Get Adobe Flash player

دفعي ۽ درجي بدرجي نزول:

جڏهن اها ڳالهه وائکي ٿي ته جيڪي آيتون قرآن جو نزول رمضان المبارڪ ۾ ڄاڻائن ٿيون، تن آيتن جو بعثت سان ڪوبه واسطو ناهي، ان صورت ۾ ذهن ۾ سوال اڀرندو ته: 

’رمضان المبارڪ ۾ قرآن جو ڪهڙو نزول آهي؟‘

ان سوال جي جواب ۾ اهو چئي سگھجي ٿو ته قرآن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نازل ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته شيعه سني ٻنهي مڪتبن جي روايتن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ’قرآن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نازل ٿيو آهي.

علامه جلال الدين سيوطي لوح محفوظ تان قرآن جي نازل ٿيڻ بابت ٽي رايا ڄاڻايا آهن:

 ”پهريون ته: جيڪو سڀني کان درست ۽ مشهور آهي سو اهو ته سڄو قرآن قدر واري رات دنياوي آسمان تي نازل ٿيو ۽ پوءِ درجي بدرجي ويهن (20)، ٽيويهن (23) يا پنجويهن (25) سالن ۾ نازل ٿيندو رهيو.

 ٻيو ته: قرآن شريف، رمضان المبارڪ جي هر سال ويهين (20)، ٽيويهين (23) يا پنجويهين (25) تاريخ جي راتين ۾ دنياوي آسمان تي نازل ٿيندو رهيو؛ پوءِ پورو سال درجي دبدرجي اهي آيتون دنياوي آسمان تان نازل ٿينديون رهيون.

 ٽيون ته: رمضان المبارڪ ۾ قرآن جي نازل ٿيڻ جو مقصد هي آهي ته: قرآن جي نزول جي شروعات رمضان کان ئي ٿي؛ پوءِ درجي بدرجي نازل ٿيندو رهيو. (الاتقان، ج: 1، ص: 129- 131)

عظيم مفسر علامه طباطبائي ان سوال جو ٻئي نموني سان جواب ڏنو آهي جنهن جو تت هيٺ ڏجي ٿو:

’قرآن مجيد جون اهي آيتون جيڪي قرآن جو رمضان ۾ نازل ٿيڻ بابت ڄاڻائن ٿيون، تن تي جيڪڏهن ڀلي ڀت ويچار ڪجي ته معلوم ٿيندو ته: رمضان ۾ نزول قرآن جو مقصد اهو آهي ته سڄو قرآن هڪ ئي ڀيري رمضان المبارڪ ۾ نازل ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته انهن آيتن ۾ نزول لاءِ ’اِنزال‘ جو مادو ڪتب آندو ويو آهي، جيڪو هڪ ئي دفعي نزول کي ظاهر ڪري ٿو.‘

مٿين ڳالهه جي وضاحت ڪندي صاحب موصوف وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته: ’قرآن مجيد جو حقيقي وجود اهڙو  آَهي جيڪو اسان جي سمجھ ۽ ادراڪ کان مٿاهون آهي. جهڙيءَ ريت جي سورة هود جي پهرين آيت مان خبر پوي ٿي ته: کتابٌ اُحمکت آياتہ ثمّ فصّلت من لّدن حکيم خبير0 (اهڙو ڪتاب جنهنجون آيتون محڪم آهن ۽ پوءِ حڪمت ڀري ڄاڻوءَ وٽان کولي بيان ڪيون ويون.)

هن آيت ۾ اِحڪام (محڪم) تفصيل (کولي بيان ڪرڻ) جي مقابلي ۾ استعمال ٿيو آهي؛ تنهنڪري احڪام جو مقصد اهو آهي ته جنهن ۾ تفصيل نه هجي، ٻين لفظن ۾ چئجي ته قرآن جا هڪ مرحلي ۾ مختلف ڀاڱا نه هيا؛ ۽ اها تفصيل جيڪا آيتن ۽ سورتن جي روپ ۾ اسان قرآن ۾ ڏسون ٿا سا قرآن جي ’اِحڪام‘ واري مرحلي کان پوءِ جي آهي. سورة اعراف جي آية: 53 ۽ سورة يونس جي آية: 39 به ان ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ شاهد آهن؛ بلڪ سڀني آيتن کان وڌيڪ پڌري نموني سورة زخرف جون هيٺيون آيتون شاهد آهن:

حم0 والکتاب المبين0 انا جعلناه قرآنًا عربياً لعلکم تعقلون0 و انہٗ في ام الکتاب لدينا لعليّ حکيم0

اهي آيتون ٻڌائين ٿيون ته ڪتاب الاهي، ام الڪتاب جي صورت ۾ عربي لفظن ۾ ڪونه هو، سورتن ۽ آيتن جو تفصيل به ڪونه هئس، بلڪ انسانيت جي سمجھ خاطر عربي ٻوليءَ جو روپ ڌاريائين.

