Get Adobe Flash player

 

مفسرن ۽ قرآن جي ڄاڻن قرآن شريف جي اسماء مبارڪ جو جيڪو تعداد ڄاڻايو آهي، تنهن ۾ ڪي قدر اختلاف آهي. ابوالفُتوح رازي پنهنجي تفسير ۾ قرآن جا 43 نالا ڳڻايا آهن (روض الجنان، ج: 1، ص: 8) زرڪشي (البرهان، ج: 1، ص: 371)، قاضي ابوالمعالي کان 55 نالا نقل ڪيا آهن، جڏهن ته وري ڪن جو رايو آهي ته قرآن جا 80 نالا آهن. (تاريخ القرآن، ص:31)

مذڪوره دانشورن جيڪي نالا قرآن جي حوالي طور ڄاڻايا آهن، سي گھڻي قدر قرآن جي خاصيت طور ڪتب آندا ويا آهن. نالي ۽ خاصيت ۾ وڇوٽي نه ڪرڻ سبب مختلف رايا سامهون اچن ٿا.

(الف) قرآن جا ذاتي  نالا:  قرآن جي مختلف عنوانن مان، چار عنوان پڪ ساڻ قرآن جي نالي طور ڪم آندا ويا آهن:

(1) قرآن: بل هو قرآن مجيد  ترجمو: ’بلڪ اهو قرآن سڳورو آهي.‘ (بروج، آيت: 21)

(2) ڪتاب: ’ڪتاب انزلناه اليڪ‘  ترجمو: ’هي ڪتاب آهي جنهن کي تو تي لاٿو اٿئون‘ (ص، آيت: 29)

(3) ذڪر: ’هٰذا ذڪر مبارڪ  ‘هي برڪت ڀري فهمائش آهي‘ (انبياء، آيت: 50)

(4) فرقان: ’تبارڪ الذي نزّل الفرقان على عبده‘. (برڪت ڀري آهي اها ذات جنهن پنهنجي ٻانهي تي حق ناحق جو سنڌو ڪندڙ نازل ڪيو‘ (فرقان، آيت: 1)

انهن چئن نالن مان ٽي نالا: ڪتاب، ذڪر ۽ فرقان ٻين آسماني ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيا آهن، رڳو هڪ نالو ’قرآن‘ موجوده آسماني ڪتاب لاءِ اسم خاص طور ڪم آندو ويو آهي.

(ب) قرآن جا صفاتي نالا: اسان ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري چڪا آهيون ته قرآن جي صفاتي نالن بابت دانشورن ۾ اختلاف آهن؛ تنهنڪري هت رڳو انهن نالن جو ذڪر ڪبو جيڪي قرآن ۾ قرآن جي صفتن بابت ڄاڻايل آهن:

1. مجيد: ق 0 والقرآن المجيد ترجمو: ’قاف، قرآن ڀلاري جو قسم!‘ (ق، آيت: 1)

2.  ڪريم: اِنه القرآن کريم ترجمو: ’پڪ سان اهو سڳورو قرآن آهي.‘ (واقعه، آيت: 77)

3.  حڪيم: يٰس 0 والقرآن الحکيم ترجمو: يٰس، قسم آهي ڏاهپ ڀرئي قرآن جو!‘ (يٰس، آيت: 36)

4. عظيم: ولقد اٰتينٰک سبعا من المثاني والقرآن العظيم ترجمو: ’بيشڪ توکي هرهر پڙهندڙ ست آيتون (فاتحه) ۽ قرآن ڏنوسون‘  (حجر، آيت: 87)

5. عزيز: اِنّہ الکتاب عزيز لاَياتيہ الباطل ترجمو: ’بيشڪ اهو غالب ڪتاب آهي، ناحق جنهن جي ويجھو ئي نه ٿو اچي سگھي‘ (فصلت، آيت: 41)

6. مبارڪ: هٰذا ذکر مبارکترجمو: ’هي برڪت ڀري فهمائش آهي‘ (انبياء، آيت: 50)

7. مبين: تلک آيات الکتاب و قرآن مبين ترجمو: ’اهي ڪتاب ۽ پڌري ڪندڙ قرآن جون آيتون آهن‘  (حجر، آيت: 1)

