٿس ته انهن ٽنهي وقتن مان ڪنهن به هڪ وقت ۾ اٿي ڪري نمازِ تهجد ادا ڪري، خداوندعالم هن سورت ۾ پنهنجي پيغمبر (ص) کي نون(9) شين جو حڪم ڏنو آهي جن منجهان هڪ قيام ڪرڻ ۽ اڌ رات جو اٿي ڪري نماز تهجد ادا ڪرڻ آهي.

 

            ستين آيت:

لَيْسُوا سَواءً مِنْ أهْلِ الْکتابِ أمَّةٌ قائِمَةٌ يَتْلُونَ آياتِ اللَّهِ آناءَ اللَّيْلِ وَ هُمْ يَسْجُدُونَ * يُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَ الْيَوْمِ الْآخِرِ وَ يا مُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَ يَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْکرِ وَ يُسارِعُونَ فِي الْخَيْراتِ وَ أولئِک مِنَ الصَّالِحينَ[18]

“اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن، ڪتاب وارن مان ھڪ اھڙو  گروهه آھي جيڪو دين تي قائم آهي ۽ الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندو آھي ۽ سجدو ڪندو آھي. اُهي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ برن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ چڱاين ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي صالحن مان آھن”

هن آيت جي شان نزول جي سلسلي ۾ نقل ٿيل آهي ته: عبدالله بن سلام يهودين جي هڪ گروهه سان گڏ اسلام قبول ڪيو، يهودين جي دانشمندن چيو ته انهن خدا تي ايمان نه آندو آهي مگر اسان منجهان هڪ شرير گروهه، ته خداوندعالم هي آيت لاٿي ۽ انهن جي وچ ۾ اٺ فرق بيان ڪري ٻڌيائين ته اهي هڪ جهڙا نه آهن، لهذا فرمائي ٿو: اهل ڪتاب جو اهو گروهه جيڪو ثابت قدم آهي ۽ جن ايمان آندو، انهن جي برابر نه آهن (جن ايمان نه آندو)، ڇو جو هي اهي آهن جيڪي اڌ رات جو آياتِ خدا جي تلاوت ڪن ٿا، اهي ئي سجدو ڪرڻ وارا آهن، ۽ سجدي مان مراد نماز آهي، هن آيت ۾ نمازِ تهجد جي طرف لفظِ “يَسْجُدُونَ” جي ذريعي اشارو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سجدو نماز جي اهم رُڪنن منجهان آهي، ۽ نماز تهجد پڙهن واري جي نماز ۾ وڌيڪ تواضع ۽ نوڙت جو سبب بڻجي ٿو.[19]

 

اٺين آيت:

وَ الَّذينَ يَبيتُونَ لِرَبِّهِمْ سُجَّداً وَ قِياماً[20]“۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندي ۽ قيام ڪندي راتيون گذاريندا آھن”

خداوندعالم سورت فرقان جي آخري آيتن ۾ پنهنجي خاص بندن جون ڪجهه صفتون بيان ڪيون آهن، فرمائي ٿو: هو اهي آهن جيڪي رات کي پنهنجي رب جو سجدو ۽ قيام ڪندي گذارين ٿا، ۽ رات جي اونداهي ۾ جڏهن ته غافل ماڻهو ننڊ پيا آهن پنهنجي پروردگار جي عبادت ۽ اطاعت کي انجام ڏين ٿا، رات جي ڪجهه حصي ۾ پنهنجي محبوب سان مناجات ڪن ٿا ۽ پنهنجي دلين کي ذڪرِ خدا سان روشن ڪن ٿا.

اگرچه لفظِ “ يَبيتُونَ ” ان جو دليل آهي ته اهي رات کان وٺي صبح تائين سجده ۽ قيام ڪندا هئا، ليڪن ان مان مراد رات جو ڪجهه حصو آهي يا اگر سڄي رات به مراد وٺجي پوءِ به بعض مواقع ۾ ائين آهي نه ڪه رات جي سڀني وقتن ۾.[21]

 

            نائين آيت:

وَ رَهْبانِيَّةً ابْتَدَعُوها ما کتَبْناها عَلَيْهِمْ إِلاَّ ابْتِغاءَ رِضْوانِ اللَّه‏[22]