انهن آيتن ۽ ٻين آيتن جي روشنيءَ ۾ چئي سگھجي ٿو ته رمضان المبارڪ ۾ نزول قرآن جو مقصد هي آهي ته آسماني ڪتاب حقيقت جي روپ ۾ هڪ ئي دفعو پاڻ سڳورن جي دل تي نازل ٿيو جيڪو تفصيل کان آجو هئو؛ پوءِ اهو ئي قرآن تفصيل سان درجي بدرجي نبوت واري مدّت ۾ سندن دل تي نازل ٿيندو رهيو.‘ (الميزان، ج: 2، ص: 16- 18)

علامه طباطبائي صاحب هيٺين آيتن جي ذريعي پڻ استدلال ڪيو آهي:

1_ولا تعجل باالقرآن من قبل ان يقضى اليک وحيہ (ترجمو: ان کان اڳ جو انجي وحي توتي پوري ٿئي قرآن (پڙهڻ) ۾ تڪڙ نه ڪر.) (طٰہٰ، آيت: 114)

2_ولا تحرّک به لسانک لتعجل بہ انّ علينا جمعه و قرآنه (ترجمو: ان (قرآن) کي پڙهڻ لاءِ پنهنجي زبان تڪڙ ۾ نه چور، ڇاڪاڻ ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ اسان جي ذمي آهي.) (قيامت، آيت: 16، 17)

انهن ٻنهي آيتن مان پروڙ پوي ٿي ته پيغمبر اڪرمﷺ، انهن آيتن جي درجي بدرجي نازل ٿيڻ کان اڳ باخبر هئا، ڇاڪاڻ ته الله تعالى جو اهو فرمان ته ’وحيءَ جي پوري ٿيڻ کان اڳ قرآن پڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪر!‘  ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته پاڻ سڳورا انهن آيتن جي نزول کان اڳ هڪ قسم جي آشنائي رکندا هئا. (حوالو: مٿيون ساڳيو)

درجه  بدرجه نزول:

نزول جي دفعن (ڀيرن) بابت ڪجھ بحث ڪيوسين، باقي قرآن ڪريم جو درجي بدرجي نزول هڪ چٽي ۽ وائکي ڳالهه آهي:

و قرآناً فرقناه لتقراُه على الناس على مکث و نزلنا0 تنزيلاً0 (۽ قرآن کي ڀاڱا ڪري نازل ڪيوسين ته جيئن اهي ماڻهن لاءِ ڍاري ڍاري پڙهين، ۽ ان کي درجي بدرجي نازل ڪيوسين. (اسراء، آيت: 106)

و قال الذين کفروا لولانزّل عليہ القرآن جملةً واحدةً (۽ جن ڪفر ڪيو تن چيو ته قرآن مٿس هڪ ئي ڀيري نازل ڇونه ٿيو!) (……)

انهن آيتن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته قرآن هڪ ئي ڀيري نازل نه ٿيو آهي، اها ئي ڳالهه ڪافرن جي اعتراض جو سبب ٿي. نزول قرآن کي چٽو ڪندڙ آيتن مان پروڙ پئي ته قرآن جو نزول ٻه ڀيرا ٿيو آهي؛ پهريون ڀيرو رمضان المبارڪ ۾ نزول ٿيو ۽ ٻيون ڀيرو نزول درجي بدرجي نازل ٿيندو رهيو آهي، جنهن جي شروعات بعثت کان ٿي ۽ تقريباً ٽيويهن سالن ۾ پوري ٿي.

قرآن جي تدريجي  نازل ٿيڻ جو ڪارڻ:

قرآن درجي بدرجي ڇو نازل ٿيو؟ ڪافر به انهيءَ ڳالهه جو بهانو بڻائي اڪثر اعتراض ڪندا هئا. ڪافرن جي اعتراض ڪرڻ جو سبب به شايد اها ڳالهه هئي ته: ٻيا عام ماڻهن جي ساڃهه لاءِ جيڪي آسماني ڪتاب نازل ٿيا سي هڪ ئي ڀيري سان نازل ٿيا، پر واحد قرآن درجي بدرجي نازل ٿيو. البت، اسان کي به ان ڳالهه تي ويچار ڪرڻ گھرجي ته نيٺ قرآن درجي بدرجي ڇو نازل ٿيو؟

قرآن جي درجي بدرجي نزول ٿيڻ جون ڪيتريون ئي حڪمتون ۽ راز آهن، اسان هتي رڳو انهن مان ٽن حڪمتن ۽ رازن کي بيان ڪريون ٿا:

  1. قرآن، ڪافرن جي اعتراض (لولانزّل عليہ القرآن جملةً واحدةً- قرآن مٿس هڪ ئي ڀيري ڇو نه نازل ٿيو) جي جواب ۾ فرمايو: ڪذٰلڪ لنثبت بہٖ فوادڪ (اهڙيءَ ريت اسان قرآن کي درجي بدرجي نازل ڪيو) ته جيئن ان جي ذريعي تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون.
  2.  ڏکن ڏولائن، لڙائيءَ ۽ سختيءَ واري حالتن ۾ قرآن جو درجي بدرجي نزول پاڻ سڳورن جي دل جي قوت ۽ سگھ جو سبب هوندي هئي. اها ڳالهه چٽي ڏينهن وانگر پڌري آهي ته اهي آيتون جيڪي صبر ۽ ڌيرج جي سپارت ڪن ٿيون، سي جيڪڏهن هڪ ئي ڀيري نازل ٿين ها ته جيڪا اهميت ۽ اثر بحراني حالتن ۾ نازل ٿيڻ جو ٿيڻ گھرجي سو ڪڏهن به حاصل نه ٿئي ها! جيئن ڪافرن ۽ مشرڪن جون ڳالهيون کين پريشان ڪن پيون ته الله جو فرمان ته: فلا يحزنک قولهم انّا نعلم ما يسرّون وما يعلنون (سندن ڳالهه توکي غمگين نه ڪري، بيشڪ اسان سندن ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻون ٿا) وڏي دلداري هوندي هئي. البت قرآن جي انهن آيتن جو نزول جيئن پاڻ سڳورن لاءِ دلي ڏڍ هيو ائين مسلمانن جي دلي سڪون جو پڻ سبب هيو.
  3. و قرآناً فرقنا0 لتقراُه على الناس على مکث (۽ قرآن ڀاڱن ۾ نازل ڪيوسين ته جيئن ان کي ماڻهن لاءِ ڍاري ڍاري پڙهين) (اسراء، آيت: 106) اصل ۾ اسلامي معارف خصوصاً اهي جيڪي انسان جي عمل سان تعلق رکن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح اجتماعي ۽ نجي قانون جيڪي انسان جي سعادت جا ضامن آهن، جيڪڏهن درجي بدرجي بيان ڪيا وڃن ته وڌيڪ پائدار هوندا.

جيتوڻيڪ تعليم ۽ تربيت جو به سڀني کان ڀلو طريقو اهو آهي ته انهن بلند ۽ بالا ديني معارف کي آهسته آهسته بيان ڪيو وڃي. ٻئي پاسي کان اها ڳالهه به پڌري آهي ته اسلامي معارف کي بيان ڪرڻ وارو ڪتاب، قرآن مجيد آهي؛ تنهنڪري قرآن شريف جي درجي بدرجي نزول ۾ ان مصلحت جو لحاظ رکيو ويو آهي.

 4.   قرآن جي درجي بدرجي نزول جو ٻيو ڪارڻ قرآن جو تحريف کان محفوظ رهڻ آهي؛ ڇاڪاڻ ته قرآن شريف جو آهسته آهسته نزول پاڻ سڳورن جي صحابين لاءِ قرآن مجيد کي حفظ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو موقعو فراهم ڪري پيو.

قرآن مجيد جي عظيم فصاحت ۽ بلاغت هڪ حوالي کان مسلمانن جو قرآن کي حفظ ڪرڻ لاءِ ايڏو وڏو اهتمام ڪرڻ ته ٻئي پاسي کان اهڙين حالتن ۾ قرآن جو درجي بدرجي نزول، الاهي وحيءَ کي تحريف کان يقيني طور محفوظ رکڻ آهي.

قرآن جو جمع ٿيڻ:

علوم قرآن جي بحثن مان قرآن جو گڏ ٿيڻ نهايت عميق ۽ گهِرو بحث آهي ۽ هر مسلمان جي به اها خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ديني ڪتابن جي تاريخ کان واقف ٿئي. تنهنڪري ان بحث جو تاريخي خاڪو بيان ڪريو ٿا:

قرآن جي گڏ ٿيڻ جو مقصد ڇا آهي ۽ گڏ ٿيڻ جو مفهوم ڇا آهي؟ اصل ۾ جمع قرآن جا هيٺيان ٽي مقصد ٿي سگھن ٿا، هيٺ انهن جي وضاحت پيش ڪجي ٿي:

1.       قرآن جي گڏ ٿيڻ مان مراد قرآن جو حفظ ڪرڻ آهي، جيئن ته حافظ قرآن قرآن کي پنهنجي سيني ۾ گڏ ڪندو آهي، انهيءَ ڪري اسلام جي شروعاتي زماني ۾ قرآن جي حافظن کي ’جُمّاع القرآن‘ چوندا هئا. زُرقاني قرآن جي ڪتابت (لکت) ۽ حفظ بابت ڏاڍو سهڻو جملو لکيو آهي ته ”قرآن جي ڪتابت (لکت) کي سهيڙڻ مان مراد سٽن ۾ گڏ ڪرڻ آهي ۽ قرآن کي حفظ ڪرڻ مان مراد سينن ۾ گڏ ڪرڻ آهي.“

2.       قرآن جو آيتن ذريعي گڏ ٿيڻ مان مراد آهي ته صرف آيتن کي سورتن ۾ تنظيم ۽ ترتيب ڏيڻ؛ نه ڪي سورتن جي ترتيب ۽ تنظيم!

3.       قرآن جو سورتن ذريعي گڏ ٿيڻ مان مراد مڙني سورتن جو درست جڳهه تي ترتيب ڏيڻ ۽ هڪ ئي مصحف جي روپ ۾ گڏ ڪرڻ آهي.

1. قرآن جو حفظ ڪرڻ:  پيغمبر اڪرم ۽ خود امت، قرآن حفظ ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏني آهي. عرب الله تعالى جي ڏنل تيز حافظي واري نعمت سان مالا مال هئا؛ ان زماني ۾ عربن کي وڏا وڏا قصيدا زباني ياد هوندا هئا. ايستائين جو،ڪن جو حافظو ته ايترو سگھارو هوندو هيو، جو هڪ ڀيرو شعر ٻڌندا هئا ته هميشہ لاءِ ياد ڪري ڇڏيندا هئا.

ٻئي پاسي قرآن شريف جي عظيم فصاحت ۽ بلاغت، جيڪا هڪ دفعو ٻڌندڙ کي پنهنجو هميشہ لاءِ شيدائي ۽ عاشق بڻائي ڇڏيندي هئي، سي سبب ٿيون جو پاڻ سڳورن جي صحابين ان پاڪ ڪلام کي پنهنجي سيني ۾ سانڍڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڪيترائي صحابي حافظ ٿي ويا. مقصد ته جمع قرآن پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ئي ٿيو.

2. قرآن جو آيتن ذريعي گڏ ٿيڻ: قرآن جي جمع مان مراد آهي ته صرف آيتن کي سورتن ۾ تنظيم ۽ ترتيب ڏيڻ؛ نه ڪي سورتن جي ترتيب ۽ تنظيم! قرآن کي پاڻ سڳورن جي زماني ۾ لکت جي روپ ۾ آڻڻ جي ضرورت چٽي ڏينهن وانگر روشن هئي؛ ڇاڪاڻ ته، قرآن جي حافظن جي حفظ تي ئي اڪتفا نه پيو ڪري سگھجي. ٻي صورت ۾ قرآن هميشہ باقي رهڻ وارو ڪتاب هيو.

پاڻ سڳورن ان ڪتاب جي حفاظت لاءِ نهايت سگھارا قدم کنيا ۽ پنهنجي صحابين مان جيڪي اکر شناس هئا انهن کي الله جي وحيءَ جي لکڻ جي ذميواري ڏني، پوءِ جيئن جيئن قرآن جون آيتون نازل ٿينديون هيون ته پاڻ سڳورا انهن صحابين کي گھرائي الله جي وحي لکرائيندا هيا. ان ڪاتبن جي لڏي کي ’ڪُتّاب الوحي‘ چئبو هيو.

ڳالهه جو ڳر ته، جمع القرآن مذڪوره مفهوم ۾ پڻ پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ئي ٿيو. البت وڏي اچرج ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪن برک عالمن مذڪوره جمع قرآن جو پاڻ سڳورن جي زماني ۾ انڪار ڪيو آهي، ۽ اهڙي انڪار کي حقيقت ۾ سندن ڀُل ئي چئي سگھجي ٿو؛ ٻي صورت ۾ قرآن جي فصاحت ۽ بلاغت تان هٿ کڻڻو پوندو، ڇو ته فصاحت ۽ بلاغت ۾ هڪ تمام وڏو عنصر جملن جي جوڙجڪ ۽ بيهڪ جو آهي. جيڪڏهن اها جوڙجڪ ۽ بيهڪ باقي نه رهي سگھي ته يقيناً، اها فصاحت ۽ بلاغت ختم ٿي ويندي.

مذڪوره جمع القرآن لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ثابتيون آهن، پر مٿي ٻڌايل ڳالهين تي چڱيءَ ريت ويچار ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ ثابتين جي ڪابه ضرورت نه ٿي رهي.