8. متشابه: الله نزّل احسن الحديث کتاباً متشابها ترجمو: ’الله سڀني کان سٺي ملندڙ جلندڙ ڳالهه ڪتاب جي شڪل ۾ موڪلي.‘ (زمر، آيت: 23)

9. مثاني: الله  نزّل احسن الحديث کتاباً متشابها مثاني ترجمو: ’الله سڀني کان سٺي هرهر پڙهندڙ (۽) ملندڙ جلندڙ ڳالهه ڪتاب جي شڪل ۾ موڪلي.‘  (زمر، آيت: 23)

10.    عربي: انّا انزلنا 0 قرآناً عربيّا لعلّکم تعقلون  ترجمو: ’بيشڪ ان کي عربي قرآن جي روپ ۾ لاٿو اٿئون، ته هوند اوهان ويچار ڪريو‘ (يوسف، آيت: 2)

11.    غير ذي عِوَج: قرآناً عربيّا غير ذي عوجترجمو: ’عربي قرآن جيڪو ٽيڙائيءَ کان سواءِ‘ (زمر، آيت: 28)

12.   ذِي الذّڪر: ص 0 والقرآن ذي الذرترجمو: ’صاد، نصيحت ڀرئي قرآن جو قسم آهي‘ (ص، آيت: 1)

13.    بشير: کتاب فُصّلت آياتہ.... بشيراًترجمو: ’هي اهو ڪتاب آهي جنهن جي آيتن کي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي… هي خوشخبري ڏيندڙ آهي.‘ (فصلت، آيت: 2 ، 3)

14.    نذير: کتاب فصّلت آياتہ .... بشيراً نذيرا ترجمو: ’هي اهو ڪتاب آهي جنهن جي آيتن کي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي… هي خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ آهي‘ (فصلت، آيت: 2،3)

15.  قيّم: الحمد لله الذي انزل على عبده الکتاب ...قيّماًترجمو: ’سڀ واکاڻ الله جي لاءِ جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب نازل ڪيو… جيڪو قائم رهندڙ ۽ ڪندڙ آهي‘ (ڪهف، آيت: 1، 2)

 

لفظ ’قرآن‘ جي لغوي اکيڙ:

قرآن جي مڙني نالن ۽ خاصيتن جا مفهوم ۽ وضاحتون بيان ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ڪتاب جي گھرج آهي؛ پر جيئن ته اسان جو مقصد قرآني علمن بابت نهايت مختصر ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي، ان لاءِ هتي صرف قرآن شريف جي نالن ۽ خاصيتن مان رڳو لفظ ’قرآن‘ بابت وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

البرهان (ج: 1، ص: 373) ۽ الاتقان (ج: 1، ص: 162) ۾ مختلف راين سان لفظ قرآن جا جيڪي ڌاتو ۽ معنائون ڏنيون ويون آهن، تن کي هن ريت ڄاڻائجي ٿو:

·            هڪ راءِ موجب: لفظ’قرآن‘ اسم جامد آهي، الله تعالى لفظ ’قرآن‘ ان وحيءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو، جيڪا پاڻ سڳورن ڏانهن ڀيڄيائون؛ ان کان اڳ مذڪوره لفظ عربي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪونه ٿيندو هيو.

·            ٻين راءِ موجب، (الف): لفظ ’قرآن‘ اسم مُشتَق آهي، پر مهموز (همزي وارو) ناهي. هڪ راءِ موجب: لفظ قرآن ’قرن الشيء باالشيء‘ (هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ سان ملائڻ) مان ورتل آهي. قرآن جو اهو نالو ان ڪري رکيو ويو هوندو جو قرآن جون سورتون، آيتون ۽ لفظ وغيره هڪٻئي سان مليل ۽ يڪجا ڪيل آهن.

(ب): ’قرآن‘، ’قرآئن‘ مان ورتل آهي، قرآئن، ’قرينه‘ جو جمع آهي، قرينه يعني: نشان، علامت، شاهد. قرآن جو اهو نالو ان ڪري رکيو ويو هوندو، جو قرآن جي هر آيت ٻين آيتن لاءِ شاهد آهي.