  “۽ جنهن رهبانيت (دنيا جي ترڪ ڪرڻ کي) انهن پنهنجي لئه ايجاد ڪري ورتو هيو، ۽ ان سان خدا جي رضا جا طلبگار هئا، ان کي اسان انهن جي مٿان فرض نه ڪيو هو”

رهبانيت جي نسبت رهبان ڏانهن ڏني وئي آهي، رهبان ان شخص کي چيو ويندو آهي جيڪو خائف ۽ ڊڄن ارو هجي، ڪافي ساري روايتن ۾ آيو آهي ته هي آيت پڻ نماز تهجد تي دلالت ڪري ٿي جهڙوڪ:

عَنْ أبِي الْحَسَنِ ع فِي قَوْلِ اللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ وَ رَهْبانِيَّةً ابْتَدَعُوها ما کتَبْناها عَلَيْهِمْ إلَّا ابْتِغاءَ رِضْوانِ اللَّهِ قَالَ صَلَاةُ اللَّيْل‏[23]

امام رضا (ع) کان روايت آهي ته پاڻ خداوندعالم جي هن قول “وَ رَهْبانِيَّةً ابْتَدَعُوها ما كَتَبْناها عَلَيْهِمْ إِلَّا ابْتِغاءَ رِضْوانِ اللَّهِ” جي تفسير ۾ فرمايائون: «رضوان اللَّه» مان مراد نمازِتهجد آهي.

ڏهين آيت:

تَتَجافى‏ جُنُوبُهُمْ عَنِ الْمَضاجِعِ يَدْعُونَ رَبَّهُمْ خَوْفاً وَ طَمَعاً وَ مِمَّا رَزَقْناهُمْ يُنْفِقُون[24]

“سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ رهن ٿا، ۽ هو پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني ٿئون تنھن مان خرچيندا آھن”

                بلال کان روايت آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو: توهان کي نمازِ تهجد پڙهڻ گهرجي ڇو جو اهو توهان کان اڳ وارن جو رستو ۽ طريقو آهي، نمازِ تهجد خدا جي ويجهي ٿيڻ جو وسيلو، گناهن کان بچڻ ۽ گناهن جي مخفي رهڻ جوسبب ۽ جسم جي درد کي دور ڪرڻ جو ذريعو آهي، “يَدْعُونَ رَبَّهُمْ خَوْفاً وَ طَمَعاً” خدا کي سڏين ٿا عذاب جي خوف کان، ۽ سندس رحمت جي اميد جي ڪري، ۽ جيڪا شيءِ خدا کين عطا ڪئي آهي ان منجهان سندس راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، ۽ ان گروهه جي ڀلي ڳالهه هيءَ آهي ته پنهنجي ڪمن کي ڇڏي نماز ۽ دعا ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا، ۽ پنهنجي ننڊ کان صرفِ نظر ڪن ٿا، ۽ سڀني ڪمن ۾ ان تي توڪل ڪن ٿا.[25]

  هن آيت ۾ مومنن جي ٽن نشاين کي بيان ڪيو ويو آهي: 1. خدا جي ياد ۾ مشغول هجڻ. 2. هجرت ڪرڻ ۽ ننڊ کان دوري اختيار ڪري اڌ رات جو اٿي ڪري جڏهن ته ماڻهو ننڊ پيا هوندا آهن، تهجد، تسبيح ۽ تقديس بجا آڻڻ، ۽ خوف و رجاء ملهه پنهنجي پروردگار کي سڏ ڪرڻ. 3. پنهنجي مال منهجان خدا تعالي جو حق ادا ڪرڻ.