3. قرآن جو سورتن ذريعي گڏ ٿيڻ:  قرآن جي گڏ ٿيڻ مان مراد مڙني سورتن جو درست جڳهه تي ترتيب ڏيڻ ۽ هڪ ئي مصحف جي روپ ۾ گڏ ڪرڻ وارو عمل آهي. اهو جمع قرآن پاڻ سڳورن جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ ٿيو آهي، توڙي جو ڪن عالمن جي راءِ آهي ته ’اهو جمع قرآن به پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ئي ٿي چڪو هو‘، ان راءِ جي روشنيءَ ۾ دليل به بيان ڪيا اٿن، ليڪن حقيقت اها آهي ته انهن دليلن مان رڳو ايترو ثابت ٿئي ٿو ته ’قرآن جي ڪتابت (لکت) واري مفهوم ۾ آيتن کي سورتن ۾ تنظيم ۽ ترتيب پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ئي ڏني وئي هئي. باقي قرآن هڪ مصحف جي شڪل ۾ پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ثابت نه آهي. اسان هن ڪتابڙي ۾ ڊيگھ کان لهرايون ٿا، نه ته سڀني دليلن کي بيان ڪندي انهن جي باقاعده ڇنڊڇاڻ ڪجي ها!

اسان پنهنجي راءِ جي مضبوطيءَ خاطر هت رڳو هڪ دليل ذڪر ڪريون ٿا:

پاڻ سڳورن پنهنجي آخري گھڙين ۾ عليؑ کي وصيت ڪئي ته ”منهنجي وفات کان پوءِ قرآن سهيڙجان.“

امام صادقؑ کان روايت آهي ته پيغمبر اڪرم، عليؑ کي فرمايو: ”اي علي، هي منهنجي بستري ويجھو ڪاغذن جي شڪل ۾ رکيل قرآن سهيڙجو؛ ان کي ائين ضايع نه ڪجو جيئن يهودين توريت کي ضايع ڪيو.“ (بحار، ج: 89، ص: 53؛ تاريخ القرآن، ص: 44)

اها تاريخ جي حقيقت مسلّم آهي ته امير المؤمنين عليؑ ، پاڻ سڳورن جي وصال کان پوءِ گھر ۾ ويهي قرآن کي سهيڙيو. اتي سوال اهو به ٿو اڀري ته: جيڪڏهن هڪ مصحف جي شڪل ۾ قرآن پاڻ سڳورن جي زماني ۾ ئي هيو ته پوءِ پيغمبر اڪرمﷺ جن عليؑ کي قرآن جي سهيڙڻ جي وصيت ڇو ڪئي؟

امام جعفر صادقؑ جي ڄاڻايل حديث تي غور ڪرڻ سان پروڙ پوي ٿي ته: قرآن پاڻ سڳورن جي زماني ۾ لکت جي صورت ۾ هيو، البت اها لکت ٽڙيل پکڙيل هئي ۽ ان کي هڪ مصحف ۾ گڏ ڪرڻ جي ضرورت هئي. جيڪو قرآن اڄڪلهه اسان سڀني مسلمانن جي هٿن ۾ آهي سو ساڳيو ئي قرآن آهي جيڪو پاڻ سڳورن تي نازل ڪيو ويو هو؛ البت، برک عالمن جي راءِ پٽاندر عليؑ وارو گڏ ڪيل قرآن به اهو ئي قرآن هيو، رڳو ان فرق سان ته:

·         عليؑ واري گڏ ڪيل قرآن ۾ سورتن جي ترتيب ساڳي نزول واري هئي،

·         ان مصحف جي قرئت پيغمبر اڪرمﷺ جن جي لهجي واري هئي،

·         ان مصحف ۾ آيتن جو شان نزول ۽ نزول جي نوعيت ۽ اهميت بيان ٿيل هئي،

·         آيتن جو ڪلّي پيغام پڻ چٽو ڪيل هيو. (التمهيد، ج: 1، ص: 228- 229)

قرآن شريف جي تحريف (هير ڦير):

قرآن شريف ۾ تحريف ٿي آهي يا نه؟ ان موضوع تي بحث ڪرڻ کان پهريان تحريف جي لغوي ۽ اصطلاحي معنى بيان ڪرڻ ضروري آهي.

تحريف جي لغوي معنى : ’لسان العرب‘ موجب: ڪنهن شيءِ کي پنهنجي جاءِ تان هٽائي ٻئي هنڌ رکڻ جي عمل کي تحريف چئبو آهي. جهڙيءَ ريت قرآن مجيد ۾ پڻ يهودين کي خطاب ڪيل آهي ته : ’من الّذين هادوا يحرّفون الڪلم عن مواضعہٖ‘ (النساءِ: 46) ترجمو: يهودين مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي لفظن کي پنهنجي جاءِ تان ٿيڙن ٿا.