·            ٽين راءِ موجب، (الف): لفظ ’قرآن‘ اسم مُشتَق ۽ مهموز (همزي وارو) آهي. قرآن ’قراء‘ مان ورتل آهي. قراء يعني: گڏ ڪرڻ. عرب جڏهن اهو چوڻ چاهيندا آهن ته ’پاڻي حوض ۾ گڏ ٿيو‘ ته چوندا آهن: ’قراءت الماء في الحوض‘. قرآن جو اهو نالو ان ڪري رکيو ويو هوندو، جو قرآن ۾ اڳين سڀني آسماني ڪتابن جي حقيقتن ۽ حڪايتن جو نچوڙ گڏ ڪيل آهي.

(ب) لفظ ’قرآن‘، ’رجحان‘ ۽ ’غفران‘ جي وزن تي آهي، ۽ قراء (يعني پڙهڻ) مان ورتل آهي؛ هتي قرآن، ’مقروءَ‘ يعني پڙهيل جي معنى ۾ آهي. عربي ٻوليءَ ۾ گھڻي ڀاڱي مصدر، اسم مفعول جي معنى ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي.

منهنجي سمجھ آهر ڄاڻايل مڙني راين مان آخري رايو وڌيڪ سگھارو آهي.

 

’قرآن’ تي ان نالي هجڻ جو ڪارڻ:

ان راز کي سمجھڻ لاءِ اسان مختصر هن ريت چئي سگھون ٿا ته: قرآن هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا لفظن جي قيد ۾ سمائي نٿي سگھجي. قرآن جا مضمون نهايت اعلى ۽ مٿانهان آهن، جڏهن ته لفظَ مادي امورن (ظاهري حڪمن) لاءِ جوڙيا ويا آهن، تنهنڪري لفظن ۾ اها سگھ ناهي ته انهن اعلى ۽ بلند مضمونن کي پوري جو پورو بيان ڪري سگھن يا اها پوري ڪيفيت سمائي سگھن!

الله تبارڪ و تعالى انهن اعلى ۽ بلند معارف ۽ مضمونن کي عام ماڻهوءَ جي سمجھڻ لاءِ آسان ڪيو ته جيئن قراءت يا پڙهائيءَ ۾ اچن ۽ عام ماڻهو انهن عنوانن ۽ مضمونن کي سمجھي سگهي. عظيم مفسّر علامه طباطبائيؒ ان ڳالهه ڏانهن اشارو سورة زخرف جي آيت: 3- 4 ’انّا جعلنا قرآناً عربيّاً لعلّڪم تعقلون و انّہ في امّ الڪتاب لدينا لعليّ حڪيم‘ جي تفسير  ۾ بيان ڪندي ڄاڻايو آهي ته: ”امّ الڪتاب مان مراد لوح محفوظ آهي ۽ لوح محفوظ کي ’امّ الڪتاب‘ ان ڪري چيو ويو آهي جو سڀني آسماني ڪتابن جو بنياد ۽ اصل ’لوح محفوظ‘ ئي آهي. ’عليّ‘ جو مفهوم هي آهي ته قرآن مقام ۽ منزلت جي لحاظ کان تمام گھڻو اتم آهي، جنهن سبب ان تائين عقل جي پهچ ممڪن ناهي. ’حڪيم‘ جو مفهوم هي آهي ته: قرآن پنهنجي پهرئين مقام تي سورتن، آيتن ۽ لفظن جي ورڇ ورهاست کان مٿانهون آهي. پر هيءَ سورتن، آيتن ۽ لفظن جي ونڊ ورڇ ان صورت ۾ وجود ۾ آئي، جو قرآنَ عربي ٻوليءَ جو روپ ڌاريو. (الميزان، ج: 18، ص: 84))

مٿئين ڄاڻايل مختصر حوالي مان ان ڳالهه جي پروڙ پوي ٿي ته قرآن شريف جو ’قرآن‘ نالو ان ڪري رکيو ويو جو اها حقيقت جيڪا اسان جي سامهون لفظن جي روپ ۾ آهي، دراصل لوح محفوظ ۾ هر قسم جي ونڊ ورڇ کان سواءِ موجود هئي؛ جڏهن الله سائينءَ ان بسيط ۽ اعلى حقيقت کي عام ماڻهوءَ جي رهنمائيءَ ۽ ان جي جاکوڙڻ واري اڃ اجھائڻ لاءِ لفظن ۽ عبارتن جي پيڪر ۾ آندو ته ’قرآن‘ (يعني پڙهڻ جوڳو) بڻجي ويو.