 

يارهين آيت:

الْمالُ وَ الْبَنُونَ زينَةُ الْحَياةِ الدُّنْيا وَ الْباقِياتُ الصَّالِحاتُ خَيْرٌ عِنْدَ رَبِّک ثَواباً وَ خَيْرٌ أمَلاً[26]

“مال ۽ اولاد، دنيا جي زندگيءَ جو سينگار آھن، ۽ سدائين رھندڙ چڱايون تنھنجي پالڻھار وٽ ثواب ڪري ڀليون ۽ اُميد ڪري چڱيون آھن”

خداوندعالم هن آيت ۾ ٽن شين کي بطور زينت بيان ڪيو آهي، جن منجهان ٻه دنيا جي زينت ۽ سينگار آهن ۽ هڪ آخرت جي زينت آهي، ليڪن ماڻهو انهن ٽنهي مان ٻن شين تي وڌيڪ افتخار ڪن ٿا،انهن منجهان هڪ مال آهي ۽ ٻيو اولاد، جڏهن ته اهي ٻئي فنا ۽ نابود ٿيڻ وارا آهن، ليڪن ٽين شيءِ جيڪا هرگز فنا نه ٿيڻ واري آهي، دنيا ۽ آخرت ۾ هميشه لاءِ باقي رهڻ واري آهي اها ”باقيات الصالحات“ آهي، جنهن مان مراد نيڪ ۽ چڱا عمل آهن، جهڙوڪ: نماز، روزو، حج، جهاد ۽ سبحان الله، والحمد لله، ولا إله إلا الله، و الله اڪبر وغيره.

عن أبي عبد الله (عليه السلام) أنه قال: «إن کان الله عز و جل قال: الْمالُ وَ الْبَنُونَ زِينَةُ الْحَياةِ الدُّنْيا فإن الثمانية رکعات يصليها العبد آخر الليل زينة الآخرة».[27]

هن حديث ۾ زينت کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: هڪ دنيا جي زينت جيڪا مال ۽ اولاد آهي، ۽ ٻي آخرت جي زينت جيڪا باقيات صالحات آهي، ۽ اها اٺ رڪعتن واري نماز آهي جيڪا رات جي آخري حصي ۾ انجام ڏني ويندي آهي.

ڪتاب معاني اخبار ۾ امام جعفر صادق (ع) کان روايت آهي ته مال منجهان مراد زينتِ دنيا آهي ۽ ليڪن نمازِ تهجد آخرت جي زينت آهي.[28]

هيءُ اهي يارهن آيتون  آهن جيڪي نمازِ تهجد جي باري ۾ اسان هتي ذڪر ڪيون سين، البته هن کان وڌيڪ آيتون نمازِ تهجد جي باري ۾ آهن ليڪن اسان اختصار کي مدِ نظر رکندي بيان ڪيو آهي، دعا آهي ته خداوندمتعال اسان سڀني کي نمازِ تهجد پڙهن جي توفيق عطا فرمائي.

 

مددي ڪتاب



[1] وسائل الشيعه، ج4 ص:73

[2] سوره آل عمران، آيت:17

[3]  بحارالانوار، ج84 ، ص:120 ؛ باب فضل صلاۃ الليل...

[4]  مستدرڪ الوسائل، ج4 ، ص:406 ؛ باب استحباب الاستغفار...

[5]  سوره اسراء، آيت:79  

[6]  عيون‏أخبارالرضا(ع)، ج‏2 ص‏:65 ؛ بحارالأنوار، ج‏71 ص:‏383  

[7]  سوره ذاريات، آيت:18

[8] البرهان في تفسير القرآن، ج‏5، ص:159

[9] تفسير اثنا عشري، ج‏12، ص:258 

[10] تفسير منهج الصادقين في إلزام المخالفين، ج‏9، ص:33

[11]  سوره ذاريات، آيت:17   

[12] تفسير ڪنزالدقائق و بحر الغرائب، ج‏12، ص:413

[13] تفسير روح البيان، ج‏9، ص: 153

[14] سوره زمر، آيت:9

[15] تفسير روح البيان، ج8 ص:80

[16]  تفسير لاهيجي، ج3 ص:855

[17] سوره مزمل، آيت:1-3

[18] سوره آل عمران، آيت:113-114

[19] مجمع البيان في تفسير القرآن، ج‏2، ص: 815

[20]  سوره فرقان، آيت:64

[21] تفسير نمونه، ج‏15، ص: 150

[22]  سوره حديد، آيت:27

[23] علل الشرائع،ج‏2ص:363 ؛ باب: علة صلاة الليل

[24] سوره سجده، آيت:16

[25] مجمع البيان في تفسير القرآن، ج‏8، ص: 518

[26] سوره ڪهف، آيت:46

[27] البرهان في تفسير القرآن، ج‏3، ص: 640

[28] معاني الاخبار، ص:324