تحريف جي اصطلاحي  اصطلاحي معني: اصطلاحي معنى پٽاندر قرآن ۾ تحريف ٽن شڪلين ۾ ٿي سگھي ٿي:

·                        قرآن شريف جي لفظن کي نه ٿيڙيندي، ان جي معنى ۽ مفهوم اهڙو ورتو وڃي جيڪو ڌڻي سڳوري جي مراد ئي نه هجي بلڪ هٿ ٺوڪيو هجي، تفسير جا ماهر ان قسم جي وضاحت کي ’تفسير باالراءِ‘ يعني من گھڙت تفسير جو نالو ڏيندا آهن. پاڻ سڳورن ۽ آئمه ؑ ان طريقي کي ڏاڍو ننديو آهي، روايتن ۾ پنهنجي راءِ موجب ۽ من گھڙت تفسير ڪندڙ جو ٺڪاڻو دوزخ ٻڌايو ويو آهي. بدقسمتيءَ سان اهڙي قسم جي تحريف قرآن ۾ اڃا تائين ڪئي وڃي ٿي ۽ اڻڄاڻ ماڻهو پنهنجن نندڻ جوڳن ارادن جي تڪميل لاءِ قرآني آيتن جو من پسند تفسير ڪندا رهن ٿا.

·            تحريف قرآن جي ٻين صورت اها ٿي سگھي ٿي ته قرآن ۾ اهڙا ڌاريا جملا جيڪي قرآن جو حصو نه هجن، تن کي قرآني آيتن جي حيثيت سان قرآن ۾ داخل ڪيو وڃي. حقيقت ۾ مڙني مسلمانن جو ان ڳالهه تي يقين آهي ته: قرآن شريف اهڙي قسم جي تحريف کان محفوظ آهي ۽ ان ۾ ڪوبه ڌاريو لفظ يا جملو نه آهي. سمورن مسلمانن جي اجماع کان سواءِ عقلي ثابتي پڻ پيش ڪري سگھجي ٿي، جيڪا هن ريت آهي:

مسلمانن قرآن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ياد ڪرڻ کي وڏي اهميت ڏني آهي، ان صورت ۾ جيڪڏهن قرآن ۾ ڪي ڌاريا جملا يا لفظ اچن ها ته سڀني اڳيان اها ڳالهه پڌري ٿي پوي ها ۽ ان کي ڪوبه ڪونه قبولي ها! ان کان علاوه، قرآن مجيد جي فصاحت ۽ بلاغت پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ڪوبه ڪلام ڀلي ڪيڏو به فصيح يا بليغ ڇونه هجي، پر جيڪڏهن ان ڪلام جي وچ ۾ قرآن شريف جي ڪا آيت هوندي ته اها آيت اونداهيءَ ۾ ڏيئي مثل آهي. هاڻي جيڪڏهن فرض ڪجي ته قرآن ۾ ڪي ڌاريا جملا يا لفظ اچي ويا آهن ته اهي قرآن جي آيتن سان اصل ٺهڪندا ئي ڪونه، بلڪ پڌرا ٿي پوندا!

·         تحريف قرآن جي ٽين صورت اها ٿي سگھي ٿي ته قرآن شريف مان مبادا ڪي آيتون يا سورتون، يا آيتن منجھان ڪي لفظ ضايع ڪيا ويا هجن! ان قسم جي تحريف بابت اختلاف راءِ آهي، ليڪن هاڪارن ۽ برک عالمن ان قسم جي تحريف جي امڪان کي به رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان پڻ ان راءِ لاءِ قرآن جي واضح اشارن، روايتن ۽ مختصر عقلي دليلن  کي بيان ڪريون ٿا.

قرآني دليل:

  • پهرين آيت: اِنّا نحن نزلنا الذّکر و انّا لہٗ لحافظون (حجر : 9)

ترجمو: بيشڪ اسان ئي ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ۽ اسان ئي ان جا محافظ آهيون.

آيت جي سياق و سباق مان اها ڳالهه پڌري آهي ته ذڪر مان مراد ’قرآن‘ ئي آهي. هاڻي جڏهن ذڪر مان مراد قرآن ئي آهي ته پوءِ آيت چٽي ڏينهن وانگر ٻڌائي ٿي ته قرآن هر قسم جي هير ڦير کان محفوظ آهي ۽ ان ڪوبه ماڻهو گھٽ وڌ ڪرڻ جي سگھ نه ٿو ساري سگھي؛ ڇو ته قرآن جي محفوظ هجڻ جي ذميواري الله سائينءَ پنهنجي ذمي کنئي آهي.

  • ٻين آيت: انّہٗ لکتابٌ عزيز0 لاياتيہ الباطل من بين يديہ ولا من خلقہ تنزيل من حکيم حميد.