قرآن جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ جو ڪارڻ:

  قرآن عربي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ ستن جاين تي ’قرآن عربي‘، ٽن جاين تي ’لسان عربي‘ ۽ هڪ جاءِ تي ’حڪم عربي‘ جي اشارن سان مذڪور آهي. اصل موضوع جي جاچ پڙتال کان اڳ اسان هڪ بنيادي قانون ڏانهن اشارو ڪريون ٿا، جيڪو قانون پاڻ قرآن به بيان ڪيو آهي. يعني رسولن ۽ نبين کي جن جن قومن ۽ امتن ڏي موڪليو ويو تن کي اهائي ٻولي عطا ڪئي وئي، جيڪا ان قوم ۽ ملّت جي ٻولي هئي. سورة ابراهيم جي آيت: 4 ۾ ڌڻي سڳوري فرمايو آهي ته:

وما ارسلنا من رّسول الّا بلسان قومہٖ لبيّن لهم(ترجمو: ۽ اسان ڪنهن به رسول کي سندس قوم جي ٻوليءَ کان سواءِ ناهي موڪليو ته جيئن انهن لاءِ (حقيقتون) وائکيون ڪن.)

الله تبارڪ و تعالى جو اهو قانون مڙني آسماني ڪتابن جي نازل ڪرڻ ۾ پڻ جاري ساري رهيو آهي. سورة شورى جي آيت: 7 ۾ ارشاد آهي ته:

وکذٰلک اَو حينا اِليک قرآناً عربيا لتنذر اُمّ القرى ومن حولها (۽ اهڙي ريت اسان عربيءَ ۾ قرآن  توتي وحي ڪيوسين ته جيئن مڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن کي خبردار ڪرين!)

ان قانون مطابق قرآن جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ هڪ فطري ڳالهه تي پئي؛ ڇاڪاڻ ته پاڻ سڳورا اهڙي قوم ۾ نبي بڻجي آيا جن جي ٻولي عربي هئي. البت، ان ڳالهه جو مقصد اهو بنهه ناهي ته پاڻ سڳورن جي رسالت ڪا عالمي نه آهي ۽ رڳو عربن لاءِ آهي؛ پر جيئن ته سورة شورى ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ’مڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن کي ڪن کڻاءِ‘ اهو رڳو ان لاءِ هيو ته پاڻ سڳورن کي پنهنجي عالمي رسالت جي شروعات في الحال مڪي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن کان شروع ڪرڻ جو حڪم هيو! ٻي صورت ۾، سندن رسالت عالمي- هر قوم ۽ هر زماني لاءِ آهي ۽ پاڻ ’هدًي اللناس‘ بڻجي آيا.

قرآن جو عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ جي راز کي سمجھڻ لاءِ ماهرن جا رايا پڻ ويچار جوڳا آهن. ٻولين جي ڄاڻن جو رايو آهي ته: عربي ٻولي تمام گھڻي ڪشادي ۽ پکڙيل آهي، تنهنڪري ٻين ٻولين کان وڌيڪ سگھاري آهي. مثلاً، عربي ٻوليءَ ۾ ’فعلن‘ جا لفظ، چوڏهن آهن، جڏهن ته عام طور ٻين ٻولين ۾ ’فعلن‘ لاءِ ڇهه لفظ هوندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت مؤنث، مذڪر، اسم ۽ ضميرن لاءِ به ائين ئي گھڻا لفظ آهن. اهو ئي سبب آهي جو عربي ٻوليءَ جي فصاحت ۽ بلاغت به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، شايد انهيءَ ڪري روايتن ۾ نقل ٿيو آهي ته يبين الا لسن ولا تبينہ الا لسن(عربي ٻولي ٻين ٻولين کي ته بيان ڪري سگھي ٿي، پر ٻيون ٻوليون عربي ٻوليءَ کي بيان ڪري نه ٿيون سگھن.) (اصول ڪافي، ج: 2، ص: .....)

الله سائينءَ پنهنجي پڇاڙڪي آسماني ڪتاب لاءِ، سڀني کان برتر ٻوليءَ جو انتخاب ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان پڇاڙڪي ڪتاب کي قيامت تائين معجزي طور باقي رهڻو آهي. الله تبارڪ و تعالى قرآن جي عربي هجڻ جي نسبت به پاڻ ڏانهن ڪندي فرمايو آهي:

انّا انزلنا قرآناً عربيّا لعلّکم تعقلون.‘ (پڪ ڄاڻو ته، اسان ان قرآن کي عربي ٻوليءَ ۾ لاٿو، ته جيئن اوهان ويچار ڪري سگھو). (يوسف، آيت: 2)

انّا جعلنا قرآناً عربياً لعلکم تعقلون. (جائي پائي، اسان ان قرآن کي عربي صورت ڏني، ته جيئن اوهان پنهنجي عقل ۾ وهاري سگھو). (زخرف، آيت: 3)

کذٰلک انزلنا حکما عربياً (اهڙيءَ ريت اسان حڪمن کي عربي صورت ۾ ڀيڄيو). (رعد، آيت: 37)

بلسان عربي مبين ( هي واضح عربي ٻوليءَ ۾ آهي). (نحل، آيت: 103)

 

لفظ ’وحي‘ لغت جي روشنيءَ ۾:

لفظ ’قرآن‘ ۽  ’وحيءَ‘ جو پاڻ ۾ نهايت گھاٽو لاڳاپو آهي، ڇاڪاڻ ته قرآن جي آيتن جي نازل ٿيڻ جو ذريعو ’وحي‘ ئي آهي. انلاءِ، هتي لفظ ’وحيءَ‘ بابت ڪجھ مباحث ذڪر ڪريون ٿا:

لفظ ’وحيءَ‘ بابت ابن منظور ’لسان العرب‘ ۾ لکي ٿو ته: ”الوحي الاشارة والکتابة والرسالة والالهام والکلام الخفي وکلما اَلقيته الى غيرک ، و وحى اليہ و اوحى اي  کلمہ بکلام يخفيه من غيره. (وحي يعني اشارو ڪرڻ، لکڻ، موڪلڻ، الهام، ڍڪي ڳالهائڻ ۽ هر اها شيءِ جيڪا ٻئي کي بيان ڪئي وڃي، ٻين لفظن ۾ ’وحى اليہ و اُوحى‘ يعني هن سان ٻين کان ڍڪي ڳالهايائين.)“

مذڪوره لفظ جي وضاحت بابت راغب اصفهاني ’مفردات قرآن‘ ۾ لکي ٿو: ”وحي تيز ۽ تکي اشاري کي چئبو آهي، تنهنڪري هر اهو ڪم جيڪو تيز ۽ تکو هجي، ان کي وحي چوندا آهن ۽ اهو (اشارو) رمز ۽ مام واري ڪلام ۾ هجي يا لفظن ۽ اکرن کان خالي آوازن جي شڪل ۾ هجي يا بدن جي ڪنهن عضوي جي وسيلي سان هجي يا لکڻ جي وسيلي هجي.

لفظ ’وحيءَ‘ جي اصطلاحي معنى ۽ مفهوم:

’وحي‘ پيغمبرن جو هڪ اهڙو معنوي ۽ روحاني ڳانڍاپو آهي، جنهن جي وسيلي سان پيغمبر آسماني پيغام ڳنهندا آهن.