(حٰم السجدة: 41، 42)

ترجمو: بيشڪ هي غالب ڪتاب آهي جنهن جي اڳيان توڙي پٺيان ڪوبه باطل اچي نه سگھندو، (ڇاڪاڻ ته هي) ڏاهپ واري ساراهيل (الله) کان ڀيڄيل آهي.

هن آيت سڳوري جو مفهوم هي آهي ته هرقسم جو ناحق ۽ باطل قرآن کان پري آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪنهن شيءِ جي اصل هستيءَ جي نفي (نهڪر) ڪئي ويندي ته پوءِ ان جا سمورا قسم به پاڻهرتو ختم ٿي ويندا ۽ اها ڳالهه پڌري آهي ته تحريف يا هير ڦير پڻ باطل ۽ ناحق جو هڪ قسم آهي؛ نتيجةً، قرآن تحريف يا هيرڦير کان بچيل آهي.

روائي دليل:

قرآن شريف جي محفوظ هجڻ لاءِ ڪيتريون ئي حديثون آهن، اسان هت رڳو حديثن جي ڪن گلدستن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا:

·               (الف): ڪافي روايتن ۽ حديثن ۾ آئمه معصومين جي عملي سيرت پٽاندر ڄاڻايو ويو آهي ته پاڻ ڪنهن به موضوع جي وضاحت خاطر قرآن مان استفادو ۽ استدلال ڪرڻ لاءِ هميشہ رائج ڪيل قرآن جي آيتن جو ئي سهارو وٺندا هئا. ان بعد ڪڏهن به ڪنهن عالم ائين ڪونه چيو ته: ’متان اها آيت کٽل هجي يا ان جو ڪو حصو ضايع ٿيل هجي!‘ اهل بيت اَطهار جي اها قرآن مان استفادي ۽ استدلال واري عملي سيرت هڪ وڏي ثابتي آهي ته قرآن تحريف يا هيرڦير کان محفوظ رهيو آهي.

·               (ب) روايتن ۽ حديثن جو اهو گلدستو جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: جڏهن به فتنا ۽ فساد، ڪارن ڪڪرن وانگر اوهان تي ڇانئجي وڃن ته پوءِ ڦڏن ۽ فسادن کان بچڻ لاءِ قرآن جي پناه ۾ اچو.

هاڻي انهن روايتن ۽ حديثن جي معنى ۽ مفهوم کي نظر ۾ رکندي اوهان ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن ان قرآن ۾ تحريف يا هيرڦير ٿئي ها ته پوءِ اهو قرآن اسان کي فتنن ۽ فسادن کان ڪيئن ڇوٽڪارو ڏئي سگھي ها! نتيجةً، اهو مڃڻو پوندو ته قرآن تحريف يا هيرڦير کان محفوظ رهيو آهي.

·               (ج) روايتن ۽ حديثن جو اهو گلدستو جن ۾ کوٽيُن ۽ کريُن روايتن جو اها معيار ڄاڻايو ويو آهي ته: انهن روايتن ۽ حديثن کي قرآن سان ڀيٽيو، جيڪڏهن انهن جو مفهوم قرآن جي مطابق آهي ته انهن کي درست ڄاڻو ۽ جيڪڏهن ٽڪراءَ ۾ اچن ٿيون تن کي کڻي ڀت تي وهائي ڪڍو.

هاڻي جيڪڏهن قرآن ۾ ئي تحريف يا هيرڦير هجي ته اهو قرآن روايتن ۽ حديثن لاءِ ميزان يا ڪسوٽي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟

·               (د) روايتن ۽ حديثن جو اهو گلدستو جن ۾ گمراهيءَ ۽ ضلالت کان بچڻ لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته: قرآن ۽ اهلبيت جي پلوَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو.

انهن روايتن جي مفهوم کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن قرآن ۾ تحريف يا هيرڦير واري خيال کي مڃيو وڃي ته گمراهيءَ کان بچڻ لاءِ قرآن جو پلئه پڪڙڻ ضروري نه هجي ها! ڇاڪاڻ ته جيڪو قرآن گمراهيءَ کي بچائيندڙ آهي اهو قرآن ته ماڻهن تحريف يا هيرڦير ڪري ضايع ڪري ڇڏيو!

ان صورت ۾ موجوده قرآن گمراهيءَ کان ڪيئن ٿو بچائي سگھي؟ نتيجةً، اهو مڃڻو پوندو ته قرآن تحريف يا هيرڦير کان آجو آهي.