لفظ ’وحي‘ قرآن جي روشنيءَ ۾:

 قرآن شريف ۾ لفظ ’وحي‘ ڪافي وسعت ۾ ڪتب آيو آهي، فرشتن، شيطانن، انسانن، حيوانن ۽ زمين لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي؛ البته، ان لفظ جو گھڻو استعمال ان وحيءَ جي باري ۾ ٿيو آهي جيڪا الله تبارڪ و تعالى پنهنجي پيغمبرن تي نازل ڪندو آهي، انشاء الله ان جي باري ۾ وڌيڪ ذڪر ڪنداسين. هيٺ نموني طور قرآن ۾ وحي جا استعمال بيان ڪريون ٿا:

(الف) فرشتن ڏانهن روحاني الهام ڪرڻ: ’و اذ يُوصى ربّڪ الى الملائڪة اَنّي معڪم‘ (جڏهن تنهنجي نپائڻهار فرشتن تي وحي ڪئي ته بيشڪ مان توهان سان گڏ آهيان.) (انفال، آيت:12)

(ب) انسان ڏانهن روحاني الهام ڪرڻ: ’و اوحينا الى امّ موسى ان ارضيہ‘ (۽ موسى جي امڙ تي وحي ڪئي ته تون ان کي ٿڃ پيار!) (قصص، آيت: 7)

(ج) بي جان شين ڏانهن روحاني الهام ڪرڻ: يومئذ تحدث اخبارها باَنّ ربّک اوحى لها (ان ڏهاڙي (زمين) پنهنجون ڳالهيون ظاهر ڪندي (جهڙيءَ ريت) تنهنجي نپائڻهار مٿس وحي ڪئي.) (زلزلہ، آيت:4، 5)

(د) شيطاني وسوسو: وکذٰلک جعلنا لکلّ نبي عدوّا شياطين الانس و الجن يُوصا بعضهم الى بعض (اهڙي ريت هر نبيءَ جا انسانن ۽ جنن مان شيطان سندس ويري قرار ڏناسين، جيڪي هڪڙا ٻين ڏي وحي ڪن ٿا.) (انعام، آيت:112)

(هه) اشارو: فخرج على قومہ من المحراب فاوحى اليهم ان سبّحوا بکرةً و عشيّا.‘ (ته پوءِ محراب مان پنهنجي قوم ڏانهن آيو ۽ کين اشارو ڪيائين ته ڏينهن رات (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو) (مريم، آيت:11)

(و) جبلت: و اوحى ربّک الى النحل (تنهنجي تاتڻهار ماکيءَ جي مک ڏانهن وحي ڪئي). (نحل، آيت:68)

عظيم مفسر علامه طبا طبائي صاحب لکي ٿو: ”وحي جي استعمال مان پروڙ پوي ٿي ته لفظ وحي مان مراد اهڙي نموني سان ڪا ڳالهه ڪرڻ جو ٻئي کان اها ڳجهي هجي. ان بنياد تي ڪنهن حيوان کي ان جي جبلت پٽاندر، ڪنهن ڳالهه جي الهام ڪرڻ کي وحي چئجي ٿو؛ ۽ اهڙي نموني ڪنهن ڳالهه جو انساني نفس ۾ (سورت قصص پٽاندر) خواب جي ذريعي يا (سورت مريم پٽاندر) وسوسي يا اشاري  جي ذريعي سان اچڻ کي پڻ وحي چئبو آهي.“ (الميزان، ج: 12، ص: 292)

نبوي وحي ۽ ان جا قسم:

وحي جي قسمن مان سڀني کان مشهور قسم پيغمبرن تي وحي ڪرڻ آهي. قرآن شريف ۾ اهو لفظ ۽ ان مان ورتل لفظ لڳ ڀڳ ستر دفعا پيغمبرن تي لاٿل وحي جي باري ۾ استعمال ٿيو آهي.

’وحي‘ ڇا آهي؟ سچ ته اهو آهي ته ان وحي جي ڪيفيت ۽ حقيقت کي سمجھڻ ۽ پرکڻ اسان جي وس کان ٻاهر آهي، رڳو ان وحي جي اهڃاڻن ۽ نشانين مان ڪي قدر اندازو ڪري سگھجي ٿو.

عظيم مفسر علامه طباطبائي صاحب ان باري ۾ لکي ٿو: ”وحي هڪ قسم جو آسماني ڪلام ڪرڻ آهي جيڪو حس ۽ عقل سان سمجھي نه ٿو سگھجي؛ بلڪه، ان سمجھ لاءِ هڪ نرالي شعور ۽ ادراڪ جي گھرج آهي. اهو نرالو شعور ۽ ادراڪ ڪن انسانن ۾ الله جي مشيّت ۽ ارادي سان پيدا ٿيندو آهي. غيبي اصول ۽ قانون جيڪي حس ۽ عقل کان ڳجھا هوندا آهن سي ان وحيءَ ذريعي حاصل ٿيندا آهن.“ (قرآن در اسلام، ص: 125)

مذڪوره صاحب تفسير جي ڪلام مان اهو ئي سمجھ ۾ اچي ٿو ته: وحي، عام رواجي رستي کان هٽي ڪري هڪ جدا دڳ آهي. ان وحيءَ جي ذريعي انسانن مان ڪي انسان پنهنجي لياقت ۽ صلاحيت موجب، عالم غيب سان رابطو قائم ڪندي اتان قانون ۽ شريعت ڳنهي عام ماڻهن لاءِ سعادت ۽ ڇوٽڪاري جو دڳ ٻڌائيندا آهن.

هڪ اعتراض جو جواب: اعتراض اهو ڪيو وڃي ٿو ته: انسان هڪ مادّي هستي آهي سو مادّي حالت ۾ مٿاهين ڪائنات سان رابطو ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

دراصل، ان اعتراض جو بنياد انساني حقيقت کان اڻڄاڻائي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان اعتراض ۾ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته انسان رڳو هڪ مادّي هستي آهي، جڏهن ته عقلي ۽ قرآني دليلن سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته انسان هڪ اهڙي هستي آهي جنهن ۾ مادّي پهلوءَ سان گڏوگڏ، هڪ روحاني ۽ مجرّد پهلو به آهي. حقيقت ۾، انسان جو انسانيت وارو اهو روحاني ۽ مجرّد پهلو ئي اهيمت جو حامل آهي؛ پر عام طور انسان مادّي ۽ دنيا جي زنجيرن ۾ پاڻ کي ايترو ته وڪوڙي ڇڏيو آهي جو پنهنجي روحاني ۽ مجرّد گوهر کان ڄڻڪ اڻ واقف آهي.

مٿي بيان ڪيل ڳالهه مطابق اهو اعتراض ته: ’انسان غيب سان رابطو ڪيئن ٿو ڪري سگھي!‘ ڪابه حقيقت نه ٿو رکي؛ بلڪ انسان پنهنجي روحاني ۽ مجرد پهلوءَ سان مادّي دنيا کان مٿانهين ڪائنات سان رابطو جوڙي سگھي ٿو. هن مختصر مقالي ۾ وڌيڪ تفصيل ڏيڻ گنجائش کان مٿي آهي.

نبوي وحي جا قسم:

قرآن شريف نبوي وحي جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن: سورة شورى جي آيت: 51 ۾ ارشاد آهي ته:

وما کان لبشر ان يکلّمه الله الّا وحياً او من وراء حجاب او يرسل رسولاً (الله ڪنهن به ماڻهوءَ سان وحي يا پردي جي پويان يا پنهنجي رسول کان سواءِ ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري.)

وحي ٽن طريقن سان ڪئي ويندي آهي:

1.       پيغمبر ۽ ڌڻي سڳوري جي وچ ۾ سڌو سنئون رابطو ٿيندو آهي،

2.        پڙدي جي پويان وحي ڪئي ويندي آهي، جيئن حضرت موسى سان وڻ جي ذريعي ڪلام ڪيو ويو،

3.        فرشتي جي ذريعي وحي نازل ڪئي ويندي آهي.

قرآن جو نازل ٿيڻ ۽ رسالت جو عطا ٿيڻ:

ارشاد خداوند تعالى آهي ته:

·         شهر رمضان الّذي انزل فيہ القرآن (رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو) (بقره، آيت: 185)

·         انّا انزلناه في ليلة مبارکة (اسان ان (قرآن) کي برڪت ڀري رات ۾ لاٿو) (دخان، آيت: 3)

·         ’انّا انزلناه في ليلة القدر‘ (اسان ان (قرآن) کي ڀلاري رات لاٿو.) (قدر، آيت: 1)

اها ڳالهه پڌري آهي ته پاڻ سڳورا چالهين سالن جي ڄمار ۾ رسالت جي منصب تي فائز ٿيا ۽ پهرين وحي غار حرا ۾ سورة علق جي چند آيتن جي صورت ۾ نازل ٿي؛ البت پاڻ سڳورن جي بعثت ڪڏهن ٿي؟ ان ۾ مختلف رايا آهن ۽ اهو اختلاف ئي نزول قرآن واري دؤر جي اختلاف جو ڪارڻ بڻيو آهي.