عقلي دليل:

·               (الف) قرآن شريف پاڻ سڳورن جي نبوت لاءِ دليل آهي ۽ پاڻ سڳورن جي نبوت ڏينهن قيام تائين نيبهه رهڻي آهي، ته پوءِ دليل کي به قيامت تائين باقي هجڻ گهرجي! هاڻي جيڪڏهن قرآن شريف ۾ تحريف واري خيال کي مڃجي به کڻي، ته پوءِ قرآن پاڻ سڳورن جي نبوت لاءِ ڪيئن ٿو دليل ٿي سگھي؟ ڳالهه جو ڳر اهو ته قرآن هرقسم جي تحريف کان پاڪ آهي.

·               (ب) قرآن شريف ساڃهه ۽ هدايت طور نازل ڪيو ويو؛ جيڪڏهن قرآن ۾ تحريف ۽ هيرڦير ٿي هجي ها ته پوءِ اهو هدايت ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي وهي ها! جڏهن ته قرآن قيامت تائين انسانيت لاءِ هدايت آهي ته پوءِ مڃڻو پوندو ته قرآن تحريف يا هيرڦير کان محفوظ آهي.

آخر ۾ اسان شيعه عالمن مان ڪن برک عالمن جا نالا ڄاڻايون ٿا جيڪي ’قرآن جو تحريف کان محفوظ هجڻ‘ وارو رايو رکن ٿا:

1.       شيخ المحدثين، ابو جعفر محمد بن علي بن الحسين الصدوقؒ

2.       عميد الطائفة، محمد بن نعمان المفيد ؒ

3.       الشريف المرتضى، علي بن الحسين علم الهدىؒ

4.       شيخ الطائفة، ابو جعفر محمد بن الحسن الطوسيؒ

5.       امين الاسلام، فضلل بن الحسن الطبرسيؒ

6.       علّامه حليؒ

7.       محقق اردبيليؒ

8.       شيخ جعفر ڪاشف الغطاءؒ

9.       السيد شرف الدين العامليؒ

۽ ٻيا ويجھڙائيءَ واري دؤر جا ڪيترائي ناميارا عالم جهڙوڪ امام خمينيؒ، آية الله خوئيؒ ۽ علّامه محمد حسين طباطبائيؒ  وغيره.

آخر ايترو ضرور چئبو ته کوڙ ساٿرن محققن ۽ عالمن جي تحقيقي راءِ جي باوجود ڪن سطحي عالمن ضعيف حديثن آڌار شيعه مذهب ڏانهن ’تحريف قرآن واري راءِ رکڻ‘ جي نسبت ڏني آهي؛ جڏهن ته اهڙيون ڪي روايتون جيڪي تحريف قرآن کي بيان ڪن ٿيون، خود اهل سنت جي معتبر ڪتابن ۾ پڻ ملن ٿيون. وڌيڪ تحقيق لاءِ آية الله خوئيؒ صاحب جن جو ’البيان في تفسير القرآن‘ ڏسڻ جو مشورو ڏجي ٿو.

                                                                                               

پورو ٿيو.

 

 

 

 

 

 

 

 

حوالاتي ڪتاب:

  1.  الاتقان في علوم القرآن- جلال الدين عبدالرحمٰن ابوبڪر سيوطي- دار ابن ڪثير بيروت.
  2.  اصول ڪافي- محمد بن يعقوب ڪليني- تصحيح علي اڪبر غفاري- دفتر انتشارات اسلامي قم.
  3.  البرهان في علوم القرآن- محمد بن بهادر عبدالله زرڪشي- دارالمعرفة بيروت.
  4.  البيان في تفسير القرآن ابوالقاسم خوئي- انوار الهدى تهران.
  5.  تاريخ القرآن- ابو عبدالله زنجاني- تحقيق محمد عبدالرحيم- دارالحڪمة دمشق.
  6.  التمهيد في علوم القرآن- محمد هادي معرفت- دفتر انتشارات اسلامي قم.
  7.  درسنامهء علوم القرآن- حسين جوان آراسته- دفتر انتشارات اسلامي قم.
  8.  روض الجنان و روح الجنان في تفسير القرآن- ابوالفتوح رازي- بنياد پزوهشهائ اسلامي قم.
  9.  قرآن در اسلام- محمد حسين طباطبائي- دفتر تبليغات اسلامي قم.
  10.  قرآن در قرآن- آية الله جوادي املي- مرڪز نشر اسراء قم.
  11.  لسان العرب- ابن منظور افريقي- دارالڪتب العلميه بيروت.
  12.  مڪتب تشيع ۽ قرآن- علي شرف الدين موسوي- اصغريه پبليڪيشنز سنڌ.
  13. مناهل العرفان في علوم القرآن- محمد عبدالعظيم زرقاني- دار الاحياء الڪتاب العربيہ قاهره.
  14.  الميزان في تفسير القرآن- محمد حسين طباطبائي- مؤسسة الاعلمي بيروت.

 

***********