نزول قرآن ۽ بعثت (نبوت جو عطا ٿيڻ) جي تاريخ بابت رايا:

(1) 27 رجب                       (2) 17 رمضان                  (3) 18 رمضان                  (4) 24 رمضان                

(5) 12 ربيع الاول            (6) 15 شعبان                  (7) 8 ربيع الاول               (8) 3 ربيع الاول.

مڪتب اهل البيت جي پيروڪارن جو رايو آهي ته پاڻ سڳورن جي بعثت 27 رجب تي ٿي، ان حوالي سان صاحب اهل البيت ؑ  کان ڪيتريون ئي روايتون نقل ٿيون آهن:

شيخ طوسي، پنهنجي اَمالي ۾ امام جعفر صادق عليہ السلام کان هڪ روايت نقل ڪئي آهي ته: ” 27 رجب تي پاڻ سڳورن تي نبوت نازل ٿي، جيڪو شخص ان ڏهاڙي روزو رکندو، ان کي سٺ مهينن جي روزن جو ثواب عطا ٿيندو.“ (وسائل الشيعه، ج: 7، ص: 230)

امام موسى ڪاظم عليہ السلام کان روايت آهي ته ”الله تعالى محمد ﷺ کي (جيڪو سڀني جهانن لاءِ رحمت آهي) 27 رجب المرجب پيغمبريءَ لاءِ چونڊيو، جيڪو به ان ڏهاڙي روزو رکندو ان جو ثواب ان شخص جيترو آهي جيڪو سٺ مهينا روزا رکي.“ (حوالو: مٿيون ساڳيو)

اهل سنت جي دانشورن جو رايو آهي ته: بعثت رمضان المبارڪ ۾ ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته پوري قرآن ۾ ڪنهن  به جڳهه تي رجب المرجب ۽ بعثت جو نانءُ نشان ئي ڪونهي؛ جڏهن ته قرآن جون آيتون چٽي نموني بيان ٿيون ڪن ته: ’قرآن رمضان المبارڪ ۾ ئي نازل ٿيو- شهر رمضان الّذي ... برڪت ڀري رات جو- جيڪا قدر واري رات آهي- انّا انزلناه في ليلة القدر.‘

ٻئي پاسي کان ڏسجي ٿو ته بعثت قرآن جي نزول سان گڏ ٿي آهي، انهن ٻنهي ڳالهين مان ثابت ٿيو ته بعثت رمضان المبارڪ ۾ ٿي آهي.

ان دليل جي جواب ۾ هيٺين ڳالهين ۾ ويچار ڪندا:

1_مٿي ذڪر ڪيل آيتن ۾ رڳو قرآن جي نزول جو زمانو بيان ڪيل آهي، پر آيتن ۾ ان ڳالهه جي ڪابه وضاحت ڪانهي ته ان نزول مان ڇا مراد آهي؟ ڇا اِهو اُهوئي نزول قرآن آهي جيڪو غار حرا ۾ ٿيو؟

2_ سورة البقرة جي 185 آيت ۽ سورة القدر جي پهرين آيت جو ظاهر اهو آهي ته سڄو قرآن مجيد، رمضان ۽ قدر واري رات نازل ٿيو. سورة دخان جي آيت ته چٽي نموني بيان ٿي ڪري ته: سڄو قرآن هڪ ئي دفعي نازل ٿيو- حٰم 0 والکتاب المبين 0 انّا انزلناه في ليلة مبارکة مٿين آيت ۾ ’انزلناه‘ جو ضمير ڪتاب ڏانهن اشارو ڪري ٿو، يعني ان ڪتاب کي برڪت ڀري رات ۾ لاٿو؛ جڏهن ته بعثت جي شروعات ۾ رڳو سورة العلق جون پنج آيتون نازل ٿيون. ان بنياد تي قرآن شريف جي نزول قرآن وارين آيتن جو بعثت جي شروعات سان ڪوبه تعلق ناهي.